Pages

Saturday, September 30, 2017

پرائيوسي يا پرائي وسي

انسانن کي به عجيب وغريب پريشانيون مٿي تي کڻڻ جوشوق هوندو آهي.جيئن انگريزي واري پِرائيويسي(privacy).انسان ويچارو ڄمي ڪهڙي پرائيوسي ۾ ٿوسا دائي ۽ هاڻي وري ڊاڪٽرياڻين کان ڳجھي ڪونهي.مري ٿو ته غسل ڏيڻ واري مولوي صاحب کان به ڳجھي ڪونهي.خير ان جو مقصد قطعي اهو نه آهي ته ڪپڙن جو خرچ گھٽائي ٻين جي اکين ۽ هانءُ کي خراب ڪجي.ان ڪري اهو سٺو آهي ته عيد تي ته مورڳو درزين کي اوجاڳا ڪرڻا پون ٿا،ڪپڙي کي انساني جسم ڍڪڻ لائق بڻائڻ لاءِ،جيڪو انسان کي خوبصورتي بخشي ٿو.تنهنڪري ان ۾ ڪوشڪ نه آهي ته پِرائيوسي سٺي آهي.
پر ان سان سان گڏ انسان کي ان ڳاله تي به غور ڪرڻو پوندو ته سندس پّرائي وسي ڪيتري آهي،بي وسي ڪيتري آهي.
ڪنهن به انسان جي هن فاني جهان مان گذري وڃڻ کانپوءِ سندس تعريف ڪرڻ هڪ سٺو رواج آهي.ڀلا جي ساڳئي انسان کي جيئري ئي عزت ڏجي،پيار ڏجي،گلا نه ڪجيس ته ان ۾ ڪهڙو نقصان آهي.
اڄوڪي مون واري لکڻي به لکي لکانو پڙهي الانو لڳي پئي آهي،پر اهڙي دليري سان پيو لکان،جھڙوڪر ڪو وڏو ليکڪ ۽ اديب هجان.پر منهنجو لکڻ جو شوق ان ٻار وانگر آهي،جيڪو الف بي لکڻ سکي سمجھندوآهي ته مون وڏي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.
الله سائين ڀلو ڪري هنن گوگل وارن جو جن هي بلاگن جي سهولت ميسر ڪئي آهي،جن جيڪي وڻيو سو لکو.جھڙو لکو پبلش ڪريو صرف هڪڙي ٽڪ سان.باقي هتي اخبارن ۽ رسالن وارا ته هڪ سٽ به مون جھڙي جي ڪونه ڇپيندا.
ٻيو مهرباني آهي سنڌ سلامت واري دوستن جي جن هي بلاگنگ سيکاري.
وري ملندا سون ڪنهن نئين پوسٽ ۾.

Sunday, September 3, 2017

خامين جي کاڻ جميل پاڻ

هر انسان پنهنجي زندگي جي مختلف دورن ۾ مختلف حالات مان گذري ٿو.هر انسان مختلف آهي،پرتنهن هوندي به جي گروه بندي ڪجي ته مختلف گروهن ۾ انسانن کي ورهائي سگھجي ٿو.هتي منهنجو موضوع ناهي سو ان گروه بندي تي نه تحقيق ڪئي اٿم نه وڌيڪ لکندس.
آئون جنهن گروه سان تعلق رکان ٿواهي مختلف ڪم ڪن ٿا،پر ڪنهن ۾ به مڪمل مڃتا حاصل ڪري ڪونه ٿا سگھن.
ان جا ڪجھ سبب بيروني به ٿين ٿا،جھڙوڪ حالتن سبب هو ڪنهن اهڙي پيشي سان وابسته ٿيو وڃن،جن ۾ سندن دلچسپي ناهي،بس روزگار جي ڪري اهو ڪندا رهن ٿا.يا ته اهڙي پيشي سان وابسته ٿيو وڃن جنهن جي معاشري ۾ ڪابه اوقات ئي نه آهي.تنهن  هوندي به محدود سطح تي ته هنن کي مڃتا ضرور ملي ٿي ،پرهنن جي صلاحيتن جي حيثيت جي مطابق ڪاميابي اها سطح حاصل نه ٿا ڪري سگھن.
ان جو مقصد صرف اهو نه آهي ته ان محدوديت جا صرف بيروني اسباب آهن،هنن جي اندر به ڪي خاميون ضرور هونديون آهن،جيڪي هنن کي محدود رکنديون آهن.
هينئر هڪ نئين ڪم سکڻ جي ڪوشش دوران پنهنجي ڪجه خامين کي محسوس ڪيم ،ان جي اسباب تي غور ڪيم.۽ انهن خامين جي پيدائش کان وٺي موجوده عمر تائين جي سطح به جا چيم.
ننڊ نه اچڻ جومسئلو هو ،سو هاڻي رب سائين جي مهرباني سان حل ٿي چڪو آهي.پر هڪڙي عادت پيدا ٿي ويئي اٿم،ننڊ ڦٽائڻ جي.ان ڪم جي ڪري ننڊ ڦٽائڻ لڳس.جنهن ڪري صحت متاثر ٿيڻ لڳي.وري غورڪيم ته اها غلطي باربارڇوٿوڪريان.ننڊ ڇو ٿو ڦٽايان،ڪنهن به ڪم ۾ ڪاميبابي لاءِ ننڊ سٺي اچڻ لازمي آهي.ڇاڪاڻ ته ان ڪم ۾ ڪاميابي سان گڏوگڏ صحت به متاثرنه ٿيندي.
هاڻي جڏهن پنهنجي ماضي تي نظر ٿو ڪريان ته ان جا ٻه سبب نظراچن ٿا.
هڪڙو ته ننڍي وهي ۾ غربت وارا حالات.صرف هڪ ڪچي ڪوٺي ۾ سمهندا هئاسين.پنهنجا ڀائر۽ ڀينرون اڪثر بيمار رهندا هئا،جنهنڪري مون کي ننڊ نه ايندي هئي.منهجي هڪ ڀاءُ کي ٽي بي جي ڪري سڄي رات ننڊ نه ايندي هئي،جنهنڪري مون کي ننڊ نه ايندي هئي.
ٻيو اهم سبب ان جو اهو آهي ته ان وقت اسڪولن ۾ مار ڏاڍي هوندي هئي.سلام آهي اسان جي استاد صاحب کي جيڪو اڪيلو ڇهين ۽ ستين ڪلاس جا سڀئي مضمون پڙهائيندوهو.پوءِ ڇا ڪري ڪتابن تان ٽڪ ڪري ڏيندو هو ته هي فيئر ڪاپي ٺاهي ڏيو.لکي لکي ٿڪجي پوندو هوس،رات جو دير تائين ننڊ ڦٽائي به لکڻو پوندو هو.تڏهن کان ڪم جي ڪري ننڊ ڦتآئڻ جي عادت به پختي ٿي ويئي اٿم.
هيڊ ٽيچر ٿيڻ کانپوءِ ڪلرڪ ۽ سپورٽنگ استاف جي نه هجڻ ڪري،ڪافي ڪم گھر اچي اوور ٽائم ڪرڻو پوندو هو ،ان لاءِ به ننڊ ڦٽائيندو رهيس.
مزي واري ڳاله ته هينئرهڪ نئون ڪاروبار سکڻ شروع ڪيو اٿم،ان ۾ به پنهنجي ان خامي کي دهرايم ۽ نقصان کاڌم.جنهن مان اهو سبق سکيو اٿم،ننڊ کي بهتر بڻائجي ۽ بنا ڪنهن سبب جي ته قطعي ننڊ نه ڦٽائجي.
ٻئي جيڪا پاڻ ۾ خامي ڏٺي اٿم،سا آهي هر ڪم کي شروع ڪري وڌيڪ سکڻ کان انڪارڪري ڇڏيندوآهيان،ضد ڪري پنهنجي من ماني ڪندو آهيان.لکڻ جوصرف شوق اٿم،باقي مطالعونه ڪندوآهيان،ٻوليون محدود سطح تي سکي ويهي رهيو آهيان انهن جي لفظن جو ذخيرو نه ٿو وڌايان جيڪو ضروري آهي لکڻ جي لاءِ.
شطرنج ننڍي وهي کان کيڏڻ سکيس،1989 ۾ انٽرنِيشنل طريقو راند کيڏڻ جو سکيس،پوءِ ڪافي سالن ڪن سببن جي ڪري 16 سالن تائين راند کيڏڻ ڇڏي ڏني هئم.پوءِ ڪجھ حالات اهڙا تبديل ٿيا ،۽ ڪمپيوٽر جودور به اچي ويو سو وري راند کيڏڻ شروع ڪيم.پر وري به پنهنجي من ماني.ان جون اوپننگس ياد ڪرڻ،ان جا بڪس پڙهڻ شروع نه ڪيم،اهو محسوس ڪندو آهيان ته پوءِ راند ۾ دلچسپي ختم ٿي ويندي آهي.پر هاڻي ان خامي کي ڪڍي ان کي باقائدي موجوده ڪتابي شڪل ۾ سکڻ جو رويو سکڻ جي ڪوشش جوارادو ڪيو اٿم.
ٽي هڪ خامي اٿم،ته ڪنهن ڪم جي پويان لڳندس يڪو پيو ڪندس،ڪري ڪري ٿڪي وري ان مان بور ٿي هٿ ڪڍي ويندو آهيان.هرشخص جواولاد هن لاءِ آئينو هوندا آهن،منهنجي پٽ هن عيد تي بندوقن جي شوق کي ڇڏي،لغڙ اڏائڻ جو شوق پورو ڪيو. سڀ لغڙ ڦاڙي، ٿڪي پر سڪون ٿي اچي ويٺو.خير ٻارن لاءِ ته خيرآهي ائين ڪندا رهندا آهن.پرمون ۾ اها خامي آهي.
چوٿين خامي اها ته تمام گھڻو جذباتي آهيان.جنهن ماحول ۾ اک کوليم.سو سچو جذباتي.سياستدانن جون تقريرون،مولوين جا خطاب،هندي فلمون،اردو،سنڏي ڊراما.
ٻيوته ٺهيو پرروزمره جي زندگي ۾ معمولي معملي ڪمن تا جذباتي.
پنجين خامي حاضر جوابي.ليکڪن،اديبن جو ته ڪم آهي ئي لفظن سان کيڏڻ.تن جا ڊراما،فلمون ڏسي ڏسي اها خامي به منهنجي اندر سمائجي ويئي.ان جو اهو نقصان آهي ته هر محفل ۾ غيرضروري طورتي غيرضروري ڳالهين تي فضول بحث اسان جي لاءِ وقت ۽ توجه جي زيان جو سبب بڻبا آهن.
پنجين خامي گھڻو ڳالهائڻ،زورسان ڳالهائڻ ،اها ڳاله ته وري پنهنجي معاشري ۾ عام به آهي.ساڳيون ساڳيون ڳالهيون دهرائڻ،پنهنجي روزمره جي زندگي جا واقعاباربار هر ڪنهن جي اڳيان بيان ڪرڻ.
ڇهين خامي مال سان محبت.ننڍڙي وهي غربت ۾ گذاريم.هاڻ مالي طور تي مسحڪم به آهيان.پر اڃان ڪو ڪاروبار ڪريان وڌيڪ ڪمايان،شايد مالدارن جي غرور جي ڪري،انهن جو اثر وٺي ان خامي کي پاڻ سان گڏ ڪاهيو هلان.
ستين خامي بي صبري،اجائي تڪڙ.ايتري قدر جو هڪڙي بلاگ جي هڪڙي پوسٽ هڪ هفتي تائين مڪمل نه ٿو لکي سگھان،بس هڪ نشت ۾ لکي اپلوڊ ڪريو ڇڏيان.
ائين ڪونهي ته رڳوخامين جي کاڻ آهيان،ڪجھ خوبيون به ته هر انسان وانگر ضرور اٿم.
کاڻ کٽڻ جي ڪانهي سو ايترو بيان ئي ڪافي آهي،بي صبري اچي ورايو آهي،هن پوسٽ لکي بيزار به ٿي پيو آهيان،تڪڙ به کنيو بيٺي اٿم.سو هاڻي خامين جو داستان اتي ختم ٿو ڪريان.

Wednesday, July 19, 2017

مٺڙي امڙ

اسان وٽ هڪ تصور آهي ته جيئن ته ماءُ پيءُ ننڍي وهي ۾ ٻار جي خدمت ڪئي،تنهنڪري پيري ۾ کيس وري  کي والدين جي خدمت ڪرڻ کپي.جيتوڻيڪ هو اهو حق ادا ڪري نه سگھندو،پوري دل سان هنن جي خدمت ڪري.
اها هڪ بنيادي ضروري تعليم اسان کي ڏنل آهي،ته جيئن ته ان تي عمل ڪري سگھجي،اڄڪله اڪثريت ماءُ جي انهن بنيادي حقوقن ادا ڪرڻ کان به ڪافي غافل آهي.ڪجه سيڪڙو اولاد اهي حقوق ضرور ادا ڪري ٿو.
پرحقيقت ۾ والدين جي خدمت ڪري حق ادا ڪرڻ واري تصور کان بلڪل الڳ به هڪ تصور آهي.جيئن ته منهنجي والد صاحب جو انتقال 1995 ۾ ٿي چڪو آهي ،پر رب سائين جي مهرباني سان منهنجي والده محترمه حيات آهي،تنهڪري هتي ان ڳاله کي واضح  ڪرڻ لاءِ صرف ماءُ جو لفظ استعمال ڪندس.ان سان سندس صحت جي باري ۾ هڪ اهم واقعو ٻڌائي ماءُ جي پوڙهپڻ نه،وڏي عمرنه،پر 70 سالن جي عمر۾ به اسان کي ائين ضرورت آهي،جيئن ٿڃ پيئن واري ٻار کي,جي تصور کي واصح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
منهجي ماءُ کي ڪافي عرصي کان دم جي تڪليف آهي.
ڪجه سالن تائين حيدرآباد واري چيسٽ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر راشد صاحب کان سندس علاج ڪرائيندو رهيس.پوءِ وري ڪراچي آغا خان مان مستقل علاج هلندو رهيو.هڪ دفعي تڪليف وڌي ويئي ايمرجنسي ۾ آغا خان اسپتال ۾ داخل ٿياسين.
اسان جو ڳوٺائي ۽ پيارو عزيز ڊاڪٽر تنويرنظاڻي صاحب ان وقت اتي ڪم ڪندو،هاڻي آسٽريليا ويل آهي،تنهن اسان جي ڏاڍي مدد ڪئي،ايمرجنسي ۾ امڙ کي آءِ سي يو ۾ داخل ڪيائون.
ٻئي ڏينهن چيائون ته دل جي تڪليف آهي،انجيو گرافي جي ٽيسٽ ڪري،  انجيو پلاسٽي ڪنداسين،جلدي ساڍي ٽي لک رپيا جمع ڪرايو.
سنڌ جو ڳوٺاڻو هجي،ننڍو زميندار هجي،استاد هجي ۽ سو وري مون جهڙو سادو ماڻهوءَ هجي.تنهن وٽ ايترا پئسا ڪٿي رکيل هوندا.
همت ڪري اسان جي هڪ پياري عزيز ڏي ويس،ان کي عرض ڪيم،هو تڪڙو حيدرآباد وڃي رهيو هو، گاڏي ۾ چڙهندي چار لک رپين جو چيڪ ڏنائين،سندس اهو احسان آئون سڄي عمرنه لاهي سگھندس.
ڳوٺ هوس گھر۾ مغرب نماز پڙهي مصلي تي ويٺو هوس،ته منهنجي پياري ڀيڻوئي غلام الله نظاماڻي فون ڪري ٻڌايو ته ٽيسٽ رپورٽ صحيح نڪتي تنهنڪري انجيو پلاسٽي جي ضرورت ئي نه پيئي،امان ٺيڪ آهي.سڀاڻي موڪل ڏيندا.
مون کي اعتبار ئي نه اچي،وري اتي موجود ڀاڻيجي سڪندر نظاماڻي کي فون ڪيم،تنهن به پڪ ڏني ته اها حقيقت آهي.
ٻئي ڏينهن موڪل ڏنائون،امان رات جو ٻارهين وڳي ڳوٺ پهتي،رمضان شريف جو پهريون روزو هو،سحري ڪري روزو رکيائين.
عزيزم غلام الله نظاماڻي منهنجي والدين جي سدائين تمام گھڻي خدمت ڪئي آهي.اسان جي خاندان جو ڪوبه فرد بيمار ٿيندو آهي ته هٿ جي خدمت لاءِ ڀاءُ غلام الله کي ضرور عرض ڪندو آهي.رشتي ۾ هو منهنجو پڦاٽ آهي.
انيڪ بيمارن جي هن خدمت ڪئي آهي،جن جا نالي هتي نه ٿو لکان.
اها صفت هن ۾ پنهنجي والد محترم حبيب الله نظاماڻي کان ورثي ۾ ملي آهي.
مريضن جي خدمت سان گڏ ادا غلام الله کي اهو به تجربو آهي،ته شهر ۾ پئسا ڪيئن سنڀالجن.
چار لک رپيا ٻچي جي مختلف حصن مان ڪڍيائين،آئون ته حيران هوس ته اهي ان ۾ وڌا ڪيئن هئائين.
مون کي ڊپ آهي ته هن معلومات پڙهڻ کانپوءِ ڦورو ماڻهن جو ٻچيون چيڪ ڪرڻ شروع نه ڪن،ته کين صلاح ڏيندس ته هو  هرڀرو ڪا اهڙي تڪليف نه ڪن،هر ڪنهن کي ٻچي ۾ پيسا رکڻ نه ايندا.
ٻئي ڏينهن ٻنپهرن جو ڌڻي کي امانت واپس ڪري آيس.
ٻه هزار يارهن ۾ امان تي وري دم جو زبردست حملو ٿيو،وڏي مشڪل سان ٽنڊو الهيار مان آڪسيجن چڙهائي،هلال احمر حيدرآباد ۾ وڃي ڦاٿاسين،اتائين هڪڙي ٻه ڏينهن ۾ جان آزاد ڪرائي،ڪراچي آغاخان هاسپيٽل ۾ پهتاسين.
4 ڏينهن آءِ سي يو ۾ داخل ڪري،صحتمند قرار ڏيئي موڪل ڏيئي ڇڏيائون،گھر پهچي امان مون کي ٻڌايو ته منهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي ۽ هاڻي وري آئون آغا خان هاسپيٽل نه ويندس.
هڪ هفتي کانپوءِ اپائنٽمنٽ واري تاريخ تي،منهنجي ڪمري داخل ٿيندي ڀاءُ غلام الله خوشي مان ٻڌايو ته امان اسپتال هلڻ لاءِ راضي ٿي ويئي آهي،آئون ڪمپيوٽر تان اٿي تڪڙو تڪڙو امان جي ڪمري ۾ داخل ٿيس.
امان سڌي طرح سان اسپتال هلڻ کان مڪمل جواب ڏيئي ڇڏيو.ڀاءُ کي دڙڪا ڏيئي ڪمري کان ٻاهر نڪري آيس.کيس ٻڌايم ته اهڙن حالتن ۾ ٻارن سان زبردستي ڪبي آهي بزرگن سان نه.
انٽرنيٽ کولي دوائون پڙهيم،سڀ دوائن جي باري ۾ سمجھي ويس،پر هڪ دوا سمجھ ۾ ئي نه اچي.وري امان کي درخواست ڪيم ته هڪ دوا جو مسئلوآهي،تنهڪري ڊاڪٽرن کي ڏيکارڻو پوندو.بهرحال امان دوا کائڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو،اها حالت ڏسي امان کي چيم خير آهي صحت ته الله سائين جي هٿ ۾ آهي ، ڊاڪٽرن جي هٿ ۾ ته نه آهي،خير آهي توهان ڀلي دوا به نه کايو.
ڪارٽيزون ۽ ٻين دوائن جي سائيڊ افيڪٽ جي ڪري امان کي وات ۾ سخت سورهو.ٽيسٽون وغيره چيڪ ڪري ڏٺم،سي ته سڀ صحيح هيون،سمجھي ويس ته کاڌي نه کائڻ جي ڪري امان جي طبيعت ڪمزور ٿي رهي آهي.
اسان ڏي هڪڙي عجيب روايت آهي،ته جي ڪو وڏي عمريعني 70 سال جو بزرگ بيمارٿيندو ته عيادت ڪرڻ وارا اچي عمر پڇڻ شروع ڪندا.مطلب ته اشارو ڏيئي ويندا ته هاڻي گھڻيئي ٿيو،هن دنيا ڇڏڻ جي تياري شروع ڪر.هڪ طرح سان اسان اوور ايج ڪامپليسڪس جو به شڪار آهيون.50 سالن کي به وڏي عمر سمجھون ٿا.
ان ڳاله کي مدنظر رکندي،جيڪو امان جي عمر پڇي،تنهن کي جواب ڏيان ته امان جي عمر ته ننڍي آهي صرف 75 سال .چيني،جپاني،وڃو 100 کي ڌڪ هڻن.
ڪنهن مائٽ مون کان امان جي عمر پڇي،جيئن ته امان سمجھي چڪي هئي ته اهو سوال مون کي نه ٿو وڻي،تنهنڪري مون کان پهريائين هن کي چيائين ته هي پاڻ ئي ننڍڙو آهي،هن کي ڪهڙي منهنجي عمرجي خبر.
ان دوران امان کي فشر جي تڪليف ٿي پيئي،جنهن ۾ سخت سور ٿيندوآهي.امان کي ٻڌايم ته هي هڪ تمام ننڍي بيماري آهي،صرف ايترو آهي جو هن ۾ سور تمام سخت پوندو اهي.سرجري ڪرائڻ سان هي تڪليف آرام سان ڇڏي ويندي آهي.نيٺ هڪ ڏينهن امان سور جي تڪليف برداشت نه ڪري سگھي ۽ سرجري لاءِ راضي ٿي ويئي.هڪ شرط رکيائين آپريشن حيدرآباد مان ڪرائيندس.
ڀاءُ سان گڏ امان کي حيدرآباد موڪليم،سرجري لاءِ.ٻئي ڏينهن آپريشن ٿيو،۽ ٽئي ڏينهن موڪل ملي ويئي.
جيئن ئي ڊسچارج رپورٽ پڙهيم ته پريشان ٿي ويس.سرجن پراڻي طريقي سان آپريشن ڪيو هو.
خير هڪ هفتي تائين انتظار ڪيم،امان کي سور وڌندو ويو،منهنجون وايون بتال ٿي ويون،برداشت ختم ٿي ويئي.امان کي سڄي صورتحال کان آگاه ڪيم.کيس ٻڌايم ته ڪراچي ۾ چيڪ اپ ڪرائي،توهان جي صحت بهتر ٿي.اتان هڪ ليٽروٺي،هن سرجن کان اچي،معافي نامولکرائي وٺندس.اهو به لکرائي وٺندوسانس ته ٻئي ڪنهن سان اهڙي ويڌن نه ڪندو.پر پهريائين سرجن سان ڳالهائي وٺان.ڇوجو هن جو ان طريقي اختيارڪرڻ جا ٻه ڪارڻ مون کي لڳا ٿي،مون هن جو موقوف به ٻڌڻ چاهيوٿي.
ڀاءُ کي چيم ته سرجن جو نمبرملايو،هن ويچاري نمبر ملائي ويهي ڊاڪٽر صاحب سان عاجزانه،خوشامدي طريقي سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
مون ڀاءُ کان فون وٺي ڊاڪٽرصاحب کان ڪاوڙ ۾ پڇيم ته پراڻي طريقي سان آپريشن ڇو ڪيو اٿو.پهريائين ٿورو منهن جي پڪائي ڪري چيائين ته پوءِ ڪيئن ڪريان ها.پروسيجرجونالو ٻڌايومانس ته صفا ڍرو ٿي ويو،۽ پوءِ سنجيدگي سان منهجي سوالن جا جواب ڏيڻ شروع ڪيائين.ٻه سبب جن جو مون کي اڳ ۾ ئي شڪ هو،۽ ٽيو هڪ سبب ٻڌايائين جنهنجي مون کي خبر نه هئي.بهرحال جڏهن آئون مطمئن ٿيس ته پوءِ فورن سوال ڪيائين ته ڊاڪٽر صاحب توهان ڪٿي ڪم ڪندا آهيو؟ هتي حيدرآباد ۾ يا ڪراچي ۾.کيس ٻڌايم ته مان ڊاڪٽرنه آهيان.
پوءِ مطمئن ٿي امڙ کي به مطمئن ڪيم.
پنهنجي ٻنهي گھروارين کي چيم ته ڪنهن به نموني سان امڙ کي کاڌوکارايو.جيڪي به گھرائڻو آهي،گھرائي وٺو،امان جي همت افزائي ڪريو ته هو ڪجھ کائي.جيڪڏهن سوء شين مان هڪڙو هڪڙو گره به هڻي ته به سٺو.بهرحال الله سائين ٻنهي کي خوش رکي،سٺي جاکوڙ ڪيائون،۽ ان ۾ ڪاميابي نصيبب ٿي. 
هڪ ڏينهن منهنجي هڪ ڀيڻ امڙکي ڀت جو هڪ گره وات ۾ ڏنو،سو کاڌائين،وڌيڪ کائڻ کان انڪارڪري ڇڏيائين.منهنجي هڪ زال ٻئي ڪمري مان  پڇيس ته امان ڪجھ کاڌوته منهنجي ڀيڻ فورن جواب ڏنس ته نه ڪجھ به نه کاڌو اٿس.مون هن جي ڳاله ڪٽيندي چيو ته نه امان ڪجھ کاڌو آهي.
ٻاهرنڪري ادي کي سمجھايم جي اهو تاثر ڏينداسون ته پوءِ امان ڪنهن به شيءِ جي گھرج جو اظهار آزادي سان نه ڪري سگھندي.مونجھاري جو شڪار ٿيندي ته شيءِ وڻي نه وڻي.هروڀرو هنن کي تڪليف ڇو ڏيان.
مطلب ته حقن جي ڀيٽ جي چڪر۾ پوڻ جي ضرورت ئي نه آهي.ڪو حساب ڪتاب ئي نه آهي.
هتي آئون هڪ اهم ڳاله بيان ڪرڻ چاهيون ٿا ته پوڙهي پٽ کي به مٺڙي امڙجي ائين ضرورت آهي جيئن ٿڃ پيئندڙ ٻار کي.هن جي وجود جي ڪري اسان تي رب سائين جي رحمت وسندي رهي ٿي.زندگي آسان لڳڻ لڳي ٿي.
آئون خوشنصيب آهيان اها رب جي طرفان رحمت جي ڇانو مون کي نصيب آهي.
تنهنڪري اميد ٿو ڪريان ته اسان جومعاشرو اجتماعي طور پنهنجي بزرگن کي اها اهميت ڏيندو،جنهن جا هو مستحق آهن.

Saturday, July 15, 2017

اعداد و شمار ۽ ڀيٽ

انسان جي روزمره جي زندگي ۾ اعداد و شمار ڳڻپ ۽ حساب ڪتاب جي تمام گھڻي اهميت آهي .جنهنجي ڪري انسان پنهنجو ڪاروبار۽ زندگي کي جاري و ساري رکي ٿو،ان سان گڏوگڏ انهن شين انسان جي ترقي ۾ به نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي.
ٻئي جيڪا اهم شيءِ جنهن انسان کي پنهنجي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي سا آهي،ڀيٽ ڪرڻ.شين ۾ فرق ڏسڻ پوءِ انهن کي بهتر کان بهتر بڻائڻ.
اهي ٻئي شيون آهن ته مثبت پرانهن جي هڪ حد آهي.انهن جو هڪڙو احاطو آهي.رانديون ته هلن ئي اعداد و شمار ۽ ڀيٽ تي.
پر اهي ٻه ئي شيون جيڪڏهن انسانن تي لاڳو ڪيون وڃن ٿيون ته پوءِ اهي معاشري لاءِ تمام خطرناڪ ثابت ٿين ٿيون.پيدائشي طور گفٽڊ ماڻهوءَ جڏهن ڪمزورماڻهن تي پنهنجو پاڻ کي برتر محسوس ڪرڻ شروع ڪن ٿا،جڏهن سيلف ميڊ جهڙا لفظ انسان جي روزمره جي زندگي جي حصو ٿي وڃن ٿا.جڏهن عزت پيسي جي ڳڻپ تي ملي،شين جي ڪثرت تي ملي،غربت،هيڻائي تي مهڻا ملن ته پوءِ اهڙي معاشري ۾ ڇڪتاڻ وڌيو وڃي.
خالق ڪائنات به چئي ٿو ته انسان کي  ڪثرت پسند آهي.نيٺ هن کي قبر ۾ داخل ٿيڻو آهي.پر هن جو ڌيان هن دنيا ۾ ظاهري مقابلي ۾ وڌيڪ آهي.
انسان جي ان هٿرادو فخري ڀيٽي معآشري تي شاه عبدالطيف ڀٽائي جو به هڪڙو بيت آهي.
مون تون آئون اسين چارئي چتان لاه،
ته سندي دوزخ باه تو اوڏيائي نه اچي.
سو انهن ٻن شين جي انساني زندگي تي پوندڙ منفي اثرات جي آگاهي ڏيڻ کانپوءِ آئون هڪ اهم نقطو پيش ڪرڻ گھران ٿو.
اسان مان هرهڪ انسان آزاد آهي،ضروري نه آهي ته هو ويهي ان تبديلي جو انتظار ڪري ته معاشري جا معيار تبديل ٿين ته پوءِ پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪريان.
جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي زندگي ۾ مثبت تبديلي آڻڻ چاهي ٿو ته کيس ان شمارياتي ۽ ڀيٽي معاشري جي محدوديت ۽ ترجيحات مان نڪري پنهنجي زندگي جا فيصلا پاڻ پنهنجي ترجيحات ۽ رجحان مطابق ڪرڻا پوندا.
اسان کي پنهنجي وجود جي اندر داخل ٿي پنهنجو پاڻ کي ڳولڻو پوندو.پنهنجي صلاحيتن جو اندازو لڳائي انهن کي اهميت ڏيڻي پوندي.ان ئي رخ ۾ بنا ڪنهن حجاب،ججھڪ جي محنت ڪرڻي پوندي.
ان لاءِ ترقي چاهيندڙ،پنهنجي زندگي ۾ مثبت تبديلي چاهيندڙ لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي وجود کي معآشري جي منفي ،ڀيٽي وجود مان ڪڍي،پنهنجو پاڻ ۾ داخل ٿي وڃي.جڏهن هو اهوڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو تڏهن هن لاءِ ميار ۽ شابس جي اهميت هڪ جيتري ٿي ويندي.هن لاءِ مثبت تبديلي جي ڪوشش ۾ ايندڙ رڪاوٽون ۽ عارضي ناڪاميون هن جي دل کي نه ٽوڙينديون،پرهو پنهنجي جدوجهد ۾ اڻورچ ٿي لڳو رهندو ته نيٺ ڪاميابيون هن جا قدم چمدنديون.

Sunday, May 28, 2017

مرچن مان مٺائي

منهنجي ستن سالن جي پٽ،۽ 9 سالن جي نياڻيءَ کي هن سال گرمين شروع ٿيڻ سان اچي،پاڻي سان ڀري وهنجڻ واري ٽب خريد ڪرڻ جو شوق جاڳيو،جيئن ٻارن کي گرمين ۾ ٿيندو آهي.گذريل سال جي ٽب کي جلدي خراب ڪرڻ،سڄي پاڙي جي ٻارن کي ان ۾ وهنجارڻ ۽ گھر ۾ گوڙ ۽ شور جي گذريل سال جي تجربي کي سامهون رکندي سندن ماءُ ٽب جي خريداري تي پابندي هڻي ڇڏي.
معاملو ڪافي سنجيده شڪل اختيارڪري ويو.ٻارن اهو معاملومون وٽ پيش ڪيو.مون ثالثي وارو ڪردار ادا ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو.نيٺ معاهدو ٿي ويو.ٻارن اها ڳاله قبول ڪئي صرف اهي ئي ٽب استعمال ڪندا.اجائي گوڙ ۽ شور کان پرهيز ڪندا ۽ پنهنجي والده جي مرضي مطابق استعمال ڪندا.
سج لهڻ وارو هو،ٽب ته ڳوٺ مان ملي ويندو آهي،پران کي ڀرڻ لاءِ نڙو ته ٽنڊوالهيار شهر مان ملندوآهي.پوءِ خبر پيئي ته ڪو اسان جو مائٽ ٽنڊو الهيار ويل آهي.ان کي نڙو آڻڻ لاءِ چيوسين.منهنجي پٽ منهنجو ٻٽون چيڪ ڪري ڏٺو ته ان ۾ صرف هڪ هزار رپيو پيل هو،چيائين ته هن مان ته ٽب نه ملندو.کيس ٻڌايومانس ته اڄ پنهنجون مرچون وڪامڻ ويون آهن،منهنجي ڀاڻيجي کي موڪليان ٿو،پيسا هارين کان کڻي ايندو ته ٽب خريد ڪنداسين.کيس ٻڌايم ته ڪڏهن دلال ساڳئي ڏينهن تي پيسا ڪونه به ڏيندا آهن.ٻئي هٿ مٿي ڪري الله سائين کان دعا ڪرڻ لڳو ته پيسا ملي ويا هجن.ڪجھ ئي وقت ۾ جيئن ئي منهنجي ڀاڻيجي پيسا آندا،ته بازارمان ٽب آڻڻ لاءِ کيس موڪليم.
ٿوري ئي وقت ۾ ٻيئي ٻارٽب سميت منهنجي اڳيان بيٺا هئا،چيائون ته پهرين توهان ڏسو ته پوءِ کوليونس.
ننڍڙو چوي ته ٽب کي پاڻ سان گڏ کٽ تي رکي پوءِ سمهان.سمجھائڻ تي صبح ٿيڻ جي انتظار ۾ سمهي رهيو.
اڄ صبح جو بجلي اچي ئي نه ته روٽر هلائي ٽب ڀريون.پوءِ کين ٽانڪي مان ئي ٽب ڀري ڏنوسين.پوءِ ان ۾ تڙڳڻ لڳا ۽ مزو وٺڻ لڳا.
سندن ماءُ کان جڏهن ٻارن جي ناشتي جو پڇيم ته جواب مليو ته کائين ئي نه ٿا.پوءِ ناشتو ٺهرائي،ٽب جي اندر ويهي ٻارن کي پنهنجي هٿ سان ناشتو کارايم.
گرمين جي موڪلن جو پهريون ڏينهن هو ۽ اها منهنجي وڏي ۾ وڏي عياشي هئي.
ڊيوٽيءَ ۾ ته پوءِ ٻارن کي ايترو وقت نه ڏيئي سگھندو آهيان.








Wednesday, March 15, 2017

وتايي فقير جو ڀٽڪندڙ روح

جيئن ئي مين گيٽ کي ٽپي،لائبريري جي بلڊنگ اندر داخل ٿيس،ته ڪنن تي هڪ رعبدار آواز پيم،“هتي ڇو آيو آهين؟ نظر ڪير نه آيم.جواب ڏنم ته ظاهر آهي،لائبرري آهي،ڪتاب پڙهڻ ۽ ڏسڻ آيو آهيان،ٽنڊو الهيار جي ڀر ۾ هڪ ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهيان،اڪثر هتي ڪم سانگي ايندو رهندو آهيان.اڄ هڪ آفيس ۾ ڪم هئم،آفيسر صاحب جيسين اچي،تيستائين مون سوچيو ته وقت کي ڪيئن فائدمند بڻايان،تنهنڪري سوچيم ته ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر آهي،هتي ڪا وڏي سٺي لائبري ته ضرور هوندي صرف هڪڙي لائبرري وتايو فقير جو نالو ٻڌو هئم،سو هتي آيو آهيان.تنهنڪري هتي آيو آهيان پر تون ڪير آهين ۽ ايڏو ڪاوڙيو ڇو ويٺو آهين؟ ” آئون وتايو فقير جو روح آهيان،توهان مون کي هتي قيد ڪري ڇڏيو آهي.هلي هلي منهنجهو نالو هڪ اهڙي جڳه تي رکيو اٿو،جتي اچي ڪير ڪونه .ڪي ٿورا ماڻهوءَ اخبار پڙهڻ لاءِ برابر هتي ايندا آهن،پنج اخبارون هتي اينديون آهن،ٻيو هتي مڙيئي خير اٿئي،چار هڪڙيون ننڍڙيون الماريون آهن،جن ۾ ايترا به ڪتاب ناهن جيترا تنهنجي لائبريري ۾ آهن.تنهنڪري مهرباني ڪري هن جو نالو اخباري لائبريري رکو،منهنجو نالو هن لائبريري تان لاهي منهنجي روح کي آزادي ڏيو.” “منهنجي ته ڪا به حيثيت نه آهي،اسان جي پنهجي ڳوٺ ۾ لائبريري نه ٿي هلي،فنڊ به جام آهن،پر رضاڪارانه طور ڪم وارا ماڻهوءَ ئي نه ٿا ملن،جو لائبريري کي هلائي سگھجي.هونئن به اڄ ڪله ايتريون ته نيون نيون شيون اچي ويون آهن،ڪمپيوٽر،فلمون،موبائلون سڀڪو انهن شين ۾ لڳو پيو آهي.ڪتاب پڙهڻ وارا ماڻهوءَ ئي گھٽجي ويا آهن.” جواب ڏنومانس.”ائين ڪونهي چريو کريو آهيان،پر سمجھان سڀ ڪجھ ٿو،سڄي دنيا ۾ لائبريريون آهن،ماڻهوءَ ڪتاب پڙهڻ ۾ لڳا پيا آهن.اها به خبر اٿم توهان وٽ پبلشرن جو سڄو زور صرف حل ٿيل پيپرن ۽ اخبارن ڇپڻ تي آهي، ٻيو مڙيئي خير آهي.تنهنجي حال جي به خبر اٿم،هڪڙو ڪتاب لکيئي،پبلشر ڊوڙائي ڊوڙائي صرف آسرا ڏيندو رهيو،پوءِ تو کي به چيائين ته پيپر حل ڪري ڏي ته هڪ تنهنجي نالي وارا حل ٿيل پيپر مارڪيٽ ۾ آڻيان.تو اجورو جو پڇيو ته توکي چيائين ته مڙيئي چانه پيئڻ جيترا پيسا ڏيندوسانءِ.“ائين چئي وتايو فقير وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي چوڻ لڳو”سڌرو نه سڌرو پر منهجي رڳو هتان جان ڇڏايوآزادي مليم، ته وڃي آرام سان قبر ۾ سمهان،مون فقير وانگر هن دروديوار کي لائبريري ڪوٺي،منهنجي روح کي هتي قيد ڪريو ويٺا آهيو.ڇڏيو ته وڃي آرام سان قبر ۾ سمهان.“
“ٻڌو اٿم ته ويه لک  هن لائبريري  لاءِ مليا  آهن.”  کيس ٻڌايم .“.توهين پئسا ماني جي بدران کايو وڃو،اهي ويه لک رپيا خدا ڪري ڪو هتي خرچ ٿين.پر اهي به صفا ٿورا آهن،بلڊنگ صفا سوڙهي لڳي پئي آهي،هڪڙي وڏي زبردست بلڊنگ ٺهرايو،جنهن تي گھٽ ۾ گھٽ ۾ ويه ڪروڙ رپيا خرچ ڪريو.ياد ڪر هڪ هفتو پهرين ويهين صدي جي ٻاويهن نمبر وڏي نفسياتي ماهر  Jerome Kagan جو هڪ ڪتاب اسلام آباد جي سعيد بڪ اسٽور تان گھرايئي ٿي.قيمت ٻڌي ٺري پئين،هڪ ڪتاب 27000 رپيا.پوءِ وري نيٺ هڪ ويبسائيٽ سستي ڳولي ٻن ڪتابن جو آرڊر بڪ ڪرايئي سي به ساڍا يارهن هزار جا .سو ماٺڙي ڪري ٽنڊو الهيار ۾ هڪ سٺي لائبريري ٺاهيو،ڪروڙين رپيا خرچ ڪريو.جتي گل هوندا ته ماکي جون مکيون پاڻهي اچي اتي لهنديون.پوءِ  ڀلا ان لائبريري تي ”وتايو فقير” نه ته “کٽايو فقير” ئي نالو رکجو.ڇو جو علم جي روشنيءَ سان فقيري مان ته جان ڇڏايو.هڪ عام غريب ماڻهوءَ کان وٺي حاڪمن تائين سڀ جا سڀ فقير(پينو) ته آهيو.جيڪي اميريون آهن سي به اڪثر ڪري رڳو پرايا حق کايو يا ٻيون حرام جون ڪمايون اٿو.يا ته اهڙي ڀلي لائبريري ڪري پوءِ نالو رکوس،ڀڄايو فقير.مطلب ته لائبريري هاڻ اهڙي آباد ڪري ڇڏي اٿئون،جو هاڻي وتايي کي هتان ڀڄائي ڪڍيو اٿئون.” هن پنهنجي مخصوص انداز ۾ نصيحت ڪئي.






Thursday, March 2, 2017

سرپرائز سالگره

ٻارڊوڙندا منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيا.سندن چهرن تي مرڪ،زبانن تي هيپي برٿ ڊي ٽو يو جو آواز.
منهنجي عمر 46 سال ٿي چڪي آهي،زندگي ۾ مون ڪڏهن به سالگره نه ملهائي آهي،نه ڪڏهن سوچيو آهي.
زندگي جي پهرين ساله گره منهنجي ٻارن مون کي سرپرائز ڏيندي ملهائي.
منهنجي پٽ انيق احمد کي سڄي ڏينهن جي تياري دوران مٿي ۾ سور پئجي چڪوهو.سو ته ٻئي ڪمري ۾ آرام ڪري رهيوهو.
سندن ڪمري کي هنن مون لاءِ سجائي رکيوهو.سالگره جو ڪيڪ اسپيشلي پنهنجي ننڍي ماءُ کان تيار ڪرايائون.باقي تياري ۾ سندن وڏي ماءُ مدد ڪئي.
ٻارن جي ڏاڏي ۽ ناني به ڏاڍيون خوش هيون.
ٻارن جيتوڻيڪ ان پروگرام کي مون کان بلڪل ڳجھو رکي، مون کي سرپرائز ڏيڻ ٿي چاهيو.پرمنهنجي زالن جي ذريعي اها ڳجھي رپورٽ مون تائين پهچندي رهي،ان ڪري جوان موقعي تي گھٽ ۾ گھٽ ۾ تصوير ڪڍائڻ جھڙو مهانڊو ته ٺاهي رکان.
ٻار به اها ڳاله ته سمجھي چڪا هئا،پرراز کي راز سمجھڻ جي اداڪاري بلڪل ائين ڪندا رهيا،جيئن مون اهو محسوس ڪرڻ نه ڏنو ته مون کي به ڪا اهڙي خبر آهي.
پهرين مارچ جو انتظارڪرڻ هنن لاءِ مشڪل هو،جڏهن کان هنن اها رٿ رٿي هئي،ان کي وقت کان اڳ سرانجام ڏيڻ لاءِ مائرن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون،پر سندن اهو مطالبو نه مڃيو ويو ۽ کين پهرين مارچ جو انتظار ڪرڻو پيو.
مون وڃي ڪيڪ ڪٽيو.منهنجي ننڍڙي عفت ان ۾ منهنجي مدد ڪئي،۽ اسان هڪٻئي جي وات ۾ ان محبت ڀري ڪيڪ جا گره ڏنا.
اتي موجود خاندان جي ٻارن ۽ وڏن تصويرون به ڪڍيون.
ڪو واقعو جڏهن پيش ايندو آهي،ته ان جو مشاهدو پاڻ ڪري نه سگھبو آهي.
تصويرن کي ڏسڻ کانپوءِ منهجا تاثرات ڏاڍا خوشي وارا ٿي ويا.
مون کي هن دنيا ۾ الله پاڪ طرفان عطا ڪيل نعمتون وڌيڪ عيان ٿي ويون.
تصويرون ڳالهائين ٿيون،منهنجي عفت جا مون لاءِ محبت ڀريا تاثرات ڏسي،مون کي لڳو ته دنيا جي خوش ترين انسانن مان آهيان.
ان محبت کي هيٺ شيئر ڪيل تصويرن ۾ ڏسي ۽ محسوس ڪري سگھجي ٿو.
هر انعام ٽرافين،سرٽيفڪيٽن،عهدن،وظيفن،ڊگرين جي شڪل ۾ ته نه ملندو آهي.
اڪثرانعام ته صرف دلين کان دلين تائين ئي پهچندا آهن.
مون هن سال نئون جنم ورتوآهي،نوبل پرائزيا ٻيو ڪو ريڪارڊ زندگي ۾ حاصل برابرنه ڪيو اٿم،پراهي انعام ته سڀ ڪجھ نه آهن.
مون ۾ زندگي ۾ ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ جي،وڏي نالي ڪمائڻ جي خواهش سدائين رهي آهي.
پهرين دفعي زندگي ۾ لڳي پيو ته شايد زندگي ۾ مون ڪافي ڪجھ حاصل ڪيو آهي.
















Sunday, February 26, 2017

مڇرانساني گھرن جا بادشاه

هڪڙي ڳاله ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته مڇر به دليرمخلوق آهن.شينهن ڀلي جهنگ جو بادشاه هجي،پر هي ته انسان جي گھرن جا بادشاه لڳا پيا آهن.نه ڪوڊپ،نه ڪو خوف.هر وقت انسان جي پويان لڳل کيسن کي ته هٿ به نه لائينس.هڪ رت چوسينس،ٻيون ڪنن ۾ ڀون ڀون ڪنس.
گھڻيئي دوايون،اسپري لڳين ٿا،پر انسانن جي ته جندئي نه ٿا ڇڏين.هڪڙو مشهور فلمي ڊائلاگ آهي ته ”گھر ۾ گھس ڪي مارون گا“ تي جا پورا پورا عامل آهن.مرڻ کان ته ڊڄن ئي نه ٿا.شاه عبدالطيف ڀٽائي صاحب پتنگن تي ته شعر لکيا باقي مڇرن تي نه.
پتنگن په ڪيو مڙيا مٿي مچ،مڇرن په ڪيومڙيا مٿي ماڻهوءَ.
مڇرنمرود جي ڪن ۾ گھڙي،ان کي پادرن هٿان مارائي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري چڪو آهي.
مون کي ٿي مڇر جي ڳاله ڪرڻي،باقي انگ اکر ڳولي ڏسجو ته ڪيترين زندگين جا ڏيئا هرسال اجھائي ٿو.
هينئر ڦريو بيٺا هئا،جان ئي نه ڇڏين،نيٺ چار ماريم،هاڻي ويجھوئي ڪونه ٿا اچن،خبر ناهي لڪي لڪي ڪٿي هي مضمون ته نه پيا پڙهن.اعتبار هنن ته ڪوبه  ناهي ته رات جو سڀ ڪسرون ڪڍن.

Saturday, February 25, 2017

کڏين ۾ قيد انسان

انسان به صفا ڪو دنگ ڪري ڇڏيو آهي.سمنڊ،خلا،ڪهڪشائن جي باري ۾ علم ۾ ڏاڍي ترقي ڪئي اٿس.سائنس،ٽيڪنالاجي ۾ وڏي ترقي ڪئي اٿس.تيز سوارين فاصلا گھٽائي ڇڏيا آهن.مواصلاتي ذريعن جي ترقي ته دنيا کي هڪ گلوبل ڳوٺ بڻائي ڇڏيو آهي.مريخ تي وڃڻ جي تيارين ۾ لڳل،ڪهڪشائن ۾ زندگي جو متلاشي هي انسان عاجز آهي ته هڪ ٻئي جي پريشانين ۽ دردن کي سمجھڻ کان.
وڌ ۾ وڌ بجيٽ بارود تي پئي کپي.جيڪو انسان سئي جي ٽنبجڻ جي سورجي  سهپ نه ٿو رکي، سوپاڻ جهڙن کي مارڻ لاءِ ائٽم بمن جا انبار لڳائڻ ۾ لڳو پيو آهي.
وڏو الميو انسان جو اهو آهي جو سور،تڪليف،پيڙا،درد،ڏک جيڪي کيس ڏکيا ٿا لڳن.تن کان بچڻ لاءِ ٻين لاءِ وري تيار ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي.
ننڍڙين ننڍڙين کڏڙين ۾ هن ننڍڙي دنيا کي ورهائي،ٻين جون کڏڙيون ڊاهڻ ۾ لڳو پيو آهي.
انسانيت! انسانيت! انسانيت! انسانيت! جو نعرو برابر زورن تي آهي.پرنفسي! نفسي ! جي لاءِ عمل عروج تي آهن.
طبقاتي ورهاست جون نظرنه ايندڙ ڀتيون ايتريون ته ٿلهيون آهن.جو هڪ طبقو ٻئي طبقي کي روبٽڪ يا خلائي مخلوق سمجھڻ لڳو آهي.
انسان وڌ ۾ وڌ جيڪا ڳاله سندس باري ۾ سکي سکيو آهي سا آهي ورهاست،ونڊ ورڇ،ويڇا،فرق،نفرتون.
ترقي ته ڏاڍي ڪئي اٿس،پنهنجي لاءِ سهولتن جا انبار لڳائي ڇڏيا اٿس،جيڪي ڪنهن وقت ۾ بادشاهن کي به ميسر نه هئا.
سڀ ڪجھ جي باوجود انسان پنهنجي ڪمزورين جي ڪامپليڪس مان نڪري نه سگھيو آهي.پنهنجو پاڻ کان سندس خوف به عروج تي آهيس،جيڪو غالب اٿس،ان جي غلبي جي ڪري هڪٻئي تي هٿيار تاڻيو هلي.
انسان پنهنجي لاءِ امن جو ميڪنيزم ڪيڏو نه عجيب تيار ڪيو آهي.جڏهن سڀ ڌريون جنگ لاءِ هڪجيتريون تيارهونديون ته امن رهندو،نه ته جنگيون يقيني آهن.
واه!ڙي پياري مخلوق انسان تنهنجا پنهنجو پاڻ کان ايترا مفاصلا جيڪي ڌرتي کان هزارين نوري سالن تي موجود ڪهڪشائن ۾ موجود گرهن کان به وڌيڪ آهن. 

Thursday, February 23, 2017

ڦُرجن بيشمار

اڄ توهان کي پراڻي دور جي هڪ تمام دلچسپ ڪهاڻي ٿو ٻڌايان.ان ۾ ٺڳن جو ڪو وڏو ڪمال بيان ڪيل آهي يا ٺڳجڻ وارن جي مورکائي فيصلو توهان پاڻ ڪندا.باقي هي ڪهاڻي آهي،جيئن ته ٺڳن جا انيڪ قسم نڪري پيا آهن،تنهنڪري هن ڪهاڻي جو ڪنهن واقعي سان تعلق هڪ اتفاق هوندو.
ڪنهن زماني ۾ هڪ علائقو،جيڪو اٽڪل پنهنجي ضلعي ٽنڊي الهيار جي برابر ٿيندو،منڊو يار جي نالي سان مشهور ٿي ويو.پهرين ته خبر نه آهي،ان جو ڪهڙو نالو هو،پرهن نالي جي ڇاپ اهو سڀني کي وسارائي ڇڏيو.ان علائقي جو اهو نالو پاڙي جي علائقي وارن گڏجي رکيو۽ پوءِ اهو منڊو يار جي نالي سان مشهور ٿي ويو.
هڪڙو گڏهرپنهنجي روز جي مزوري مان ٿڪجي پيو،تنهنڪري هڪ ڏينهن جڏهن هن وٽ هڪ گڏه جي هڪ نئين ٻچي جنم ورتو ته هن کي پيسن ڪمائڻ جو هڪ انوکو خيال ذهن ۾ آيو.هن اها ڳاله مشهور ڪئي ته هن ٻچي ۾ اهو ڪمال آهي جيڪو به هن کي پنهنجي پٺن تي سوارڪري شهرجي وچان ٺونٺن ۽ گوڏن تي گذرندو، تنهن جي قسمت کلي پوندي،ان لاءِ ڪجھ پيسا ضرور ڏيڻا پوندا. ان کانسواءِ ڪو به فائدو نه ٿيندو.ان شهر جا ماڻهوءَ به ڪي صفا سست قسمت آزمائڻ ۾ لڳي ويا.گڏهر ڪجھ ڏينهن ۾ امير ٿي ويو.خوشيءَ ۾ گڏه جي ٻچي جو نالو رکيائين ”ڦُرجن بيشمار“.
اهڙي طرح آهستي آهستي ان شهر جي ماڻهن ۾ اهو احساس پيدا ٿيڻ لڳو ته سڀ بي عزتي به ڪرائي ويٺاسون، فائدو به ڪونه ٿيو.ڪاوڙ ۾ اچي هڪ ڏينهن گڏهر کي اچي ڦيه ڪڍيائون.هن منٿون ميڙون ڪري جان بچائي.کين عرض ڪيائين ته بابا زورزبردستي مون ڪنهن سان ناهي ڪئي،توهان پاڻ خوش هئا.
بهرحال هنن شهرنيڪالي ڏنس.هن ۾ به وري اميد اچي جاڳي ته مورکن جي ته کوٽ ڪٿي به ناهي وري ٿا قسمت آزمائي ڪيون.
ٻئي شهر ۾ به ساڳيون ڌنڌو،ساڳيون نتيجو.پر همراه همت نه هاري هوبه ڪو پنهجي قوم جي سمجھ کان واقف هو.
بهرحال نيٺ هڪ اهڙي شهر اچي پهتو، جن کي اها ڳاله جڏهن سمجھ ۾ به آئي،پر تڏهن به ڪو به ان تي قدم نه کنيائون.پاڙي واري شهر وارن کي هنن جي ان فيصلي تي ڏاڍي حيرت ٿي،حقيقت حال لهڻ لاءِ هڪ وفد وٺي ان ڳوٺ وارن کي سمجھائڻ آيا،ڳوٺ وارن کين سمجھايو ته اسان به ڏاڍو سوچي سمجھي اهو فيصلو ڪيو آهي،اصل ۾ اسين ڏاڍا سست آهيون،پنهنجي قسمت آزمائڻ جي عادت ته قطعي نه ڇڏينداسين. شڪر هي همراه گڏه جو ٻچوٿو آزمائي ،پر جي ڪو ٺڳ هاٿي جو ٻچو کڻي اچي لٿو ته اسان جو ڇا ٿيندو؟ اها ڳاله ٻڌي سڀني آيل ڏاهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون،تڏهن کان وٺي ان علائقي کي منڊو يار جي نالي سان سڏڻ شروع ڪيائون،پوءِ مستقل ان جو اهو نالو پئجي ويو.
بهرحال اهو گڏهران شهر ۾ اميري جي زندگي گذارڻ لڳو.هن جي گڏه جيڪو به نئون ٻچوڄڻيندي هئي، تنهن کي ان لاءِ استعمال ڪندو هو.هر ان ٻچي تي نالو رکندوهو ڦٌرجن بيشمار.پر هو وڏو استاد ڪڏهن ڪڏهن خوشيءَ ۾ ٻچي کي سواريءَ تان لاهڻ وقت رڙ ڪري چوندو هوڦَرجن بيشمار.

Sunday, January 29, 2017

يونيورسٽي مان پرائمري ۾ ڦهڪو

اسڪول سان منهنجو تعلق تمام پراڻو آهي،ذري گھٽ منهنجي عمر جي برابر.ڄمڻ جي صرف پنجين سال ته اسڪول ڇڏيو ويس.پهريان پنج سال پرائمري وارا ان آسري تي گذارياسين ته نيٺ هاءِ اسڪول ويندس.ننڍي وهي ۾ وقت گذرڻ جي اسپيڊ تمام گھٽ لڳندي آهي.سو اهي پنج سال ڏاڍا آهستي گذريا.
هاءِ اسڪول جي باري ۾ ڪجھ سٺو تاثر ٻڌوسين ته اتي مسلسل هڪ استاد سڄو ڏينهن نه پڙهائيندو،پر پيريڊ سسٽم هوندو،پر اسڪول وري به اسڪول.وري به اها اميد ته ڪاليج ۾ وينداسون ته اسڪول مان جان ڇٽندي.ٻه مهينا وچ ۾ موڪل ملندي.تڏهن موڪل جو تصور وڏي عياشي هوندي هئي،ڇوجو روز اسڪول وڃڻو پوندو هو.مون کي استادن جي سدائين شفقت حاصل رهي،جوڪلاس جي ٽاپ ٿري سٺن شاگردن ۾ منهنجو نالو هوندوهو.پرحقيقت اها آهي ته اسڪول ۽ ڪاليج کي بارمحسوس ڪيم.هاڻي ته حالت اها آهي ٻه اڍائي سالن جي ٻارن کي به اسڪول جو گس ڏيکاريو پيو وڃي.ان لحاظ کان ٻارن لاءِ بهترين ملڪ صرف فنلينڊ آهي،جتي پهرين ڪلاس ۾ داخلا جي عمر 7 سال آهي.دنيا جي بهترين تعليمي نظامن مان هڪ آهي.دنيا جي هرٽئين سال ٿيندڙامتحاني مقابلي ۾ مسلسل چار دفعا، 2000،2003،2006،2009، عيسوي ۾ پهريون نمبر آيو.جڏهن ته 2012ع ۽ 2015 ع ۾ ٻيو ۽ ڇهون نمبر آيو،انهن سالن ۾ جپان ۽ سنگاپورپهرين نمبر تي آيا.
بهرحال جيئن تيئن ڪري يونيورسٽي تائين پهچي ويس.زرعي يونيورسٽي ۾ فيڪلٽي آف ڪراپ پروٽيڪشن ۾ پهريون ٽرم پاس مس ڪيم ته وري اچي پرائمري اسڪول ۾ ڦهڪو ڪيم،هڪ استاد جي حيثيت سان.هڪڙو انٽرويو ڏيئي آيوهوس،پرائمري اسڪول ٽيچر لاءِ،ڀوڳن ڀوڳن ۾،نوڪري جو ڪوبه ارادو نه هو،تعليم مڪمل ڪرڻي هئي.انٽرويو ته سٺو ٿي ويو،سفارش نوڪري لاءِ نه ڪرائي هئم، سو نوڪري جو آسرو به نه هو،ها باقي انٽرويو وٺڻ واري محترم سائين قاضي محمد خان صاحب کان پڇيوهئم ته ڇا مون کي نوڪري ملندي،ته سائين جن جواب ڏنو هو ته رک الله تي.
پرائمري اسڪول ٽيچر جو آرڊر ٽپال ذريعي مليو.مالي حالت جي ڪري نوڪري جوائن ڪيم.انٽرميڊيٽ کانپوءِ باقي تعليم پرائيويٽ حاصل ڪرڻ شروع ڪيم.
هڪڙي ڪمري ۾  پنج ڪلاس 50،60 ٻار.گوڙ شور مطلب ته وري پرائمري مان نڪرڻ لاءِ  هٿورڙا هڻڻ شروع ڪيم.11 سال وري پرائمري اسڪول مان نه نڪري سگھيس،پوءِ نيٺ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي جونيئر اسڪول ٽيچر ٿيس،هڪ ايليمينٽري اسڪول ۾ پهتس.ساڳئي سال سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي هائرسيڪنڊري اسڪول ۾ سبجيڪٽ سپيشلسٽ جي پوسٽ تي پهتس.مطلب ته آئون ۽ اسڪول گڏوگڏ.پهرين پوسٽنگ پري حيدرآباد ٿي،جيڪو منهنجي ڳوٺ ٽنڊوسومرو کان ڪافي پري آهي،هڪطرفو پنج سواريون مٽائي اسڪول پهچندوهوس.نيٺ ڳوٺ جي گرلس هاءِ اسڪول ۾ هيڊماسترٿي،گھر ويجھو ٿيس.
هن سيٽ تي ويهڻ کانپوءِ خبر پيئي ته اسڪول ۾ ڪلارڪ،آفيس سپرنٽنڊنٽ اڪائونٽ آفيسر،اسسٽنٽ،سينيئرڪلارڪ،جونيئرڪلارڪ جي ڪنهن اسڪول ۾ نه هجن ته انهن وارا سڀ ڪم هيڊ ماستر صاحب کي پاڻ ڪرڻا پوندا،جو اڪثر اسڪولن ۾ اهي پوسٽون ئي نه آهن.
هاڻي ڪجھ مهينن ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيڻ وارو آهيان،مطلب ته وري هائرسيڪنڊري اسڪول ۾،سو به الله ڪري ڳوٺ کي ويجھو هجي.
مطلب ته اسڪول سان منهنجو ساٿ،ذري گھٽ منهنجي عمر جي برابر آهي،صرف پنج سالن جو فرق آهي.
اميد آهي ته نئون ساٿ ڪجھ خوشگوارٿئي.

Saturday, January 28, 2017

ڪرپشن،سور ۽ پراڻو بوٽ

پاڪستان ۾ جيئڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي.ڪابه شيءِ ٺيڪ نه ٿي هلي.ڪمپيوٽر اچي ويا،موبائل فون اچي ويا،اسڪول،ڪاليج يونيورسٽيون کليون پيون آهن.بجلي جو بل جي غلط ٿي ته مهينا ان کي صحيح ڪرائڻ ۾ لڳيو وڃن.فون خراب ٿي تب آزار.پاڪستاني ماڻهن جي شڪليون به دنيا جي ٻين ملڪن جي ماڻهن جيان ساڳيون آهن.ٻه اکيون،ٻه ڪن.سڄي دنيا ۾ ڌنڌا ڌاڙيون به ڪن پيا.ڊاڪٽر به هتي جا جيڪي ٻاهرين ملڪ ۾ ڪن پيا تن جو به وڏو نالو آهي.
تعليم جي سڌاري لاءِ به وڏا زور پيا لڳن.وڏا سسٽم پيا لڳن جهڙوڪ بايوميٽرڪ.حالت اها آهي جيڪو سسٽم لڳي سو مسئلو ڇا حل ڪندو پاڻ مسئلو بڻجيو وڃي،ان ۾ ته خير آهي،شيون صحيح ٿينديون ئي ٽرائل اينڊ ارر بيس تي آهن.پر هتي ارر وڏو مسئلو آهي،صحيح ٿئي نه ٿي سواءِ پيسن ڀرڻ جي.سو به جيڪو ارر ڪندو سو نه ڀريندو،جنهنجي باري ۾ ارر ٿي ڏنڊو به تنهن کي لڳندو.
جنهن نظام ۾ اررڪرڻ وارو مال ٺاهي،سو وري آساني سان ارر ڪيئن صحيح ڪندو.اميد تي دنيا قائم آهي،نيٺ ڪڏهن نه ڪڏهن سڌري پونداسون.
ڪنهن سان به جي اميد جي ڳاله ڪجي ٿي ته ماڻهوءَ ڪاوڙجيو پون.ساڳيون روز ٿيندڙڪرپشن جون گٿل ڦٿل ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪريو ڏين.دٻ ڏيڻ ۾ مان به دير نه ڪندو آهيان،چوندوآهيان بابا تبديلي اچي پئي،ڏهن سالن ۾ ظاهر ٿيندي.نه مڃو ته گھڻي ڪاغذ ۽ پين ڏيو ته کڻي ان تي لکي ڏيانو.ڪير پين پني آڻڻ جي تڪليف به ناهي ڪندو،اها دٻ سٻ لکڻ کان به بچيو وڃان.
ڪجھ ڏينهن پهرين ڪنهن همراه کي منهنجي تبديلي جي اميد جي ڳاله تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي،ويٺو ڪرپشن جا قصا ٻڌائڻ.مون به نيٺ گھڻي چئي ڏنومانس ته دنيا ۾ هرشيءِ کي زوال آهي.ڪرپشن کي به نيٺ زوال ايندو.لڳي ٿو ان اميد تي آئون پنهنجي عمر پنهنجي پياري ملڪ ۾ ڪڍي ويندس،باقي الله سائين مان اميد آهي ته اڳيان نسل متان اها مثبت تبديلي ڏسن.
ٻيون شيون خراب ٿين ته گذارو ٿيووڃي، باقي جي صحت ڪري ته پوءِ سڀ ڳالهيون وسريو وڃن.گذريل هفتي سال 2012 ۾ ڪرايل سرجري اٿلي پئي فشر جي سور اهڙي ته ڦشري ڪئي جو هتي جي نظام جي حشري ئي وسري ويئي.سور جي شدت ۾ ته سڀ مسئلا ئي وسري ويا.هاڻي شڪر آهي ته ٺيڪ ٿي پيو آهيان،سور ڇڏي ويو،صحت ملي ويئي.باقي سور جو هڪڙو فائدو ڏٺم،ته باقي زندگي جا سڀ مسئلا زيرو ٿي ويا.رڳو اها آس ته سور ڇڏي،سرجري کان بچي وڃان.سورجوفائدو توهان کي ڀلو ٻڌايو اٿم،باقي سور جي سار ڪيرڪندو؟ الله سائين هر ڪنهن کي بچائي.باقي صحت جي خوشيءَ ۾ پنهنجي قارئين کي اسان جي ڳوٺ جي هڪڙي ماڻهوءَ جي تعارف سان گڏوگڏ سندس 1970 جو شادي وارو بوٽ اڃا تائين صحيح سلامت رکيل ڏيکاريندس.گنيز بڪ آف ورلڊ ۾ ان کي ڪا حيثيت ملي نه ملي،پر اميد ته اينٽيڪ بڪ آف ٽنڊوسومرو ۾ ان کي جڳه ملي ويندي.
تنهن ڪري منهنجي نئين ايندڙ پوسٽ جو ضرور انتظار ڪندا.