ٻارن جي عالمي زبان
دنيا ۾ ڪٿي به،ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ،ڪنهن به طبقي سان تعلق رکندڙ صحتمند ٻار جڏهن هن دنيا ۾ پيدا ٿيندو آهي ته اهوهميشه روئندي هن دنيا ۾ قدم رکندو آهي.تنهنڪري روئڻ ئي دنيا ۾ هر نئين پيدا ٿيندڙ ٻار جي ٻولي آهي.پوءِ ضرورت جي پوري ڪرڻ جو مطالبو،يا تڪليف جو اظهار به هر ٻار ان ئي ٻولي ۾ ڪندو رهندو آهي.تنهڪري اها چوڻي مشهور آهي ته جيستائين ٻار روئيندو نه ته ماءُ به کيس ٿڃ نه ڏيندي.عمر وڌڻ سان گڏ هوءَ آهستي آهستي پنهجي مادري ٻولي سکڻ لڳندو آهي.شروع ۾ ته ٻارروئڻ واري ٻولي سٺي نموني استعمال ڪندو آهي ،پر عمر وڌڻ،۽ مادري ٻولي سکڻ کانپوءِ هو ان جو استعمال بلڪل گھٽائي يا ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
پر حقيقت اها آهي هن کي ان ساڳي صلاحيت کي نئين انداز
سان استعال ڪرڻ جي ضرورت تا حيات رهندي آهي.جيئن ته هن دنيا ۾ انسان اڪيلو نه
رهندو آهي ۽ نه ئي وري اڪيلو ڪجھ به ڪري سگھندو آهي،تنهنڪري زندگي ۾ اڪثر موقعن تي
هن کي ٻين جي مدد جي ضرورت پوندي رهندي آهي،پوءِ جيڪڏهن هو انا جي ڪري يا حجاب جي
ڪري ڪنهن کان ڪجھ سکڻ،يا ٻي ڪا مثبت ضرورت پوري ڪرڻ جي درخواست ڪرڻ جي اهليت وڃائي
ڇڏي ته پوءِ هن لاءِ اڪيلي طور هي زندگي گذارڻ به مشڪل ٿي پوندي ۽ هن دنيا ۾ ڪا
خاص ڪاميابي حاصل ڪري نه سگھندو.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو