رٺل بجلي نيٺ ته پرچندي
جون ۾ گر مي جو موسم پنهنجي عروج تي آهي.بجلي جي لوڊ شيڊنگ ته لاه ڪڍي ڇڏيا آهن.بجلي ته دنيا وارن دريافت ڪري ان کي ٺاهي ،قابل استعمال بنائي ان تي هلندڙ شيون به ٺاهي ورتيون.سو اسين پاڪستاني به دنيا وارن جي انهيءَ محنت مان فائدو وٺون پيا.ان مان فائدو اسين پنهنجي سوچ سمجھ ۽ نيت مطابق وٺون پيا.دنيا الاءِ ڪٿي وڃي پهتي آهي ۽ اسان لوڊ شيڊنگ جي مسئلي ۾ ئي قابو لڳا پيا آهيون.عوام،حڪمران توڙي بجلي ٺاهڻ ۽ ان کي عوام تائين پهچائڻ وارا ادارا سڀئي بجلي جي نظام کي ايستائين پهچائڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهيون.
عوام طرفان بجلي جي چوري ته عام ٿي ويئي آهي.ڪجھ ماڻهو اهڙا آهن جيڪي چوري ڪونه ٿا ڪن.پر ان برائي جي عام ٿي وڃڻ ڪري ڪنهن کي روڪي به ڪونه ٿا سگھن.واپڊا ۾ ڪم ڪندڙ ملازمين خاص طور اڪثر لائين مين عوام کان ڪجھ رشوت وٺي سندن ان چوري ۾ مدد ڪندا رهن ٿا.هونئن ته اها ڳاله سمجھ ۾ ڪانه ايندي هئي ته سمنڊ ۾ هلندڙ ٻيڙي ۾ سوار پاڻ ڪيئن ويهي ان ۾ سوراخ ڪندا پرپاڪستان ۾ واپڊا ملازمن ۽ بجلي چوري ڪندڙن کي ڏسي ائين لڳي ٿو ته اها هڪ حقيقت آهي.انسان مان ايڏي بيوقوفي جي توقع رکي سگھجي ٿي.
هاڻي دنيا جي ترقي يا فته ملڪن کي اها درخواست ڏيڻي پوندي ته اهي اهڙو ڪو اوزار ٺاهين جو بجلي چوري ڪندڙ ۽ چوري ڪرائيندڙ جي نيت ٺيڪ ٿي وڃي ۽ اهي چوري ڪرڻ کان توبه ڪن.سائنس اهڙو ڪو اوزار ٺاهڻ کان قاصر آهي جو ان سان اسان جي ان خرابي کي دورڪري سگھجي.پر اسان جو اهو خيال آهي ته دنيا وارن جي ان ۾ ڪا وڏي سازش آهي ته اسان جي ان مسئلي حل ڪرڻ ۾ اسان جي مدد نه ٿا ڪن.جيڪڏهن نه سچائي ۽ ايمانداري جھڙيون صفتون پيدا ڪرڻ وارو اوزار ٺاهي وجھن ته صرف بجلي وارو شعبو نه پر اسان جا ٻيا شعبا به سڌري پون.
ڀلا جي دنيا وارا اهڙو اوزار نه ٿا ٺاهي سگھن ته گھٽ ۾ گھٽ ڀلا اهڙو اوزار گھڻي ٺاهين جو اسين بجلي چوري به نه ڪري سگھون ۽ ٻيون جيڪي فنڪاريون ان اداري وارا ڪن ٿا سي ڪرڻ به ممڪن نه رهن،ڇو ته اسان کي پنهجو پاڻ کي تبديل ڪرڻ جو ارادو گھٽ ۾ گھٽ مستقبل قريب ۾ ڪونه ٿو لڳي.
شمسي توانائي مان بجلي ته ٺهي پئي ۽ استعمال به ٿئي پئي پر ان جي مهانگي هجڻ سان گڏوگڏ ان ۾ ٻيا به ڪجھ مسئلا آهن.پر اميد آهي ته هڪ ڏينهن نيٺ اها سستي ۽ عام ٿي ويندي هرڪو پنهجي ديڳڙي چاڙهيو ويٺو هوندو.
سو اميد ته اسان سان رٺل بجلي نيٺ پرچي پوندي اسين نه بدلياسون سون پاڻ ته نيٺ بدلبي.