Pages

Wednesday, August 5, 2015

دوستن جا ڌڪ

کائڻ جو انداز
ڪجه دوست گڏجي ماني کائي رهيا هئا.هڪ ڄڻي جي کائڻ جو انداز ڪجھ اهڙو هوجو ان جي گره چٻڻ جو آواز اچي رهيو،ته هڪ دوست طنز طور چيس ته” ڪتن وانگر ماني نه کاءُ.“” ظاهر آهي جن سان گڏ کائيندس تن وانگر ئي کائيندس“ هن جواب ڏنو.
ننڊ
هڪ انٽر سائنس جو شاگرد مغرب کانپوءِ گھران ٻاهر نڪتو،ته ڳوٺ جي بازار ۾ ٻه دوست بيٺا هوس.هڪ مذاق ڪندي پڇيس ته ”ننڊ مان اٿي آيو آهين ڇا“.”پهرين پنهنجو پاڻ کي چيڪ ڪري پوءِ مون کان پڇ.“هن وراڻيو. ٽيئي دوست کل ۾ ٻڏي ويا.
بدقسمتي
ٽي استاد سروس هاسپيٽل حيدرآباد ۾ ميڊيڪل چڪاس لاءِ بيٺا هئا.هڪ اي سي جي لاءِ اندر ويل هو.ٽي ان ڪمري جي ٻاهران انتظار ڪري رهيا هئا.ڪمري ۾ اندرواري،۽ ان کانپوءِ ٻاهر انتظار ڪندڙن مان پهرين کي ڏاڙهي رکيل هئي.باقي ٻه ڄڻا ڏاڙهي ڪوڙيندا هئا.اندرين همراه اي سي جي ڪرائي ورتي ته بجلي هلي ويئي.ان تي ٻاهر بيٺل ڏاڙهي ڪوڙ همراه ٽوڪ طور چيو ته” ڏاڙهي وارن جي بدقسمتي جي ڪري مورڳو اسان جو ڪم رڪجي ويو.“ ته ٻاهربيٺل ڏاڙهي واري همراه چيس ته ”يار! ائين ڪونهي ڏس نه هن همراه کانپوءِ آئون ڏاڙهي وارو هوس ته هن جو ڪم ٿي ويو،پر مون کانپوءِ توهان ٻيئي هئا،تنهنڪري مورڳو منهنجوڪم رڪجي ويو.“