جڏهن به ڪا ڳاله پکيڙڻي هجي ته ان جو هڪ تمام سولو طريقو آهي.هڪ اهڙي شخص کي جيڪو ڳالهيون پکيڙڻ ۾ مهارت رکندو هجي،وڏي رازداري سان اها ڳاله ٻڌائڻ وقت اها هدايت ڪجي ته ڪنهن کي به نه ٻڌائجان.اها ڳاله باه کان به تيزي سان ان علائقي ۾ پکڙجي ويندي.
بلڪل ساڳي طرح سان جيڪڏهن منهنجي توجه ڪنهن ڳاله تان هٽائڻي هجي،ڪنهن ڪم ۾ مون کي ڦاسائڻو هجي ته ان جو به صفا سولو طريقو آهي،ميٿ جو ڪو پرابلم مٿي ۾ هڻي،اهو گڏ ضرور ٻڌائجي ته هي ته ڪنهن کان حل ئي نه ٿو ٿئي.
هڪ هفتو پهريائين هڪ دوست پاڻ سان گڏ هڪ فرسٽ ايئر جو شاگرد ملائي،چيو ته سائين هن جي ٽيچر کان به هڪ پرابلم حل نه ٿو ٿئي،مهرباني ڪري ڪوشش ڪري حل ڪري ڏيو.
هن کي مون چٽي طرح ٻڌايو ته مون کي فرسٽ ايئر جي ميٿ پڙهيي مون کي 28 سال ٿي چڪا آهن،وري ته مون ڪڏهن پڙهائي به نه آهي،سو اهو پرابلم مون کان ڪٿان حل ٿيندو،ڀلا ڪتاب کڻي اچ ته ڏسون.مون کي به پڪ هئي ته اهو ڪانسپيٽ ئي اهڙو هوندو جيڪو منهنجو پڙهيل ئي نه هوندو.آرام سان انڪار ڪري ڇڏيندس،نانگ به مري ويندو،لٺ به نه ڀڄندي.
ڪتاب کڻي اچي،اهو پرابلم منهنجي اڳيان رکيائون ته اها هڪ سيريز جي جوڙ معلوم ڪرڻي هئي،سو مون کي لڳو ته ان کي آساني سان ڪري وٺندس،سمجھ ۾ نه به آيم،ته به ياهو انسرس،فيسبڪ،نيٽ سرچ ڪٿان به حل ڪري وٺندم،اهي سوچون ايندي ئي ڇاتي تي هٿ هڻي ويهي رهيس.
پرابلم هجي Arithmetico -Geomtric series جي nth ٽرم جو جوڙ.
اچي ڪوشش ڪيم،ڏاڍا زور لڳايم،پرابلم ته حل ٿي ئي نه.نيٽ تي سرچ ڪيم،يو ٽيوب تي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيم.ياهو انسرس تي سوال ڪيم،پر ڪجھ به نه وريو.هر وقت ذهن تي اهو سوار،گھر به هن جي حل لاءِ ڪتاب ۽ رجسٽرهروقت هٿ ۾.ٽي چار ڏينهن لڳي ويا.حل ٿيندي ٿيندي گسيو وڃي.ڪجھ ميٿ ۾ ايم ايس سي ڪيل ۽ فرسٽ ايئر جي ميٿ پڙهائيندڙ دوستن کي فونون ڪري ميسيج جي ذريعي پرابلم موڪليم،پر حل ڪري نه ڏنائون،ٿي سگھي ٿو ته واندا ئي نه هجن.گھر۾ ڪو مشورو وٺن ته مهنجو اهو ئي جواب ته توهين ان تي سوچيو آئون هي حساب حل ڪري وٺان.منهنجي والده محترمه نيٺ منهنجي گھروارين کان منهنجي موجودگي ۾ پچيو ته ڀلا جي حساب حل نه ٿيو ته ڇا ٿي پوندو؟ مون منهجي والده محترمه کي مسڪرائيندي ٻڌايو ته ڪجھ به نه ٿيندو.بس هي هڪڙو منهنجو شوق آهي.
هڪ رات ڇت تي مٿي کٽ تي ليٽيي گوگل سرچ ڪندي وڪيپيڊيا تي وڃي ان ڪاسيپٽ کي اهڙو سمجھي ورتم جوان پرابلم کي حل ڪري ورتم.
فورن دوست کي فون ڪري ٻڌايم ته ڦاڙهو ماري ورتو اٿم،هاڻي باقي شاگرد کي سمجھائڻو آهي.دوست جي واه واه! خرچ ٿي،منهنجو ته مٿو ئي ويو،پر اهو به چڱو جو ٻارڙي جوڪم ٿي ويو،هونئن ئي اسان استادن کي پڙهائي ۾ دلچسپي وارا شاگرد ورلي ئي نصيب ٿين ٿا،سو اهڙا موقعا هٿان نه وڃائڻ گھرجن.
ان پرابلم حل ڪرڻ جي ڪوشش دوران منهنجي والده مون کان پڇيو ته ڀلا جي حساب حل ٿي ويو ته ان جو ٿورو ڪنهن تي ٿيندو.توهان جي دوست تي.مون والده محترمه کي عرض ڪيو ته اهو ٿورو منهنجو پنهنجو پاڻ تي ٿيندو.






