Pages

Friday, November 30, 2012

سرپرائز

سرپرائز

اسلم اڄ ڏاڍو خوش آهي.رات خوشيءَ ۾ ننڊ به نه ڪئي اٿائين.سڄي رات جيڪا ننڊ آئي اٿس،تنهن ۾ خواب ڏسندو رهيو.خوشيءَ سان گڏوگڏ انتظار جو تاثر به هن جي چهري تي نمايان آهي.هن کي انتظار آهي اخبارجو،جنهن ۾ ميٽرڪ جي امتحان جو نتيجو اچڻو آهي.پهرئين درجي کان وٺي هر امتحان ۾ سٺي نموني پاس ٿيڻ کان پوءِ سندس والد کيس هڪ تحفو ڏيندو آهي.گذريل نون سالن دوران جيڪي تحفا کيس مليا آهن ،اهي ان جي ذهن ۾ بار بار اچي رهيا آهن.پهرئين درجي پاس ڪرڻ کان پوءِ هن پين،ٻي ڪلاس کان پوءِ هڪ ڪتاب،ٽئين ڪلاس کان پوءِ هڪ واچ،چوٿين ڪلاس کان پوءِ هڪ سائيڪل،پيءُ کيس تحفي ۾ ڏني هئي.سندس پيءُ جو دستور رهيو آهي ته تحفو کيس ٻڌائي نه ڏيندو آهي پر هميشه سرپرائزگفٽ ڏيندو آهي.نئين تحفي طور هن کي ڪڏهن ڪمپيوٽر ته ڪڏهن موٽر سائيڪل جو خيال ذهن ۾ اچي رهيو آهي.ان تجسس سان گڏوگڏ هن کي ٿورو خوف به آهي ته جيڪڏهن رزلٽ سٺي ته آئي ته ڇا ٿيندو؟
انهيءَ گڏيل ڪيفيت ۾ هو کٽ تي ليٽيو پيو آهي.اوچتو ٻاهريون دروازو کلي ٿو،هو 
ڊوڙي وڃي دروازو کولي ٿو ته ڏسي ٿو ته کير وارو کير کڻي آيو آهي، ماٺ ميٺ ۾ کير وٺي ماءُ کي ڏنو.
وري ساڳي نموني ليٽي بار بارگھڙي کي ڏسي رهيو آهي، اهڙي نموني هڪ ڪلاڪ کان پوءِ وري دروازو کڙڪيو،تڪڙو تڪڙو وڃي دروازو کوليائين مزو اچي ويس،سامهون اخبار وارو بيٺو هو. اخبار کڻي اچي Aون گريڊ ۾ پهنجي نمبر کي ڳولڻ لڳو،نمبر هٿ نه آيس،پريشان ٿيڻ لڳو.
A ون گريڊ، A گريڊ،B گريڊ ۽ C گريڊ ۾ سندس نمبر موجود نه هوهن جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا ۽ اخبار هٿن مان ڪري پيس.سندس پيءُ جيڪو سڄو نظارو ڏسي رهيو هو،تنهن اچي ڀاڪر ۾ ورتس ۽ چيائينس ته ڇا ٿيو پٽ؟
پيءُ کي چيائين،ته بابا سائين آئون ناپاس ٿي ويو آهيان.پهريون دفعو امتحان ۾ سٺن ته ڇا پرگھٽ نمبرن ۾ به پاس ناهيان ٿيو.سندس پيءُ تسلي ڏيندي چيو ته مون کي اخبار کان وڌيڪ تنهنجي صلاحيتن تي اعتماد آهي.پوءِ هن کي ساڻ وٺي بورڊ آفيس ويو،جتان رزلٽ شيٽ ڪڍرائي نمبر ڳوليو اسلم ان ۾ پنهنجو نمبر ڳوليو۽ رڙ ڪري پيءُ کي چيائين،ته بابا سائين آئون Aگريڊ ۾ پاس ٿيو آهيان.پيءُ ڀاڪر پائي چيس ته مون کي پڪ هئي ته ائين هوندو.تنهنجو تحفو به منهنجي کيسي ۾ پيو آهي،هيءُ وٺ موبائل سيٽ.

(سنڌي ادبي بورڊ جي ٻارن لاءِ ماهوار رسالي گل ڦل جي آگسٽ 2007ع جي شماري ۾ ڇپيل منهنجي ڪهاڻي)













Wednesday, November 28, 2012

هڪ طرفي دوستي

هڪ طرفي دوستي

دوستي هميشه ٻه طرفي ئي ڪامياب ٿي سگھندي آهي.ڪجھ ماڻهن کي زندگي جي ڪنهن موڙتي اچي پنهنجي دوستن کان اچي اها شڪايت پيدا ٿيندي آهي ته اهي هنن کي سمجھي نه سگھيا آهن.هو هنن سان هر ڳاله تي اختلاف ڪن ٿا ۽ سندن هر ڳاله تي ڪاوڙ جو اظهار ڪن ٿا،۽ ايتري قدر جو هنن سان ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ کان به لنوائڻ لڳن ٿا.اصل ۾ حقيقت اها آهي ته ان معاملي ۾  اصل مسئلو  پسند ۽ ناپسند جو  هوندو آهي.جيڪڏهن ڪير ڪنهن کي ناپسند ڪري ته پوءِ ان جي ڪا به ڳاله پسند نه ايندي آهي.ان پسند ۽ ناپسند جي عمل ۾ ڪافي عوامل شامل هوندا آهن.دلي،ذهني جسماني،علمي،اخلاقي،مالي،طبقاتي،۽ ٻيا به ڪيترا ئي عوامل ان ۾ شامل آهن.ڪن ماڻهن جو دوستيون ته مستقل به هلنديون رهنديون آهن،۽ ڪن ماڻهن جون دوستيون وقت ۽ حالات جي تبديلي سان تبديل به ٿينديون رهنديون آهن.
ننڍن ٻارن جي دوستي جا ڪارڻ شروع ۾، مائٽن جون دوستيون،۽ پاڙي ۾ هجڻ وغيره جھڙا سبب هوندا آهن.پوءِ جيڪڏهن حقيقي هم آهنگي هوندي آهي ته اهي اڳتي هلنديون آهن نه ته وري ختم ٿي وينديون آهن.پوءِ جڏهن وري ٻار اسڪول وڃڻ شروع ڪندو آهي ته اتي پاڻ سان ملندڙ طبيعت وارن ٻارن سان دوستي ڪندو آهي.
ننڍي عمر جا ٻار دوستي جي پسند جي اظهار جي باري ۾ ڏاڍا دلير هوندا آهن ۽ وڻندڙ دوستن کي راند کيڏڻ جي وقت بلڪل ڇڏڻ نه چاهيندا آهن ۽ پوءِ مائٽن کي وقت ۽ حالات کي ڏسي کين وڏي ڪوشش کان پوءِ الڳ ڪري گھر وٺي وڃڻو پوندو آهي.جيتوڻيڪ ڪجھ ٻار ته ان معاملي ۾ ضرور مختلف به هوندا آهن.
پوءِ اهي ٻار مختلف اسڪولن،ڪاليجن،يونيورسٽين ۾ ويندا آهن ته اتي به هنن جا نوان تعلق ٺهندا رهندا جن مان ڪي دوستي جي حد تائين به پهچي ويندا آهن.
پوءِ ڪي ماڻهومختلف نوڪرين ۾ لڳي ويندا آهن،ڪي وري مختلف ڪاروبارن ۽ ڌنڌن ۾ لڳي ويندا آهن،ته وري اتي حالات مطابق هنن جا نوان تعلق ۽ دوستيون وجود ۾ اينديون آهن پوءِ انهن دوستين جي ويجھڙائي جو تعلق طرفين جي طبيعتن ۽ روين سان هوندو آهي.
مطلب ته ماڻهن جي پوري زندگي دوران ڪجه ماڻهن جو دوستيون مستقل ساڳي شدت سان به هلنديون رهنديون آهن ته ڪن جون وري تبديلي جي مختلف مراحل مان به گذرنديون رهنديون آهن.
سڄي ڳاله جو تت اهو آهي ته جيڪڏهن توهان جو ماضي جو ڪو دوست توهان جي ويجھڙائپ رکڻ جي وڏي ڪوشش ۽ چاهت کان پوءِ به فاصلو رکڻ چاهي ته پوءِ هن جي باري ۾ ڪنهن به غلط فهميءَ جو شڪار نه ٿيڻ گھرجي،هن جي باري ۾ ڪا بد گماني به نه ڪرڻ کپي،۽ نه ئي وري هن جي محبت ۾ ڪمي آڻجي،ڳاله کي سمجھي وڃجي،هن جا عذر به سمجھي وڃڻ کپن،پوءِ هروڀرو هن جي پٺيان لڳي هن کي تنگ به نه ڪرڻ گھرجي،۽ نه ئي وري تعلق کي هميشه لاءِ ٽوڙڻ گھرجي.

Sunday, November 25, 2012

ننڍي عام ڀڃ اپت


ننڍي عام ڀڃ اپت

ڀڃ اپت جي لفظي معنى آهي ضرب اپت.ڪنهن به عدد جون ضرب اپتون لامحدود هونديون آهن. 4،3،2۽ 5جون ضرب اپتون هن ريت معلوم ڪبيون آهن.
1x2=2,2x2=4,3x2=6,4x2=8,5x2=10,6x2=12,7x2=14,8x2=16,9x2=18,10x2=20
1x3=3,2x3=6,3x3=9,4x3=12,5x3=15,6x3=18,7x3=21,8x3=24,9x3=27,10x3=30
1x4=4,2x4=8,3x4=12,4x4=16,5x4=20,6x4=24,7x4=28,8x4=32,9x4=32,10x4=40
1x5=5,2x5=10,3x5=15,4x5=20,5x5=25,6x5=30,7x5=35,8x5=40,9x5=45,10x5=50
 مٿي 2،3،4،5 جون 10 تائين ضرب اپتون يعني ڀڃ اپتون ڏنل آهن.جيئن سڄا عدد لامحدود آهن،تيئن ڪنهن به عدد جون ڀڃ اپتون به لامحدود آهن.
لفظ عام جي معني آهي ساڳي ۽ ان جو جمع ٿيندو ساڳيون،تنهڪري ڪن به ٻن،ٽن،چئن يا ڪيترن به عددن جون ساڳيون ڀڃ اپتون،انهن جون ڀڃ اپتون معلوم ڪرڻ کانپوءِ معلوم ڪري سگھجن ٿيون.
2۽3جون ڏهن تائين سڀئي عام ڀڃ اپتون هيٺ ڏجن ٿيون.جيڪي مٿي ڏنل ڀڃ اپتن مان آسانيءَ سان معلوم ڪري سگھجن ٿيون.
6 ۽ 12 ،2۽3 جون ڏهن تائين ٻه عام ڀڃ اپتون آهن.6ٻنهي مان ننڍي ساڳئي ضرب اپت(ننڍي عام ڀڃ اپت) آهي.ننڍي مان مراد پهرئين آهي.
ننڍي عام ڀڃ اپت جي لفظ به لفظ معنى لکجي ته اها ڪجھ هيئن ٿيندي.
ننڍي =پهرئين
عام= ساڳئي
ڀڃ اپت=ضرب اپت
ننڍي عام ڀڃ اپت جي معنى آهي پهرئين ساڳئي ضرب اپت.اهو صرف ننڍي عام ڀڃ اپت جي تصور کي سمجھائڻ جي لاءِ بيان ڪيو ويوآهي.هاڻي اڳتي صرف ننڍي عام ڀڃ اپت جو لفظ استعمال ڪيو ويندو.
2۽3 جي ننڍي عام ڀڃ اپت آهي 6.
2،3،4 جي ننڍي عام ڀڃ اپت ٿيندي 12.
15۽ 20 جي ننڍي عام ڀڃ اپت هن طرح لهبي.
15 جون ڀڃ اپتون
1x15=15,2x15=30,3x15=45,4x15=60,5x15=75,6x15=75,7x15=105,8x15=120
20 جون ڀڃ اپتون
1x20=20,2x20=40,3x20=60,4x20=80,5x20=100,6x20=120,7x20=140
15۽ 20 جون عام ڀڃ اپتون ٿينديون
60۽ 120
15 ۽ 20 جي ننڍي عام ڀڃ اپت ٿيندي 60.
ننڍي عام ڀڃ اپت،ڀڃ اپتن لهڻ واري طريقي کانسواءِ ٻين ٻن مختلف طريقن يعني جزن رستي ۽ ونڊ رستي به معلوم ڪئي ويندي آهي ۽ اهي طريقا وڌيڪ سولا به آهن ۽ عام طور مستعمل آهن.اڳتي ايندڙ سبقن ۾ اهي ٻئي طريقا سيکاريا ويندا.پر اهي ننڍي عام ڀڃ اپت جي تصور کي سمجھڻ ۾ مدد گار ثابت نه ٿا ٿين.ننڍي عام ڀڃ اپت جي تصور کي سمجھڻ لاءِ صرف ضرب اپتن ذريعي ننڍي عام ڀڃ اپت لهڻ وارو طريقو ئي ڪار آمد آهي.اميد ته ننڍي عام ڀڃ اپت جو تصور سمجھ ۾ اچي ويو هوندو.


Saturday, November 24, 2012

ٻارن جي عالمي زبان

ٻارن جي عالمي زبان


دنيا ۾ ڪٿي به،ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ،ڪنهن به طبقي سان تعلق رکندڙ صحتمند ٻار جڏهن هن دنيا ۾ پيدا ٿيندو آهي ته اهوهميشه روئندي هن دنيا ۾ قدم رکندو آهي.تنهنڪري روئڻ ئي دنيا ۾ هر نئين پيدا ٿيندڙ ٻار جي ٻولي آهي.پوءِ ضرورت جي پوري ڪرڻ جو مطالبو،يا تڪليف جو اظهار به هر ٻار ان ئي ٻولي ۾ ڪندو رهندو آهي.تنهڪري اها چوڻي مشهور آهي ته جيستائين ٻار روئيندو نه ته ماءُ به کيس ٿڃ نه ڏيندي.عمر وڌڻ سان گڏ هوءَ آهستي آهستي پنهجي مادري ٻولي سکڻ لڳندو آهي.شروع ۾ ته ٻارروئڻ واري  ٻولي سٺي نموني استعمال ڪندو آهي ،پر عمر وڌڻ،۽ مادري ٻولي سکڻ کانپوءِ هو ان جو استعمال بلڪل گھٽائي يا ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
پر حقيقت اها آهي هن کي ان ساڳي صلاحيت کي نئين انداز سان استعال ڪرڻ جي ضرورت تا حيات رهندي آهي.جيئن ته هن دنيا ۾ انسان اڪيلو نه رهندو آهي ۽ نه ئي وري اڪيلو ڪجھ به ڪري سگھندو آهي،تنهنڪري زندگي ۾ اڪثر موقعن تي هن کي ٻين جي مدد جي ضرورت پوندي رهندي آهي،پوءِ جيڪڏهن هو انا جي ڪري يا حجاب جي ڪري ڪنهن کان ڪجھ سکڻ،يا ٻي ڪا مثبت ضرورت پوري ڪرڻ جي درخواست ڪرڻ جي اهليت وڃائي ڇڏي ته پوءِ هن لاءِ اڪيلي طور هي زندگي گذارڻ به مشڪل ٿي پوندي ۽ هن دنيا ۾ ڪا خاص ڪاميابي حاصل ڪري نه سگھندو.