Pages

Wednesday, November 2, 2016

ميٿ ڦاٿي

جڏهن به ڪا ڳاله پکيڙڻي هجي ته ان جو هڪ تمام سولو طريقو آهي.هڪ اهڙي شخص کي جيڪو ڳالهيون پکيڙڻ ۾ مهارت رکندو هجي،وڏي رازداري سان اها ڳاله ٻڌائڻ وقت اها هدايت ڪجي ته ڪنهن کي به نه ٻڌائجان.اها ڳاله باه کان به تيزي سان ان علائقي ۾ پکڙجي ويندي.
بلڪل ساڳي طرح سان جيڪڏهن منهنجي توجه ڪنهن ڳاله تان هٽائڻي هجي،ڪنهن ڪم ۾ مون کي ڦاسائڻو هجي ته ان جو به صفا سولو طريقو آهي،ميٿ جو ڪو پرابلم مٿي ۾ هڻي،اهو گڏ ضرور ٻڌائجي ته هي ته ڪنهن کان حل ئي نه ٿو ٿئي.
هڪ هفتو پهريائين هڪ دوست پاڻ سان گڏ هڪ فرسٽ ايئر جو شاگرد ملائي،چيو ته سائين هن جي ٽيچر کان به هڪ پرابلم حل نه ٿو ٿئي،مهرباني ڪري ڪوشش ڪري حل ڪري ڏيو.
هن کي مون چٽي طرح ٻڌايو ته مون کي فرسٽ ايئر جي ميٿ پڙهيي مون کي 28 سال ٿي چڪا آهن،وري ته مون ڪڏهن پڙهائي به نه آهي،سو اهو پرابلم مون کان ڪٿان حل ٿيندو،ڀلا ڪتاب کڻي اچ ته ڏسون.مون کي به پڪ هئي ته اهو ڪانسپيٽ ئي اهڙو هوندو جيڪو منهنجو پڙهيل ئي نه هوندو.آرام سان انڪار ڪري ڇڏيندس،نانگ به مري ويندو،لٺ به نه ڀڄندي.
ڪتاب کڻي اچي،اهو پرابلم منهنجي اڳيان رکيائون ته اها هڪ سيريز جي جوڙ معلوم ڪرڻي هئي،سو مون کي لڳو ته ان کي آساني سان ڪري وٺندس،سمجھ ۾ نه به آيم،ته به ياهو انسرس،فيسبڪ،نيٽ سرچ ڪٿان به حل ڪري وٺندم،اهي سوچون ايندي ئي ڇاتي تي هٿ هڻي ويهي رهيس.
پرابلم هجي Arithmetico -Geomtric series جي nth ٽرم جو جوڙ.
اچي ڪوشش ڪيم،ڏاڍا زور لڳايم،پرابلم ته حل ٿي ئي نه.نيٽ تي سرچ ڪيم،يو ٽيوب تي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيم.ياهو انسرس تي سوال ڪيم،پر ڪجھ به نه وريو.هر وقت ذهن تي اهو سوار،گھر به هن جي حل لاءِ ڪتاب ۽ رجسٽرهروقت هٿ ۾.ٽي چار ڏينهن لڳي ويا.حل ٿيندي ٿيندي گسيو وڃي.ڪجھ ميٿ ۾ ايم ايس سي ڪيل ۽ فرسٽ ايئر جي ميٿ پڙهائيندڙ دوستن کي فونون ڪري ميسيج جي ذريعي پرابلم موڪليم،پر حل ڪري نه ڏنائون،ٿي سگھي ٿو ته واندا ئي نه هجن.گھر۾ ڪو مشورو وٺن ته مهنجو اهو ئي جواب ته توهين ان تي سوچيو آئون هي حساب حل ڪري وٺان.منهنجي والده محترمه نيٺ منهنجي گھروارين کان منهنجي موجودگي ۾ پچيو ته ڀلا جي حساب حل نه ٿيو ته ڇا ٿي پوندو؟ مون منهجي والده محترمه کي مسڪرائيندي ٻڌايو ته ڪجھ به نه ٿيندو.بس هي هڪڙو منهنجو شوق آهي.
هڪ رات ڇت تي مٿي کٽ تي ليٽيي گوگل سرچ ڪندي وڪيپيڊيا تي وڃي ان ڪاسيپٽ کي اهڙو سمجھي ورتم جوان پرابلم کي حل ڪري ورتم.
فورن دوست کي فون ڪري ٻڌايم ته ڦاڙهو ماري ورتو اٿم،هاڻي باقي شاگرد کي سمجھائڻو آهي.دوست جي واه واه! خرچ ٿي،منهنجو ته مٿو ئي ويو،پر اهو به چڱو جو ٻارڙي جوڪم ٿي ويو،هونئن ئي اسان استادن کي پڙهائي ۾ دلچسپي وارا شاگرد ورلي ئي نصيب ٿين ٿا،سو اهڙا موقعا هٿان نه وڃائڻ گھرجن.
ان پرابلم حل ڪرڻ جي ڪوشش دوران منهنجي والده مون کان پڇيو ته ڀلا جي حساب حل ٿي ويو ته ان جو ٿورو ڪنهن تي ٿيندو.توهان جي دوست تي.مون والده محترمه کي عرض ڪيو ته اهو ٿورو منهنجو پنهنجو پاڻ تي ٿيندو.

Thursday, October 27, 2016

صاحب ۽ اڏ جو جھيڙو

هڪ صاحب کي هڪ اڏ تي ڏاڍي ڪاوڙ آهي.ان جي ڪاوڙجي به عجيب منطق آهي.اڏ به الطاف شيخ صاحب جي طرفان سنڌ جي ڪيليفورنيا قرارڏنل علائقي ۾ آهي.اها هڪ تمام پراڻي اڏ آهي،هڪ پيرمرد ٻڌايو ته اها اڏ تمام پراڻي هئي،۽ ان کي ٻيڙي واري اڏ جي نالي سان سڏيو ويندو هو.اها هڪ فائديمند اڏ آهي،اڄڪله ڪيلي جي فصل جو گذرسفر ان اڏ تي آهي.ان صاحب کي به سدائين فائدو ڏيندي رهي آهي.
هن کي اڏ تي ان ڳاله تي ڪاوڙ آهي ته هن جي راءِ مطابق اها سرڪاري اڏ نه آهي.ڪافي دفعا ان اڏ کي ڊاٺو اٿس،وريو ڦٽيو اچي.
نيٺ ان اڏ کي بند ڪرڻ لاءِ هڪ زبردست منصوبو جوڙيائين.پاڻ ٽه ايڪڙيو ان اڏ جو زميندار آهي،ته وري هڪ سوا ايڪڙي زميندار جو پاڻي بند ڪري،خلق گڏ ڪري،ٻه ونگاري جن جي ان اڏ تي ٻڙي ايڪڙ زمين آهي،جي مدد سان ان اڏ کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪرايائين.
اڏ به ڪا صفا ضدي آهي،بند ئي نه ٿي ٿئي،هڪ چوڪڙي وارو عارضي زميندار چهڪوڙي گھمايو ان کي کوليو اچي.ان اڏ جي وڏي زميندار،جنهن جي چار ايڪڙن  کان اها اڏ شروع ٿئي ۽ ختم به ان جي اٺ ايڪڙن تي ٿئي،تنهن لاءِ ته اڏ بند پئي آهي،اڏ به ان تي ڪجھ ناراض آهي،ته ان ڇو سندس جياپي لاءِ ڪا به ڪوشش نه ورتي آهي.اڏ صاحب تي به ڪاوڙيوکيس سڪايو هلي.
سوا ايڪڙي سان وري ياري ٿي ويئي اٿس،ڀر واري اڏ کي پارت ڪري ڇڏي اٿس ته هن کي متان سڪڻ ڏين،هي منهنجي جياپي لاءِ ڪوشش ۾ رڌل آهي.




ڊاٺل اڏ تي اميد جو سج چمڪندو رهيو،۽ سائو گاه ان جي وري ٺهڻ جي پڪ ڏيندو رهيو،سو نيٺ ٺهي ويئي،نيٺ وري وهڻ به شروع ڪندي.


Wednesday, October 19, 2016

ٿاڻي جي ٿڌڙي هير

هڪ عورت ٿاڻي ٿي اوڇنگارون ڏيندي،روئندي،ڪنهن کي پٽون پاراتا ڏيندي هيڊ ڪانسٽيبل کي ٻڌايو ته هنن کيس ٿاڻن جا چڪر ڪڍايا آهن.هيڊ ڪانسٽيبل کيس تسلي ڏيندي چيو ته امان اسان جون به مائرون،ڀينرون آهن،ٿاڻو خراب جاءِ ته ناهي.جلدي پاڻي کڻي آڻي عورت کي پياري تسلي ڏنائين،سافٽ ڊرنڪ گھرائڻ لاءِ ڪنهن کي موڪليائين.خاتون کي تسلي ڏنائين ته پريشان نه ٿيو،توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو.
جمعي جو ڏينهن هجي ڪنهن ڪم سانگي ٿاڻي تي ويٺو هجان،همراه اچي منشي کي چيو ته پيش امام نماز نه پڙهائي ان کي روڪيو.همراه ويو هليو،منشي مون کي چيو ته سائين ڏسو پيا حال،ڇا ڪريون همراه چئي ٿو ته هي امام نمازنه پڙهائي،هاڻي اسين ڪنهن کي ڪيئن ويهي چڱي ڪم کان جھليون.اتي جو اتي وري پيش امام اچي پهتو ساڻس هڪ وفد گڏ هو،هڪ همراه کي ٻانهن ۾ ڌڪ لڳل هو،انهن شڪايت ڪئي ته امام صاحب کي بچائيندي هي همراه زخمي ٿي پيو آهي.امام ٻڌايو ته هڪ هفتي لاءِ پنجاب ويس،وري ٻيو امام رکيائون،مون کي پهريائين ٻڌائي ڇڏين ها ته نمازپڙهائڻ لاءِ مصلي تي وڃان ئي نه ها،اوچتو حملو ڪيائون.
منشي ٻنهي ڌرين کي ٺارڻ،۽ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو،ان ڳوٺ جي وڏڙن کي فونون به ڪيائين.
ٿاڻي سان پهرين دفعي واسطو پيو هو،ڪنهن جي انتظار ۾ ٻاهروڻ هيٺان کٽ تي ليٽيو پيو هوس،ٿڌڙي هير پئي لڳي،ننڊ پئي آئي،ننڍو منشي جيڪو ڀر واري کٽ تي ليٽيل هو،تنهن کي چيم ته مون ته ٿاڻن جو رڳو گلائون ٻڌيون آهن،هتي ته صفا جھڙي ڪر جنت جي هوا پيئي لڳي،ننڍو منشي کلي پيو چيائين سائين سٺي ماڻهوءَ لاءِ ٿاڻو به ڀلو آهي باقي فسادي لاءِ ڏکيو آهي.
اتي سوچڻ لڳس ته صفائي واري کي اسين ڀنگي سڏيندا آهيون ۽ پاڻ خود گند ڪرڻ وارا پنهنجو پاڻ کي اتم سمجھندا آهيون.
پوليس جي باري ۾ به لڳي ٿو وڌاءُ گھڻو آهي،جيئن اڄڪله وري استادن مٿان ڦٽڪار لڳي پيئي آهي.
لڳي ٿو ته اسين صرف مذهبي،سياسي،۽ طبقاتي فرقن ۾ نه ورهائجي ويا آهيون،پر ڌنڌن،ڌاڙين جا به فرقا ٺاهيو ويٺا آهيون.
هر شعبي ۾ سٺا ماڻهوءَ به ويٺا آهن.پر ذڪر اڪثر ڪري صرف ڪرپٽ جو ئي ڪيو ويندو آهي،لڳي ٿو گلا جي ٽيسٽ ئي پنهنجي آهي.

Sunday, October 16, 2016

هر جميل مراد آهي

اڄ ٻني تي کٽ تي ويٺوهوس.سيراندي کان هڪ موٽرسائيڪل اچي بيٺو،گاه واري مڪئي جوهڪ پراڻوواپاري موٽر سائيڪل تان لٿو،ساڻس هڪ نوجوان گڏ هو،ان جو تعارف ڪرائيندي چيائين ته هي مراد علي جو پٽ آهي.مون مسڪرائيندي پچيومانس ته مراد علي کي ڇو ڇڏي آيا،ڪو ڪم ٿي پيس ڇا؟ سدائين گڏ ايندا آهيو،ڇوڪري کي به ڪم ٿا سيکاريو ڇا؟ هن درد ڀري انداز ۾ پڇيو ته توهان کي خبر ڪانهي ڇا؟ آئون به پريشان ٿي ويس ڇو ڇا ٿيو؟ هو ته گذاري ويو،گذريل سال نومبر ۾ هن کي هارٽ اٽيڪ ٿيو،ٻه ڏينهن حيدرآباد جي هڪ اسپتال ۾ داخل رهيو،ڪراچي وڃڻ جوارادو هو پران کان اڳ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين.هن ٻڌايو.ڪجھ لمحن لاءِ خاموش ٿي وياسين،مون تي ڄڻ وڄ ڪري پيئي.
مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ اتي ئي دعا گھري سون.کيس ٻڌايم ته هن سال مڪئي مزو نه ڪيو آهي،تنهنڪري توهان کي دعوت ئي نه ڏنم،توهان کي فصل جي خوشبو ڪٿان اچي ويئي؟ اسان جو روزگار آهي،تنهنڪري خبر پئجي ويئي.هن جواب ڏنو.
تيسائين هڪ ٻيو واپاري به اچي لٿو،هن کي چيائين ته تون وڃي مڪئي گھمي اچ،سودو قسمت جو آهي.
جڏهن کان زندگي ۾ مون مڪئي پوکي،جڏهن کان مراد علي سان سودو ٿيو،هڪدفعو ڪو ٻئي ڪنهن واپاري کي ڏنم،باقي سودو سدائين مراد علي سان ٿيندوهو.هينئر هي سٽون لکندي پنهنجي موبائل تي ڏٺم ته مراد علي لغاري جي نالي سان نمبر سيو ٿيل آهي.هو ڌڱاڻي بوزدارجو رهاڪو هو.پٽس ۾ مراد علي ئي جهلڪي رهيو هو.
هي جڏهن به گڏ ايندا هئا ته سودو ڪري پوءِ ويندا هئا.قطعي نه ڇڏيندا هئا،وڏي ڇڪ ڇڪندا هئا.اڄ ائين ڪجھ به نه ٿيو.نئين واپاري کانپوءِ هو مڪئي گھمي آيو،چيائين اسان جي ڪم جي ناهي،اسين ڪراچي موڪليندا آهيون،هي حيدرآباد جي مارڪيٽ جو مال آهي.ڀلي هن کي ڏيئي ڇڏيو.پوءِ سودو ان نئين واپاري سان ڪري ڇڏيم.
اڃا تائين هن جو مسڪرائيندڙ چهرونظرن اڳيان پيو ڦري،سرائڪي ڳالهائڻ جو مٺڙو آوازڪنن تي پيو سري.
ڇا مراد ويو مڪئي ويئي،سودو ويو.دنيا بس ائين پيئي هلي.
حقيقت ۾ دنيا جو هر جميل مراد آهي،پر هو وري پنهنجي مراد جي پويان لڳل آهي.

Wednesday, October 12, 2016

بک ۽ ڪتابن جا اٺ

جيئن اک کليم،ته ڏسان ته ڪنهن اجنبي شهر ۾ فوٽ پاٿ تي ستو پيو آهيان.بکايل هوس،کيسي ۾ هٿ وڌم ته خالي پيو هو.سوچيم ته لکيل پڙهيل آهيان اها تعليم ڪڏهن ڪم ايندي.اتي گند ڪچري جي ڍيرن مان هڪ ٽٽل بال پوائنٽ ۽ ڪاغذ هٿ ڪري ورتم.کاڌي جي اهميت تي هڪ زبردست مضمون لکيم.بک لٿي ته نه پر مورڳو وڌندي ويئي.وري کاڌي جي اهميت تي شهرجي گھٽين ۾ هلندڙن کي ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيم.سڀ ٻڌندا واه واه ڪندا ڀڳا ويا.بک وڌندي ويئي شگر ليول ڪرڻ لڳي،هڪ گھٽي ۾ ڀت تي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيس.
ننڍو شهر هو،ان جي هڪ پاڙي ۾ رلي رهيو هوس،هڪ پيرمرد پاسي ۾ اچي ويٺو.بيمارٿولڳين؟ سوال پچيائين.نه بيمار ناهيان،بالڪل صحتمند آهيان،بس بکيوآهيان.جواب ڏنم.پوءِ ماني ڇو نه ٿو کائين؟ پڇيائين.پيسا ناهن،سوال ڪنهن کان به نه ڪندس.جواب ڏنم.
لڳي ٿو اٺ ڪتابن جا پڙهي،زندگي ۾ پهرين دفعا گھران ٻاهر نڪتو آهين.ان بزرگ چيو.ها صحيح ٿا چئو.گھر ۾ ته ڪڏهن به امان کان ماني نه گھريم،هر روز هر وقت پئي پڇندي هئي ڇا کائيندين؟پوءِ نخرن سان پيو ٻڌائيندو هوس ،وري ان کاڌي ۾ ڪو عيب ڪڍي،وري ٻئي جو مطالبو ڪندو هوس.پر توهان کي اها خبر ڪيئن پئي؟ لڳي ٿو وڏا ڪي پڙهيل آهيو.کلڻ لڳو،پراڻو پنج درجا پاس آهيان،باقي عملي زندگي ۾ گھڻيئي ڌڪا کاڌا اٿم.وقت،زمانو سڀ ڪجھ پاڻهي سيکاري ڇڏيندئي.
ٽفن باڪس اڳيان رکندي چيائين ته پهريائين ماٺ ڪري ماني کاءُ.سبق نمبر ٻيو پوءِ شروع ڪنداسين.

Sunday, September 11, 2016

اي مر جنسي!

اي مر جنسي يا امرجنسي بابا خبر ئي نه ٿي پوي ته اهو ڪيئن لکبو؟ پر ايتري خبر ٻڌڻ ۾ آئي آهي ته هتي سڀ مسئلا ان سان حل ٿيندا آهن.ڳاله ته صفا منجھائي ڇڏيو آهي لفظ ٻن مختلف طريقن سان لکڻ سان مورڳو هڪٻئي جو ضد ٿيو پون.پهرين  لفظ جي معني ٿيندي جنسي تون مري وڃ،۽ وري ٻئي لفظ جي معني ٿيندي جنسي تون امر ٿي وڃ.
لفظ اهڙو آهي جومتيون ئي منجھايو ڇڏي،بهرحال اها آهي ته خبر ناهي ڇا پر ٻڌون پيا تعليم جي شعبي ۾ لڳائي اٿن،آئون به ان شعبي سان لاڳاپيل آهيان،لڳي ٿو تنهنڪري منهجون به متيون گم ٿي ويون آهن.اڙي ياد پيو ها ايمرجنسي لڳائي اٿن.اڃا ته آئون ننڍڙو آهيان چاليه جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ آهيان.مت موٽي آئي.شڪر ته اڃا اسي مت کسي ناهيان.خير اسي ته پري،سٺ ۾ گھمائي لٺ چوندا ته هل گھر.
خير گھر وڃي هل نه ڪندس جو ايتري طاقت ئي نه بچندم جو متي عمر ۾ پيو ايمرجنسي جون خبرون ٻڌان.
اها لڳڻ کان اڳيئي هڪ استاد ويچاري جي گھران متيون نه پرٻه ميتون نڪتيون.اڳيان هلي خبر ناهي ته ڇا ڪندي.اها لڳڻ کان اڳ خبر پيئي ته هڪ استاد پني پيو،پگھار بند اٿس.اها لڳي ته ڏسون ته ڇا ٿيندو.
چون ٿا ته اها لڳڻ جي خبر ٻڌي ڪي آڦسرعيدي لاءِ اسڪولن تي ڪاهي ڪريا.ان مائي لڳڻ جي ڊپ کان اسڪولي عيديون کيسن ۾ کنيو آڦسرن جي انتظار ۾ بيٺا هئا.
چون ٿا ان مائي ۾ وڏو ڪمال آهي ڪجھ اهڙن کي ڪم تي لڳائيندي جن جي سڌرڻ جو آسرو ناهي،اهي پڙهي به هنن ئي اسڪولن مان ويا آهن.کين اها هدايت آهي ته پاڻ سڌرو نه سڌرو ٻين کي سڌارڻ جي ته ڪوشش ڪريو.
لڳي ٿو وري مت ويئي حيسڪو جي بجلي وانگر،خبر ڪڏهن موٽي.جڏهن موٽي تڏهن ٻي پوسٽ لکبي،هي بي متي پوسٽ لکيو پڙهيو معاف.

Wednesday, August 10, 2016

ڦلمي سين

پنهنجي آفيس ۾ ڪم ۾ مصروف  هجان، هڪ آفيس مان فون آئي، ڳالهائي رهيو هوس،ته ٻئي موبائل به بار بار وڄڻ لڳي.اها وري ٻئي آفيس مان فون اچي رهي هئي،نيٺ اها فون به اٽينڊ ڪيم.  چاءِ جو گرم مڳو ڀريل ڇڏي دوست سان گڏ پهرين آفيس ويس اتان واندوٿي وري ڳوٺ واپس پنهنجي آفس پهتس،وري ٻئي آفيس ڪال ڪيم، اتي به ڪم لاءِ گھربل سامان کڻي ايمرجنسي طور پهچڻ جو حڪم اچي ويو.
 تڪڙو  بائيڪ تي نڪتاسين، ٽنڊوالهيار ويندي، گس تي موٽر سائيڪل پنڪچر ٿي پيو.
دوست کي پنڪچر لاءِ موڪلي چنگچي کي بيهڻ جو اشارو ڪيم ،سا نه بيٺي،هڪ موٽر سائيڪل سوار لفٽ ڏني،سو پاڻ ڪنهن آفس ۾ وڃڻ لاءِ تڪڙو هو.تنهنڪري مون کي ٽنڊي آدم ناڪي تي لاهي،ميرپورروڊ طرف روانو ٿي ويو.
گس ۾ مون کي ٻڌايائين ته مون کي تڪڙو ڪم آهي نه ته مان توهان کي آفيس تائين پهچائي اچان ها.مون کانئس حيرت مان پچيو ته ”توهان کي اهڙي تڪڙ هئي ته پوءِ توهان مون کي لفٽ ڇو ڏني،بيه ڇو رهيا؟“ جواب ڏنائين ته ”اها منهنجي عادت آهي،هرڪنهن ضرورتمند کي لفٽ ضرور ڏيندو آهيان.ان جي ڪري هڪ موٽر سائيڪل ڦرائي به چڪو آهيان.يونيڪ جي نئين موٽر سائيڪل هئي،هڪ سوار کي گس مان کنيم.شاهپور ويجهو پسٽل ڪڍي،چيائين ته هاڻي له گاڏي تان،بس لهي گاڏي هن جي حوالي ڪيم، ڪاهي هليو ويو.هن کان سگھو هوس پر رسڪ نه کنيم،گاڏي وري ٻي به خريد ڪري ورتم،جان ته ٻي نه ملي ها،سال ڏيڍ افسوس رهيو،پوءِ بهتر محسوس ڪرڻ لڳس.زندگي ڀرائين گس مان مجبور مسافرن کي کڻندو رهندس،ڪنهن هڪ اتفاق جي ڪري پنهنجي نيڪي نه وڃائيندس.“
ٽنڊوآدم ناڪي تان چنگچي ۾ چڙهي آفيس لاءِ روانو ٿيس.ان وٺ وٺان جي ڪري ڪنڌ تي چپ وڌي ويم. پنهنجي خيالن ۾ گم ٿي ويم.
چنگچي وارو به شهرمان نڪري ويو.مون پڇيومانس ته هي ڪيڏانهن پيو وڃين.آفيس ته پوئتي ڇڏي آئين؟ مون کي آفيس جي خبر ناهي ته ڪٿي آهي؟ جواب ڏنائين 
”مون کان پڇين ته ها.هاڻي واپس هل دلاور هوٽل واري پاسي هيٺ له ان طرف آفيس آهي.“
اهڙي طرح آفيس پهچي گھربل ڪاغذ ڀري،انهن ته سائن ڪري واپس ڳوٺ لاءِ روانو ٿيس.
اڪثر ڪري ڊرامن،فلمن،ناولن،افسانن،ڪهاڻين ۾ وڌاءُ هوندو آهي.
پر ڪڏهن ڪڏهن حقيقي زندگي ۾ ڊرامائي ڏينهن به ٿيندا آهن،جيئن منهنجو اڄوڪو ڏينهن.


Friday, July 22, 2016

ماڻهوءَ جو روح سائيڪل ۾

سائيڪل کي پنهنجي رمز سان روڊ تي ڪاهي وڃي رهيوهوس،ته هڪ ڪرولا ڪار تيز هارن هڻندي،مٽي اڏائيندي مون کي اوورٽيڪ ڪندي هلي ويئي.
ڀوڳن ۾ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي سائيڪل کي چيم ته ”واه واه اها گاڏي به توکان اڳيان نڪري ويئي.مطلب ته هو توکان سٺي آهي.“ ڪاوڙ جي جواب ڏنائين ته ”اها ڪار سابه ڪرولا ان سان منهنجو ڪهڙو مقابلو. توهين انسان ته شين جي فرق کي به ڪونه ٿا سمجھو.لڳاءِ زور هڻ پيڊل ڪر مقابلو ته خبرپويئي،هڪڙو آئون هن کان ننڍڙي،ٻيو توجھڙي اڍائي مڻي کي ته کڻي کڻي هاڻي ٿڪجي پئي آهيان.“ مون کي ڏاڍي حيراني ٿي سائيڪل جي ڳالهائڻ تي ،ڪاوڙ به ڏاڍي لڳم جو وڃي وزن جو مهڻو ڏنائين جنهنجي باري ۾ هونئي پاڻ ڏاڍا حسا س آهيون.”زندگي ۾ ڪڏهن به منهنجو وزن 100 ڪلو ناهي ٿيو صرف ڪجھ ڏينهن لاءِ 91 ڪلو ٿيو،هاڻي 85 تي اچي بيٺو آهي.“ڪاوڙ ۾ جواب ڏنومانس.طنزڪندي چيائين ”مطلب ته ٻه مڻو ته آهين.“
هڪڙي ڪمند سان ڀريل ڍڳي گاڏي کي اوور ٽيڪ ڪندي چيومانس ته ”واه واه! تون به صفا راڪيٽ لڳي پئي آهين.“ وري تپي باه ٿي پئي چيائين ته ”ڍڳا ويچارا هيترو سارو وزن کنيو وڃن،سي به ويچارا ساه وارا تن کان اڳيان نڪري فخر ٿو ڪرين،ڦڪائي ڪونه ٿي ٿئي توکي.توهان انسانن جو به هڪ اهو وڏوالميو آهي،فرقن جي اهميت کي ڪونه ٿا سمجھي سگھو.منهنجو ڪار ۽ ڍڳي گاڏي سان بس هڪڙو فرق آهي.توهان انسان انهن فرقن جي ڪري هڪٻئي کي گھٽ يا وڌ سمجھڻ لڳو ٿا،ڪنهن وٽ پئسوگھٽ،ته ڪنهن وٽ وڌيڪ،ڪو وڌيڪ سهڻو ته ڪووري گھٽ سهڻو. اهي ته فرق آهن.توهان وري انهن جي ڪري احسا س ڪمتري يا برتري جو شڪار ٿيو وڃو.“ 
تو ته اڄ ڳالهائي ڪمال ڪري ڇڏيو.هاڻي جيڪڏهن مستقل ڳالهائين ته تنهنجو نالو بدلائي،پنهنجي سائنسي تخليق ڪري ڄاڻايان.ٻيو ته ان تحقيق تي وري ڪنهن مضمون ۾ پي ايڇ ڊي ڪري وٺان.مون کيس منٿ ڪئي.”تو ڄٽ کي ته اها به خبر ناهي ته پي ايڇ ڊي ڇا جو مخفف آهي.ڳول ڪا ٺڳن جي يونيورسٽي پي ايڇ ڊي هونئي ڪري ويندين،مون کان انهن ٺڳين ۾ تنهجي مدد ڪانه پهچندي.“هن جواب ڏنو
هڪڙي ڪرولا گاڏي اچي وري اوورٽيڪ ڪيو.سائيڪل رڙڪري چيو ته اها نه وڃي،پيڊل گھماءِ،ان کان اڳيان نڪر،نه ته ڪيرائينديسائين،جيئن توهان انسانن ۾ جن پوندو آهي،تيئن هاڻي مون ۾ ماڻهوءَ جو روح گھڙي ويو آهي.سائيڪل اچي جھٽڪا کائڻ شروع ڪيا،ڊپ ۾ سڄو پگھر جي ويس،زور زور سان پيڊل هلائڻ شروع ڪيم،هاڻي ڪٿي ٿو ڪار کي پهچي سگھان.اوچتو ڏٺم ته ڪار سلو ٿيڻ شروع ٿي آهي،ڪاروارو ڪنهن جهوپڙا هوٽل تي چانهن،سگريٽ،پان لاءِ بيهي رهيو.ان کان اڳيان نڪري ويس.
آهستي آهستي ڪري سائيڪل بيهاريم.روڊ جي هڪ پاسي سائيڪل بيهاري وٺي ڀڳس.سائيڪل رڙڪندي چيو ”هاڻي ڪيڏانهن ٿو ڀڄين.“ ”تو ۾ انساني روح گھڙي آيوآهي، منهنجو ذري گھٽ ساه ٿي ڪڍيئي.“
پوئتي منهن ڪري به نه ڏٺومانس سڄي عمر لاءِ سائيڪل تي چڙهڻ کان توبه ڪري موٽر سائيڪل ورتم.


Monday, July 18, 2016

جنن جي کٽ

زوردار ڌماڪي سان ڪمري جو دروازو بند ٿي ويو.لوه جو هڪ تاڪ وارو در هو،ٻاهريان کڙڪي اچي ويس.ڇرڪ ڀري ويس،کٽ تان اٿي دروازي کي ڇڪي پڪ ڪيم ته دروازو بند ٿي چڪوهو.
پنهنجي اوطاق جي واحد ڪمري ۾ مطالعي کانپوءِ ٿوري دير لاءِ ليٽي پيوهوس،ڪير مون کي قيد ڪري ويو؟
ڪنهن دروازو بند ڪيو هوندو،شرارتي ٻارن،ڪنهن دوست يا ماڳهين ڪنهن جن؟
ڪنهن جن بند ڪيو هوندو ته پوءِ منهنجا ڍءُ ٿي ويندا کولي آستانو بابا ٿي ويهي رهندس.عاملن جي اڄڪله وڏي ڪمائي آهي.
مون جنهن ماحول ۾ اک کولي هئي ڊاڪٽرڪاشي رام جا هوميوپيٿي جا ڪتاب هروقت کٽن تي پيا هوندا هئا،جن کي تفصيل سان پڙهيم،ان جو نتيجو اهو نڪتو جو هوميوپيٿي کي هڪ علاج جي طريقي طور مڃان ئي ڪونه.
علم رمل،علم نجوم،علم جعفر،علم الساعات،علم الاعداد،پامسٽري تي بابا سائين جا ڪتاب پيل هوندا هئا،منهنجي محترم چاچن کي به انهن علمن جو شوق هو.علم الجعفر ته سمجھ ۾ نه آيم،باقي ٻين علمن جو مطالعو ڪجھ نه ڪجھ ڪيم.علم رمل تي زائچو ڪڍڻ به سکيل هوم.هڪدفعي هڪ عورت جو ڪڪڙ وڃائجي ويو،مون کان زائچو ڪڍائي ويئي،مون کي ياد ناهي ته ڇا ٻڌايو هومانس،پر ڏاڍي مطمئن ۽ خوش ٿي اچي ٻڌايائين ته تو واري ڳاله صحيح ٿي.مون به کيس چٽو ٻڌايو ته مڙيئي ڌڪو هنيم سو لڳي ويو.تن ڏينهن ۾ ٻارن جا نالا به علم الاعداد مطابق رکندا هئاسين.
جن جي بند ڪيل دروازي واري يقين جي صورت ۾ ٻيو اهو به نتيجو نڪري سگھيو ٿي ته ڊڄي وڃان ۽ وري ڪي جن ڪڍائڻ وارا همراه وٺي اچان ته پوءِ ان صورت ۾ وري پيو ٺڳجان.
ان ساڳي اوطاق واري هڪ ڪمري کانسواءِ بائونڊري وال تي تن ڏينهن ۾ هڪ ڪاٺ جو پراڻودروازو لڳل هو.ڪجھ سال پهرين اتي هڪڙو وڏو ٻاهريون گيٽ لڳرايم.ان ڪمري کي ته هاڻي استعمال ئي ڀانڊي طور ڪريان.
حيسڪو وارن وڏي گيٽ کي ڏسي بند جاءِ جو هڪ مهيني جو بل وڃي پنجاه هزار ڪڍيو.پوءِ ڊوڙڊڪ ڪيم ايس ڊي او صاحب به تن ڏينهن ۾ چڱو ماڻهو هو،تنهن جي ڪوشش سان اهو بل صحيح ٿي مليو.پر سائين جن جي بدلي ٿي ته ٻئي همراه اچي وري ٺڪاءُ ڪرايس،هاڻي جڏهن وقت مليو بل پيو صحيح ڪرائيندس.ليٽر به جمع ڪرائي آيس ته بابا مون کي ان هڪ ڪمري لاءِ بجلي ڪونه ٿي کپي ميٽر لاهي کڻي وڃو ۽ بل صحيح ڪري ڏيو. ميٽر به نه ٿا ڪٽين.
ان بل جي وڌيڪ اچڻ تي هڪ ڳوٺاڻي تبصرو ڪيو ته تنهنجي غيرموجود گي ۾ ان تو واري اوطاق ۾ ڪن ماڻهن ڪنهن تي ڪاري علم مطابق عمل ڪيو آهي ۽ ڪجھ شيون پوريون آهن، ان جا خطرناڪ اثرات تو واري بجلي واري ميٽر تي وڃي ڪريا آهن.جيستائين اها نحوست ختم نه ٿيندي تووارو اهو بجلي جو بل صحيح نه ٿيندو.کيس چيم ته اهو به چڱو نحوست ميٽر تي ڪري آئون ته بچي ويس.
بهرحال درڪنهن بند ڪيو اها ڳجھارت پوءِ حل ڪرڻي هئي پهريون مسئلو اهو هو ته ڪمري مان ڪيئن ٻاهر نڪران.ڪمري جون لوهي دريون کولي ٻاهرين گيٽ ڏانهن ڏسڻ لڳس ته ڪو پاڙي وارو هتان گذري کيس در کولڻ جي منٿ ڪريان.مس مس هڪ پاڙي وارو گذريو،تنهن کي سڏڪري دروازو کولائي ٻاهرنڪتس.
وري به سوال اهو رهيو ته اهو دروازو ڪنهن بند ڪيو؟
اهو دروازو زوردار هوا لڳڻ سان اچي چوڪ ۾ ٽڪريو ۽ ٽڪر جي ڪري کڙڪي بند ٿي ويس.

Saturday, July 16, 2016

انسان فصل يا گندگاه

بيڪٽيريا انسان مارڻ پويان لڳل.وائرس به گھٽ نه ٿو ڪري.هاڻي مڙئي وڃي ٽڪن تي ڪجھ  ڪنٽرول ۾ مس آيوآهي.جھنگلي جانورن جو جڏهن به وس پهچي تڏهن ماريو ڇڏينس.انسان چاڪو،خنجر،تلوارون،تيرگھڻيئي ڪجھ ٺاهيس پنهنجي  مارومار لاءِ.مطئن نه ٿيو،منجنيقون،بندوقون،ٽينڪون هانءُ نه ٺريس ماڻهوءَ ماري.بم،گولا،بمباري لاءِ جنگي جهازٺاهيائين.مارڻ جا هٿيار وڌائيندو ويوامن جي نالي ۾.هلي هلي ائٽم بم ٺاهي،تجربا ڪري،ٻه بم ڪيرائي ٻن ڌڪن ۾ چار لک ماڻهوءَ ماري وڌائين.ٻه عالمي جنگيون وڙهي ڪروڙين ماڻهوءَ ماري وڌائين.
تنهن هوندي به  انسانن جي آبادي وڌنڌي رهي.1968ع ۾ هڪ همراه کي اچي وهم جاڳيو، انساني آبادي وڌنڌي وڃي،ان کي ڪنٽرول ڪريو،وسائل محدود آهن،کٽي پوندا ڏکيائي ٿي پوندي ڪتاب لکيائين آباديءَ جو بم The population Bomb.خير ماڻهوءَ مارڻ جو ڌنڌو جاري رهيو،وري جو پيدائش گھٽائڻ ۾ انسان لڳي ويو.تڏهن به انساني آبادي وڌنڌي وڃي،ان جي رهڻي ڪهڻي بهتر بڻائڻ لاءِ دوايون درمل،سرجريون اهي تحقيقون به گھڻيو ڪيون اٿن.
ڪوبه فصل جڏهن ٻني ۾ پوکبو ته ان سان گڏ گند گاه به ڦٽندا آهن،انهن کي وري ڪڍي فصل کي صاف ڪبو آهي ته جيئن فصل کي هوا،پاڻي،۽ ڀاڻ ملي ته جيئن اهو جلدي وڌي.انهن ۾ هڪڙو گندگاه آهي ڪل.خاص طور جي بصر جي فصل ۾ کرين جي اندر ڦٽندي آهي،ڏاڍو ڏکيو گند گاه آهي جيتري به گڏ ڪڍو فرق ئي نه ٿو پوي صبح جوڪٽيوس ته وري شام جو تيار.گندگاه به ڪارائتا آهن،بس پاڻهي ڦٽي ايندا،پر جيئن ته منصوبي سان پوکيل فصل جي واڌويجھ کي متاثر ڪندا آهن ته مجبورن انهن کي ڪڍڻو پوندو آهي.
انسان ته هن دنيا ۾ خاص فصل لڳايل آهي،پر حشر پنهنجو پاڻ سان اهڙو ڪيو اچي جھڙو ڪر گند گاه هجي.
آفريڪا ۾ بک ڏاڍي آهي.هڪ صحافي جي هڪڙي تصوير ڏاڍي مقبول ٿي.اها هڪ ڀيانڪ تصوير هئي،هن ان وقت اها تصوير ڪڍي،جنهن وقت هڪ ڪمزور آفريڪي ٻار بک وگھي مرڻ تي هو،هڪ ڳجھ ان جي موت جي انتظار ۾ هن جي ڀر ۾ بيٺل هئي.اها تصوير دنيا ۾ تمام گھڻي ڏٺي ويئي،ان تي تبصرا به ٿيندا رهيا.اهو صحافي ان تصوير جو بوجھ دل ۽ دماغ تي کڻي نه سگھيو ۽ نيٺ ڪار۾ پنهنجو پاڻ کي بند ڪري دونهون ڪري خودڪشي ڪري ڇڏيائين.
هن وقت دنيا ۾ وسائل جي بلڪل کوٽ نه آهي،تڏهن به دنيا ۾ سڀ انسان روزانو ماني کائي ڪونه ٿا سمهن.بکيا ٿا رهن.وسائل سان ڀرپور کنڊ آفريڪا ۾ ته بک تمام گھڻي آهي. 
مال تان جھيڙو آهي،سهوليات سان جھيڙو آهي.انسان جي گڏجي به استعمال ڪن ته کوٽ نه ايندي.انسان جي دل صفا سوڙي آهي،هيڏي ساري لامحدود ڪائنات جا راز پروڙڻ ۾ لڳو پيو آهي پر سماجي انصاف ۽ مساوات جي ڳاله ٺپ سمجھ ۾ نه ٿي اچيس.سرمائيداري نظام جديد غلامي کي جنم ڏيو بيٺو آهي.
هاڻي ڪيترا به پيسا هجڻ،ڪروڙين رپيا به هڪ ڏينهن ۾ کپائي سگھجن ٿا،گھڻيئي ٺڪر،ڀتر،مهانگي کان مهانگيون گاڏيون،ڪيترن شين جا نالا وٺي ڪيترين شين جا نالا وٺجن.
وري جي پيسو لڪائڻ تي اچجي ته بينڪون اهڙيون کڏون آهن جو مال صفا پورجيو وڃي.ڪنجوس ڌڻي وري سڄي عمر ڪم نه آڻيندس.
منهنجي هڪڙي اسپيشل ڀيڻ مون کان ٻه سال عمر ۾ وڏي هوندي.خرچي رکڻ نه ايندي اٿس.پيسا جيستائين کپائي نه تيستائين سک نه ايندو اٿس..بيچين رهندي آهي پوءِ گھر وارن جي،ڀينرن ،مائٽن جي به دعوت ڪري پيسا ختم ڪري پوءِ سک سان ويهندي آهي.تنهنڪري آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن دنيا ۾ بينڪون نه هجن،ڪارخانا اجاين شين جا به جي محدود هجن ۽ سڀ انسان جي ان مون واري ڀيڻ وانگر هجن ته دنيا ۾ بک بلڪل ختم ٿي وڃي ۽ انسانن جي لاءِ مالي مسئلو بلڪل نه رهي.بلڪ ائين جيئن حضرت عمر بن عبد العزيز جي دور ۾ ڪو ماڻهوءَ اهڙو مشڪل سان هٿ ايندو هو جنهن کي زڪوات ڏجي.باقي خليفو ته دنيا جو غريب ترين ماڻهو هو،جنهن وٽ هڪ عيد تي ٻارن جي ڪپڙن لاءِ پيسا نه هئا.
سالن کان ٽي عالمي جنگ جون ڳالهيون پيون هلن.انسان هٿيار وري اهڙا ٺاهيندو پيو وڃي جو چون ٿا ته ٻي عالمي جنگ وارا ائٽم بم ته ان جي اڳيان رانديڪا آهن.
انسان کي ان ڳاله تي ضرور سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته هو اصل فصل آهي يا گند گاه.

Friday, July 15, 2016

نيت

عقل ته فرشتن کي به آهي.شيطان به وڏو عاقل آهي.تنهنڪري صرف انسان کي عقل واري مخلوق نه ٿو چئي سگھجي.ٽنهي مان وڌيڪ عقل وارو ڪير آهي.انسان پنهنجي موجوده ترقي جي ڪري ٿي سگھي ٿو ته پنهنجي عقل تي ناز ڪندو هجي.
شيطان ۾ مقابلي جو رجحان وڌيڪ هو.عبادت ۾ فرشتن کي به ماري ويو.شيطان جو مسئلو اهو هو ته هو سمجھندو هو ته ڪير به صرف پنهنجي عمل يا تخم جي بنياد تي ٻئي ڪنهن کان وڌيڪ ٿي سگھي ٿو.ڏاڍو محنتي،ارادي جو پڪو،محنتي ۽ ضدي هو.عبادت ۾ محنت ڪري ايترو بلند ٿي ويو جو جھڪڻ جي عمل کان انڪاري ٿي بيهي رهيو.علمي شڪست کانپوءِ پنهنجي تخليقي مادي باه کي انسان جي تخليق مادي کان پاڻ ئي بهتر چئي حضرت آدم کي سجدي ڪرڻ کان انڪار ڪري ويهي رهيو.
فرشتن به عقل ڊوڙايو،انسان جي فسادي هجڻ تي اهو تاثر ڏنائون ته هي فسادي مخلوق آهي،پوءِ علمي طور حضرت آدم کان شڪست کائي سجدو ڪيائون.
تنهنڪري انسان جوبه عقل،علم ۽ عمل تي تڪبر فضول آهي.
ان جو اهو مقصد قطعي نه آهي ته اهي ڪي بي فائده آهن.عقل نه هوندو ته علم ڪيئن حاصل ڪري سگھبو،علم نه هوندو ته عمل ڪيئن ڪري سگھبو.
تنهنڪري انهن ٽنهي جو جوڙ انسان جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهي.انهن ٽنهي صفات جو سنگم انسان کي ڀلي ڪيترو به ظاهري طور ديني يا دنيوي ترقي جي معراج تي پهچائي ڇڏي،پر انسان جي ڪاميابي جي ضمانت ناهي.
ان لاءِ ضروري آهي ته انسان جي نيت صحيح هجي.جيڪي ڪجھ به ڪري ان ۾ الله جي رضا حاصل ڪرڻ هن جو واحد مقصد هجي،باقي شيون ته صرف فروعات جي حيثيت سان هجن.

Thursday, July 14, 2016

سمندر ويو سمنڊ ۾

ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندا هئاسين.ان وقت اسان جي ڳوٺ ٽنڊوسومرو ۾ برانچ مڊل اسڪول هو جن ۾ صرف ڇهون ۽ ستون ڪلاس پڙهايو ويندوهو.اٺين ڪلاس پڙهڻ لاءِ ٽنڊو الهيار وڃڻو پوندو هو.
ڇهين ۽ ستين درجي جا سڀئي مضمون اڪيلو استاد محترم سائين محمد قاسم شيخ صاحب پڙهائيندا هئا.هن وقت سائين رٽائرآهن ۽ کين گوڏن جي تڪليف آهي،صحت به ٺيڪ نه اٿن ۽ وڏي عمرجي ڪري گھر کان ٻاهر ڪونه ٿا نڪري سگھن.الله سائين کين صحت نصيب ڪري.
ڪٿي اهو دور جڏهن هڪ استاد مڊل ليول جا سڀئي مضمون اڪيلو پڙهائيندا هئا،ڪٿي هينئرجو دور جو استادن ۾ مضمونن پڙهائڻ ۽ پيريڊن تي ڇڪتاڻ اڪثر اسڪولن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي آهي.
هڪ ڏينهن ڊي او سيڪنڊري آفيس جي بلاڪ ۾ آفيس سپرنٽنڊنٽ جي آفيس ۾ ويٺو هجان.هڪ هيڊماسترياڻي صاحبه اچي ڊي او صاحب جي باري ۾ پڇيو.سپرنٽنڊنٽ صاحب کيس ٻڌايو ته سائين جن آفيس ۾ موجود نه آهن،ميٽنگ لاءِ ويل آهن،ڪو ڪم هجي ته ٻڌايو.
هيڊماسترياڻي صاحبه هڪ ٿڌو شوڪاريو ڀريو ۽ چوڻ لڳي ڇا ٻڌايان.ڇهين درجي جي انگريزي پڙهائڻ لاءِ ڪا به ٽيچر راضي نه ٿي ٿئي.عربي واري استاد چوي ٿي ته هفتي ۾ صرف عربي جا ٽي پيريڊ وٺندس،باقي ڪو به مضمون نه پڙهائيندس.
سپرنٽنڊنٽ صاحب کيس عرض ڪيو ته آپا اهوتوهان جي اسڪول جو اندروني معاملو آهي ان کي توهان پاڻ حل ڪريو.
سائين محترم جا ڪم ته ڏسو اڪيلو ٻه درجا گڏ پڙهائيندو هو پر امتحانن جي ويجهي وارن ڏينهن ۾ سج لٿي کانپوءِ اسڪول کولائي،امتحان جي تياري لاءِ هڪ ڪمري ۾ ويهاري حڪم ڪندو هو ته هاڻي ويهي پڙهو ۽ سوال جواب ياد ڪريو.
تن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ هڪ ئي سرڪاري ٽي وي چينل پي ٽي وي هو.اهو پاڪستاني اردو ڊرامن جي عروج جو دورهو.هرهفتي هڪ قسط ايندي هئي،ان وقت جا مشهور ڊراما سمندر،ايمرجنسي وارڊ،تنهائيان وغيره هئا.سڄو ڏينهن ٽي وي به نه هلندي هئي.پرمخصوص وقت لاءِ هلندي هئي ۽ پرائم ٽائم تي اهي ڊراما ڏيکاريندا هئا.انهن سڀني ڊرامن ۾ مون کي سمندرڊرامو جيڪو امجد اسلام امجد جو لکيل هو سو ڏاڍو وڻندو هو.عابد علي،وسيم عباس،۽ عارفه صديقي جي شاندار اداڪاري به ان ۾ هئي ته سسپينس به ڏاڍو هوس.اهو انتظار هوندو هو ته هڪمراه نالو وسري ويو اٿم ان کي ڪير پيو بليڪ ميل ڪري ۽ ڊيڄاري.
اهو ڳوٺ ۾ عمومي طور تي گريبي جو دور هو هر گھر ۾ ٽي وي نه هوندو هو،آئون به پاڙي جي هڪ گھر ۾ ٽي وي ڏسڻ ويندو هوس.ان تي انتظار ۾ سڄو هفتو انتظار ڪندا هئاسين ۽ دوست پنهنجا پنهنجا رايا ڏيندا هئا ته هاڻي هينئن ٿيندو يا هونئن ٿيندو.وسيم عباس غريب هو،عابد علي جي آفرڏسي،شيخ چلي وانگر اهي سپنا به ڏسندا هئاسين ته ڇا ائين ڪي آفرون اسان کي به ٿي سگھن ٿيون يا ڪٿي مورڳو عابد علي هن کي استعمال ته نه ڪندو.
بهرحال اهي خواب،اندازا،تبصرا انتظار،سسپنس سڀ جا سڀ چڪناچور ٿي ويا.امتحان اچي مٿي تي پهتا محترم استاد صاحب پرائم ٽائم ۾ اسان کي امتحان جي تياري لاءِ اسڪول ۾ گھرائي ورتو.مطلب ته سمندر ويو سمنڊ ۾.

Thursday, July 7, 2016

ٺڪر،ڀتر ۽ انسان جا ڳوڙها ۽ مسڪراهٽون

منهنجي ٻن معصوم ٻارن 5 سالن جي ننڍڙي پٽ ۽ 9 سالن جي نياڻي جي وچ ۾ موبائل يا ڪمپيوٽر تان ڇڪتاڻ ڏسندو آهيان،ته دل چوندي اٿم ته کين چوان ته جيترا ڪمپيوٽر وڻيو سي وٺي اچو،ان تي به راضي نه ٿين ته دل چوندي اٿم ته ننڍڙي جي بيٽ کڻي موبائل ۽ ڪمپيوٽر کي ڀورا ڀورا ڪري ٻنهي ٻارڙن کي ڀاڪرپائي خوب رويان ۽ کين سمجھايان ته بابا هنن ٺڪرن ڀترن ۾ ته ڪجھ به ناهي،پاڻ ۾ محبت ڪريو،هڪٻئي جو خيال ڪريو،محبت ڪريو،پنهنجو پاڻ تي ٻئي کي ترجيح ڏيو،رشتن جي اهميت آهي،انسانن جي اهميت آهي،هنن شين جي ته ڪابه اهميت ناهي.پر وري اهو سوچي رڪجي ويندو آهيان ته هيءُ معصوم آهن،هنن جي تربيت به ڪرڻي آهي،هنن کي شين جي اهميت،انهن کي سنڀالڻ،قناعت سان گڏوگڏ پنهنجو پاڻ تي ضابطو به سيکارڻو آهي.پوءِ پنهنجو پاڻ تي ضابطوآڻي وقت ۽ حالات مطابق کين سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.خير اها ته والدين جي هڪ ذميواري آهي،۽ ان کي وس آهر نڀائڻ جي ڪوشش به ڪرڻي آهي.
پر سڄي انسانيت جي  صدين کان وسائل ڏانهن جائز يا ناجائز ڊوڙ ڏسي،ملڪن ۽ اتحادن ۾ هٿيارن جي ڊوڙڏسي لڳندو آهي ته شايد اها ڪڏهن به ختم نه ٿي سگھندي.
شايد ڪڏهن انساني جين ۾ ميوٽيشن ٿئي ۽ هڪ اهڙو انسان جنم وٺي،جيڪو ان اجائي لاحاصل ڊوڙ،لالچ ۽ حرص کان آجو هجي،باقي هن طور مان آسرو گھٽ ٿو لڳي.
دنيا ڇا به ڪري پر هرفرد کي اهو اختيار حاصل آهي ته هو پاڻ ٺڪرن،ڀترن ۽ انسان،ان جي رت،ان جي لڙڪن،ڪيڪن،دانهن،مسڪراهٽن،۽قهقهن جي فرق جي اهميت کي سمجھي سگھي.
حضرت عمرر ضي الله تعالي عنه جو دستور هو، رات جو،گھٽين ۾ گھمڻ رعيت جو خيال رکڻ ۽ ڪنهن گھر ۾ ڪنهن روئندڙ ٻار جو حال احوال وٺڻ ۽ ان کي مسڪراهٽن ۾ تبديل ڪرڻ. 
سندن هڪ مشهور واقعو آهي ته هڪ غريب عورت،جنهن وٽ ٻارن کي کارائڻ لاءِ ڪجھ به نه هو،هڪ هنڊي ۾ پٿريون پاڻي ۾ وجھي،کاڌي ٺهڻ جو انظار ڪرائيندي رهي نيٺ ٻارانتظار ڪندي سمهي پيا،عورت کان سربستو حال احوال وٺي،بيت المال مان کاڌي جو سامان کڻي آيا،پاڻ هٿ سان کاڌو تيار ڪري ٻارن کي کاڌو کارائي ،روئندڙ ٻارڙن کي کلندو ڏسي پوءِ اتان واپس روانا ٿيا.

Sunday, July 3, 2016

ککر جو چڪ

اڃا تائين به اڪثر هڪڙي ڳاله ٻڌندو رهندو آهيان ته گرمي ۾ ککر جوڏنگ ڇڻي ويندو آهي،سو ننڍپڻ ۾ اها ڳاله مون به ٻڌي هئي ۽ ان تي اعتبار به ڪري ويٺم،۽ پڪ ڪرڻ لاءِ ان تي تجربو ڪرڻ جو سوچيم.شديد گرمي جو موسم هو،دريءَ تي هڪ ککر ويٺل ڏٺم،مون کان ننڍڙن ٻارڙن اچي رڙيون ڪيون،آئون به صفا ڪو عقل جو اڪابر ٿي بيهي رهيس،کين ماٺ ڪرائي اها ئي ڳاله دهرايم ته ککر جو ڏنگ گرمي ۾ ڇڻيو وڃي،خاموش رهو ته ککر کي پڪڙي ڏيکاريان.
آهستي آهستي ويجهوٿي ساڄي هٿ جي شاهد آڱري ۽ آڱونٺي سان جو ککر۾ هٿ وڌم،پوءِ بس صرف هڪڙي رڙ بلند ٿي! سا منهنجي هئي،اهڙو چڪ زندگي ڀرنه  ماکي يا ٻي ڪنهن جيت هنيو. ڀٽون جو چڪ ته شڪر آهي زندگي ڀر نه لڳو.
ککر جو به ڏوه ڪونه هو،مون ککرون ننڍي وهي ۾ ماريون به جام.ڇو جو وڏا سڀ ان ڳاله تي متفق هئا ته ککر مارڻ ڏوه ڪونهي.
ڪيڙي مارڻ کي ته اڃا به وڏي عمر وارا گناه ٻڌائيندا آهن،پر ڪيڙيون گهڻو تنگ ڪنديون آهن،ته پوءِ وهائي پاڻي،گھمائي ٻهارو ماري ڇڏيندا اٿن.
ککر ويچاري جو به ڪو ڏوه نه هو.يڪو خاندانن جو مون کان پلاند ورتائين.ڪاوڙ به ڪا ڏاڍي آيس،سوچيائين ته پهريائين رڳو ماريندو هو،هاڻي مورڳو جھلي ٿو اسين جهڙوڪر پالتو جانور هجون.
هاڻي ککرن سان دوستي ناهي ته دشمني به ناهي، گرمي ۾ جي گھر۾ پٺين اگھاڙو پيو ڦرندس ته ڪا ککر پيئي اڏامندي ته سوچيندس ته ڀڄي وڃي، ماري ڇا ڪريانس ڏنگ ڀلي هجيس پرڇتي ڪانهي ٿي جو هروڀرو چڪ هڻندي،پڪڙيانس آئون ڪونه ٿو.
باقي اهو تجربو آئون ڪري چڪو آهيان،مهرباني ڪري وري پڪ ڪرڻ لاءِ دهرائجوس نه.

Thursday, June 30, 2016

ڏاڏا جي ڏول کي شاندار ڪڪ

منهنجي ننڍپڻ ۾ اسان جي گھرن ۾ ڪچيون وڏيون ڪوٺيون ٺهيل هونديون هيون.گھرن جا ٿلها وڏا هوندا هئا.ٿلهن تي ٽينس واري بال سان جنهن کي ستڪليو بال سڏيندا هئاسين سان ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين.وڪيٽن جي بدران ٽين جو گيه وارو 16 ڪلوجو پراڻو دٻو استعمال ڪندا هئاسين. هڪ دفعي ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئاسين ته منهنجي ڏاڏا محمد اسحاق نظاماڻي جو اتان گذر ٿيو.مون کي سڏ ڪري چيائين ته جميل احمد! مون عرض ڪيو ته جي ڏاڏا سائين! نماز پڙهي اٿو،مون چيو ته نه.ڏاڏا سائين ٺڪاءُ جو اسان واري وڪيٽن واري ڏول کي ڪڪ هنئين ته سو اڏامندو وڃي پري ڪريو،حڪم ڪيائين ته نماز پڙهي پوءِ اچي راند کيڏو.اسان سڀني ٻارن ان حڪم تي عمل ڪيو.ان وقت عصر(وچين) نماز جو وقت هو.
قرآن شريف ناظره اسان جي ڳوٺ جي پهرين حافظ قرآن محترم سائين شفيع الله صاحب وٽ پڙهيم.ان وقت اسان جي ڳوٺ ۾ تجويد سان قرآن شريف پڙهڻ ايترو عام نه ٿيوهو،هاڻي ته اسان جي ڳوٺ ۾ اڪثر ڪري قرآن مجيد تجويد سان ئي پڙهايو ويندو آهي.ان لاءِ ته هڪ خاص مدرسو،مدرسه دارالهدي  جنهن جو ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ الڳ سيڪشن آهي،استاد صاحبه کوليو آهي،ان کي پاڻ سنڀاليندي آهي ۽ پنهنجي سڄي زندگي قرآن پاڪ جي تعليم لاءِ وقف ڪري ڇڏي اٿس.
استاد  جي گھر قرآن شريف پڙهي رهيو هوس،اسان جو استاد ڏاڏا سائين جو ڏهٽو هو.سوره والفجر مان ڏاڏا سائين اچي امتحان ورتو،هڪ لفظ جيڪو استاد محترم ٻڌايو هو ته وقفو ڪندا ته هيئن پڙهندا جي وقفو نه ڪندا ته ملائي هيئن پڙهندا.مون وقفو ڪيو ڏاڏا سائين چيو ته غلط! ڪا به صفائي پيش نه ڪري سگھيس،ڏاڏا سائين هليا ويا.آئون آهستي آهستي روئڻ لڳس،استاد صاحب ان وقت ڪمري ۾ موجود نه هئا،جيئن ئي آيا ته ڀر واري شاگرد کان پڇيائون ته هي ڇو پيو روئي.ان جواب ڏنو ته مون کي به خبر نه آهي.مطلب ننڍي وهي ۾ ڏک ۾ روئڻ جوڀلو هوس، ها باقي روئيندو ردهم ۾ هئس،رانڀاڙ جي عادت نه هئم.
احساس ذميواري جي عادت ننڍي وهي کان اٿم.ٻئي درجي تائين ضرب جا حساب سکي ورتا هئم باقي ونڊ نه سکي هئم.اسان جي ڪلاس ٽيچر جو چوڻ هو ته اهو ڪافي آهي امتحان کان هڪ ڏينهن پهرين هڪ منهنجي مون کان عمر ۾ وڏي مائٽ دٻ ڏيئي ڇڏي ته امتحان ۾ ونڊ جا حساب به ايندا.اها ڳاله ٻڌي پريشان ٿي ويس،ڪامن سينس به استعمال نه ڪري سگھيس يا تڏهن مون ۾ ڪامن سينس  نه هو ،خير اڃا به اٿم الاهي نه.
بابا سائين(محمد ايوب نظاماڻي) کي ونڊ سيکارڻ لاءِ عرض ڪيم.بابا سائين ڏاڍا زور لڳايا پر ان گھڙي مون کي ونڊ سمجھ ۾ ئي نه اچي.اچو ٿو رويان.بابا سائين گھڻيئ سمجھايو ته ونڊ اڃا امتحان ۾ نه پڇندا،پريشان نه ٿيءُ.امتحان خيرن سان گذري ويو ونڊ جي باري ۾ نه پڇيائون.

Tuesday, June 28, 2016

جڏهن ڀاڙو کٽو

پرائمري اسڪول ٽيچر هوس.پگھار کڻڻ لاءِ ٽنڊو الهيار لاءِ ڳوٺان  ٽانگي ۾ چڙهي روانو ٿيس.پگھار کڻي ڳوٺ ۾ اسان دوستن جي ڪجھ گڏيل دوستن جي هڪ دعوت رکيل دعوت لاءِ سامان به وٺڻو هئم.
ڪرايو ٽنڊو الهيار پهچڻ جيترو مس کنيو هئم.ٽانگي ۾ سوار هڪ ڳوٺاڻي سان گڏ ڪجھ دوست گڏ هئا،ٽنڊوسومرو اسٽاپ جيڪو ڳوٺ ٽنڊوسومرو کان تقريبن سوا ٻه ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي، پهچيٽانگي مان لهڻ وقت ان ڳوٺاڻي هڪ ٻڌو نوٽ کڻي جو ٽانگي واري کي ڏنو تنهن نه ورتو چيائين مون وٽ پيسا کليا نه آهن.
ان ڳوٺاڻي مون کي ڪرايو ڏيڻ لاءِ چيو.ٿوري دير لاءِ سوچ ۾ ٻڏي ويس،حساب ڪري ڏٺم ته هڪ رپيو بس جو ڪرايو ۽ اٺ آنا پگھار ملڻ وقت لسٽ تي ٽڪلي لڳائڻ لاءِ هئا،انڪار به نه ڪري سگھيس،حقيقت به نه ٻڌائي سگھيس.ماٺ ڪري ڪرايو ڏيئي ڇڏيم.1993ع ڌاري جي ڳاله آهي،تڏهن پگهار سپروائيز ڪيش هٿ سان ورهائي ڏيندا هئا ۽ نالي سامهون ٽڪلي لڳائي ان تي سائن وٺندا هئا.
خير خالي کيسي پگھار جو انتظار ڪندو رهيس،جيستائين منهنجو وارو اچي،سپروائيزر ڏي ڪيش کٽي ويو،چيائين ته باقي رهيل سڀاڻي پگھار کڻڻ اچجو
ڪجھ به نه ڪڇيس،پنجاه رپيا کڻي وٺانس ها.ماٺ ڪري هليو ويس.بس اسٽاپ تي پهچي بس ۾ نه چڙهيس.ڳوٺ واري ڪنهن گاڏي يا موٽر سائيڪل جو انتظار ڪرڻ لڳس،مس مس! هڪڙو ڳوٺ وارو موٽر سائيڪل نظر آيو ،ويجھو وڃي همراه کي جيڪو منهنجو هم عمر ۽ ڪلاس فيلو به هو چيومانس ته ڳوٺ کڻي هل،هن انڪاري ڪندي چيو ته ڳوٺ هلان ئي ڪونه ٿو.مون کي اڃا هتي ڪم آهي.بهرحال نيٺ انتظار ڪري ،هڪ ٻه بس ڇڏي،نيٺ هڪڙي بس ۾ چڙهي پيس،بس ۾ بيٺي ڪنڊڪٽرکي ڪرايي جي بدران ٻانهن ۾ پيل واچ جي آفر ڪيم سا هن نه ورتي.
بهرحال ڳوٺ پهچي دوستن ۽ مائٽن کي سمورو حال احوال ٻڌايم سي ته ڏاڍا کليا( ٻه هلڪا راز ان ڪهاڻي جا اڃا به لڪايا اٿم).پوءِ ڳوٺان ئي سامان جو بندوبست ڪري دعوت جو انتظام ڪري ورتم.

Saturday, June 25, 2016

ڏوهي ڪير؟

31 مئي 2007 تي صبح جو گھڻي ننڊ مان اٿان ته ڪمري جي ڀتن ۾ سيرون نظر پيون اچن.ڏاڍو حيران ٿيس ته آخرٿيو ڇا آهي؟ صرف هڪ رات هڪ ڪريڪ ڪافي وڏو نظر پئي آيو.اهي ٻه جاڙا ڪمرا تازو 2005 ۾ ته ٺهرايا هئم.ان رات ننڊ دوران ڪيڏي ڪيڏي مهل ڪريڪ پوڻ جا آواز به ٻڌندو رهيس،پر ننڊ مان نه اٿيس ۽ خبر به نه پئجي سگھيم ته ڇا جو آواز آهي.
ڪم به اعتماد واري رازي کان ڪرايو هئم،ڪم ٿيل به معياري هو.رازي کي گھرائي ڪمري جي حالت چيڪ ڪرايم.رازي ٻڌايو ته ڪمري جي حالت ايڏي خراب ناهي ٿي ان ۾ رهي سگھوٿا.
شام جو خبرپيئي ته پاڙي وارو گھر جيڪو اڃا زير تعميرهو،ان جو پاڻي وارو روٽر منهنجي ان ڪمري جي ڀت جي پاڙ۾ لڳل آهي،سو ڪاله رات سڄي رات هلندو رهيو،بجلي جا به ڪم ڏسو سڄي رات هلندي رهي ! هڪ جھٽڪو به نه ڏنائين روٽر هلي هلي نيٺ سڙي ويو،پاڻي ڏيڻ ڇڏي ويو.جيئن ته ڪم اڃا هلندڙهو،گھرڀاتي اتي رهيل نه هئا،ڪم واري هڪ مزدورجاءِ کي پاڻي پئي هنيو،اوچتو بجلي هلي ويئي.هن روٽر جو بٽڻ بند نه ڪيو.جيئن روٽر هلڻ شروع ٿيو ته بند ئي نه ٿيو،نيٺ سڙي جان ڇڏايائين.تيستائين مون واري ڪمري جو ٻيڙو ٻوڙي ويو.
پاڙي جي ڳاله هئي،سندن به ڪو ڏوه نه هو،خير به ٿي ويو وڌيڪ نقصان نه ٿيو،اڃا ان حالت ۾ ئي ڪمرو آهي،وڌيڪ نقصان نه ٿيو.تنهنڪري ڪنهن تي به ميار نه ڏنم ۽ ماٺ ڪري ويهي رهيس.
پرمنهنجي ذهن ۾ هڪڙو سوال آهي آخر ان نقصان جو ذميوار ڪير آهي؟
1.مزدور،جنهن روٽر هلايو پر بند نه ڪيو.
2.گھرجا مالڪ جن جو ڪم هليو پئي تن خبر چار نه ورتي.
3.اسين جن جو نقصان ٿيو،تن ڌيان نه ڏنو ته پاڙي جي گھر ۾ ڪم ڪيئن پيو هلي.
4.بجلي جيڪا اوچتو هلي ويئي،۽ رات جو وري نه ويئي.
5.ڏوه ڪنهن جو به ناهي،بس هڪ اتفاق ٿي ويو.

Friday, June 24, 2016

ريڪارڊ ڪري

حڪيم صاحب تمام پيارو ماڻهوءَ هو،گھمڻ ڦرڻ جو شوقين،ڪچهري جو ڪوڏيو.صاف دل،کري ڳاله ڪرڻ وارو.حڪيم صاحب حڪمت جو ڪم وندر طور ڪندو هو،پاڻ زميندار هو.
حڪيم اڪثر پرهيز جو جام چوندا آهن.شاه صاحب جا ڪجھ بيت به ڪري ته آهن.
شاه صاحب جا بيت وسيع تناظر رکن ٿا،انهن جو هن دور جي حڪيمن جي پرهيز تي مڙيئي اطلاق  گھٽ ٿئي ٿو،مڙيئي موضوع نڪري پيو آهي ته هيٺ بيان ڪيان ٿو.
ويڄن سين وائي پيا،ڪري نه ڪئائون،
جي پند پاريائون ته سگھائي سگھا ٿيا.
ويڄن سين وائيءَ پيا، ڪري نه ڪن پاڻ،
اگھا ان اهڃاڻ،پسو! سور سجھائيا. 
آهي  گھڻواگھن جو، ترس طبيبن
ڪيو وس ويڄن، تان ڪريءَ ري ڪين ٿئي.(سريمن ڪلياڻ داستان ٻيو)
مون کي به نوجواني ۾ ڪا تڪليف ٿي پئي،علاج ڪرڻ لاءِ حڪيم صاحب پرهيز جو شرط رکيو.ڪري ڪرين ته علاج ڪندوسانءِ نه ته نه.مون به شرط قبول ڪيو.ڪري به صفا ڪا سولي هئي.ديسي گيه ۾ تريل ماني کائڻي آهي سا به صرف ڏه ڏينهن،ٻيو ڪجھ به نه .صرف پاڻي پيئڻو آهي،مطلب ته سڀ ڪجھ بند ڪري ڇڏيائين.ڏهن ڏينهن تائين هڪڙا ڪيپسول کائڻ لاءِ ڏنائين.محترم بابا سائين اٺين ڏينهن ڪري ڀڃڻ لاءِ چيو،پرمان به ڪري جو پڪو.ڪٿي ٿو وچين جو روزو کوليان.نيٺ ڏه ڏينهن پورا ڪيم.گذري ويا نه ته ڪير پيو سڄي عمر حڪيمن جا ڪري ٽوڙڻ جا مهڻا ٻڌندو.گنيز بڪ آو ورلڊ ۾ جي ان پرهيزجو رڪارڊ ڪير جمع ڪرائي ته منهنجو نالو به ان ۾ شامل ٿي ويندو.هڪ ڊاڪٽر صاحب تڏهن تبصرو ڪيو ته وڏي ڳاله ايتري ڪري کانپوءِ زنده بچي ويو آهين.ان وقت ته فائدي جي ڪابه خبر نه پيئي پروري حڪيم صاحب ڏي نه ويس.حڪيم صاحب جي علاج جو ته ڪو خاص فرق نه پيو،بهرحال الله سائينءَ جي مهرباني سان آئون ڪجھ عرصي کانپوءِ  ته ٺيڪ ٿي ويس.ڪريڊٽ حڪيم صاحب کنيو،شڪر ٿيو جان منهنجي به بچي ويئي.
حڪيم صاحب ڪافي حڪيمن کان سٺو هو.نه ته اڄڪله حڪمت ڪاروبار تحت هلي ٿي.
ڪنهن ڪتاب ۾ هڪ حڪيم جو قصو پڙهيم.پوءِ سچو يا ڪوڙو پر لڳي ته صفا هڪ لطيفو ٿو.حڪيم هڪ مريض کي جلاب ڏنو.جلاب کانپوءِ مريض جي طبيعت خراب ٿيندي ويئي،جيئن اچيو حڪيم کي مريض جو حال ٻڌائين تيئن حڪيم چوي گند ڪچرو ڀلي نڪرڻ ڏيو ته همراه ٺيڪ ٿي ويندو.نيٺ مريض گذاري ويو حڪيم کي اچي ٻڌايائون حڪيم جواب ڏنومار! گند ڪچرو ڪهڙو ته خراب هو جو نڪرڻ کانپوءِ به همراه مري ويو جي اندر رهيس ها ته ڪهڙو حال ڪريس ها!
حقيقت اها آهي ته اسان جي ميڊيڪل جي ڊاڪٽرن،دوائن وغيره جو ڪيترو به معيار ڪريل هجي پر حقيقت ۾ هن وقت وڌ ۾ وڌ ڪامياب علاج ايلوپيٿي جو ئي آهي،سو ڪامياب به آهي،استعمال به وڌ ۾ وڌ انهن کي ڪريون ٿا.پر تنهن هوندي به اسين بيماري جي پاڙ پٽڻ وارن علاجن جي اجائي تعريفن،۽ هن مسڪين طريقي جي خوب گلا ۾ لڳا پيا هوندا آهيون.

Tuesday, June 21, 2016

ٿاڻي تي حاضري

زندگي ۾ جيڪو ٿاڻي جو پهريون سفرمون ڪيو سو ڏاڍو اڻانگو هو.سو به اڪيلو نه ڪيم،پر ڪافي دوست گڏ هئم.اهو سفر لاهور شهر جي هڪ ايئر ڪنڊيشن ڪوچ گاڏي کان شروع ٿي ٿاڻي تي ختم ٿيو.12 ڪلاڪن جو سفر هو.اهو 1992 جي گرمين جو داستان آهي.تنهن وقت ۾ مون کي Motion Sickness(گاڏي ۾ الٽي ٿيڻ) هئي.ٿي سگھي ٿو يڪو ايترن ڪلاڪن تائين انگ ونگڙن رستن تي بند اي سي گاڏي ۾ سفر ڪريان ته اڃا به هان ڪچو ٿئي.
تڏهن مون کي پنهنجي دل جي ڳاله بيان ڪرڻ نه ايندي هئي،دوستن کي پنهنجو مسئلو به ٻڌائي نه سگھيس،تنهنڪري ڪنهن دوست ٿيليهن جو به بندوبست نه ڪيو هو،ڇو جو پوءِ دوستن جي ڪاوڙ سان ڀريل روين ۾ دوستن اها ميار ڏني ته ٻڌائين ها ته ٿيلهين جو بندوبست ڪريون ها.خير سفر کانپوءِ ته سڀ دوست اها ڳاله به سمجھي ويا ته ٿيلهن مان به ڪم نه ٿئي ها.
سڀني مسافرن کي منهنجي ڪري تڪليف پهتي،پر منهنجي دوستن کي ڏاڍي تڪليف پهتي،ان تڪليف جو اندازو هن ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته ان سفر ۾ هڪ ڊاڪٽر دوست ايم بي بي ايس به هو.هن هڪ اهڙو علاج مون لاءِ تجويزڪيو جو اڄڪله جا حڪيم،عطائي ڊاڪٽر،هوميوپيٿي وارا هلي گھر ڦرن.ڊاڪٽر صاحب مشورو ڏنو ته ڪن ڇڪي هڪڙي ٿڦڙ ٺڪاءُ ڪرايوس ته همراه ٺيڪ ٿي ويندو.آخري ٻلي کي گھنڊڙي ڪير ٻڌي؟ ڪنهن ۾ به همت ئي نه هئي ته مون کي ويجھو اچي.
باقي بس واري کي شابس هجي ڪجھ به نه ڪڇيو،پوءِ بس ڌوتائين يا وڃي وڪي هوندائين،اهو پڇا ڪرڻ مان به نه ويو مانس.
گھر خط لکڻ وقت پني جي ساڄي ڪنڊ تي ٿاڻو لکڻو پوندوهو،ٿاڻو مالاڪنڊ ايجنسي جو هڪڙو شهر آهي.ان کان پهرين بٽ خيله اچي ٿو جيڪو هڪ ڊگهي بازار هئڻ جي حوالي سان مشهور آهي.
واپسي وقت دوستن مشورو ورتو،هاڻي خير سان واپس ڪيئن هلون.مون کين ٻڌايو ته ٽرين ۾ خيريت ٿي ويندي.ٽرين به درگئي کان ٿي هلي.منو ڪلاڪ جيپ ۾ سفر ڪرڻو پوندو.بهرحال پوءِ ٽرين ذريعي خيريت سان لاهور پهچي وياسين. 

Monday, June 20, 2016

شيخ چلي جو ٻيو جنم

ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو آهي ته شيخ چلي جو ٻيو جنم هجان. ننڍي وهي ۾ ڪرڪيٽ جوشوقين هوندو هوس. ڳوٺ ۾ ڪرڪيٽ جون ٽيمون ٺاهي پاڻ ۾ مقابلا ڪندا هئاسين. ڦوڙي ڪري ڪرڪيٽ جوسامان وٺندا هئاسين. تڏهن ليٽي ڏينهن ڏٺي خوابن ۾ ڊينس للي کي هڪ اوور ۾ ڇه ڇڪا هڻندو هوس.  ننڍي وھي ۾ بابا شطرنج جو سيٽ آڻي ڏنو ۽ ترغيب ڏني ته ھي راندکيڏ. ڀلو سيٽ ھو. اھڙو وري مون زندگي ڀر نه ڏٺو. مهرا ان ۾ ئي اندر رکي بندڪري ڇڏبوھو. ان جي خانن ۾ چقمق لڳل ھو. راند کيڏڻ وقت مهرا چنبڙي بيھندا ھا. تنھن وقت ۾ گيري ڪاسپروف ۽ اناطولي ڪا رپوو جا عالمي چيمپينشپ جامقابلا ھلندڙ ھئا ته چوندو ھوس رڳو پاڻ ۾ ويٺا کيڏن مون سان کيڏن ته کين خبر پئجي وڃين ته گھڻي ويھين سو آھي.
گذريل سال ڳوٺ ۾ هڪ دڪان کوليم،ان اعلان سان ته چوويه ڪلاڪ هلائيندس،چار ڪم وارا رکيم.وڏي ڪوشش سان 15 ڪلاڪ هلائي سگھيس،مون پاڻ وٽ ته وقت هو ئي نه سو چار پگھار ڀريم.هن سال صرف سوا لک جي نقصان تي بند ڪري ڇڏيم.
دڪان کولڻ جو به عجيب اتفاق ٿيو.هڪ ڪيبن ۽ هڪ دڪان جي عمارت جو مالڪ به آهيان سو دڪان جو مسواڙي بغيراطلاع ڪرڻ جي رات پيٽ ۾ دڪان خالي ڪري هليو ويو.مسواڙي به دلچسپ ماڻهوءَ هو،مالڪ دڪان خالي ڪرائڻ لاءِ وڃيو،عدالتن ۾ پهچن هي ائين هليو ويو،اڃا تائين مسواڙ تي ڳوٺ ۾ دڪان نه مليو اٿس.
هن ويچاري کي دڪان خالي ڪرائڻ جو سڄو ڏوه حيسڪو وارن تي ٿيندو.بجلي جي ميٽرجي ريڊنگ صحيح لکنس ئي نه. پيسا به وٺيو وڃنس.آفيسن جا به گھڻيئي چڪر ڪڍيائين،پوءِ مون کي درخواست ڪيائين ته ميٽر ڪٽائي ڇڏ،بجلي جو آئون پاڻ ئي ٿو بندوبست ڪريان.مون هن جي ڳاله نه مڃي.مالڪ دڪان به آئون ۽ وري ميٽرهن چوڻ تي ڪٽايان.هن جو به ڏوه ڪونه هو،ماڻهن اهڙا ڊپ ڏنس ته واپڊا وارن سان ڦٽائيندين ته لکين رپين جا بل هڻندئي.
سدائين ته شيخ چِلي به نه رهيو آهيان،شيخ چَلي به رهيو آهيان.مون وارا ته خير سڀ بيضا ڪڏهن به نه ڀڳا،جام ٻچا به ڦوڙيو ويٺو آهيان.شيخ چَلي ٿيڻ لاءِ شيخ چِلي به ٿيڻو پوندو آهي.

Sunday, June 19, 2016

پهرين درجي جو پهاڙ

پهرين درجي جي امتحان کان ڪجه ڏينهن اڳ اسان جي محترم استاد اسان کي امتحان جا ڏاڍا ڊپ ڏيڻ شروع ڪيا.سائين جي ڊپ ڏيڻ جو طريقو تمام ڀلو هو.سائين اچي تسليون ڏيڻ شروع ڪندو هو ته امتحان ۾ متان ڊڄو،ڪجھ به ناهي،ڪوبه مسئلو ناهي ڪا به ڳاله ناهي بس رڳو توهان جو پهريون امتحان آهي.ٿي ويندو،گذري ويندو،پريشان نه ٿيو.
سائين جي هدايتن جو سلسلو کٽي ئي نه،ننڍڙي ٻارکي به ڪامن سينس هوندو آهي،اسين ته وڏا هئاسين،جوپهرين درجي جو پهاڙ سرڪرڻ پئي وياسون،سوچيم ته ڳاله ۾ تي ڪجھ به ڪونهي،پر ڀلا ڇا ڪندا وڌ ۾ وڌ گھڻي هڪ ٽڪو هڻندا ٻيو ڇا ڪندا.
وڏا ٻڌي ڪري جڏهن ڪنهن ٻارجو ڊپ لاهڻ جا جتن شروع ڪندا آهن،ته ٻاربه هوشيار آهن،پنهنجو ڪامن سينس استعمال ڪندا آهن ۽ فيصلو ڪري وٺندا آهن ته معاملي ۾ ڪجھ گڙٻڙ آهي،۽ هنن کي اهو ڊپ وڌڻ شروع ٿي ويندو آهي.
تنهنڪري بهتر اهو آهي ته ٻار جو اجايو خوف لاهڻ لاءِ بار بار ڳاله کي دهرائجي نه.ڳاله تمام گھڻي شدت سان بيان نه ڪجي.

اک ۾ ڳڙ

اسڪول ۾ هڪ فنڪشن هلي رهيو هو.فنڪشن ختم ٿيو،ڏاڍو ٿڪل هوس،ميز ڪنڌ هيٺ ڪري سمهي پيس.جيئن ئي ننڊ ڦٽي ته هڪ ۾ اک سور محسوس ٿيڻ لڳو ۽ اک پوري کلي ئي نه .ٻاهر نڪتس ته ڪنهن دوست چيو ته اک ۾ ته ڪيڏو سارو ڳڙ نڪتو اٿو.کيس وراڻي ڏنم ته پهرين ته ڪجه به نه هو،ٿورو ننڊ جو جھٽڪو آيو ۽ اک ۾ ڳڙ نڪري آيو،برابر هوندو جو اک ۾ سور به اٿم ۽ اک پوري کلي به نه ٿي.
انهيءَ پريشاني ۾ اڳتي هلڻ لڳس،ته ننڊ ڦٽي پيئي،صبح جو وقت هو راتوڪو ستل هوس.ڏسان کڻي ته هڪ اک آڱر سان چپيو ويٺو هوس.ان جي ڪري تڪليف محسوس ٿي رهي هئم.آڱر هٽايم ته اک ۾ سور ڇڏي ويو.اهو هو ڳڙ جيڪو مون خواب ۾ ڏٺو.
بلڪل ساڳي طرح هن دنيا ۾ اسان جڏهن غفلت جي ننڊ ۾ ستل هوندا آهيون،ته اهڙا ڪئين ڳڙ اسان جي جسم تي نڪري ايندا آهن،رڳو سجاڳ ٿيڻ جي ضرورت هوندي آهي،سجاڳ ٿي پنهنجي چپ مان صرف جان ڇڏائڻي هوندي آهي،پر ان لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته اسين غفلت مان نڪرون.
اسان کي خبرپوندي آهي ته اڪثر ته مسئلا آهن ئي ڪونه،اهي ته اسان جون سوچون آهن،جيڪي مسئلن جا ڪنڊا ٿي اسان کي چبهي رهيون آهن.

Friday, June 17, 2016

سادگي،کل ۽ پيٽ ۾ سور

منهنجي عمر هن وقت 44 سال آهي.منهنجي زندگيءَ جي هر ڏينهن تي ڪيترائي ماڻهوءَ هن فاني دنيا کي ڇڏي هليا ويا.مون کي زندگي جو هرڏينهن،هڪ هڪ ڪلاڪ ويندي منٽ منٽ ملندو رهيو آهي.منهنجي زندگي جي ان عرصي دوران مون کان ننڍا،وڏا،ٻار،پوڙهابه گذاري چڪا آهن.ڪن کي فطري موت نصيب ٿيو ته ڪي حادثن جو به شڪار ٿيا.تنهنڪري خبر نه آهي ته هن دنيا ۾ منهنجي نصيب ۾ ڪيتري عمر آهي.
هر انسان ۾ ڪجه خوبيون ته ڪجه خاميون به هونديون آهن.ڪجه صفتون وري انسان ۾ اهڙيون هونديون آهن ته انهن ۾ خوبين ۽ خامين جون ٻئي خاصيتون به هونديون آهن.
هر انسان جي زندگيءَ ۾ ڪي واقعا اهڙا هوندا جيڪي هوءَ ٻين کي ٻڌائڻ به چاهيندو هوندو،پر سوچيندو آهي ته اهڙا سادگي جا واقعا جيڪڏهن 90 سال جي عمر ۾ ويهي بيان ڪجن ته ٺيڪ آهي،باقي ان کان اڳي بيان ڪرڻ جي همت نه هوندي آهي.حقيقت ۾ مسئلو هوندو ئي انهن واقعن پيش اچڻ وقت آهي،انهن جو اثر ڪجھ وقت کانپوءِ ختم ٿي ويندو آهي.ڪافي واقعن کانپوءِ انسان ڪافي ڳالهيون سکي به وٺندو آهي.پر اهو سلسلو مستقل هلندو رهندو آهي.
مون کي ڪابه خبر ناهي ته منهنجي عمر ڪيتري آهي.تنهنڪري سوچيو اٿم ته اهڙا دلچسپ واقعا توهان سان شيئرڪرڻ شروع ڪريان،اهي واقعا ڀلي ٿورائي هجن پر ارادو شيئر ڪرڻ جو ڪيو اٿم.
پهريون واقعو جيڪو توهان سان شيئر ڪندس سو پڙهي توهان کي کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي ويندو،مون کي توهان جا پيٽ پيارا آهن.تنهنڪري هن پوسٽ ۾ ان جو ذڪر نه ڪري رهيو آهيان،توهين به پيٽ مضبوط ڪريو ته مان به ڪجھ دل ۽ دماغ مضبوط ڪريان، ڪنهن نه ڪنهن پوسٽ ۾ اهڙي شروعات ڪندس،هي پوسٽ ان لاءِ رکي رهيو آهيان ته پنهنجي ڳاله ته ڦري نه وڃان.باقي هڪڙي ڳاله ياد رکجو ته اهو ارادو آهي،واعدو نه آهي.اميد ٿو رکان ته توهان سان اهڙن واقعن شيئر ڪرڻ جو موقعو ملندو.

Saturday, April 16, 2016

عجيب جتي چور

ڪيترائي سال پراڻي ڳاله آهي مسجد مان منهنجي جتي چوري ٿي ويئي.مسجد ۾ انتظار ڪندو رهيس،جڏهن سڀ نمازي هليا ويا ته هڪ جتي بچي،ڪامن سينس استعمال ڪري اهو سمجهيم تو ڪو همراه ڀل ۾ منهنجي جتي پائي ويو آهي.سو مان به اها پائي گھر هليو ويس.وري ٻي نماز تي ڏٺم ته منهنجي جتي پئي آهي.نماز جو وري ڏسان ته همراه سندس جتي نه پاتي وري منهنجي پائي هليو ويو.نيٺ ان کانپوءِ هڪ نماز تي بل مليو،پنهجي جتي پاءِ هليو ويس، ڪاري مارڪر سان منهنجي چپل تي N لکي ڇڏيم.هاڻي بي اونو ٿي ويس ته همراه هيڏو سارو نشان ڏسي مون واري جتي کي هٿ به نه لاهيندو.ڏاڍو صدمو پهتم، جو همراه کي نشان نظرنه آيو،سو مون کي وري به منهجي جتي هٿ نه آئي،مون به همت نه هاري،وري ٻئي نمازجو انتظار جتي جي تلاش ۾.فرض پڙهي جتين جي جاءِ بدلائي ڇڏيم،صفا هڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيم،مون کي پڪ هئي ته جتي جتي رکي اٿس اتئين وڃي پائيندو،منهنجي جتي جي جان ڇٽي پوندي.ڏسان ته ڪير ٿو اها جتي پاءِ.ڪافي نمازي هليا ويا،ڪنهن به ڪا به جتي نه پاتي.تيسين ڏسان ته هڪ منهنجي سيڪنڊري ۾ محنتي شاگرد،مالدار،نيڪ نيت ۽ نيڪ عمل وري وڃي مون واري جتي پاتي.نيٺ وڃي مليومانس.پڇيو مانس ته ڇا هي جتي توهان جي آهي؟ ها ! سڪون سان جواب ڏنائين.مون چيو ته غورسان ڏسو ته هن تي مارڪر سان نشان لڳل آهي سو توهان هنيو آهي.ڏسي حيران ٿي ويو،چيائين ته اڙي! اهو ته مون نه ڏٺو.پڇيومانس ته اهو ته ٺيڪ آهي پر تو جتي لاٿي هڪ هند پاتي وڃي ٻئي هنڌان؟ جواب ڏنائين ته بس خيالن ۾ گم هوس ڳاله ئي وسري ويم ته جتي ڪٿي لاٿي اٿم.ڪمپيوٽر جو ماهر آهي اهو همراه ،سٺي ڊگري به ڪمپيوٽر ۾ حاصل ڪئي اٿس.لڳي ٿو ڪمپيوٽر پڙهندي ان جي سوچن ۾ گم هوندو،خير هونئن به انسان کان ائين ٿي ويندوآهي ڪڏهن ڪڏهن.چورپڪڙيم سڳ سوڌو،پر اهو چور نه نڪتو.هڪ ڳاله سمجھ ۾ آيم ته زندگي ۾ عجيب امڪانات ممڪن آهن،تنهنڪري ڪنهن تي به جلدي چوري جي  تهمت نه هڻجي،ان کان ته بهتر آهي ته شيءِ تان هٿ ئي کڻي ڇڏجي.بهرحال هڪ وڏو پرتجسس ڪيس حل ڪيم.

Friday, March 25, 2016

ڪَم پِيو ٽَر

ڪمپيوٽر تمام وڏي ڪم جي شيءِ آهي.انٽرنيٽ کانسواءِ ته ڪمپيوٽر هلائڻ ۾ مزو نه ايندو آهي.سائنس،دين،مذهب،ٻولين،تاريخ ۽ جديد علمن جي بهترين قسم جي معلومات دستياب آهي.وندر لاءِ به گھڻيئي ڪجھ دستياب آهي.رانديون کيڏو،فلمون،ڊراما ڏسو يا سوشل ميڊيا تي ويهي تبصرا پڙهو يا بحثن ۾ حصو وٺو.جيڪي وڻُن سي اخبارون پڙهو.
باقي جي ڪم کي ڇڏي ويهي وقت وڃائڻ چاهجي ته ان لاءِ به هي ڀلي شيءِ آهي.تنهن ڪري جيڪڏهن هن جو صحيح استعمال نه ڪجي ته پوءِ ڪمپيوٽر مورڳو سنڌي وارو ڪَم پِيو ٽَر ٿيو پوي.
ڳاله ۾ ڪجھ به ڪونهي بس توهان سان اهو شيئر ڪرڻو هو ته ڪيڏي نه عجيب ڳاله آهي ته لفظ ڪمپيوٽر کي ٽوڙي زيرون زبرون ڏيئي ڏسو ته اهو ڪَم پِيو ٽَر ٿيو پوي.

Sunday, January 10, 2016

دوستي لاءِ دشمني کپي

هڪ گھر جا فرد پاڻ ۾ وڙهيا پيا هوندا.پاڙي يا مائٽن مان ڪير اچي هنن سان وڙهيو ته گھر جا ماڻهوءَ پاڻ ۾ کيرکنڊ ٿي ويندا،انهن سان مقابلي لاءِ تيار ٿي ويندا.ڳوٺائي يا هڪڙي برادري يا ذات جا ماڻهوءَ ٺڪر ڀتر سان وڙهيا پيا هوندا،ٻي ڪنهن ڳوٺ يا ذات سان جھيڙو ڪندا ته وري هڪٻئي سان ويجھڙائي اختيار ڪندا،قرب ڪرڻ لڳندا.فرقن،مسلڪن،مذهبن ۾ به انسان جو رويو ساڳيون آهي.
جاگرافي طور،ترقياتي ڪمن جي لاءِ فنڊن جي استعمال ۾ به يوسي،تعلقي،ضلعي،صوبي ۽ ملڪي سطح تي به ساڳيون حال آهي.
مطب ته انسان کي هر دوستي لاءِ هڪ دشمني کپي.انسانن جو هڪٻئي سان موجوده رويو اهو ٻڌائي ٿو ته دنيا هڪ گلوبل وليج بڻجي وڃڻ جي باوجود انسان تيستائين عالمي سطح  تي محبت سان  نه رهندا،جيستائين کين ڪا ڌرتي کان ٻاهرواري مخلوق (alien) جھڙو ڪو دشمن ملي،جنهن کي ڳولڻ ۾ لڳا پيا آهن.

Wednesday, January 6, 2016

ڇو ٿا جلدي مايوس ٿيو؟

اڄ سرڪاري ڪم سانگي هڪ دوست سان گڏجي موٽرسائيڪل تي چڙهي ٽنڊو الهيار جي هڪ بينڪ ويس،فارملٽيز پوريون ڪيم،ڪو گھربل ڪاغذ وري واپس اچي ڳوٺ کڻڻو پيو.ڪم کي پوري ڪرڻ جي ڌن ۾ ٻنپهرن جي ماني به نه کاڌيسين،ڳوٺ واپس ايندي هڪ ريڙهي واري وٽ بيٺاسين.ريڙهي تي رڳو ڀاڄي رکيل هجي.مون کي ته بک جي ڪري صفا مٿي ۾ سور پوڻ وارو هو،دوست کان پڇيم ته گھڻيون پتائي گجرون وٺون ؟ گس تي کائيندا هلون.”مون کي ايتري گھڻي بک ناهي،آئون ڪونه ٿو کاوان،توهان کي جيڪي کپن سي وٺو.“ دوست جواب ڏنو.مون به هڪڙي گجرهٿ ۾  کڻي ريڙهي واري کان پڇيو ته گھڻا پيسا ٿيندا؟ جيئن ته ريڙهي وارو اسان جي گفتگو ٻڌي چڪو هو،ريڙهي واري چيو ته پيسا ڪونه ٿو وٺان.مون کانئس پڇيو آخر ڇو؟ جواب ڏنائين ته صرف هڪ گجر کائڻ لاءِ ٿا وٺو،ان جا پيسا نه وٺندم.دوست چيو ته ٻي گجر به کڻ،سا کڻي وري پيسا پڇيامانس، ساڳيو جواب ته پيسا نه وٺندم.ڪيتريون به گجرون کڻو؟ آخر ڇو مون هن کان سوال ڪيو؟ ان ڪري جو سخت بک ۾ ،ڪم جي تڪڙ ۾ هي پيا وٺو.نه ته فروٽ کايوها،هوٽل تي ماني کائوها.سخت بک جي مجبوري ۾ کاڌي جا پيسا نه وٺبا آهن. خير هڪ گجر کڻي بنا پيسا ڏيڻ جي روانو ٿي وياسون.هن جي اميري ۽ پنهنجي غريبي ڏسي حيران ٿي ويس.ان سڄي واقعي دوران مون کي هن جي چهري تي حرص جا آثار نظر نه آيا.
واپس شهر اچي ڪم ڪار لاهي علاوالدين مٺائي واري جي دڪان تي پڪوڙا  کاڌاسين.پڪوڙا کائيندي ڪنهن سوالي سوال ڪيو ته بک لڳي اٿم سنبوسا وٺي ڏيو.
ٻه سنبوسا هن کي وٺي ڏنم،مون ڪنجوس به حاتم طائي جي قبرکي لت هنئي.ڪن ۾ رڳو ريڙهي واري جا لفظ پئي گونجيم.ان وقت مون کي اهي سڀ فلاسافيون وسري ويون ته هي پينو فقير آهن،پروفيشنل آهن،هنن کي ڪجھ ڏيڻ سان پن جو ڌنڌو وڌندو ان جي حوصله شڪني ڪرڻ کپي.
مون کي زندگي ۾ پهريون ڀيرو اها ڳاله سمجھ ۾ آئي ته سخت بک ۾ ڪنهن کي به کاڌو منع نه ڪرڻ گھرجي.مون کي وڏڙن جا اهي لفظ به سمجھ ۾ اچڻ لڳا ته ”ماني الله جي آهي.“ 
مون کي ان ڳاله جي اهميت به زندگي ۾ پهريون ڀيرو سمجھ ۾ آئي ته منهنجي والده محترمه گھر آيل ڪنهن به بکي سوالي کي ڪجھ نه ڪجھ ضرور کارائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.هر ڪنهن کاڌي جي سوالي جي تمام گھڻي اون  ڪندي آهي ۽ ساڻس مسڪرائي ڳالهائيندي آهي ۽ هن جي عزت نفس ڪڏهن به مجروح نه ڪندي آهي.
واپسي مهل لهندي سج تي نظر ڪيم،جنهنجي روشني مدهم ٿي چڪي هئي ۽ ماني جي لولي وانگر سڄو نظر اچي رهيوهو.آڱرن جي ٽانڊي وانگر نظر اچي رهيو هو،جنهن جي روشني ۾ ايتري شدت نه هئي.لهندي لهندي مون کي چئي ويو،دنيا ۾ انسانيت اڃا آهي ڇو ٿا جلدي مايوس ٿيو.

Saturday, January 2, 2016

مٺائي

دوستن جي محفل ۾ ويٺل هئاسين.هڪ دوست چيو ته گھران مٺائي گھرايان ته گڏجي ٿا کايون.محفل ۾ موجود ڪجھ دوست ڏاڙهي ڪوڙيندڙ هئا ته ڪجھ جي سنت رکيل هئي.مٺائي کائڻ شروع ڪئيسين ته منهنجي ظرافت جي نس ڦڙڪي پيئي،سو مون چيو ته اڄ جيتري وڻيو اوتري مٺائي کايو،لڳندو هوئين اسان تي.