اي مر جنسي يا امرجنسي بابا خبر ئي نه ٿي پوي ته اهو ڪيئن لکبو؟ پر ايتري خبر ٻڌڻ ۾ آئي آهي ته هتي سڀ مسئلا ان سان حل ٿيندا آهن.ڳاله ته صفا منجھائي ڇڏيو آهي لفظ ٻن مختلف طريقن سان لکڻ سان مورڳو هڪٻئي جو ضد ٿيو پون.پهرين لفظ جي معني ٿيندي جنسي تون مري وڃ،۽ وري ٻئي لفظ جي معني ٿيندي جنسي تون امر ٿي وڃ.
لفظ اهڙو آهي جومتيون ئي منجھايو ڇڏي،بهرحال اها آهي ته خبر ناهي ڇا پر ٻڌون پيا تعليم جي شعبي ۾ لڳائي اٿن،آئون به ان شعبي سان لاڳاپيل آهيان،لڳي ٿو تنهنڪري منهجون به متيون گم ٿي ويون آهن.اڙي ياد پيو ها ايمرجنسي لڳائي اٿن.اڃا ته آئون ننڍڙو آهيان چاليه جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ آهيان.مت موٽي آئي.شڪر ته اڃا اسي مت کسي ناهيان.خير اسي ته پري،سٺ ۾ گھمائي لٺ چوندا ته هل گھر.
خير گھر وڃي هل نه ڪندس جو ايتري طاقت ئي نه بچندم جو متي عمر ۾ پيو ايمرجنسي جون خبرون ٻڌان.
اها لڳڻ کان اڳيئي هڪ استاد ويچاري جي گھران متيون نه پرٻه ميتون نڪتيون.اڳيان هلي خبر ناهي ته ڇا ڪندي.اها لڳڻ کان اڳ خبر پيئي ته هڪ استاد پني پيو،پگھار بند اٿس.اها لڳي ته ڏسون ته ڇا ٿيندو.
چون ٿا ته اها لڳڻ جي خبر ٻڌي ڪي آڦسرعيدي لاءِ اسڪولن تي ڪاهي ڪريا.ان مائي لڳڻ جي ڊپ کان اسڪولي عيديون کيسن ۾ کنيو آڦسرن جي انتظار ۾ بيٺا هئا.
چون ٿا ان مائي ۾ وڏو ڪمال آهي ڪجھ اهڙن کي ڪم تي لڳائيندي جن جي سڌرڻ جو آسرو ناهي،اهي پڙهي به هنن ئي اسڪولن مان ويا آهن.کين اها هدايت آهي ته پاڻ سڌرو نه سڌرو ٻين کي سڌارڻ جي ته ڪوشش ڪريو.
لڳي ٿو وري مت ويئي حيسڪو جي بجلي وانگر،خبر ڪڏهن موٽي.جڏهن موٽي تڏهن ٻي پوسٽ لکبي،هي بي متي پوسٽ لکيو پڙهيو معاف.