Pages

Friday, July 22, 2016

ماڻهوءَ جو روح سائيڪل ۾

سائيڪل کي پنهنجي رمز سان روڊ تي ڪاهي وڃي رهيوهوس،ته هڪ ڪرولا ڪار تيز هارن هڻندي،مٽي اڏائيندي مون کي اوورٽيڪ ڪندي هلي ويئي.
ڀوڳن ۾ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي سائيڪل کي چيم ته ”واه واه اها گاڏي به توکان اڳيان نڪري ويئي.مطلب ته هو توکان سٺي آهي.“ ڪاوڙ جي جواب ڏنائين ته ”اها ڪار سابه ڪرولا ان سان منهنجو ڪهڙو مقابلو. توهين انسان ته شين جي فرق کي به ڪونه ٿا سمجھو.لڳاءِ زور هڻ پيڊل ڪر مقابلو ته خبرپويئي،هڪڙو آئون هن کان ننڍڙي،ٻيو توجھڙي اڍائي مڻي کي ته کڻي کڻي هاڻي ٿڪجي پئي آهيان.“ مون کي ڏاڍي حيراني ٿي سائيڪل جي ڳالهائڻ تي ،ڪاوڙ به ڏاڍي لڳم جو وڃي وزن جو مهڻو ڏنائين جنهنجي باري ۾ هونئي پاڻ ڏاڍا حسا س آهيون.”زندگي ۾ ڪڏهن به منهنجو وزن 100 ڪلو ناهي ٿيو صرف ڪجھ ڏينهن لاءِ 91 ڪلو ٿيو،هاڻي 85 تي اچي بيٺو آهي.“ڪاوڙ ۾ جواب ڏنومانس.طنزڪندي چيائين ”مطلب ته ٻه مڻو ته آهين.“
هڪڙي ڪمند سان ڀريل ڍڳي گاڏي کي اوور ٽيڪ ڪندي چيومانس ته ”واه واه! تون به صفا راڪيٽ لڳي پئي آهين.“ وري تپي باه ٿي پئي چيائين ته ”ڍڳا ويچارا هيترو سارو وزن کنيو وڃن،سي به ويچارا ساه وارا تن کان اڳيان نڪري فخر ٿو ڪرين،ڦڪائي ڪونه ٿي ٿئي توکي.توهان انسانن جو به هڪ اهو وڏوالميو آهي،فرقن جي اهميت کي ڪونه ٿا سمجھي سگھو.منهنجو ڪار ۽ ڍڳي گاڏي سان بس هڪڙو فرق آهي.توهان انسان انهن فرقن جي ڪري هڪٻئي کي گھٽ يا وڌ سمجھڻ لڳو ٿا،ڪنهن وٽ پئسوگھٽ،ته ڪنهن وٽ وڌيڪ،ڪو وڌيڪ سهڻو ته ڪووري گھٽ سهڻو. اهي ته فرق آهن.توهان وري انهن جي ڪري احسا س ڪمتري يا برتري جو شڪار ٿيو وڃو.“ 
تو ته اڄ ڳالهائي ڪمال ڪري ڇڏيو.هاڻي جيڪڏهن مستقل ڳالهائين ته تنهنجو نالو بدلائي،پنهنجي سائنسي تخليق ڪري ڄاڻايان.ٻيو ته ان تحقيق تي وري ڪنهن مضمون ۾ پي ايڇ ڊي ڪري وٺان.مون کيس منٿ ڪئي.”تو ڄٽ کي ته اها به خبر ناهي ته پي ايڇ ڊي ڇا جو مخفف آهي.ڳول ڪا ٺڳن جي يونيورسٽي پي ايڇ ڊي هونئي ڪري ويندين،مون کان انهن ٺڳين ۾ تنهجي مدد ڪانه پهچندي.“هن جواب ڏنو
هڪڙي ڪرولا گاڏي اچي وري اوورٽيڪ ڪيو.سائيڪل رڙڪري چيو ته اها نه وڃي،پيڊل گھماءِ،ان کان اڳيان نڪر،نه ته ڪيرائينديسائين،جيئن توهان انسانن ۾ جن پوندو آهي،تيئن هاڻي مون ۾ ماڻهوءَ جو روح گھڙي ويو آهي.سائيڪل اچي جھٽڪا کائڻ شروع ڪيا،ڊپ ۾ سڄو پگھر جي ويس،زور زور سان پيڊل هلائڻ شروع ڪيم،هاڻي ڪٿي ٿو ڪار کي پهچي سگھان.اوچتو ڏٺم ته ڪار سلو ٿيڻ شروع ٿي آهي،ڪاروارو ڪنهن جهوپڙا هوٽل تي چانهن،سگريٽ،پان لاءِ بيهي رهيو.ان کان اڳيان نڪري ويس.
آهستي آهستي ڪري سائيڪل بيهاريم.روڊ جي هڪ پاسي سائيڪل بيهاري وٺي ڀڳس.سائيڪل رڙڪندي چيو ”هاڻي ڪيڏانهن ٿو ڀڄين.“ ”تو ۾ انساني روح گھڙي آيوآهي، منهنجو ذري گھٽ ساه ٿي ڪڍيئي.“
پوئتي منهن ڪري به نه ڏٺومانس سڄي عمر لاءِ سائيڪل تي چڙهڻ کان توبه ڪري موٽر سائيڪل ورتم.


Monday, July 18, 2016

جنن جي کٽ

زوردار ڌماڪي سان ڪمري جو دروازو بند ٿي ويو.لوه جو هڪ تاڪ وارو در هو،ٻاهريان کڙڪي اچي ويس.ڇرڪ ڀري ويس،کٽ تان اٿي دروازي کي ڇڪي پڪ ڪيم ته دروازو بند ٿي چڪوهو.
پنهنجي اوطاق جي واحد ڪمري ۾ مطالعي کانپوءِ ٿوري دير لاءِ ليٽي پيوهوس،ڪير مون کي قيد ڪري ويو؟
ڪنهن دروازو بند ڪيو هوندو،شرارتي ٻارن،ڪنهن دوست يا ماڳهين ڪنهن جن؟
ڪنهن جن بند ڪيو هوندو ته پوءِ منهنجا ڍءُ ٿي ويندا کولي آستانو بابا ٿي ويهي رهندس.عاملن جي اڄڪله وڏي ڪمائي آهي.
مون جنهن ماحول ۾ اک کولي هئي ڊاڪٽرڪاشي رام جا هوميوپيٿي جا ڪتاب هروقت کٽن تي پيا هوندا هئا،جن کي تفصيل سان پڙهيم،ان جو نتيجو اهو نڪتو جو هوميوپيٿي کي هڪ علاج جي طريقي طور مڃان ئي ڪونه.
علم رمل،علم نجوم،علم جعفر،علم الساعات،علم الاعداد،پامسٽري تي بابا سائين جا ڪتاب پيل هوندا هئا،منهنجي محترم چاچن کي به انهن علمن جو شوق هو.علم الجعفر ته سمجھ ۾ نه آيم،باقي ٻين علمن جو مطالعو ڪجھ نه ڪجھ ڪيم.علم رمل تي زائچو ڪڍڻ به سکيل هوم.هڪدفعي هڪ عورت جو ڪڪڙ وڃائجي ويو،مون کان زائچو ڪڍائي ويئي،مون کي ياد ناهي ته ڇا ٻڌايو هومانس،پر ڏاڍي مطمئن ۽ خوش ٿي اچي ٻڌايائين ته تو واري ڳاله صحيح ٿي.مون به کيس چٽو ٻڌايو ته مڙيئي ڌڪو هنيم سو لڳي ويو.تن ڏينهن ۾ ٻارن جا نالا به علم الاعداد مطابق رکندا هئاسين.
جن جي بند ڪيل دروازي واري يقين جي صورت ۾ ٻيو اهو به نتيجو نڪري سگھيو ٿي ته ڊڄي وڃان ۽ وري ڪي جن ڪڍائڻ وارا همراه وٺي اچان ته پوءِ ان صورت ۾ وري پيو ٺڳجان.
ان ساڳي اوطاق واري هڪ ڪمري کانسواءِ بائونڊري وال تي تن ڏينهن ۾ هڪ ڪاٺ جو پراڻودروازو لڳل هو.ڪجھ سال پهرين اتي هڪڙو وڏو ٻاهريون گيٽ لڳرايم.ان ڪمري کي ته هاڻي استعمال ئي ڀانڊي طور ڪريان.
حيسڪو وارن وڏي گيٽ کي ڏسي بند جاءِ جو هڪ مهيني جو بل وڃي پنجاه هزار ڪڍيو.پوءِ ڊوڙڊڪ ڪيم ايس ڊي او صاحب به تن ڏينهن ۾ چڱو ماڻهو هو،تنهن جي ڪوشش سان اهو بل صحيح ٿي مليو.پر سائين جن جي بدلي ٿي ته ٻئي همراه اچي وري ٺڪاءُ ڪرايس،هاڻي جڏهن وقت مليو بل پيو صحيح ڪرائيندس.ليٽر به جمع ڪرائي آيس ته بابا مون کي ان هڪ ڪمري لاءِ بجلي ڪونه ٿي کپي ميٽر لاهي کڻي وڃو ۽ بل صحيح ڪري ڏيو. ميٽر به نه ٿا ڪٽين.
ان بل جي وڌيڪ اچڻ تي هڪ ڳوٺاڻي تبصرو ڪيو ته تنهنجي غيرموجود گي ۾ ان تو واري اوطاق ۾ ڪن ماڻهن ڪنهن تي ڪاري علم مطابق عمل ڪيو آهي ۽ ڪجھ شيون پوريون آهن، ان جا خطرناڪ اثرات تو واري بجلي واري ميٽر تي وڃي ڪريا آهن.جيستائين اها نحوست ختم نه ٿيندي تووارو اهو بجلي جو بل صحيح نه ٿيندو.کيس چيم ته اهو به چڱو نحوست ميٽر تي ڪري آئون ته بچي ويس.
بهرحال درڪنهن بند ڪيو اها ڳجھارت پوءِ حل ڪرڻي هئي پهريون مسئلو اهو هو ته ڪمري مان ڪيئن ٻاهر نڪران.ڪمري جون لوهي دريون کولي ٻاهرين گيٽ ڏانهن ڏسڻ لڳس ته ڪو پاڙي وارو هتان گذري کيس در کولڻ جي منٿ ڪريان.مس مس هڪ پاڙي وارو گذريو،تنهن کي سڏڪري دروازو کولائي ٻاهرنڪتس.
وري به سوال اهو رهيو ته اهو دروازو ڪنهن بند ڪيو؟
اهو دروازو زوردار هوا لڳڻ سان اچي چوڪ ۾ ٽڪريو ۽ ٽڪر جي ڪري کڙڪي بند ٿي ويس.

Saturday, July 16, 2016

انسان فصل يا گندگاه

بيڪٽيريا انسان مارڻ پويان لڳل.وائرس به گھٽ نه ٿو ڪري.هاڻي مڙئي وڃي ٽڪن تي ڪجھ  ڪنٽرول ۾ مس آيوآهي.جھنگلي جانورن جو جڏهن به وس پهچي تڏهن ماريو ڇڏينس.انسان چاڪو،خنجر،تلوارون،تيرگھڻيئي ڪجھ ٺاهيس پنهنجي  مارومار لاءِ.مطئن نه ٿيو،منجنيقون،بندوقون،ٽينڪون هانءُ نه ٺريس ماڻهوءَ ماري.بم،گولا،بمباري لاءِ جنگي جهازٺاهيائين.مارڻ جا هٿيار وڌائيندو ويوامن جي نالي ۾.هلي هلي ائٽم بم ٺاهي،تجربا ڪري،ٻه بم ڪيرائي ٻن ڌڪن ۾ چار لک ماڻهوءَ ماري وڌائين.ٻه عالمي جنگيون وڙهي ڪروڙين ماڻهوءَ ماري وڌائين.
تنهن هوندي به  انسانن جي آبادي وڌنڌي رهي.1968ع ۾ هڪ همراه کي اچي وهم جاڳيو، انساني آبادي وڌنڌي وڃي،ان کي ڪنٽرول ڪريو،وسائل محدود آهن،کٽي پوندا ڏکيائي ٿي پوندي ڪتاب لکيائين آباديءَ جو بم The population Bomb.خير ماڻهوءَ مارڻ جو ڌنڌو جاري رهيو،وري جو پيدائش گھٽائڻ ۾ انسان لڳي ويو.تڏهن به انساني آبادي وڌنڌي وڃي،ان جي رهڻي ڪهڻي بهتر بڻائڻ لاءِ دوايون درمل،سرجريون اهي تحقيقون به گھڻيو ڪيون اٿن.
ڪوبه فصل جڏهن ٻني ۾ پوکبو ته ان سان گڏ گند گاه به ڦٽندا آهن،انهن کي وري ڪڍي فصل کي صاف ڪبو آهي ته جيئن فصل کي هوا،پاڻي،۽ ڀاڻ ملي ته جيئن اهو جلدي وڌي.انهن ۾ هڪڙو گندگاه آهي ڪل.خاص طور جي بصر جي فصل ۾ کرين جي اندر ڦٽندي آهي،ڏاڍو ڏکيو گند گاه آهي جيتري به گڏ ڪڍو فرق ئي نه ٿو پوي صبح جوڪٽيوس ته وري شام جو تيار.گندگاه به ڪارائتا آهن،بس پاڻهي ڦٽي ايندا،پر جيئن ته منصوبي سان پوکيل فصل جي واڌويجھ کي متاثر ڪندا آهن ته مجبورن انهن کي ڪڍڻو پوندو آهي.
انسان ته هن دنيا ۾ خاص فصل لڳايل آهي،پر حشر پنهنجو پاڻ سان اهڙو ڪيو اچي جھڙو ڪر گند گاه هجي.
آفريڪا ۾ بک ڏاڍي آهي.هڪ صحافي جي هڪڙي تصوير ڏاڍي مقبول ٿي.اها هڪ ڀيانڪ تصوير هئي،هن ان وقت اها تصوير ڪڍي،جنهن وقت هڪ ڪمزور آفريڪي ٻار بک وگھي مرڻ تي هو،هڪ ڳجھ ان جي موت جي انتظار ۾ هن جي ڀر ۾ بيٺل هئي.اها تصوير دنيا ۾ تمام گھڻي ڏٺي ويئي،ان تي تبصرا به ٿيندا رهيا.اهو صحافي ان تصوير جو بوجھ دل ۽ دماغ تي کڻي نه سگھيو ۽ نيٺ ڪار۾ پنهنجو پاڻ کي بند ڪري دونهون ڪري خودڪشي ڪري ڇڏيائين.
هن وقت دنيا ۾ وسائل جي بلڪل کوٽ نه آهي،تڏهن به دنيا ۾ سڀ انسان روزانو ماني کائي ڪونه ٿا سمهن.بکيا ٿا رهن.وسائل سان ڀرپور کنڊ آفريڪا ۾ ته بک تمام گھڻي آهي. 
مال تان جھيڙو آهي،سهوليات سان جھيڙو آهي.انسان جي گڏجي به استعمال ڪن ته کوٽ نه ايندي.انسان جي دل صفا سوڙي آهي،هيڏي ساري لامحدود ڪائنات جا راز پروڙڻ ۾ لڳو پيو آهي پر سماجي انصاف ۽ مساوات جي ڳاله ٺپ سمجھ ۾ نه ٿي اچيس.سرمائيداري نظام جديد غلامي کي جنم ڏيو بيٺو آهي.
هاڻي ڪيترا به پيسا هجڻ،ڪروڙين رپيا به هڪ ڏينهن ۾ کپائي سگھجن ٿا،گھڻيئي ٺڪر،ڀتر،مهانگي کان مهانگيون گاڏيون،ڪيترن شين جا نالا وٺي ڪيترين شين جا نالا وٺجن.
وري جي پيسو لڪائڻ تي اچجي ته بينڪون اهڙيون کڏون آهن جو مال صفا پورجيو وڃي.ڪنجوس ڌڻي وري سڄي عمر ڪم نه آڻيندس.
منهنجي هڪڙي اسپيشل ڀيڻ مون کان ٻه سال عمر ۾ وڏي هوندي.خرچي رکڻ نه ايندي اٿس.پيسا جيستائين کپائي نه تيستائين سک نه ايندو اٿس..بيچين رهندي آهي پوءِ گھر وارن جي،ڀينرن ،مائٽن جي به دعوت ڪري پيسا ختم ڪري پوءِ سک سان ويهندي آهي.تنهنڪري آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن دنيا ۾ بينڪون نه هجن،ڪارخانا اجاين شين جا به جي محدود هجن ۽ سڀ انسان جي ان مون واري ڀيڻ وانگر هجن ته دنيا ۾ بک بلڪل ختم ٿي وڃي ۽ انسانن جي لاءِ مالي مسئلو بلڪل نه رهي.بلڪ ائين جيئن حضرت عمر بن عبد العزيز جي دور ۾ ڪو ماڻهوءَ اهڙو مشڪل سان هٿ ايندو هو جنهن کي زڪوات ڏجي.باقي خليفو ته دنيا جو غريب ترين ماڻهو هو،جنهن وٽ هڪ عيد تي ٻارن جي ڪپڙن لاءِ پيسا نه هئا.
سالن کان ٽي عالمي جنگ جون ڳالهيون پيون هلن.انسان هٿيار وري اهڙا ٺاهيندو پيو وڃي جو چون ٿا ته ٻي عالمي جنگ وارا ائٽم بم ته ان جي اڳيان رانديڪا آهن.
انسان کي ان ڳاله تي ضرور سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته هو اصل فصل آهي يا گند گاه.

Friday, July 15, 2016

نيت

عقل ته فرشتن کي به آهي.شيطان به وڏو عاقل آهي.تنهنڪري صرف انسان کي عقل واري مخلوق نه ٿو چئي سگھجي.ٽنهي مان وڌيڪ عقل وارو ڪير آهي.انسان پنهنجي موجوده ترقي جي ڪري ٿي سگھي ٿو ته پنهنجي عقل تي ناز ڪندو هجي.
شيطان ۾ مقابلي جو رجحان وڌيڪ هو.عبادت ۾ فرشتن کي به ماري ويو.شيطان جو مسئلو اهو هو ته هو سمجھندو هو ته ڪير به صرف پنهنجي عمل يا تخم جي بنياد تي ٻئي ڪنهن کان وڌيڪ ٿي سگھي ٿو.ڏاڍو محنتي،ارادي جو پڪو،محنتي ۽ ضدي هو.عبادت ۾ محنت ڪري ايترو بلند ٿي ويو جو جھڪڻ جي عمل کان انڪاري ٿي بيهي رهيو.علمي شڪست کانپوءِ پنهنجي تخليقي مادي باه کي انسان جي تخليق مادي کان پاڻ ئي بهتر چئي حضرت آدم کي سجدي ڪرڻ کان انڪار ڪري ويهي رهيو.
فرشتن به عقل ڊوڙايو،انسان جي فسادي هجڻ تي اهو تاثر ڏنائون ته هي فسادي مخلوق آهي،پوءِ علمي طور حضرت آدم کان شڪست کائي سجدو ڪيائون.
تنهنڪري انسان جوبه عقل،علم ۽ عمل تي تڪبر فضول آهي.
ان جو اهو مقصد قطعي نه آهي ته اهي ڪي بي فائده آهن.عقل نه هوندو ته علم ڪيئن حاصل ڪري سگھبو،علم نه هوندو ته عمل ڪيئن ڪري سگھبو.
تنهنڪري انهن ٽنهي جو جوڙ انسان جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهي.انهن ٽنهي صفات جو سنگم انسان کي ڀلي ڪيترو به ظاهري طور ديني يا دنيوي ترقي جي معراج تي پهچائي ڇڏي،پر انسان جي ڪاميابي جي ضمانت ناهي.
ان لاءِ ضروري آهي ته انسان جي نيت صحيح هجي.جيڪي ڪجھ به ڪري ان ۾ الله جي رضا حاصل ڪرڻ هن جو واحد مقصد هجي،باقي شيون ته صرف فروعات جي حيثيت سان هجن.

Thursday, July 14, 2016

سمندر ويو سمنڊ ۾

ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندا هئاسين.ان وقت اسان جي ڳوٺ ٽنڊوسومرو ۾ برانچ مڊل اسڪول هو جن ۾ صرف ڇهون ۽ ستون ڪلاس پڙهايو ويندوهو.اٺين ڪلاس پڙهڻ لاءِ ٽنڊو الهيار وڃڻو پوندو هو.
ڇهين ۽ ستين درجي جا سڀئي مضمون اڪيلو استاد محترم سائين محمد قاسم شيخ صاحب پڙهائيندا هئا.هن وقت سائين رٽائرآهن ۽ کين گوڏن جي تڪليف آهي،صحت به ٺيڪ نه اٿن ۽ وڏي عمرجي ڪري گھر کان ٻاهر ڪونه ٿا نڪري سگھن.الله سائين کين صحت نصيب ڪري.
ڪٿي اهو دور جڏهن هڪ استاد مڊل ليول جا سڀئي مضمون اڪيلو پڙهائيندا هئا،ڪٿي هينئرجو دور جو استادن ۾ مضمونن پڙهائڻ ۽ پيريڊن تي ڇڪتاڻ اڪثر اسڪولن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي آهي.
هڪ ڏينهن ڊي او سيڪنڊري آفيس جي بلاڪ ۾ آفيس سپرنٽنڊنٽ جي آفيس ۾ ويٺو هجان.هڪ هيڊماسترياڻي صاحبه اچي ڊي او صاحب جي باري ۾ پڇيو.سپرنٽنڊنٽ صاحب کيس ٻڌايو ته سائين جن آفيس ۾ موجود نه آهن،ميٽنگ لاءِ ويل آهن،ڪو ڪم هجي ته ٻڌايو.
هيڊماسترياڻي صاحبه هڪ ٿڌو شوڪاريو ڀريو ۽ چوڻ لڳي ڇا ٻڌايان.ڇهين درجي جي انگريزي پڙهائڻ لاءِ ڪا به ٽيچر راضي نه ٿي ٿئي.عربي واري استاد چوي ٿي ته هفتي ۾ صرف عربي جا ٽي پيريڊ وٺندس،باقي ڪو به مضمون نه پڙهائيندس.
سپرنٽنڊنٽ صاحب کيس عرض ڪيو ته آپا اهوتوهان جي اسڪول جو اندروني معاملو آهي ان کي توهان پاڻ حل ڪريو.
سائين محترم جا ڪم ته ڏسو اڪيلو ٻه درجا گڏ پڙهائيندو هو پر امتحانن جي ويجهي وارن ڏينهن ۾ سج لٿي کانپوءِ اسڪول کولائي،امتحان جي تياري لاءِ هڪ ڪمري ۾ ويهاري حڪم ڪندو هو ته هاڻي ويهي پڙهو ۽ سوال جواب ياد ڪريو.
تن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ هڪ ئي سرڪاري ٽي وي چينل پي ٽي وي هو.اهو پاڪستاني اردو ڊرامن جي عروج جو دورهو.هرهفتي هڪ قسط ايندي هئي،ان وقت جا مشهور ڊراما سمندر،ايمرجنسي وارڊ،تنهائيان وغيره هئا.سڄو ڏينهن ٽي وي به نه هلندي هئي.پرمخصوص وقت لاءِ هلندي هئي ۽ پرائم ٽائم تي اهي ڊراما ڏيکاريندا هئا.انهن سڀني ڊرامن ۾ مون کي سمندرڊرامو جيڪو امجد اسلام امجد جو لکيل هو سو ڏاڍو وڻندو هو.عابد علي،وسيم عباس،۽ عارفه صديقي جي شاندار اداڪاري به ان ۾ هئي ته سسپينس به ڏاڍو هوس.اهو انتظار هوندو هو ته هڪمراه نالو وسري ويو اٿم ان کي ڪير پيو بليڪ ميل ڪري ۽ ڊيڄاري.
اهو ڳوٺ ۾ عمومي طور تي گريبي جو دور هو هر گھر ۾ ٽي وي نه هوندو هو،آئون به پاڙي جي هڪ گھر ۾ ٽي وي ڏسڻ ويندو هوس.ان تي انتظار ۾ سڄو هفتو انتظار ڪندا هئاسين ۽ دوست پنهنجا پنهنجا رايا ڏيندا هئا ته هاڻي هينئن ٿيندو يا هونئن ٿيندو.وسيم عباس غريب هو،عابد علي جي آفرڏسي،شيخ چلي وانگر اهي سپنا به ڏسندا هئاسين ته ڇا ائين ڪي آفرون اسان کي به ٿي سگھن ٿيون يا ڪٿي مورڳو عابد علي هن کي استعمال ته نه ڪندو.
بهرحال اهي خواب،اندازا،تبصرا انتظار،سسپنس سڀ جا سڀ چڪناچور ٿي ويا.امتحان اچي مٿي تي پهتا محترم استاد صاحب پرائم ٽائم ۾ اسان کي امتحان جي تياري لاءِ اسڪول ۾ گھرائي ورتو.مطلب ته سمندر ويو سمنڊ ۾.

Thursday, July 7, 2016

ٺڪر،ڀتر ۽ انسان جا ڳوڙها ۽ مسڪراهٽون

منهنجي ٻن معصوم ٻارن 5 سالن جي ننڍڙي پٽ ۽ 9 سالن جي نياڻي جي وچ ۾ موبائل يا ڪمپيوٽر تان ڇڪتاڻ ڏسندو آهيان،ته دل چوندي اٿم ته کين چوان ته جيترا ڪمپيوٽر وڻيو سي وٺي اچو،ان تي به راضي نه ٿين ته دل چوندي اٿم ته ننڍڙي جي بيٽ کڻي موبائل ۽ ڪمپيوٽر کي ڀورا ڀورا ڪري ٻنهي ٻارڙن کي ڀاڪرپائي خوب رويان ۽ کين سمجھايان ته بابا هنن ٺڪرن ڀترن ۾ ته ڪجھ به ناهي،پاڻ ۾ محبت ڪريو،هڪٻئي جو خيال ڪريو،محبت ڪريو،پنهنجو پاڻ تي ٻئي کي ترجيح ڏيو،رشتن جي اهميت آهي،انسانن جي اهميت آهي،هنن شين جي ته ڪابه اهميت ناهي.پر وري اهو سوچي رڪجي ويندو آهيان ته هيءُ معصوم آهن،هنن جي تربيت به ڪرڻي آهي،هنن کي شين جي اهميت،انهن کي سنڀالڻ،قناعت سان گڏوگڏ پنهنجو پاڻ تي ضابطو به سيکارڻو آهي.پوءِ پنهنجو پاڻ تي ضابطوآڻي وقت ۽ حالات مطابق کين سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.خير اها ته والدين جي هڪ ذميواري آهي،۽ ان کي وس آهر نڀائڻ جي ڪوشش به ڪرڻي آهي.
پر سڄي انسانيت جي  صدين کان وسائل ڏانهن جائز يا ناجائز ڊوڙ ڏسي،ملڪن ۽ اتحادن ۾ هٿيارن جي ڊوڙڏسي لڳندو آهي ته شايد اها ڪڏهن به ختم نه ٿي سگھندي.
شايد ڪڏهن انساني جين ۾ ميوٽيشن ٿئي ۽ هڪ اهڙو انسان جنم وٺي،جيڪو ان اجائي لاحاصل ڊوڙ،لالچ ۽ حرص کان آجو هجي،باقي هن طور مان آسرو گھٽ ٿو لڳي.
دنيا ڇا به ڪري پر هرفرد کي اهو اختيار حاصل آهي ته هو پاڻ ٺڪرن،ڀترن ۽ انسان،ان جي رت،ان جي لڙڪن،ڪيڪن،دانهن،مسڪراهٽن،۽قهقهن جي فرق جي اهميت کي سمجھي سگھي.
حضرت عمرر ضي الله تعالي عنه جو دستور هو، رات جو،گھٽين ۾ گھمڻ رعيت جو خيال رکڻ ۽ ڪنهن گھر ۾ ڪنهن روئندڙ ٻار جو حال احوال وٺڻ ۽ ان کي مسڪراهٽن ۾ تبديل ڪرڻ. 
سندن هڪ مشهور واقعو آهي ته هڪ غريب عورت،جنهن وٽ ٻارن کي کارائڻ لاءِ ڪجھ به نه هو،هڪ هنڊي ۾ پٿريون پاڻي ۾ وجھي،کاڌي ٺهڻ جو انظار ڪرائيندي رهي نيٺ ٻارانتظار ڪندي سمهي پيا،عورت کان سربستو حال احوال وٺي،بيت المال مان کاڌي جو سامان کڻي آيا،پاڻ هٿ سان کاڌو تيار ڪري ٻارن کي کاڌو کارائي ،روئندڙ ٻارڙن کي کلندو ڏسي پوءِ اتان واپس روانا ٿيا.

Sunday, July 3, 2016

ککر جو چڪ

اڃا تائين به اڪثر هڪڙي ڳاله ٻڌندو رهندو آهيان ته گرمي ۾ ککر جوڏنگ ڇڻي ويندو آهي،سو ننڍپڻ ۾ اها ڳاله مون به ٻڌي هئي ۽ ان تي اعتبار به ڪري ويٺم،۽ پڪ ڪرڻ لاءِ ان تي تجربو ڪرڻ جو سوچيم.شديد گرمي جو موسم هو،دريءَ تي هڪ ککر ويٺل ڏٺم،مون کان ننڍڙن ٻارڙن اچي رڙيون ڪيون،آئون به صفا ڪو عقل جو اڪابر ٿي بيهي رهيس،کين ماٺ ڪرائي اها ئي ڳاله دهرايم ته ککر جو ڏنگ گرمي ۾ ڇڻيو وڃي،خاموش رهو ته ککر کي پڪڙي ڏيکاريان.
آهستي آهستي ويجهوٿي ساڄي هٿ جي شاهد آڱري ۽ آڱونٺي سان جو ککر۾ هٿ وڌم،پوءِ بس صرف هڪڙي رڙ بلند ٿي! سا منهنجي هئي،اهڙو چڪ زندگي ڀرنه  ماکي يا ٻي ڪنهن جيت هنيو. ڀٽون جو چڪ ته شڪر آهي زندگي ڀر نه لڳو.
ککر جو به ڏوه ڪونه هو،مون ککرون ننڍي وهي ۾ ماريون به جام.ڇو جو وڏا سڀ ان ڳاله تي متفق هئا ته ککر مارڻ ڏوه ڪونهي.
ڪيڙي مارڻ کي ته اڃا به وڏي عمر وارا گناه ٻڌائيندا آهن،پر ڪيڙيون گهڻو تنگ ڪنديون آهن،ته پوءِ وهائي پاڻي،گھمائي ٻهارو ماري ڇڏيندا اٿن.
ککر ويچاري جو به ڪو ڏوه نه هو.يڪو خاندانن جو مون کان پلاند ورتائين.ڪاوڙ به ڪا ڏاڍي آيس،سوچيائين ته پهريائين رڳو ماريندو هو،هاڻي مورڳو جھلي ٿو اسين جهڙوڪر پالتو جانور هجون.
هاڻي ککرن سان دوستي ناهي ته دشمني به ناهي، گرمي ۾ جي گھر۾ پٺين اگھاڙو پيو ڦرندس ته ڪا ککر پيئي اڏامندي ته سوچيندس ته ڀڄي وڃي، ماري ڇا ڪريانس ڏنگ ڀلي هجيس پرڇتي ڪانهي ٿي جو هروڀرو چڪ هڻندي،پڪڙيانس آئون ڪونه ٿو.
باقي اهو تجربو آئون ڪري چڪو آهيان،مهرباني ڪري وري پڪ ڪرڻ لاءِ دهرائجوس نه.