ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو آهي ته شيخ چلي جو ٻيو جنم هجان. ننڍي وهي ۾ ڪرڪيٽ جوشوقين هوندو هوس. ڳوٺ ۾ ڪرڪيٽ جون ٽيمون ٺاهي پاڻ ۾ مقابلا ڪندا هئاسين. ڦوڙي ڪري ڪرڪيٽ جوسامان وٺندا هئاسين. تڏهن ليٽي ڏينهن ڏٺي خوابن ۾ ڊينس للي کي هڪ اوور ۾ ڇه ڇڪا هڻندو هوس. ننڍي وھي ۾ بابا شطرنج جو سيٽ آڻي ڏنو ۽ ترغيب ڏني ته ھي راندکيڏ. ڀلو سيٽ ھو. اھڙو وري مون زندگي ڀر نه ڏٺو. مهرا ان ۾ ئي اندر رکي بندڪري ڇڏبوھو. ان جي خانن ۾ چقمق لڳل ھو. راند کيڏڻ وقت مهرا چنبڙي بيھندا ھا. تنھن وقت ۾ گيري ڪاسپروف ۽ اناطولي ڪا رپوو جا عالمي چيمپينشپ جامقابلا ھلندڙ ھئا ته چوندو ھوس رڳو پاڻ ۾ ويٺا کيڏن مون سان کيڏن ته کين خبر پئجي وڃين ته گھڻي ويھين سو آھي.
گذريل سال ڳوٺ ۾ هڪ دڪان کوليم،ان اعلان سان ته چوويه ڪلاڪ هلائيندس،چار ڪم وارا رکيم.وڏي ڪوشش سان 15 ڪلاڪ هلائي سگھيس،مون پاڻ وٽ ته وقت هو ئي نه سو چار پگھار ڀريم.هن سال صرف سوا لک جي نقصان تي بند ڪري ڇڏيم.
دڪان کولڻ جو به عجيب اتفاق ٿيو.هڪ ڪيبن ۽ هڪ دڪان جي عمارت جو مالڪ به آهيان سو دڪان جو مسواڙي بغيراطلاع ڪرڻ جي رات پيٽ ۾ دڪان خالي ڪري هليو ويو.مسواڙي به دلچسپ ماڻهوءَ هو،مالڪ دڪان خالي ڪرائڻ لاءِ وڃيو،عدالتن ۾ پهچن هي ائين هليو ويو،اڃا تائين مسواڙ تي ڳوٺ ۾ دڪان نه مليو اٿس.
هن ويچاري کي دڪان خالي ڪرائڻ جو سڄو ڏوه حيسڪو وارن تي ٿيندو.بجلي جي ميٽرجي ريڊنگ صحيح لکنس ئي نه. پيسا به وٺيو وڃنس.آفيسن جا به گھڻيئي چڪر ڪڍيائين،پوءِ مون کي درخواست ڪيائين ته ميٽر ڪٽائي ڇڏ،بجلي جو آئون پاڻ ئي ٿو بندوبست ڪريان.مون هن جي ڳاله نه مڃي.مالڪ دڪان به آئون ۽ وري ميٽرهن چوڻ تي ڪٽايان.هن جو به ڏوه ڪونه هو،ماڻهن اهڙا ڊپ ڏنس ته واپڊا وارن سان ڦٽائيندين ته لکين رپين جا بل هڻندئي.
سدائين ته شيخ چِلي به نه رهيو آهيان،شيخ چَلي به رهيو آهيان.مون وارا ته خير سڀ بيضا ڪڏهن به نه ڀڳا،جام ٻچا به ڦوڙيو ويٺو آهيان.شيخ چَلي ٿيڻ لاءِ شيخ چِلي به ٿيڻو پوندو آهي.

No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو