سائيڪل کي پنهنجي رمز سان روڊ تي ڪاهي وڃي رهيوهوس،ته هڪ ڪرولا ڪار تيز هارن هڻندي،مٽي اڏائيندي مون کي اوورٽيڪ ڪندي هلي ويئي.
ڀوڳن ۾ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي سائيڪل کي چيم ته ”واه واه اها گاڏي به توکان اڳيان نڪري ويئي.مطلب ته هو توکان سٺي آهي.“ ڪاوڙ جي جواب ڏنائين ته ”اها ڪار سابه ڪرولا ان سان منهنجو ڪهڙو مقابلو. توهين انسان ته شين جي فرق کي به ڪونه ٿا سمجھو.لڳاءِ زور هڻ پيڊل ڪر مقابلو ته خبرپويئي،هڪڙو آئون هن کان ننڍڙي،ٻيو توجھڙي اڍائي مڻي کي ته کڻي کڻي هاڻي ٿڪجي پئي آهيان.“ مون کي ڏاڍي حيراني ٿي سائيڪل جي ڳالهائڻ تي ،ڪاوڙ به ڏاڍي لڳم جو وڃي وزن جو مهڻو ڏنائين جنهنجي باري ۾ هونئي پاڻ ڏاڍا حسا س آهيون.”زندگي ۾ ڪڏهن به منهنجو وزن 100 ڪلو ناهي ٿيو صرف ڪجھ ڏينهن لاءِ 91 ڪلو ٿيو،هاڻي 85 تي اچي بيٺو آهي.“ڪاوڙ ۾ جواب ڏنومانس.طنزڪندي چيائين ”مطلب ته ٻه مڻو ته آهين.“
هڪڙي ڪمند سان ڀريل ڍڳي گاڏي کي اوور ٽيڪ ڪندي چيومانس ته ”واه واه! تون به صفا راڪيٽ لڳي پئي آهين.“ وري تپي باه ٿي پئي چيائين ته ”ڍڳا ويچارا هيترو سارو وزن کنيو وڃن،سي به ويچارا ساه وارا تن کان اڳيان نڪري فخر ٿو ڪرين،ڦڪائي ڪونه ٿي ٿئي توکي.توهان انسانن جو به هڪ اهو وڏوالميو آهي،فرقن جي اهميت کي ڪونه ٿا سمجھي سگھو.منهنجو ڪار ۽ ڍڳي گاڏي سان بس هڪڙو فرق آهي.توهان انسان انهن فرقن جي ڪري هڪٻئي کي گھٽ يا وڌ سمجھڻ لڳو ٿا،ڪنهن وٽ پئسوگھٽ،ته ڪنهن وٽ وڌيڪ،ڪو وڌيڪ سهڻو ته ڪووري گھٽ سهڻو. اهي ته فرق آهن.توهان وري انهن جي ڪري احسا س ڪمتري يا برتري جو شڪار ٿيو وڃو.“
تو ته اڄ ڳالهائي ڪمال ڪري ڇڏيو.هاڻي جيڪڏهن مستقل ڳالهائين ته تنهنجو نالو بدلائي،پنهنجي سائنسي تخليق ڪري ڄاڻايان.ٻيو ته ان تحقيق تي وري ڪنهن مضمون ۾ پي ايڇ ڊي ڪري وٺان.مون کيس منٿ ڪئي.”تو ڄٽ کي ته اها به خبر ناهي ته پي ايڇ ڊي ڇا جو مخفف آهي.ڳول ڪا ٺڳن جي يونيورسٽي پي ايڇ ڊي هونئي ڪري ويندين،مون کان انهن ٺڳين ۾ تنهجي مدد ڪانه پهچندي.“هن جواب ڏنو
هڪڙي ڪرولا گاڏي اچي وري اوورٽيڪ ڪيو.سائيڪل رڙڪري چيو ته اها نه وڃي،پيڊل گھماءِ،ان کان اڳيان نڪر،نه ته ڪيرائينديسائين،جيئن توهان انسانن ۾ جن پوندو آهي،تيئن هاڻي مون ۾ ماڻهوءَ جو روح گھڙي ويو آهي.سائيڪل اچي جھٽڪا کائڻ شروع ڪيا،ڊپ ۾ سڄو پگھر جي ويس،زور زور سان پيڊل هلائڻ شروع ڪيم،هاڻي ڪٿي ٿو ڪار کي پهچي سگھان.اوچتو ڏٺم ته ڪار سلو ٿيڻ شروع ٿي آهي،ڪاروارو ڪنهن جهوپڙا هوٽل تي چانهن،سگريٽ،پان لاءِ بيهي رهيو.ان کان اڳيان نڪري ويس.
آهستي آهستي ڪري سائيڪل بيهاريم.روڊ جي هڪ پاسي سائيڪل بيهاري وٺي ڀڳس.سائيڪل رڙڪندي چيو ”هاڻي ڪيڏانهن ٿو ڀڄين.“ ”تو ۾ انساني روح گھڙي آيوآهي، منهنجو ذري گھٽ ساه ٿي ڪڍيئي.“
پوئتي منهن ڪري به نه ڏٺومانس سڄي عمر لاءِ سائيڪل تي چڙهڻ کان توبه ڪري موٽر سائيڪل ورتم.