Pages

Saturday, March 30, 2013

مئل ڪوئو

مئل ڪوئو

ٽنڊوڄام،سنڌ جي ڀر ۾ موجود هڪ ڳوٺ جي هڪ دوست سندس ڳوٺ جي هڪ خاندان جي سادگي جي باري ڪجھ واقعا ٻڌايا جيڪي هت بيان ڪجن ٿا.
اسان جي ڳوٺ جي هڪ شخصيت جنهنجو نالو اسلم(فرضي نالو) آهي.جنهن کي انتقال ڪئي ڪجھ سال ٿيا آهن.هن جي هڪڙي خاص عادت هئي ته رستي جي هميشه ساڄي طرف هلندو هو.ڪنهن همراه هڪدفعي ٻڌايو ته هن ڏٺو ته گھٽيءَ ۾ هڪ ڪتيءَ ويائل هئي ۽ هو سندس گلرن سان گڏ گھٽيءَ جي ساڄي طرف ويٺل هئي،جيئن ئي هو ساڄي طرف کان گذرڻ جي ڪوشش ڪري ته ڪتيءَ هن تي ڀونڪڻ لڳي،مطلب ته ڪتيءَ هن کي ساڄي طرف گذرڻ نه ڏي،کاٻي طرف کان گذرڻ لاءِ هو تيار نه هو،ٻڌائڻ واري جي بقول ته هو ته پوءِ هليو ويو خبر ناهي پوءِ ڇا ٿيو؟ 
هڪدفعي مون کي چيائين ته منهنجي والده جي طبيعت ٺيڪ ناهي،ان لاءِ ڊاڪٽر کي وٺي اچڻو اٿم،پر گس تي ڇوڪرا بيٺا آهن جيڪي مون کي ساڄي طرف کان گذرڻ نه ٿا ڏين،تنهنڪري توهان مهرباني ڪري پنهجي  ڊاڪٽر ڀاءُ کي منهنجي گھر وٺي ايندا،ته جيئن ته اهو اچي منهنجي والده جي طبيعت ڏسي،هن جي مجبوريءَ جو مون کي احساس هو،تنهنڪري مون پنهنجي ڊاڪٽر ڀاءُ کي هن جي والده جي طبيعت کي ڏسڻ لاءِ موڪليو.هو پنهنجي ساڄي طرف هلڻ جي لاءِ هڪ عجيب دليل ٻڌائيندو هو.هو چوندو هو ته مون قران مجيد جي سوره فاتح جو اردو ترجمو پڙهي ڏٺو ته ان ۾ لکيل هو ته ”سيدهي راستي پي چلو“ ته سنڌيءَ ۾ ان جي معني اها ئي ٿي ته رستي جي ساڄي طرف هلو،تنهنڪري مون لاءِ لازمي آهي ته رستي جي هميشه ساڄي طرف کان هلان.
سندس والد صاحب جي طبيعت ۾ به سادگي هئي،هڪدفعي هن کي وڻ تي مٿي چڙهائي هيٺ کڻي جو باه ٻاريائين،مٿي وڻ تي ويٺل پٽس کي اچي دونهين تنگ ڪيو،پوءِ پٽس کي وڻ تان لاٿائين،اهو پڇڻ تي ته تو ائين ڇو ڪيو؟ ٻڌايائين ته مون تجربو ڪري ٿي ڏٺو ته ڏسان ته دونهون مٿي وڃي ٿو يا نه؟
سندس ڏاڏي جو هڪ واقعو ٻڌائين ٿا ته ان جي وقت ۾ سنڌ ۾ اچي طاعون جي وبا پکڙي.طاعون جي وبا ڪوئن مون پکڙي رهي هئي . تن  ڏينهن ۾ هڪدفعي جڏهن صبح ساڻ هڪ واڻئي اچي دڪان کوليو،ٻهاري ڏيندي ڏٺائين ته اتي هڪ ڪوئو مئو پيو هو.واڻيو اچي ڏاڍو پريشان ٿيو،هي ڀر ۾ بيٺو هو،واڻئي کي چيائين ته ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳاله آهي.واه! واه! صفا ڪو ڊڄڻو آهين هڪ مئل ڪوئي کان اچي ڊنو آهين.مون کي اٺ آنا ڏي ته هن کي وڃي پري اڇلي اچان،ته اهو دڪاندار ان ڳاله تي راضي ٿي ويو،پر چيائين ته پهريائين ڪوئي کي کڻي پري اڇلي اچ! ته پوءِ اٺ آنا ڏيانءِ.هن به ديرئي نه ڪئي ڪوئي کي پڇ کان جھلي،کڻي وڃي پري اڇلي آيو.دڪاندار کي اچي شرارت لڳي سو اٺ آنا ڏيڻ کان انڪار ڪري وهي رهيو،ته هن چيس ته جھڙي طرح ڪوئو هتان کڄي ويو ساڳي طرح سان واپس به اچي سگھي ٿو،ائين چئي واپس روانو ٿي ويو ۽ ساڳيون ڪو ئو واپس کڻي اچي دڪان ۾ اڇليائين،پوءِ ان مهل ئي دڪاندار ٻارهن آنا ڀري ڏنس ۽ منٿ ڪرڻ لڳس ته مهرباني ڪري هن بلا کي جلدي هتان ڪڍ.پوءِ اهي ٻارهن آنا هن کان وٺي ان مئل ڪوئي کي کڻي وري وڃي پري اڇلايائين.چون ٿا ته پوءِ هن جي ڏاڏي جو انتقال طاعون جي ڪري ئي ٿيو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو