Pages

Saturday, March 30, 2013

مئل ڪوئو

مئل ڪوئو

ٽنڊوڄام،سنڌ جي ڀر ۾ موجود هڪ ڳوٺ جي هڪ دوست سندس ڳوٺ جي هڪ خاندان جي سادگي جي باري ڪجھ واقعا ٻڌايا جيڪي هت بيان ڪجن ٿا.
اسان جي ڳوٺ جي هڪ شخصيت جنهنجو نالو اسلم(فرضي نالو) آهي.جنهن کي انتقال ڪئي ڪجھ سال ٿيا آهن.هن جي هڪڙي خاص عادت هئي ته رستي جي هميشه ساڄي طرف هلندو هو.ڪنهن همراه هڪدفعي ٻڌايو ته هن ڏٺو ته گھٽيءَ ۾ هڪ ڪتيءَ ويائل هئي ۽ هو سندس گلرن سان گڏ گھٽيءَ جي ساڄي طرف ويٺل هئي،جيئن ئي هو ساڄي طرف کان گذرڻ جي ڪوشش ڪري ته ڪتيءَ هن تي ڀونڪڻ لڳي،مطلب ته ڪتيءَ هن کي ساڄي طرف گذرڻ نه ڏي،کاٻي طرف کان گذرڻ لاءِ هو تيار نه هو،ٻڌائڻ واري جي بقول ته هو ته پوءِ هليو ويو خبر ناهي پوءِ ڇا ٿيو؟ 
هڪدفعي مون کي چيائين ته منهنجي والده جي طبيعت ٺيڪ ناهي،ان لاءِ ڊاڪٽر کي وٺي اچڻو اٿم،پر گس تي ڇوڪرا بيٺا آهن جيڪي مون کي ساڄي طرف کان گذرڻ نه ٿا ڏين،تنهنڪري توهان مهرباني ڪري پنهجي  ڊاڪٽر ڀاءُ کي منهنجي گھر وٺي ايندا،ته جيئن ته اهو اچي منهنجي والده جي طبيعت ڏسي،هن جي مجبوريءَ جو مون کي احساس هو،تنهنڪري مون پنهنجي ڊاڪٽر ڀاءُ کي هن جي والده جي طبيعت کي ڏسڻ لاءِ موڪليو.هو پنهنجي ساڄي طرف هلڻ جي لاءِ هڪ عجيب دليل ٻڌائيندو هو.هو چوندو هو ته مون قران مجيد جي سوره فاتح جو اردو ترجمو پڙهي ڏٺو ته ان ۾ لکيل هو ته ”سيدهي راستي پي چلو“ ته سنڌيءَ ۾ ان جي معني اها ئي ٿي ته رستي جي ساڄي طرف هلو،تنهنڪري مون لاءِ لازمي آهي ته رستي جي هميشه ساڄي طرف کان هلان.
سندس والد صاحب جي طبيعت ۾ به سادگي هئي،هڪدفعي هن کي وڻ تي مٿي چڙهائي هيٺ کڻي جو باه ٻاريائين،مٿي وڻ تي ويٺل پٽس کي اچي دونهين تنگ ڪيو،پوءِ پٽس کي وڻ تان لاٿائين،اهو پڇڻ تي ته تو ائين ڇو ڪيو؟ ٻڌايائين ته مون تجربو ڪري ٿي ڏٺو ته ڏسان ته دونهون مٿي وڃي ٿو يا نه؟
سندس ڏاڏي جو هڪ واقعو ٻڌائين ٿا ته ان جي وقت ۾ سنڌ ۾ اچي طاعون جي وبا پکڙي.طاعون جي وبا ڪوئن مون پکڙي رهي هئي . تن  ڏينهن ۾ هڪدفعي جڏهن صبح ساڻ هڪ واڻئي اچي دڪان کوليو،ٻهاري ڏيندي ڏٺائين ته اتي هڪ ڪوئو مئو پيو هو.واڻيو اچي ڏاڍو پريشان ٿيو،هي ڀر ۾ بيٺو هو،واڻئي کي چيائين ته ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳاله آهي.واه! واه! صفا ڪو ڊڄڻو آهين هڪ مئل ڪوئي کان اچي ڊنو آهين.مون کي اٺ آنا ڏي ته هن کي وڃي پري اڇلي اچان،ته اهو دڪاندار ان ڳاله تي راضي ٿي ويو،پر چيائين ته پهريائين ڪوئي کي کڻي پري اڇلي اچ! ته پوءِ اٺ آنا ڏيانءِ.هن به ديرئي نه ڪئي ڪوئي کي پڇ کان جھلي،کڻي وڃي پري اڇلي آيو.دڪاندار کي اچي شرارت لڳي سو اٺ آنا ڏيڻ کان انڪار ڪري وهي رهيو،ته هن چيس ته جھڙي طرح ڪوئو هتان کڄي ويو ساڳي طرح سان واپس به اچي سگھي ٿو،ائين چئي واپس روانو ٿي ويو ۽ ساڳيون ڪو ئو واپس کڻي اچي دڪان ۾ اڇليائين،پوءِ ان مهل ئي دڪاندار ٻارهن آنا ڀري ڏنس ۽ منٿ ڪرڻ لڳس ته مهرباني ڪري هن بلا کي جلدي هتان ڪڍ.پوءِ اهي ٻارهن آنا هن کان وٺي ان مئل ڪوئي کي کڻي وري وڃي پري اڇلايائين.چون ٿا ته پوءِ هن جي ڏاڏي جو انتقال طاعون جي ڪري ئي ٿيو.

Tuesday, March 26, 2013

دل ڏکوئيندڙ حادثو

دل ڏکوئيندڙ حادثو

سومر2 جنوري 2012 جي صبح جو، منهنجو هڪ دوست جيڪو ٽنڊي ڄام جي ڀرسان هڪ اسڪول ۾ استاد جا فرائض انجام ڏيئي رهيو آهي،جنهن وقت موٽرسائيڪل تي چڙهي اسڪول ڏانهن روانو ٿيو،ته اڃا واٽ تي ئي هو ته کيس گھران موبائل تي فون آئي ته تون گھر موٽي اچ،تنهنجي پنجن سالن جي پٽ کي پسٽل جي گولي لڳي ويئي آهي.اتان ئي واپس تڪڙو گھر پهتو،پٽس کي کڻي پٺن کي هٿ لڳائي ڏٺائين ته پٺن ۾ سوراخ ٿيو پيو هو،تڪڙو تڪڙو زخمي ڇوڪري کي کڻي اسپتال پهتو ته ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ننڍڙي جو انتقال ٿي چڪو آهي.
پاڻ ٻڌايائين ته جنهن وقت ڊيوٽي لاءِ نڪري رهيو هوس ته مون کي لڳو ته ڪا ڳاله وسري ويئي اٿم پر ياد ئي نه پيو ته ڇا وسري ويو اٿم.پسٽل unload ڪرڻ وسري ويو هوم،۽ اهو بيڊ جي پاسي کان ئي رکيل رهجي ويو هو.ننڍڙي کي اسڪول هلڻ لاءِ به چيم،پر اسڪول هلڻ کان به ٺپ جواب ڏيئي ڇڏيائين،مون به سوچيو ته سياري جي موڪلن ختم ٿيڻ کان پوءِ اسڪول جو پهريون ڏينهن آهي،ٺيڪ آهي راضي نه ٿو ٿئي ته پوءِ سڀاڻي کڻي اسڪول ڇڏي ايندوسانس.پوءِ آئون اسڪول لاءِ روانو ٿي ويس.
وڌيڪ ٻڌايائين ته حادثي کان پهرين ننڍڙي سندس ڏاڏي کان خرچي گھري ،جنهن کيس ڏه رپيا خرچي ڏني،سا خرچي کڻي به بازار مان شيءِ خريد ڪرڻ نه ويو،پوءِ اها خرچي کڻي منهنجي ڪمري ۾ ويو،۽ خبر ناهي ته ڪيئن هن لاڪ کوليو،پرهن کان پسٽل سان راند کيڏندي گولي فائر ٿي ويئي جيڪا کيس لڳي ويئي،گولي لڳڻ جي باوجود رڌڻي ۾ هلي ويو،جتي سندس ماءُ رڌ پچاءُ جو ڪم ڪري رهي هئي،تنهن کي هلي وڃي ٻڌايائين ته مون کي گولي لڳي آهي.جنهن وقت سندس انتقال ٿيو،ته ان وقت ڏاڏي طرفان ڏنل ڏه رپيا سندس هٿ ۾ ئي پيل هئا،جيڪي رت سان رڱيل هئا.

Sunday, March 24, 2013

وڏو عام پورو ونڊيندڙ

وڏو عام پورو ونڊيندڙ

پورو ونڊيندڙ اهڙي ونڊيندڙ کي چئبو آهي،جنهن سان ڪنهن عدد کي ونڊڻ کان پوءِ پاڇي ٻڙي اچي.ونڊيندڙ کي سمجھڻ لاءِ اچو ته پهريائين ونڊ جي عمل کي سمجھون.ونڊ جي عمل دوران چار عددن جو ذڪر ٿيندو آهي.جن کي هنن نالن سان سڏيو ويندو آهي.1.ونڊڻي 2.ونڊيندڙ3.ونڊ اپت 4.پاڇي.
ونڊڻ جي معنيٰ آهي ورهائڻ.150 رپيا 7 ٻارن ۾ هڪ جيترا ورهائجن ته هرهڪ ٻار کي 21 رپيا ملندا۽ باقي 3 رپيا بچي پوندا.ان ۾ 150 ونڊڻي،7 ونڊيندڙ،21 ونڊاپت ۽ 3 پاڇي آهي.جڏهن پاڇي ٻڙي کان مٿي اچي ته اهو ونڊيندڙ پورو ونڊيندڙ نه هوندو آهي.ست، 150 جوپورو ونڊيندڙ نه آهي.150 رپيا 10 ٻارن ۾ هڪجيتر ورهائجن ته هرهڪ ٻار کي 15 رپيا ملندا،۽ سڀ پئسا ورهائجي ويندا ،باقي ڪجه به نه بچندو ته پاڇي ٻڙي ٿيندي.اهڙو ونڊيندڙ،جنهن جي ونڊڻ کان پوءِ پاڇي ٻڙي بچي ته اهڙي ونڊيندڙ کي پورو ونڊيندڙ چئبوآهي.
ڪنهن هڪ عدد جا پورا ونڊيندڙ ڪيترا به ٿي سگھن ٿا،2 جا پورا ونڊيندڙ ا ۽ 2 آهن.3 جا پورا ونڊيندڙ 1 ۽ 3 آهن.4 جا پورا ونڊيندڙ 1،2۽ 4 آهن 5 جا 1۽ 5 آهن.6 جا ا،2،3۽ 6 آهن.7 جا 1۽ 7 آهن.8 جا 1،2،4 ۽ 8 آهن..9 جا ا،3۽ 9 آهن.10 جا 1،2،5 ۽ 10 آهن.11 جا ا ۽ 11 آهن. 12 جا 1،2،3،4،6 ۽ 12 آهن.13 جا ا ۽ 13 آهن.14 جا 1،2،7۽14 آهن.15جا 1،3،5 ۽15 آهن.
عام جي معني آهي ساڳي يا ساڳيو.ڪن به ٻن يا ٻن کان وڌيڪ عددن جا ساڳيا ونڊيندڙهڪ يا هڪ کان وڌيڪ ٿي سگھن ٿا.انهن عددن جا جيترا به پورا ونڊيندڙ ساڳيا هوندا تن کي انهن عددن جا عام پورا ونڊيندڙ چئبوآهي.4 ۽ 8 جا عام پورا ونڊيندڙ 1،2۽ 4 آهن.انهن سڀني ۾ وڏو عدد آهي 4.تنهنڪري 4 ۽ 8 جو وڏو عام پورو ونڊيندڙ 4 آهي.6 ۽ 10 جا عام پورا ونڊيندڙ1 ۽ 2 آهن،انهن ۾ وڏو عدد 2 آهي تنهنڪري 6 ۽ 10 جو وڏو عام پورو ونڊيندڙ 2 آهي.9 ۽ 15 جا عام پورا ونڊيندڙ آهن، 1 ۽ 3،انهن ۾ وڏو عدد 3 آهي،تنهنڪري 9 ۽ 15 جو وڏو عام پورو ونڊيندڙ 3 آهي. 

گھٽڪن ۾ فائدو ئي فائدو!

گھٽڪن ۾ فائدو ئي فائدو!

ڪو وقت هو جڏهن پان جو عروج هو.اڪثر ڪري ماڻهوءَ پان کائيندا هئا.هاڻي ته گھٽڪن جو عروج آهي.سنڌ حڪومت طرفان گھٽڪن جي ٺاهڻ ۽ کائڻ تي پابندي لڳل آهي.ان جي باوجود به گھٽڪن جو ڪاروبار سرعام هلي رهيو آهي.پر گھٽڪن تي پابندي خبر ناهي ته ڇو لڳائي ويئي آهي؟ڇو ته گھٽڪن ۾ عوام ته ڏاڍي خوش آهي ڪڏهن ڪڏهن ڪوآفيسر عارضي طور سندس حد ۾ گھٽڪن تي پابندي هڻندو آهي ته عوام ڏاڍي پريشان ٿيندي آهي.ائين نه آهي ته سڀئي ماڻهو گھٽڪا کائيندا هجن،ڪجھ ماڻهو ته اڃا به گھٽڪا نه کائيندا آهن.پراچو ته گڏجي سوچيون ته آخر گھٽڪن مان نقصان ڪنهن کي آهي.کائڻ وارو ته ڏاڍي خوشيءَ سان کائيندو آهي.ڪنهن سان ڳالهائڻ جو موڊ نه هجي ته گھٽڪو وات ۾،پاڻهي هون،هان ٻڌي هليو ويندو.پوليس به خوش آهي ان ڪاروبار مان کيس سٺو ڀتو مليو وڃي،۽ اهو ئي چاهي ٿي ته پابندي به برقرار رهي ۽ ڪم به هلندو رهي ته اسان کي به فائدو ملندو رهي.پابندي نه هوندي ته ڀتو نه ملندو.ڊاڪٽرن جو به فائدو آهي مريض هنن کي جام مليو وڃن،ڏوه ويچارن ڊاڪٽرن جو ڪو به ناهي،مريضن کي روڪين جام ٿا،پر مريض ٻڌن ئي نه ٿا.بازارون ۽ گھٽيون به رنگين ٿيو وڃن،صفائي وارن جي به روزي جو سٺو بندوبست ٿيو پوي.مزدور ته چون ٿا ته گھٽڪي کانسواءِ اسان کان ته ڪوڏر ئي نه ٿي هلي.گھٽڪا ٺاهڻ وارن جي ته ان ڪاروبار ۾ وڏي ڪمائي آهي.گھٽڪن جي خلاف ڪا شرعي فتوي به موجود نه آهي.گھٽڪا جيڪي نه کائين تن جو به فائدو ته هرڪنهن کي ٻڌائي مزو وٺن ته اسين گھٽڪا ڪون کائون.منهنجو به فائدو آهي، مون کي وري ڪهڙو نقصان آهي ،منهنجو به هڪڙو بلاگ وڌي پيو.جيڪڏهن هرڪنهن کي فائدو آهي ته پوءِ آخر ڪن محفلن ۾،۽ اخبارن ۾ ان ڪاروبار خلاف واويلا متي پيئي آهي آخر ڇو؟ ضرور ڪنهنجو ته نقصان هوندو؟ غوروفڪر کان پوءِ مون کي صرف هڪڙي ڌر اهڙي نظر آئي جنهنجو واقعي نقصان آهي،ان ڌر کي گھٽڪن جي نقصان کان سچي دل سان  پريشان ٿيندي ڏٺم،اهي آهن گھٽڪي واپرائيندڙن جا عزيزواقارب.جڏهن هنن جو ڪو پيارو بيمار ٿي پوندو آهي ته ڊاڪٽر کين ٻڌائيندا آهن ته گھٽڪن جو نقصان آهي جسم ۾ ان ڪري رت جي کوٽ اٿس،گھٽڪن کان پرهيز ڪرايوس.انهن جو ته وري وس هلي ئي ڪونه جو گھٽڪن جي ڪاروبار کي روڪائي سگھن،خير ڪير به پاڪستان ۾ موجوده حالتن ۾ ان ڪاروبارکي ڪونه ٿو روڪائي سگھي،ان ڪاروبار جي رڪجڻ جو هڪڙو ئي حل آهي ته کائڻ وارا کائڻ ئي ڇڏي ڏين ته پوءِ اهو ڪاروبار پاڻهي ئي بند ٿي ويندو.کائڻ وارا ڀلي کڻي پنهجي جان جي پرواه نه ئي کڻي ڪن ،پر پنهجي ماءُ،پيءُ،اولاد،ڀائرن،ڀينرن ڪنهن به رشتي جي ڪري ئي اها قرباني گھڻي ڏين،گھٽڪو،سگريٽ،نشو وغيره پنهجي ذات لاءِ نه ته پنهجي پيارن لاءِ ئي گھڻي ترڪ ڪن.

Friday, March 22, 2013

محبتي آفيسر

محبتي آفيسر

منهنجي هڪ دوست ٻڌايو ته هو هڪ آفيسر جي ماتحت هڪ پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو هو،هڪدفعي عيد جي رات جو هڪ واقعو ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ٻڌايائين سو قارئين  جي اڳيان سندس زباني بيان ڪريان ٿو.
صاحب مون کي ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ ڪم جي باري ۾ به مون تي مڪمل اعتماد ڪندو هو.مون سان ڪچهريءَ به ڏاڍي ڪندو هو ۽ مشڪل سان وڃڻ جي اجازت ڏيندو هو،پر چوندا آهن ته ڪنهنجو گھڻو ڀائڻ  به مهانگو پوندو آهي.هڪ دفعي رات جو سندس گھر هن سان گڏ ڪچهريءَ ۾ ويٺو هوس،سياري جي موسم هو، ڪمري ۾ هيٽرهلي رهيو هو،صبح جو عيد هجي،رات جا ڏه ٿي رهيا هئا،صاحب جن کي عرض ڪيم ته ”سائين صبح جو عيد لڳي پئي آهي،ٻارن لاءِ ڪپڙا به درزي کان کڻڻا اٿم،تنهنڪري هاڻي مون کي اجازت ڏيندا ته گھر وڃان“جواب ڏنائين ته ويه اڃا ٿورو وقت ٿيو آهي.ايتري ۾ بورچي به اچي گذارش ڪئي ته سائين مون کي گھر وڃڻ جي موڪل ڏيندا،صبح جو عيد لڳي پئي آهي ته ان کي چيائين ته صبح جو ٻڪرن جي عيد آهي،تون ته انسان آهين،تنهنجو ان عيد ۾ ڇا وڃي ،ماٺ ڪري وڃي ويه.اها صورتحال ڏسي ٻڏتر ۾ پئجي ويس ته هاڻي ڇا ڪريان؟ محسوس ڪيم ته هيٽرجي گرمي  تي منهنجو جسم گرم محسوس ٿي رهيو آهي ان جو فائدو وٺان سو سائين جن کي عرض ڪيم ته ٻن ڏينهن کان منهنجي طبيعت خراب آهي،بخار اٿم موڪل ڏيو ته گھر وڃان،ٻانهن تي هٿ لڳائي ڏٺائين سا ته واقعي گرم لڳس.توکي ته بخار آهي اهو پڪ مليريا جو بخار اٿئي”ڊارلنگ! ٻه فينسيڊارجون گوريون ۽ هڪ مڳو کير جو کڻي اچ“سندس زال کي چيائين.اها ڳاله ٻڌي منهنجون ته وايون ئي بتال ٿي ويون.فينسيڊار جون ٻه گوريون ۽ کير جو مڳو ڏيندي چيائين ته ”هي کائي وٺ“.ڊپ ۾ هڪ گوري ته کائي ويس پوءِ ٿوري ڳاله سمجھ ۾ آيم،ٿوٿو! ڪري واش روم ۾ داخل ٿي ٻي گوريءَ کي واش بيسن ۾ اڇلي ڇڏيم ۽ پوءِ ٻاهر نڪري اچي سائين جن کي عرض ڪيم ته سائين! منهنجي طبيعت هاڻي ته صفا خراب ٿي پئي آهي هاڻي گھر وڃي رهيو آهيان“ائين جان ڇڏائي ٻاهر نڪتم،سائين جن جو ڊرائيور ٻاهر مليو،ٻڌايائين ته سائين کان عيد جي لاءِ موڪل ٿو وٺڻ وڃان.مون ٻڌايو مانس ته موڪل ڪونه ڏيندئي،اتان ئي بغير اجازت جي هليو وڃ.پوءِ اهو به اتان گھر روانو ٿي ويو.پوءِ ٽي ڏينهن ته آئون صاحب وٽ نه ويس،پر پوءِ جيئن ئي چوٿين ڏينهن ويومانس ته ڏاڍي جٺ ڪيائين اڳيون پويون ڪسرون سڀ ڪڍي ڇڏيائين.

Thursday, March 21, 2013

آئس لينڊي نالا

آئس لينڊي نالا

آئس لينڊ دنيا جي ڪجھ اهڙن ملڪن مان آهي،جن ۾ ٻارن جي نالن رکڻ جي لاءِ سخت قانون آهي.اتي جي عوام ان سخت قانون مان ناخوش به نه آهي. ”ذاتي نالن جو رجسٽر“ جي نالي سان هڪ نالن جي فهرست آهي جنهن ۾ 1712 مردن ۽ 1813 عورتن جا نالا شامل آهن،جيڪي آئس لينڊي ٻوليءَ جي گرامر۽ تلفظ مطابق آهن،والدين ان فهرست مان ٻارن جا نالا رکڻ جا پابند آهن.ان فهرست کان ٻاهر جي ڪو نالو والدين پنهجي ٻارجو رکڻ چاهين ته کين ان نالي رکڻ جي لاءِ هڪ خاص ڪميٽي کان منظوري وٺڻي پوندي آهي.
هڪ ڇوڪريءَ جنهنجي عمر 15 سال تائين اچي پهتي  پرسندس ماءُ طرفان رکيل نالو Blaer(جنهنجي انگريزي ٻوليءَ ۾ معني آهي light breeze يعني هلڪي هوا)  ان فهرست ۾ شامل نه هجڻ ڪري اڃا تائين سندس تشخص سڀني سرڪاري ڪاغذن ۾ بي نام بڻيل هئي .سندس سڀني دستاويزن ۾ Stulka(آئس لينڊي ٻوليءَ جو لفظ جنهنجي معنيٰ آهي ڇوڪري) لکيل هو.هنن ڪميٽيءَ وٽ نالي جي منظوريءَ لاءِ درخواست ڏني،پر ڪميٽيءَ ان نالي کي ان بنياد تي منظور ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته جيئن ته ان نالي سان آئس لينڊي ٻوليءَ ۾ مذڪر جو صيغو استعمال ٿئي ٿو تنهنڪري اهو نالو ڪنهن ڇوڪريءَ تي نه ٿو رکي سگھجي.
ڇوڪريءَ جي ماءُ کي پادري ان ڇوڪريءَ کي بپتسو ڪرڻ وقت ٻڌايوته سندس طرفان رکيل نالو نالن جي مقررٿيل فهرست ۾ شامل نه آهي.پربقول ڇوڪريءَ جي ماءُ جي ته مون کي ايتري ته ضرور خبر هئي ته ان نالي بليئرBlaer کي هڪ دفعي ان وقت جي مقرر ڪيل ڪميٽي پاران منظوري ملي ويئي هئي.تنهنڪري مطمئن هوس پر مون کي خبر نه هئي ته منهنجي ڌيءَ لاءِ موجوده ڪميٽي ان نالي لاءِ منظوري نه ڏيندي.
هنن کي نيٺ ان نالي جي منظوري لاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻو پيو،جتي کين ان نالي جي منظوري ملي ويئي، ۽ ڪورٽ اهو فيصلو ٻڌايو ته هاڻي اهو نالو ڇوڪري ۽ ڇوڪري ءَ ٻنهيءَ لاءِ قابل قبول آهي.
 آئس لينڊ ۾ اهو واقعو پهريون دفعو پيش آيوته ڪنهن شهريءَ کي نالي جي منظوريءَ ڪورٽ مان وٺڻي پيئي.
( ياهو نيوز جي ٿورن سان)

Wednesday, March 20, 2013

تقدير ۽ تدبير

تقدير ۽ تدبير

ڪنهن به انسان جي هن دنيا ۾زندگيءَ، ماءُ جي پيٽ جي اندر ٺهڻ جي شروعات کان وٺي موت تائين تقديري آهي.تقدير ۽ تدبير جو مونجھارو صرف انسان جي ذهن جي پيداوار آهي.انسان جي اندر ڪوشش جي ته چاٻي ڀريل آهي.انسان جي پيدائش جن والدين وٽ،جنهن خاندان ۽،جنهن قوم يا ذات ۾ ٿيندي آهي سا تقديري هوندي آهي.انسان جي پيدا ئش جنهن رنگ نسل ۽ ملڪ ۾ ٿيندي آهي سا تقديري آهي. انسان بيماريون،صحت ۽ صلاحيتون ،ڪمزوريون سڀ پنهنجي والدين کان وراثتي طور حاصل ڪري ٿو.پيدائشي مالي حالت ۽ شروعاتي زندگي جي تربيت به انسان لاءِ تقديري آهي.انسان جي جسم جو صرف هڪ تنتي نظام جو حصو وس ڪار آهي.باقي ته سڄو جسم جو اختيار دماغ جي ان حصي وٽ آهي جنهن تي انسان جو ڪوبه وس ۽ اختيار نه ٿو هلي.انسان جو دل،هاضمي جونظام ،رت جي گردش جو نظام ،جسم مان صفائي جو نظام انهن سڀني نظامن تي ته انسان جو ڪو به وس نه ٿو هلي اهي ته خود ڪار آهن ،تنهڪري اهي تقديري آهن.تنهنڪري انسان جي جسم جي اندر تدبيري حصو تما م گھٽ آهي.جيڪو گھٽ حصو آهي تنهن جي به چاٻي انسان ۾ ڀريل آهي.بک لڳڻ جي چاٻي ڀريل آهي، لازمي اختياري حصو استعمال ڪري ماني کائيندو،تنهنڪري تقدير ۽ قسمت جي خلاف اهو دليل اجايو آهي ته ڪير ماني هٿ ۾ کڻي وات ۾ نه وجھندو ته پاڻهي ته ڪانه ويندي.جيڪڏهن صحت خراب هوندس ،هاضمو  خراب ته پوءِ مطلب ته چاٻي به خراب هوندي انسان ڀلي ڪيڏي به ڪوشش ڪري ته به ڪجھ به کائي نه سگھندو.هن دنيا ۾ تمام گھڻا عوامل آهن جيڪي ڪنهن واقعي جي ٿيڻ ۾ پنهجو پنهجو ڪردار ادا ڪن ٿا،صرف انسان جو تدبيري حصو اڪيلو به ڪجه نه ٿو ڪري سگھي اتي باقي رهيل تدبيري حصي جي انساني زندگي ۾ واقع ٿيندڙ واقعن ۾ به ان حصي جو اختياري حصو وري اڃا به گھٽجي وڃي ٿو.هاري زميندارڏاڍي محنت ۽ خرچ کان پوءِ فصل تيار ڪيو،بارش ۾ سڀ ٻڏي ويو،اتي به وري تقدير تدبير تي غالب اچي ويئي. اهڙيءَ طرح انساني زندگيءَ ۾ اهڙا تمام گھڻا مثال نظر ايندا جيڪي انساني جدوجهد جي باوجود ڪارآمد نه ٿي سگھيا.تقدير تي انسان جو يقين ڪڏهن به تدبير اختيار ڪرڻ کان روڪي ڪونه ٿو،پر جيئن ته انسان کي مختلف صلاحيتن سان نوازيو به ويو آهي تنهڪري هن کي تدبير اختيار ڪرڻ جو حڪم به الله سائين ڪيوآهي. تنهڪري انسان کي هن دنيا ۾ جيڪي ڪجھ مليل آهي سو الله سائين طرفان آهي ان تي ڪڏهن به گھمنڊ نه ڪرڻ کپي ۽ نه  ئي وري انهن ماڻهن کي پاڻ کان گھٽ سمجھڻ گھرجي جيڪي انهن نعمتن کان محروم آهن.نه ئي وري ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪجھ گھٽ مليل نعمتن تي ڪرڪجي،نه ئي وري ڪنهن سان حسد ڪجي، نه ئي وري احساس محرومي جو شڪار ٿجي.ساڳي طرح نه احساس برتري جو شڪار ٿجي نه ئي وري احساس ڪمتري جو شڪار .تقدير جا به ٻه قسم آهن،هڪ مبرم ۽ ٻي معلق.مبرم اها تقدير آهي جنهن ۾ تبديلي جي ڪابه گنجائش نه آهي.باقي تقدير معلق دعا سان تبديل ٿي سگھي ٿي.قومن  جي معاملي ۾ وري تدبيرتقدير تي غالب اچي ٿي.جھڙيءَ طرح قرآن پاڪ ۾ ارشاد باري تعاليٰ آهي ته الله ايستائين ڪنهن قوم جي حالت تبديل نه ٿو ڪري جيستائين اها پنهجي حالت پاڻ تبديل نه ڪري.ان ۾ به اهو آهي ته ڪجھ صفات جھڙوڪ عدل و انصاف،محنت،سچائي،علم سان محبت ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ جستجو وغيره اهڙيون آهن جيڪڏهن ڪابه قوم پاڻ ۾ پيدا ڪندي آهي ته الله سائين ان قوم کي غالب ڪري ڇڏيندو آهي.هيءَ مضمون تمام وسيع آهي،۽ مون لاءِ ممڪن به نه آهي ته ان تي مڪمل لکي سگھان ۽ ان جي سڀني پهلوئن تي لکي سگھان،هتي صرف تقدير۽ تدبير جي اثرات جي هن دنيا تي پوندڙ نتيجن جوجائزوورتو ويو آهي.انسان کي پنهجي نيت تي مڪمل اختيار آهي.نيڪي ۽ برائي اختيار ڪرڻ جو به هن کي اختيار آهي،باقي جيترا وسائل هن کي ڏنا ويا آهن ان مطابق ئي هن کي آخرت ۾ حساب به ڏيڻو پوندو.

Tuesday, March 19, 2013

اپريل فول

اپريل فول

سنه 2008 ع جي ڳاله آهي ته هڪ ڏينهن ڏهين درجي جي ڪلاس ۾ ويٺو هوس ته هڪ ٻارڙيءَ چيو ته” سا ئين ڪامران چئي ٿو ته اردوجي مضمون جو ڪورس توهان مڪمل نه ڪرائي سگھيا“ ته مون چيو مانس ته” مون کي افسوس آهي ته سائين منهنجي باري ۾ اهڙي راءِ رکي ٿو“،ڇوڪريءَ اها ڳاله ٻڌي چوڻ لڳي ته ”سائين! سائين ڪامران ته ائين نه چيو آهي پراها ڳاله مان پاڻ ڪئي آهي.“اها ڳاله ٻڌي مون چيومانس ته ”مون کي افسوس آهي ته اوهان منهنجي باري ۾ اهڙي راءِ رکوٿا“ ته چوڻ لڳي ته ”سائين منهنجي راءِ توهان جي باري ۾ ڏاڍي سٺي آهي“.مون چيومانس ته ”اها راءِ سٺي ڪيئن ٿي؟“ ته چوڻ لڳي ته ”سائين تاريخ تي غور ڪريو ته اڄ ڪهڙي تاريخ آهي“ ته مون چيومانس ته ”ان ڳاله جو تاريخ سان ڪهڙو واسطو آهي“.ته چوڻ لڳي ته ”سائين اڄ پهرين اپريل آهي ۽ مون توهان سان اپريل فول پئي ملهايو“۽ پوءِ مون کان معافي وٺڻ لڳي ۽ چيائين ته ”سائين! ته مون کي اها خبرنه هئي ته منهجواهومذاق توهان جي اهڙي  دل ڏکائيندو.
ٻئي ڏينهن تائين ان ڳاله لاءِ ساري ڪندي رهي.مون چيومانس ته مون کي هاڻي اها ڳاله دل ۾ نه آهي توهان به ان کي وساري ڇڏيو.
هن ٻارڙي جو تعلق هڪ اهڙي ڳوٺ سان آهي جتي جا ڊاڪٽر تمام گھڻ مشهورآهن ۽ سنڌ ۾ تعليم جي شعبي جي پٺتي هجڻ جي باوجود،هن علائقي جا ماڻهوءَ ايترا ته سجاڳ آهن جو بخار يا اهڙيءَ مجبوريءَ ۾ به هيءَ ٻارڙيون موڪل نه ڪنديون هيون ۽ اسڪول ۾ حاضر رهنديون هيون پوءِ هنن کي سمجھائڻو پوندو هو ته مجبوريءَ ۾ موڪل به ڪبي آهي.اهي ٻه ڀينرون ساڳئي ڳوٺ مان اينديون هيون.هنن جي والد صاحب جي تربيت هنن ۾ اعتماد پيدا ڪيو هو.ڇو جو پاڻ ٻڌائينديون هيون ته اسان جو بابا چوندو آهي ته منهنجا پٽ لکن جا آهن ۽ منهنجون ڌيئرون ڪروڙن جون آهن.هنن جي بقول ته اسان جي والد صاحب اسان کي موٽرسائيڪل هلائڻ ۽ هٿيار هلائڻ جي به تربيت ڏني آهي.
سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ ته هروڀرو اپريل فول ملهائڻ جو ايترو خاص رواج ته نه آهي،پر منهنجي پوري زندگيءَ ۾ مون سان اپريل فول ملهائڻ جو اهو پهريون واقعو پيش آيو.


Monday, March 18, 2013

آخري وڪيٽ

آخري وڪيٽ

صرف 45 رنسن تي 9 بيٽسمينن کي آئوٽ ڪري چڪا هئاسين،باقي صرف هڪڙي وڪيٽ وڃي بچي هئي،اسين ڏاڍا خوش هئاسين ته اجھو ٿا مخالف ٽيم کي گھمائي وٺون،کين ننڍڙي اسڪور تي آئوٽ ڪري جلد مطلوبه ٽارگيٽ پورو ڪري وٺندا سين،۽ ٽورنامينٽ جو پهريون ميچ آساني سان کٽي وٺنداسين.اسان کي ڪهڙي خبر ته آخري ٻه بيٽسمين اسان لاءِ پادر پسايو ويٺا آهن.آخري ٻنهي بيٽسمينن اسان جي هونهار ءِ ڪامياب بالرن کي خوب ڪٽيو،ايتروبه لحاظ نه ڪيائون ته اهي اهي  بالر هئا جن جي اڳيان سندن بهترين بييٽسمين به اسڪور نه ڪري سگھيا.ان محدود اوورز جي اننگزجا اوور ته ختم ٿي ويا پرآخري وڪيٽ نه ڪري سا نه ڪري.ٺلها بيٺا بيٽ ٿين ها تڏهن به چڱو پرهمراه صفا بي رحم ٿيو بيٺا هئا.مطلب ته ڇڪا،چونڪا،ڊبل،سنگل،ورلي ڪو بال خالي ڇڏين.ائين لڳي رهيو هو ته مخالف ٽيم حڪمت عملي تحت ڀلا بيٽسمين پڇاڙي ۾ موڪليا هجن يا ته ائين هو جو بيٽسمين ته گھڻئي ڀلا هئا پرٽيم مينيجمينٽ پنهجي نااهل  چهيتن بيٽسمينن کي پهريائين بيٽنگ لاءِ موڪلي ڇڏيو هو.سبب ڪهڙو به هجي اسان جي بالرن جي قسمت ۾ لکيل ڪٽ انهن کي ملي.آخري وڪيٽ هڪ سو رنسن جي پارٽنرشپ مڪمل ڪري ورتي،اهڙي طرح 145 رنسون ٺاهي اسان کي 146 رنسن جو ٽارگيٽ ڏيئي ڇڏيو.
اسان جي بيٽنگ جو وارو آيو ته مون هڪ ٻئي همراه سان گڏ اوپننگ ڪئي.اسان جا رانديگر هڪٻئي پٺيان آئوٽ ٿيندا ويا،شايد ان آسري تي ته آخري وڪيٽ ته اسان جي به آهي،متان تاريخ هينئرجو هينئر ئي پاڻ کي دهرائي، ۽آخري وڪيٽ اسان کي ميچ کٽرائي وٺي.خير هڪ پاسو ته آئون جھليو بيٺو هوس،پر اسٽمينا مون واري ٺپ جواب ڏيئي ويهي رهي،ٿڪجي پيس،ڊوڙڻ ۾ اچو ٿي سهڪ کڻي،گھڻئي تاڙيون وڄائي شاباسون ڏنائون،واه! واه! ڪيائون،ببليون کارايائون،پر مون کان ڊوڙيو ئي نه ٿئي نيٺ هڪ رنر کي منهنجي پاران ڊوڙڻ لاءِ ميدان ۾ لاٿائون.ان اننگ ۾ مون 25 رنسون ٺاهيون ۽ جنهن ۾ ٽي چوڪا هنيم،جن مان هڪڙو چوڪو فل ٽاس بال تي هنيم.بحر حال ٽارگيٽ جي حصول لاءِ في اوورگھربل ايوريج وڌڻ لڳو،اسان جي ٽيم ۾ مايوسي پکڙڻ لڳي.بالرزاينڊ تي مون واري رنر کي رن آئوٽ قرار ڏيئي ڇڏيائون،ان فيصلي کي قبول ڪرڻ کان اسان جي ٽيم انڪار ڪري ڇڏيو،راند ويئي ڦٽي،گوگڙو ويو گاه تي.ٽورنامينٽ جي انتظاميا اسان جي ٽيم جي خلاف فيصلو ڏنو ۽ اسان جي ٽيم پهرئين ئي ميڇ ۾  شڪست کائي ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي ويئي.راند ۾ شڪست هونئي ڪڙي ٿيندي آهي پر جي مورڳو آخري وڪيٽ شڪست جو سبب بڻجي ته ان جي ڪڙاڻ وڌي ويندي آهي.
اها تفصيل ان ميچ جي آهي جڏهن آئون گورنمينٽ ايس ايم هاءِ اسڪول ٽنڊوالهيار ۾ ڏهين درجي ۾ پڙهي رهيو هوس.ساليانو ضلعي جي اسڪولن جي وچ ۾ ڪرڪيٽ جو مقابلو ٿي رهيو هو.اسان جو پهريون ميچ گورنمينٽ هاءِ اسڪول چمبڙ سان ٿيو.اهو ميچ گورنمينٽ پراونشلائزڊ هاءِ اسڪول جي ميدان تي کيڏيو ويو.ان جي پچ سيمينٽ واري هئي ۽ بال ڪاڪ وارو استعمال ٿيو.

Friday, March 15, 2013

انسان ۽ شڪر

انسان ۽ شڪر

انسان هر حال ۾ الله سائين جو شڪر ادا ڪري اها هڪ اهڙي ڳاله آهي جيڪا انسان کي ڏاڍي مشڪل سان هضم ٿيندي آهي.هن جي ذهن ۾ شڪايتن جو دفتر کلي ويندو آهي.هن جي ذهن ۾ سندس زندگي ۾ نعمتن جي کوٽ ،جنهنجو احساس هو ٻين سان پاڻ کي ڀيٽي پنهنجو پاڻ ۾ پيدا ڪندو آهي،ڦرڻ لڳندي آهي.جيڪو وٽس آهي ان تان سندس نظر هٽي ويندي آهي.جيڪي ڪجھ ٻئي وٽ آهي پر هن وٽ نه آهي تنهنجي ڪمي جي ڪري هن ۾ احساس محرومي پيدا ٿيڻ لڳندي آهي.ننڍڙا ٻار جيئن هڪٻئي سان شين تي ريس ڪندا آهن،ٻئي ٻار وٽ ڪا شئي ڏسي ساڳئي شيءِ جو مطالبو شدت سان مائٽن کان ڪندا آهن،پوءِ ان لاءِ ڏاڍو جھيڙو ڪندا آهن،مائٽ جو ڪو به عذر تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن هوندا.جيڪڏهن مائٽ لاءِ ممڪن هوندو آهي ته نيٺ هنن جي خواهش پوري ڪندو آهي،۽ پوءِ ٿوري دير ان رانديڪي کي کڻي،ان سان راند کيڏي،جلدي ئي ٿڪجي پوندا آهن،پوءِ مائٽ ڪيترو به روڪي پنهنجي هٿن سان ان رانديڪي کي ڀڃي ان مان جان ڇڏائيندا آهن.انسان جي عاقل بالغ ٿيڻ کان پوءِ به هن ۾ اها ساڳئي فطرت باقي رهي ٿي پر صرف شين جي چونڊ جو معيار بدلجي وڃي ٿو.
ان جو مقصد اهو نه آهي ته انسان کي هن زندگي ۾ جستجو نه ڪرڻ کپي،جستجو نالو ئي ته زندگي آهي،تنهنڪري ته انسان ۾ اها صفت به پيدا ڪئي ويئي آهي.پر اصل ڳاله صرف ايتري آهي ته انسان کي ان ۾ اعتدال جي ضرورت آهي. 

Sunday, March 10, 2013

فرار يا سرفراز

فرار يا سرفراز

موت کان بچجي،اهو ته ممڪن ڪونهي،حادثن کان بچجي،پوڙهائپ کان بچجي،بيمارين کان بچجي،ڇا کان ڀڄي ڇا کان ڀڄجي.چڳو ڀلا انهن سڀني خوفن کان ئي ڀڄي جان ڇڏائجي.اهي سڀ حقيقتون وجود ته رکن ٿيون جن کي نظراندازبه ته نه ٿو ڪري سگھجي،پوءِ ڀلا ڪجي ته ڇا ڪجي؟
انسان لاءِهن دنيا جي حقيقتن کان فرار جي صرف هڪڙي ئي صورت هئي ته هو هن دنيا ۾ پيدا ئي نه ٿئي ها.جڏهن انسان کي هن دنيا ۾ اڃا تائين وجود نه مليوهو،پرهن جي تخليق جو ارادو الله سائين ڪيو ته ملائڪن کي هن مخلوق جي تخليق تي اعتراض ٿيو،پر الله سائين سندن ان خدشي کي رد ڪندي کين ان حقيقت کان آگاه ڪيوته جيڪي آئون ڄاڻان ٿو سو توهين نه ٿا ڄاڻو.مطلب ته انسان جي تخليق کي الله سائين پسند ڪيو ۽ ان ارادي مطابق انسانن کي وجود جو شرف بخشيو.هاڻي انسانن لاءِ صرف ٻه صورتون بچيون آهن ته هو الله پاڪ جي حڪمن کي نبين سڳورن جي طريقي مطابق پورو ڪري ڪاميابي ماڻين،۽ مان،مرتبو،عزت،۽ شان حاصل ڪن يا ان جي مخالفت ۾ زندگي گذاري پنهنجو پاڻ کي برباد ڪن.