ننڍي عام ڀڃ اپت
ڀڃ اپت جي لفظي معنى آهي ضرب اپت.ڪنهن به عدد جون ضرب اپتون
لامحدود هونديون آهن. 4،3،2۽ 5جون ضرب اپتون هن ريت معلوم ڪبيون آهن.
1x2=2,2x2=4,3x2=6,4x2=8,5x2=10,6x2=12,7x2=14,8x2=16,9x2=18,10x2=20
1x3=3,2x3=6,3x3=9,4x3=12,5x3=15,6x3=18,7x3=21,8x3=24,9x3=27,10x3=30
1x4=4,2x4=8,3x4=12,4x4=16,5x4=20,6x4=24,7x4=28,8x4=32,9x4=32,10x4=40
1x5=5,2x5=10,3x5=15,4x5=20,5x5=25,6x5=30,7x5=35,8x5=40,9x5=45,10x5=50
مٿي 2،3،4،5 جون 10 تائين ضرب اپتون يعني ڀڃ اپتون ڏنل آهن.جيئن
سڄا عدد لامحدود آهن،تيئن ڪنهن به عدد جون ڀڃ اپتون به لامحدود آهن.
لفظ عام جي معني آهي ساڳي ۽ ان جو جمع ٿيندو ساڳيون،تنهڪري
ڪن به ٻن،ٽن،چئن يا ڪيترن به عددن جون ساڳيون ڀڃ اپتون،انهن جون ڀڃ اپتون معلوم
ڪرڻ کانپوءِ معلوم ڪري سگھجن ٿيون.
2۽3جون ڏهن تائين سڀئي عام ڀڃ اپتون هيٺ ڏجن ٿيون.جيڪي مٿي
ڏنل ڀڃ اپتن مان آسانيءَ سان معلوم ڪري سگھجن ٿيون.
6 ۽ 12 ،2۽3 جون ڏهن تائين ٻه عام ڀڃ اپتون آهن.6ٻنهي مان
ننڍي ساڳئي ضرب اپت(ننڍي عام ڀڃ اپت) آهي.ننڍي مان مراد پهرئين آهي.
ننڍي عام ڀڃ اپت جي لفظ به لفظ معنى لکجي ته اها ڪجھ هيئن
ٿيندي.
ننڍي =پهرئين
عام= ساڳئي
ڀڃ اپت=ضرب اپت
ننڍي عام ڀڃ اپت جي معنى آهي پهرئين ساڳئي ضرب اپت.اهو صرف
ننڍي عام ڀڃ اپت جي تصور کي سمجھائڻ جي لاءِ بيان ڪيو ويوآهي.هاڻي اڳتي صرف ننڍي
عام ڀڃ اپت جو لفظ استعمال ڪيو ويندو.
2۽3 جي ننڍي عام ڀڃ اپت آهي 6.
2،3،4 جي ننڍي عام ڀڃ اپت ٿيندي 12.
15۽ 20 جي ننڍي عام ڀڃ اپت هن طرح لهبي.
15 جون ڀڃ اپتون
1x15=15,2x15=30,3x15=45,4x15=60,5x15=75,6x15=75,7x15=105,8x15=120
20 جون ڀڃ اپتون
1x20=20,2x20=40,3x20=60,4x20=80,5x20=100,6x20=120,7x20=140
15۽ 20 جون عام ڀڃ اپتون ٿينديون
60۽ 120
15 ۽ 20 جي ننڍي عام ڀڃ اپت ٿيندي
60.
ننڍي عام ڀڃ اپت،ڀڃ اپتن لهڻ واري طريقي کانسواءِ ٻين ٻن
مختلف طريقن يعني جزن رستي ۽ ونڊ رستي به معلوم ڪئي ويندي آهي ۽ اهي طريقا وڌيڪ
سولا به آهن ۽ عام طور مستعمل آهن.اڳتي ايندڙ سبقن ۾ اهي ٻئي طريقا سيکاريا ويندا.پر
اهي ننڍي عام ڀڃ اپت جي تصور کي سمجھڻ ۾ مدد گار ثابت نه ٿا ٿين.ننڍي عام ڀڃ اپت
جي تصور کي سمجھڻ لاءِ صرف ضرب اپتن ذريعي ننڍي عام ڀڃ اپت لهڻ وارو طريقو ئي ڪار
آمد آهي.اميد ته ننڍي عام ڀڃ اپت جو تصور سمجھ ۾ اچي ويو هوندو.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو