اسان وٽ هڪ تصور آهي ته جيئن ته ماءُ پيءُ ننڍي وهي ۾ ٻار جي خدمت ڪئي،تنهنڪري پيري ۾ کيس وري کي والدين جي خدمت ڪرڻ کپي.جيتوڻيڪ هو اهو حق ادا ڪري نه سگھندو،پوري دل سان هنن جي خدمت ڪري.
اها هڪ بنيادي ضروري تعليم اسان کي ڏنل آهي،ته جيئن ته ان تي عمل ڪري سگھجي،اڄڪله اڪثريت ماءُ جي انهن بنيادي حقوقن ادا ڪرڻ کان به ڪافي غافل آهي.ڪجه سيڪڙو اولاد اهي حقوق ضرور ادا ڪري ٿو.
پرحقيقت ۾ والدين جي خدمت ڪري حق ادا ڪرڻ واري تصور کان بلڪل الڳ به هڪ تصور آهي.جيئن ته منهنجي والد صاحب جو انتقال 1995 ۾ ٿي چڪو آهي ،پر رب سائين جي مهرباني سان منهنجي والده محترمه حيات آهي،تنهڪري هتي ان ڳاله کي واضح ڪرڻ لاءِ صرف ماءُ جو لفظ استعمال ڪندس.ان سان سندس صحت جي باري ۾ هڪ اهم واقعو ٻڌائي ماءُ جي پوڙهپڻ نه،وڏي عمرنه،پر 70 سالن جي عمر۾ به اسان کي ائين ضرورت آهي،جيئن ٿڃ پيئن واري ٻار کي,جي تصور کي واصح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
منهجي ماءُ کي ڪافي عرصي کان دم جي تڪليف آهي.
ڪجه سالن تائين حيدرآباد واري چيسٽ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر راشد صاحب کان سندس علاج ڪرائيندو رهيس.پوءِ وري ڪراچي آغا خان مان مستقل علاج هلندو رهيو.هڪ دفعي تڪليف وڌي ويئي ايمرجنسي ۾ آغا خان اسپتال ۾ داخل ٿياسين.
اسان جو ڳوٺائي ۽ پيارو عزيز ڊاڪٽر تنويرنظاڻي صاحب ان وقت اتي ڪم ڪندو،هاڻي آسٽريليا ويل آهي،تنهن اسان جي ڏاڍي مدد ڪئي،ايمرجنسي ۾ امڙ کي آءِ سي يو ۾ داخل ڪيائون.
ٻئي ڏينهن چيائون ته دل جي تڪليف آهي،انجيو گرافي جي ٽيسٽ ڪري، انجيو پلاسٽي ڪنداسين،جلدي ساڍي ٽي لک رپيا جمع ڪرايو.
سنڌ جو ڳوٺاڻو هجي،ننڍو زميندار هجي،استاد هجي ۽ سو وري مون جهڙو سادو ماڻهوءَ هجي.تنهن وٽ ايترا پئسا ڪٿي رکيل هوندا.
همت ڪري اسان جي هڪ پياري عزيز ڏي ويس،ان کي عرض ڪيم،هو تڪڙو حيدرآباد وڃي رهيو هو، گاڏي ۾ چڙهندي چار لک رپين جو چيڪ ڏنائين،سندس اهو احسان آئون سڄي عمرنه لاهي سگھندس.
ڳوٺ هوس گھر۾ مغرب نماز پڙهي مصلي تي ويٺو هوس،ته منهنجي پياري ڀيڻوئي غلام الله نظاماڻي فون ڪري ٻڌايو ته ٽيسٽ رپورٽ صحيح نڪتي تنهنڪري انجيو پلاسٽي جي ضرورت ئي نه پيئي،امان ٺيڪ آهي.سڀاڻي موڪل ڏيندا.
مون کي اعتبار ئي نه اچي،وري اتي موجود ڀاڻيجي سڪندر نظاماڻي کي فون ڪيم،تنهن به پڪ ڏني ته اها حقيقت آهي.
ٻئي ڏينهن موڪل ڏنائون،امان رات جو ٻارهين وڳي ڳوٺ پهتي،رمضان شريف جو پهريون روزو هو،سحري ڪري روزو رکيائين.
عزيزم غلام الله نظاماڻي منهنجي والدين جي سدائين تمام گھڻي خدمت ڪئي آهي.اسان جي خاندان جو ڪوبه فرد بيمار ٿيندو آهي ته هٿ جي خدمت لاءِ ڀاءُ غلام الله کي ضرور عرض ڪندو آهي.رشتي ۾ هو منهنجو پڦاٽ آهي.
انيڪ بيمارن جي هن خدمت ڪئي آهي،جن جا نالي هتي نه ٿو لکان.
اها صفت هن ۾ پنهنجي والد محترم حبيب الله نظاماڻي کان ورثي ۾ ملي آهي.
مريضن جي خدمت سان گڏ ادا غلام الله کي اهو به تجربو آهي،ته شهر ۾ پئسا ڪيئن سنڀالجن.
چار لک رپيا ٻچي جي مختلف حصن مان ڪڍيائين،آئون ته حيران هوس ته اهي ان ۾ وڌا ڪيئن هئائين.
مون کي ڊپ آهي ته هن معلومات پڙهڻ کانپوءِ ڦورو ماڻهن جو ٻچيون چيڪ ڪرڻ شروع نه ڪن،ته کين صلاح ڏيندس ته هو هرڀرو ڪا اهڙي تڪليف نه ڪن،هر ڪنهن کي ٻچي ۾ پيسا رکڻ نه ايندا.
ٻئي ڏينهن ٻنپهرن جو ڌڻي کي امانت واپس ڪري آيس.
ٻه هزار يارهن ۾ امان تي وري دم جو زبردست حملو ٿيو،وڏي مشڪل سان ٽنڊو الهيار مان آڪسيجن چڙهائي،هلال احمر حيدرآباد ۾ وڃي ڦاٿاسين،اتائين هڪڙي ٻه ڏينهن ۾ جان آزاد ڪرائي،ڪراچي آغاخان هاسپيٽل ۾ پهتاسين.
4 ڏينهن آءِ سي يو ۾ داخل ڪري،صحتمند قرار ڏيئي موڪل ڏيئي ڇڏيائون،گھر پهچي امان مون کي ٻڌايو ته منهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي ۽ هاڻي وري آئون آغا خان هاسپيٽل نه ويندس.
هڪ هفتي کانپوءِ اپائنٽمنٽ واري تاريخ تي،منهنجي ڪمري داخل ٿيندي ڀاءُ غلام الله خوشي مان ٻڌايو ته امان اسپتال هلڻ لاءِ راضي ٿي ويئي آهي،آئون ڪمپيوٽر تان اٿي تڪڙو تڪڙو امان جي ڪمري ۾ داخل ٿيس.
امان سڌي طرح سان اسپتال هلڻ کان مڪمل جواب ڏيئي ڇڏيو.ڀاءُ کي دڙڪا ڏيئي ڪمري کان ٻاهر نڪري آيس.کيس ٻڌايم ته اهڙن حالتن ۾ ٻارن سان زبردستي ڪبي آهي بزرگن سان نه.
انٽرنيٽ کولي دوائون پڙهيم،سڀ دوائن جي باري ۾ سمجھي ويس،پر هڪ دوا سمجھ ۾ ئي نه اچي.وري امان کي درخواست ڪيم ته هڪ دوا جو مسئلوآهي،تنهڪري ڊاڪٽرن کي ڏيکارڻو پوندو.بهرحال امان دوا کائڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو،اها حالت ڏسي امان کي چيم خير آهي صحت ته الله سائين جي هٿ ۾ آهي ، ڊاڪٽرن جي هٿ ۾ ته نه آهي،خير آهي توهان ڀلي دوا به نه کايو.
ڪارٽيزون ۽ ٻين دوائن جي سائيڊ افيڪٽ جي ڪري امان کي وات ۾ سخت سورهو.ٽيسٽون وغيره چيڪ ڪري ڏٺم،سي ته سڀ صحيح هيون،سمجھي ويس ته کاڌي نه کائڻ جي ڪري امان جي طبيعت ڪمزور ٿي رهي آهي.
اسان ڏي هڪڙي عجيب روايت آهي،ته جي ڪو وڏي عمريعني 70 سال جو بزرگ بيمارٿيندو ته عيادت ڪرڻ وارا اچي عمر پڇڻ شروع ڪندا.مطلب ته اشارو ڏيئي ويندا ته هاڻي گھڻيئي ٿيو،هن دنيا ڇڏڻ جي تياري شروع ڪر.هڪ طرح سان اسان اوور ايج ڪامپليسڪس جو به شڪار آهيون.50 سالن کي به وڏي عمر سمجھون ٿا.
ان ڳاله کي مدنظر رکندي،جيڪو امان جي عمر پڇي،تنهن کي جواب ڏيان ته امان جي عمر ته ننڍي آهي صرف 75 سال .چيني،جپاني،وڃو 100 کي ڌڪ هڻن.
ڪنهن مائٽ مون کان امان جي عمر پڇي،جيئن ته امان سمجھي چڪي هئي ته اهو سوال مون کي نه ٿو وڻي،تنهنڪري مون کان پهريائين هن کي چيائين ته هي پاڻ ئي ننڍڙو آهي،هن کي ڪهڙي منهنجي عمرجي خبر.
ان دوران امان کي فشر جي تڪليف ٿي پيئي،جنهن ۾ سخت سور ٿيندوآهي.امان کي ٻڌايم ته هي هڪ تمام ننڍي بيماري آهي،صرف ايترو آهي جو هن ۾ سور تمام سخت پوندو اهي.سرجري ڪرائڻ سان هي تڪليف آرام سان ڇڏي ويندي آهي.نيٺ هڪ ڏينهن امان سور جي تڪليف برداشت نه ڪري سگھي ۽ سرجري لاءِ راضي ٿي ويئي.هڪ شرط رکيائين آپريشن حيدرآباد مان ڪرائيندس.
ڀاءُ سان گڏ امان کي حيدرآباد موڪليم،سرجري لاءِ.ٻئي ڏينهن آپريشن ٿيو،۽ ٽئي ڏينهن موڪل ملي ويئي.
جيئن ئي ڊسچارج رپورٽ پڙهيم ته پريشان ٿي ويس.سرجن پراڻي طريقي سان آپريشن ڪيو هو.
خير هڪ هفتي تائين انتظار ڪيم،امان کي سور وڌندو ويو،منهنجون وايون بتال ٿي ويون،برداشت ختم ٿي ويئي.امان کي سڄي صورتحال کان آگاه ڪيم.کيس ٻڌايم ته ڪراچي ۾ چيڪ اپ ڪرائي،توهان جي صحت بهتر ٿي.اتان هڪ ليٽروٺي،هن سرجن کان اچي،معافي نامولکرائي وٺندس.اهو به لکرائي وٺندوسانس ته ٻئي ڪنهن سان اهڙي ويڌن نه ڪندو.پر پهريائين سرجن سان ڳالهائي وٺان.ڇوجو هن جو ان طريقي اختيارڪرڻ جا ٻه ڪارڻ مون کي لڳا ٿي،مون هن جو موقوف به ٻڌڻ چاهيوٿي.
ڀاءُ کي چيم ته سرجن جو نمبرملايو،هن ويچاري نمبر ملائي ويهي ڊاڪٽر صاحب سان عاجزانه،خوشامدي طريقي سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
مون ڀاءُ کان فون وٺي ڊاڪٽرصاحب کان ڪاوڙ ۾ پڇيم ته پراڻي طريقي سان آپريشن ڇو ڪيو اٿو.پهريائين ٿورو منهن جي پڪائي ڪري چيائين ته پوءِ ڪيئن ڪريان ها.پروسيجرجونالو ٻڌايومانس ته صفا ڍرو ٿي ويو،۽ پوءِ سنجيدگي سان منهجي سوالن جا جواب ڏيڻ شروع ڪيائين.ٻه سبب جن جو مون کي اڳ ۾ ئي شڪ هو،۽ ٽيو هڪ سبب ٻڌايائين جنهنجي مون کي خبر نه هئي.بهرحال جڏهن آئون مطمئن ٿيس ته پوءِ فورن سوال ڪيائين ته ڊاڪٽر صاحب توهان ڪٿي ڪم ڪندا آهيو؟ هتي حيدرآباد ۾ يا ڪراچي ۾.کيس ٻڌايم ته مان ڊاڪٽرنه آهيان.
پوءِ مطمئن ٿي امڙ کي به مطمئن ڪيم.
پنهنجي ٻنهي گھروارين کي چيم ته ڪنهن به نموني سان امڙ کي کاڌوکارايو.جيڪي به گھرائڻو آهي،گھرائي وٺو،امان جي همت افزائي ڪريو ته هو ڪجھ کائي.جيڪڏهن سوء شين مان هڪڙو هڪڙو گره به هڻي ته به سٺو.بهرحال الله سائين ٻنهي کي خوش رکي،سٺي جاکوڙ ڪيائون،۽ ان ۾ ڪاميابي نصيبب ٿي.
هڪ ڏينهن منهنجي هڪ ڀيڻ امڙکي ڀت جو هڪ گره وات ۾ ڏنو،سو کاڌائين،وڌيڪ کائڻ کان انڪارڪري ڇڏيائين.منهنجي هڪ زال ٻئي ڪمري مان پڇيس ته امان ڪجھ کاڌوته منهنجي ڀيڻ فورن جواب ڏنس ته نه ڪجھ به نه کاڌو اٿس.مون هن جي ڳاله ڪٽيندي چيو ته نه امان ڪجھ کاڌو آهي.
ٻاهرنڪري ادي کي سمجھايم جي اهو تاثر ڏينداسون ته پوءِ امان ڪنهن به شيءِ جي گھرج جو اظهار آزادي سان نه ڪري سگھندي.مونجھاري جو شڪار ٿيندي ته شيءِ وڻي نه وڻي.هروڀرو هنن کي تڪليف ڇو ڏيان.
مطلب ته حقن جي ڀيٽ جي چڪر۾ پوڻ جي ضرورت ئي نه آهي.ڪو حساب ڪتاب ئي نه آهي.
هتي آئون هڪ اهم ڳاله بيان ڪرڻ چاهيون ٿا ته پوڙهي پٽ کي به مٺڙي امڙجي ائين ضرورت آهي جيئن ٿڃ پيئندڙ ٻار کي.هن جي وجود جي ڪري اسان تي رب سائين جي رحمت وسندي رهي ٿي.زندگي آسان لڳڻ لڳي ٿي.
آئون خوشنصيب آهيان اها رب جي طرفان رحمت جي ڇانو مون کي نصيب آهي.
تنهنڪري اميد ٿو ڪريان ته اسان جومعاشرو اجتماعي طور پنهنجي بزرگن کي اها اهميت ڏيندو،جنهن جا هو مستحق آهن.