منهنجي
ننڍپڻ ۾ اسان جي گھرن ۾ ڪچيون وڏيون ڪوٺيون ٺهيل هونديون هيون.گھرن جا ٿلها وڏا
هوندا هئا.ٿلهن تي ٽينس واري بال سان جنهن کي ستڪليو بال سڏيندا هئاسين سان ڪرڪيٽ
کيڏندا هئاسين.وڪيٽن جي بدران ٽين جو گيه وارو 16 ڪلوجو پراڻو دٻو استعمال ڪندا
هئاسين. هڪ دفعي ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئاسين ته منهنجي ڏاڏا محمد اسحاق نظاماڻي جو
اتان گذر ٿيو.مون کي سڏ ڪري چيائين ته جميل احمد! مون عرض ڪيو ته جي ڏاڏا سائين!
نماز پڙهي اٿو،مون چيو ته نه.ڏاڏا سائين ٺڪاءُ جو اسان واري وڪيٽن واري ڏول کي ڪڪ
هنئين ته سو اڏامندو وڃي پري ڪريو،حڪم ڪيائين ته نماز پڙهي پوءِ اچي راند
کيڏو.اسان سڀني ٻارن ان حڪم تي عمل ڪيو.ان وقت عصر(وچين) نماز جو وقت هو.
قرآن
شريف ناظره اسان جي ڳوٺ جي پهرين حافظ قرآن محترم سائين شفيع الله صاحب وٽ
پڙهيم.ان وقت اسان جي ڳوٺ ۾ تجويد سان قرآن شريف پڙهڻ ايترو عام نه ٿيوهو،هاڻي ته
اسان جي ڳوٺ ۾ اڪثر ڪري قرآن مجيد تجويد سان ئي پڙهايو ويندو آهي.ان لاءِ ته هڪ
خاص مدرسو،مدرسه دارالهدي جنهن جو ڇوڪرين
۽ ڇوڪرن لاءِ الڳ سيڪشن آهي،استاد صاحبه کوليو آهي،ان کي پاڻ سنڀاليندي آهي ۽
پنهنجي سڄي زندگي قرآن پاڪ جي تعليم لاءِ وقف ڪري ڇڏي اٿس.
استاد
جي گھر قرآن شريف پڙهي رهيو هوس،اسان جو
استاد ڏاڏا سائين جو ڏهٽو هو.سوره والفجر مان ڏاڏا سائين اچي امتحان ورتو،هڪ لفظ
جيڪو استاد محترم ٻڌايو هو ته وقفو ڪندا ته هيئن پڙهندا جي وقفو نه ڪندا ته ملائي
هيئن پڙهندا.مون وقفو ڪيو ڏاڏا سائين چيو ته غلط! ڪا به صفائي پيش نه ڪري
سگھيس،ڏاڏا سائين هليا ويا.آئون آهستي آهستي روئڻ لڳس،استاد صاحب ان وقت ڪمري ۾
موجود نه هئا،جيئن ئي آيا ته ڀر واري شاگرد کان پڇيائون ته هي ڇو پيو روئي.ان جواب
ڏنو ته مون کي به خبر نه آهي.مطلب ننڍي وهي ۾ ڏک ۾ روئڻ جوڀلو هوس، ها باقي
روئيندو ردهم ۾ هئس،رانڀاڙ جي عادت نه هئم.
احساس
ذميواري جي عادت ننڍي وهي کان اٿم.ٻئي درجي تائين ضرب جا حساب سکي ورتا هئم باقي
ونڊ نه سکي هئم.اسان جي ڪلاس ٽيچر جو چوڻ هو ته اهو ڪافي آهي امتحان کان هڪ ڏينهن
پهرين هڪ منهنجي مون کان عمر ۾ وڏي مائٽ دٻ ڏيئي ڇڏي ته امتحان ۾ ونڊ جا حساب به
ايندا.اها ڳاله ٻڌي پريشان ٿي ويس،ڪامن سينس به استعمال نه ڪري سگھيس يا تڏهن مون
۾ ڪامن سينس نه هو ،خير اڃا به اٿم الاهي
نه.
بابا
سائين(محمد ايوب نظاماڻي) کي ونڊ سيکارڻ لاءِ عرض ڪيم.بابا سائين ڏاڍا زور لڳايا
پر ان گھڙي مون کي ونڊ سمجھ ۾ ئي نه اچي.اچو ٿو رويان.بابا سائين گھڻيئ سمجھايو ته
ونڊ اڃا امتحان ۾ نه پڇندا،پريشان نه ٿيءُ.امتحان خيرن سان گذري ويو ونڊ جي باري ۾
نه پڇيائون.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو