Pages

Thursday, July 23, 2015

علم جي طاقت

دنياوي علم کي ڪن عالمن کي علم نه پر هنر چوندي ٻڌو اٿم.قرآن مجيد ۽ ان جي تفسيرن مان ته اها خبر پوي ٿي ته دنياوي علم به علم آهي.حضرت آدم عليه الاسلام جي تخليق کانپوءِ،الله سائين کين علم جي بنياد تي،فرشتن تي افضل ثابت ڪيو،۽کين فرشتن کان سجدو ڪرايائين.ان وقت الله سائين جيڪو علم حضرت آدم عليه الاسلام کي عطا ڪيو ان ۾ دنيا جو به سڀ علم اچي وڃي ٿو.ان لاءِ قرآن پاڪ جو ترجمو ۽ تفسير هيٺ ڏجن ٿا.
ترجمو مولانا تاج محمد امروٽي
تفسير معارف القرآن

تفسير ابن ڪثير
جھڙيءَ طرح الله سائين حضرت آدم عليه الاسلام کي علم جي بنياد تي فرشتن تي غالب ڪيو،ساڳيءَ طرح جيڪو به هن دنيا ۾ ديني توڙي دنياوي علوم حاصل ڪندو سو غالب رهندو.هن دنيا ۾ غلبي جو مقصد اهو آهي ته پنهنجي ذات جي،قوم جي،ملڪ جي،پنهنجي کنڊ جي،سڄي ڌرتي جي اصلاح ۽ مدد جي ذميواري.اها ذميواري تڏهن ملندي جڏهن پنهنجو پاڻ کي ان جي اهل بڻائبو.ان لاءِ ٻيون به ڪافي ساريون صفات گھرجن پر سڀني جو سرچشمو علم آهي.

Thursday, July 2, 2015

دنگ ٿيلهي

منهنجو پنجن سالن جو ننڍڙو پٽ اڄ صبح جو ٿلهي تي پيل کٽ تي چڙهي ،ڌاڳي سان بڌل ٿيلهيءَ اڏاريندي ،هوا ۾ اڏامندڙ ٿيلهي ءَ جي گھتن سان گڏ،خوشيءَ ۾ رڙيون ڪري رهيو هو ته دهوم مچالي! دهوم مچالي!.دنگ ٿيلهي هي!دنگ ٿيلهي هي!.
ٽي کٽون ٻاهر پيل هيون،جن مان هڪ کٽ اندر ڪمري ۾ واپس رکبي آهي سا کڻڻ لاءِ اسان جي ڪم واري ماسي جڏهن کٽ کي کڻڻ لاءِ ننڍڙي کي چيو ته هن بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو.رڙيون ڪري چوڻ لڳو ته ائون ان ئي کٽ تي ٿيلهي اڏاريندس.ڇاڪاڻ ته اها کٽ ڪجھ وڌيڪ اوچي(ڊگھي) هئي.
ان کان ٿوري دير پهريائين جڏهن ماسي ٿلهي تي آئي هئي ته ننڍڙي کي ”ان جي پيتي“ ۾ ڦاٿل ٿيلهي ڪڍي ڏني هئائين.