ٽن سالن جو وسيم مسڪرائيندي مون کي ٻڌائڻ لڳو” منهنجي ڏاڏي جا پٽ آهن ئي ڪون.“ ٿورو پري بيٺل 10 سالن جي هن جي ڀيڻ ان ڳاله جو ڪو خاص اثر نه ورتو جو هن کي ان عمر جي ننڍڙي مان اهڙي توقع هئي،پر ڀر۾ بيٺل هن جي ستن سالن جي ڀاءٌ فڪرمنديءَ مان وراڻيو ته ” بابا به ته ڏاڏي جو پٽ آهي.“ وسيم بغير متاثر ٿيڻ جي ،بغير سندس ڀاءٌ ڏانهن ڏسڻ جي وڌيڪ مسڪرائيندي مون سان هٿ ملائيندي چيو ته”اهو ته وڏو آهي آئون ننڍن جي ٿو ڳاله ڪريان“
Thursday, March 26, 2015
Thursday, March 19, 2015
عجيب مخلوق
انسان به ڏاڍي عجيب مخلوق آهي.هن کي اڪيلائي کان ڊپ ٿئي ٿو.هن کي سهارو کپي ۽ اهو اڪيلائي جو خوف ئي هن کي ان ڳاله تي آماده ڪيو وجھي جو هو پوري انسانيت جي هڪ وڏي گروه بڻجڻ جي بدران ننڍن ننڍن گروهن ۾ وراهئجيو وڃي.
Saturday, March 14, 2015
پئي کڻي پساه چوڻ ڪارڻ پرينءَ جي
اسان وٽ، ڪهڙا حال آهن؟ جو هڪ جواب اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.پئي کڻي پساه پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي. ان جي بدران جيڪڏهن ”پئي کڻي پساه چوڻ ڪارڻ پرينءَ جي.“ جواب ۾ چئجي ته ڇا اهو بهتر نه ٿيندو؟ وري به هرڪو آزاد آهي،هر ڪنهن جي مرضي آهي،بس اهو هڪڙو خيال آهي،هڪ ٻيو آپشن آهي.
عشق جي ڪان لڳڻ کانپوءِ شاهه هرڻ ۽
هما وانگر، صحرائن ۽ بيانن ۾ سرگردن ۽ حيران ٿي پيو ڦرندو هو. هڪ دفعي ته ٽي ڏينهن
ساندهه، هڪ هنڌ غش ئي غش پيو هو. سندس جسم تي واري جا تهه چڙهي ويا ۽ رڳو سندس هڪ
ڪپڙي جو پلاند ٻاهر پئي ڏٺو. قضا سان، هڪ پنوهار جي وڃي مٿس نظر پيئي، جنهن سارو
احوال وڃي شاهه حبيب کي سڻايو. شاهه حبيب اُڏامندو اچي انهيءَ هنڌ پهتو ۽ ڏاڍي سوز
مان چيائين:
”لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي“
شاه بيخوديءَ جي حالت مان ڇرڪ ڀري
اُٿيو ۽ ٺهه پهه جواب ۾ چيائين:
”پيئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ
جي.“
ڪي صاحب انهيءَ خيال جا آهن ته هن
شعوري زماني ۾، اُهڙي روايت کي ”ڏند ڪٿا“ ڪري شمار ڪرڻ جڳائي ۽ اُنيءَ کان گريز يا
ڪنارو ڪرڻ واجب آهي.
( شاه جو رسالو،ڪلياڻ آڏواڻي،صفحو
نمبر 4،مڪتبه برهان اردو بازار ڪراچي)
حال بيان ڪرڻ لاءِ اهي لفظ مٿي بيان ڪيل تناظر مان لڳن ٿا.جيڪي شاه صاحب جي اهڙي هڪ انتهائي ڪيفيت بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيل آهن جنهن کي بيان ڪندڙ به هڪ ڏند ڪٿا سمجھن ٿا.
پئي کڻي پساه چوڻ ڪارڻ پرينءَ جي“ به هڪ عام ڪيفيت نه آهي.ان کان به وڌيڪ عام ڪيفيت سان ٺهڪندڙ لفظن جو مشورو ڏيندا.

Friday, March 13, 2015
گوسڙو
ڪنهن شهر ۾ گھمندي هڪ عبادت گاه جي مين گيٽ مان اندر داخل ٿيس.هڪ اجنبي هڪ رجسٽر تي ڪجھ لکي رهيو هو. جيئن ئي هن جي ويجھو پهتس ته ڪنڌ مٿي ڪري مون کي چتائي ڏسي چيائين ”گوسڙو“ ڏي خبر اڄ ڪيئن ڀلجي پيو آهين جو اچي هتي لٿو آهين.“ ”پاڻي پيئڻ لاءِ آيو آهيان“.مون کيس جواب ڏنو.پاڻي پيءُ جڏهن موٽيس ته هن جي ڀر ۾ بيه کيس چيم ”هتي ته برابر غيرحاضر آهيان پر گوسڙو استاد ناهيان“. ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو رڙ ڪري چيائين ته ”هل ڙي گوسڙو ماستر“ مون کي به ڏاڍي ڪاوڙ لڳي چڙ ۾ چيومانس ته ”گوسڙو ماستر نه چوء مون کي.“ طنز ڀرئي انداز ۾ وڏا ٽهڪ ڏيئي چوڻ لڳو ته ”گوسڙو گوسڙو هوندو آهي ڇا جو استاد ڇا جو ماستر“. ”ڇا به چوين پر مان گوسڙو ناهيان.“ مون کيس جواب ڏنو.
هوا جي زوڪاٽ سان گڏ هڪ رجسٽر اچي هن جي هٿ تي ڪريو.مون کي محسوس ٿيو ته هي انسان ته ڪونه ٿو لڳي پر هڪ alien آهي.مون کي اهو رجسٽر ڏيکاري چوڻ لڳو” ڏس ته تون اسڪول ۾ به غير حاضر آهين.“ اهو مسٽر رول ته ڪونه ٿي لڳو.سو مون به چيو مانس ته ”اهو ته ٻيو ڪو رجسٽر آهي.“ چيائين ته ”هي ته بلڪل اصلي حاضري جو رجسٽر آهي.باقي توهان وارو ڪوڙي حاضري وارو رجسٽر ته ڪٿي به قابل قبول نه آهي.“ ”ائين ڪونهي اسان کي پگھارته ملي ٿي.“ مون جواب ڏنومانس. هن وراڻيو”ڀلي پيا ڪوڙا سوڙا پگھار کڻو وقت تي خبر پئجي ويندو.“
اڃا به ڪٿي ڪٿي گوسڙو آهين ڏيکاريانءِ ٿو.پوءِ جو کڻي چارئي پاسا هٿ گھمايائين ته هر طرف کان گوسڙو گوسڙو جو آواز اچڻ لڳو.منهنجو مٿو مورڳو ڦرڻ لڳو. گذارش ڪئيمانس ته ”برابر تنهجي ڳاله صحيح آهي آئون گوسڙو آهيان پر انهيءَ آواز مان ته منهجي جان ڇڏاءِ.“وري جو کڻي چوطرف هٿ ڦيرايائين ته اهي آواز اچڻ بند ٿي ويا.پوءِ هن سان هٿ ملائڻ الوداع چوڻ کانسوءِ وٺي کڻي ڀڳس.ٿورو اڳتي هلڻ کانپوءِ وري اهي ساڳيا گوسڙو گوسڙو جا آواز مون کي ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا.وري واپس اچي چيومانس ته ” ڏس مهرباني ڪري مون مسڪين کي تنگ نه ڪر. اهي آواز ته بند ڪراءِ.“ نرم لهجي ۾ ڳالهائيندي چيائين ”اهي آواز ته هاڻي اچن ئي نه پيا مون ته ان وقت ئي بند ڪرائي ڇڏيا.“ مون کي دل ڏي اشارو ڪري چيائين ته ”غور ڪري ٻڌ اهي آواز اتائين پيا اچن.“ صفا عاجزيءَ سان پڇيومانس ” هاڻي انهن آوازن مان جند ڪيئن ڇڏايان.“ شفقت سان چيائين ”سڀ ڪجھ آئون ٻڌايان يا تون پاڻ به ڪجھ ڪندين.انهن غير حاضرين تي وڃي توبه ڪر.وري وڃي سب جڳهين تي حاضريون ڀراءِ ته پوءِ اهي آواز توکي ٻڌڻ ۾ نه ايندا.“

Thursday, March 12, 2015
اعتبار
انسان جي ترقي ۾ سڀ کان اهم اوزار ”اعتبار“ آهي.اعتبار تڏهن ٿيندو جڏهن ڪير اعتبار جوڳو ٿيندو.اسان جي معاشري جي ترقي ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ بي اعتباري آهي.بي اعتباري جو وڏي ۾ وڏو سبب ڪوڙ آهي.
ڪوڙ مان جان ڇڏائبي تڏهن اعتبار جوڳو ٿي سگھبو.جڏهن افراد اعتبار جوڳا ٿيندا تڏهن ئي ڪير هنن تي اعتبار ڪندو.
جڏهن معاشري ۾ اعتبار جي فضا عام ٿيندي،تڏهن ئي سماجي نظام صاف سٿرائي سان هلڻ شروع ڪندو ۽ معاشرو ترقي جي راه ڏانهن گامزن ٿيڻ شروع ٿيندو.
Wednesday, March 11, 2015
هوءِ ثابُوتِيءَ ساڻُ، ته پُسڻان پالِهو رَهين.
شاه عبدالطيف ڀٽائي رحه جي هيٺئين شعر کي اڪثر ڪري مڪمل تناظر کانسواءِ بيان ڪيو ويندو آهي.
مُون کي مُون پِرِيَنِ،
ٻَڌِي وِڌو ٻارِ ۾؛
اُڀا اِيئَن چَوَنِ،
مَڇُڻ پاندُ پُسائِيين.
حقيقت ۾ شاه صاحب اتي ڳاله ختم ناهي ڪئي. پر ان تصور کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هيئن به چيو آهي.
پِيو جو پاتارِ،
سو ڪِئَن پُسَڻَ کان پالِهو رَهي؟
سالِڪَ! مُون سيکارِ،
ڪو پَھُ اِنَهِين پاندَ جو.
ڪَرِ طَرِيقَت تَڪِيو،
شَرِيعَتَ سُڃاڻُ؛
هِنئون حَقِيقَتَ
هيرِ تُون، ماڳُ مَعرفَتَ ڄاڻُ؛
هوءِ ثابُوتِيءَ
ساڻُ، ته پُسڻان پالِهو رَهين.
جميل پٽاٽو
آئون جڏهن پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هوس،تڏهن اسڪولن ۾ مار ته عام جام هئي.ان سان گڏوگڏ استاد شاگردن تي مختلف نالا رکندا هئا.ان ڪري شاگرد به هڪٻئي تي نالا رکندا هئا.
رسيس کانپوءِ اسان جو هڪ محترم استاد روز اسان شاگردن کان پڇندو رهندو هو.تنهنڪري مون کان به ڪجھ ڏينهن مسلسل پڇندو رهيو.
اڄ ڇا کائي آيو آهين؟ پٽا ٽا سائين!
اڄ ڇا کائي آيو آهين؟ پٽا ٽا سائين!
اڄ ڇا کائي آيو آهين؟ پٽا ٽا سائين!
ته پوءِ ٺيڪ آهي اڄ کان پوءِ تنهجو نالو آهي پٽاٽو.جميل ڪهڙو؟ جميل پٽاٽو.
هڪڙي شاگردياڻي هئي کي مئي لکندي هئي.تنهڪري ان تي نالو رکيائين مئي.هڪڙي ڇوڪري جي نالي جي پڇاڙي ۾ مه هو تنهنڪري ان تي نالو رکيائين مه.

Thursday, March 5, 2015
ماءُ مرلي،پيءُ طنبورو
ماءُ مرلي پيءُ طنبورو
ڪنهن عالم کان ٻڌم ته ٻئي جو ٻار جڏهن روئيندو آهي ته ماڻهوءَ کي مٿي ۾ سور پوندو آهي ۽ جيڪڏهن پنهجو ٻار روئيندو آهي ته پنهنجي دل ۾ سور ٿيندو آهي. انهيءَ چوڻيءَ پٽاندر هڪ حقيقت ڏٺم،ته هڪ ڇوڪرو مسلسل روئي رهيو هو،ڪنهن به صورت ۾ پيءُ جي وڏي ڪوشش جي باوجود ماٺ نه ڪري ته پوءِ سندس پيءُ مسلسل چوڻ شروع ڪيو”ماءُ مرلي پيءُ طنبورو پٽ وڄڻ ۾ پورو“.مون لاءِ ته ان ڇوڪري جو روئڻ ٻڌڻ ڏاڍو تڪليفده هو،پرپيءُ کي اهو روئڻ به مرلي ۽ طنبوري جو امتزاج پئي لڳو.
Tuesday, March 3, 2015
بقا
پنجويه سال پهرين هڪ ڳاڙهي رنگ جي ڪار تيزيءَ سان روڊ تي ڊوڙي رهي هئي.ڌڻي پاڻ گاڏي هلائي رهيو هو،ڀرواري سيٽ تي ساڻس گڏ آئون ويٺو هوس.ان وقت ڊرائيور پوئين سيٽ تي ويٺل هو.روڊ تي هڪ ويٺل ڳيرو ڪار جي تيزيءَ جي ڪري اڏري نه سگھيو ۽ ان ڪار جي زد ۾ اچي مري ويو.اهو هڪ حادثو هو.
ان واقعي جي پنجن سالن کان پوءِ ڪار جو ڌڻي به هن فاني دنيا کي ڇڏي هليو ويو.ڪجھ سالن کانپوءِ ڊرائيور به لاڏاڻو ڪري ويو.
هاڻي ته اها به خبر نه آهي ته اها گاڏي ڪهڙي ڪٻاڙي جي دڪان تي پيل هوندي.ٿي سگھي ٿو ته ڪٻاڙين کان به نڪري هن جو سڪريپ ريسائيڪل ٿي چڪو هجي.
ان گاڏي جو سوار فقط آئون زنده آهيان.نيٺ مون کي به ته موت ايندو.
هن فاني دنيا جو هر ڪردار موت جو مزو چکيندو.هڪ ڏينهن نيٺ هن ملڪي وي ڪهڪشان ۾ ڊوڙندڙ نظام شمسي سج ،گرهن ۽ چنڊن سميت فنا ٿي ويندو.
موجوده محسوس يا غير محسوس،معلوم يا نامعلوم ڪائانت فنا ٿي ويندي.پر فنا کي به ته بقا ناهي.ان فنا کانپوءِ وري هڪ ٻي بقا جنم وٺندي.

Monday, March 2, 2015
Sunday, March 1, 2015
جتيءَ جو آٽوگراف
اسان جي معاشري ۾ سٺي نيت سان، مٿي چڙهندڙ جون ٽنگون ڇڪي هن کي مٿي چڙهڻ کان روڪيو ويندو آهي ته متان گھڻو مٿي چڙهي پوءِ هيٺ نه ڪري، ته جيئن ته هن کي گھڻو ڌڪ نه لڳي. پوءِ جي ڪير مڃي ئي نه زوري مٿي چڙهندو وڃي،۽ جي ڪري پوي ته هن کي مٿي چڙهڻ کان روڪيندڙ سڀئي گھيرو ڪري وٺندا آهن،
کيس ان ڳاله جو يقين ڏياريندا آهن ته اسان تو کي اڳي ئي تنهنجي ڀلي لاءِ ٿي روڪيو. پر جيڪڏهن مٿئين منزل تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته پوءِ کيس سلام ڪيو ويندو آهي.کيس اهو به ٻڌايو ويندو آهي ته پهريائين به اسان تنهنجي ڀلي لاءِ پئي سوچيو ته جيئن ته ڪرو نه، پرجيئن ته هاڻي مٿي چڙهي چڪا آهيو،هاڻي ڪو خطرو نه اهو به سٺو ته ايترو مٿي پهچي ويا آهيو،باقي مهرباني ڪري وري جوکو( Risk) کڻي اڃا مٿي چڙهڻ جي ڪوشش نه ڪندا.
تنهن ڪري مٿي چڙهڻ جي دوران جيڪڏهن ڪير جتي لاهي وٺي ته جتي کي کڻڻ لاءِ وري هيٺ واپس متان اچو،توهان جي ڪاميابي کان پوءِ اها جتي تبرڪ طور استعمال ڪئي ويندي.
تبصرن جا اطلاع حاصل ڪرڻ لاءِ:
هتي ڪلڪ ڪريو