پرائمري اسڪول ٽيچر هوس.پگھار کڻڻ لاءِ ٽنڊو الهيار لاءِ ڳوٺان ٽانگي ۾ چڙهي روانو ٿيس.پگھار کڻي
ڳوٺ ۾ اسان دوستن جي ڪجھ گڏيل دوستن جي هڪ دعوت رکيل دعوت لاءِ سامان به وٺڻو هئم.
ڪرايو ٽنڊو الهيار پهچڻ جيترو مس کنيو هئم.ٽانگي ۾ سوار هڪ
ڳوٺاڻي سان گڏ ڪجھ دوست گڏ هئا،ٽنڊوسومرو اسٽاپ جيڪو ڳوٺ ٽنڊوسومرو کان تقريبن سوا
ٻه ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي، پهچيٽانگي مان لهڻ وقت ان ڳوٺاڻي هڪ ٻڌو نوٽ کڻي جو ٽانگي واري
کي ڏنو تنهن نه ورتو چيائين مون وٽ پيسا کليا نه آهن.
ان ڳوٺاڻي مون کي ڪرايو ڏيڻ لاءِ چيو.ٿوري دير لاءِ سوچ ۾
ٻڏي ويس،حساب ڪري ڏٺم ته هڪ رپيو بس جو ڪرايو ۽ اٺ آنا پگھار ملڻ وقت لسٽ تي ٽڪلي
لڳائڻ لاءِ هئا،انڪار به نه ڪري سگھيس،حقيقت به نه ٻڌائي سگھيس.ماٺ ڪري ڪرايو ڏيئي
ڇڏيم.1993ع ڌاري جي ڳاله آهي،تڏهن پگهار سپروائيز ڪيش هٿ سان ورهائي ڏيندا هئا ۽
نالي سامهون ٽڪلي لڳائي ان تي سائن وٺندا هئا.
خير خالي کيسي پگھار جو انتظار ڪندو رهيس،جيستائين منهنجو
وارو اچي،سپروائيزر ڏي ڪيش کٽي ويو،چيائين ته باقي رهيل سڀاڻي پگھار کڻڻ اچجو
ڪجھ به نه ڪڇيس،پنجاه رپيا کڻي وٺانس ها.ماٺ ڪري هليو
ويس.بس اسٽاپ تي پهچي بس ۾ نه چڙهيس.ڳوٺ واري ڪنهن گاڏي يا موٽر سائيڪل جو انتظار
ڪرڻ لڳس،مس مس! هڪڙو ڳوٺ وارو موٽر سائيڪل نظر آيو ،ويجھو وڃي همراه کي جيڪو منهنجو
هم عمر ۽ ڪلاس فيلو به هو چيومانس ته ڳوٺ کڻي هل،هن انڪاري ڪندي چيو ته ڳوٺ هلان
ئي ڪونه ٿو.مون کي اڃا هتي ڪم آهي.بهرحال نيٺ انتظار ڪري ،هڪ ٻه بس ڇڏي،نيٺ هڪڙي
بس ۾ چڙهي پيس،بس ۾ بيٺي ڪنڊڪٽرکي ڪرايي جي بدران ٻانهن ۾ پيل واچ جي آفر ڪيم سا هن
نه ورتي.
بهرحال ڳوٺ پهچي دوستن ۽ مائٽن کي سمورو حال احوال ٻڌايم سي
ته ڏاڍا کليا( ٻه هلڪا راز ان ڪهاڻي جا اڃا به لڪايا اٿم).پوءِ ڳوٺان ئي سامان جو
بندوبست ڪري دعوت جو انتظام ڪري ورتم.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو