Pages

Thursday, November 14, 2013

اڃ

اڃ

حاجي خدا ڏني سان منهنجي پهرئين ملاقات اسان جي ڳوٺ ۾ 1992ع ۾ ٿي.ان وقت سائين جن جي عمر ڪافي وڏي هئي،منهنجي والد صاحب ٻڌايو ته ”حاجي صاحب 1943ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندا هئا ۽ سائين منهنجا استاد آهن.“ ۽ وڌيڪ ٻڌايائون ته ”سائين لاءِ ماني آئون پاڻ کڻي ويندو هوس.“ تن ڏينهن ۾ مسافرن جي لاءِ ماني اسان جي گھران ويندي هئي.تن ڏينهن ۾ سفر جون مناسب سهولتون نه هجڻ جي ڪري استادن جون ڊيوٽيون جن ڳوٺن ۾ لڳنديون هيون، اتي ئي رهائش اختيار ڪندا هئا.منهنجي والد صاحب جو نالو محمد ايوب،ڏاڏي جو نالو محمد اسحاق ۽ پڙ ڏاڏي جو نالو احمد علي آهي. منهنجي پڙ ڏاڏي احمد علي جون ٻه ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ محمد علي نالي هو،جيڪو تمام بزرگ شخصيت جو مالڪ هو.

مٿئين تمهيد بيان ڪرڻ جو مقصد محمد علي جي شخصيت جو تعارف بيان ڪرڻ مقصود هو.سائين خدا ڏني ٻڌايو محمد علي رحمته الله عليه  منهنجا مرشد هئا.سندن هڪ واقعو بيان ڪيائون جنهن کي هت بيان ڪيان ٿو.

هڪ دفعي هڪ شخص وٽن مهمان ٿي آيو،۽ سوال پڇيائين ته ”ڇا انسان هن دنيا ۾ الله سائينءَ کي پسي سگھي ٿو.“  پاڻ کين جواب ڏنائون ته ”ها.“ پوءِ ان شخص ان ڳاله تي ڪافي بحث ڪيو ۽ مطمئن نه ٿيو ۽ ڳاله نه مڃيائين.
رات جي ماني پڪل ڪڪڙ سان ان شخص کي ڏيئي هليا ويا.هن ماني کائي ڍوء ڪيو،پوءِ کڻي ڏسي ته پاڻي لڀي ئي ڪونه.ڪوٺي جي دروازي کي ڏسي ته سو ته ٻاهران بند لڳو پيو آهي. پاڻي ملڻ جو آسرو لاهي همراه سمهي پيو.صبح جو جڏهن هو آيا ته ان مسافر شڪايت ڪئي ته ”سائين ماني ته توهان ڏاڍي ڀلي کارائي، پر پاڻي ڪونه پياريو.ٻيو ته ٺهيو پر مورڳو درازو ئي بند ڪري ويا.“ ”ها مون اهو ڄاڻي واڻي ڪيو هو پر توهان ٻڌايو ته پوءِ آخر ڇا ٿيو؟ سائين جن کيس چيو. هن جواب ڏنو ته ”بس پوءِ جيئن ئي ستس ته ننڊ ئي نه اچي، جيئن ئي ننڊ آئي ته خواب ڏٺم، ته هڪ دلي ۾ ٿڌو پاڻي پيل آهي، جيئن ئي ان مان پاڻي ڀرڻ جي ڪوشش ڪيم ته اک کلي ويئي،وري جو کڻي ستس ته خواب ۾ ٿو ڏسان ته هڪ اڏ پاڻي جي وهي رهي آهي،ان اڏ مان جيئن ئي پاڻي پيئڻ جي ڪوشش ڪيم ته وري به اک کلي ويئي،وري جو سمهان ته خواب ۾ پاڻيءَ جو کوه نظر آيم،وري جو پاڻي پيئڻ جي ڪوشش ڪيم ته وري به اک کلي پيئي مطلب ته سڄي رات ائين بيچيني ۾ گذاري اٿم.“ اها ڳاله ٻڌي پاڻ کيس فرمايائون ته جيئن ته توکي اڃ لڳل هئي ته تو کي خواب ۾ پاڻي نظر ايندو رهيو،بلڪل ائين جيڪڏهن ڪنهن کي هن دنيا ۾ جيڪا هڪ خواب مثل آهي الله سائين ءَ جي محبت جي اڃ هوندي ته اهو هن دنيا ۾ ئي کيس پسي سگھي ٿو.“ اهو جواب ٻڌي اهو شخص مطمئن ٿي ويو.

نوٽ. هن بيان ڪيل واقعي ۾ ٻه ڳالهيون ته پڪيون بنا ڪنهن شڪ شبهي جي سائين خدا ڏني صاحب کان منهنجون ٻڌل آهن.هڪ ته اهو فرمايائون ته  سائين محمد علي رحمته الله عليه منهنجا مرشد هئا،ٻيو ته اهو جيڪو مسافر وارو واقعو ٻڌايائون.پر هڪڙي ڳاله ۾ ٿورو شڪ اٿم ته ڪٿي اهو واقعو ٻئي ڪنهن بزرگ جو ته نه ٻڌايو هئائون،جيڪڏهن ان جي باري ۾ ٻئي ڪنهن کي به پڪي خبر هجي ته مون کي ضرور آگاه ڪري.ان فرق سان به صرف واقعي جي سند مٽجي ويندي باقي مقصد ۽ مفهوم تي ڪو به فرق نه پوندو.

ننڍپڻ جون رانديون

ننڍپڻ جون رانديون

اڄڪله ٻار گھڻو ڪري ڪمپيوٽر تي رانديون کيڏن ٿا.منهنجي ننڍي وهي جي دور ۾ اڃا ڪمپيوٽر ايتري ترقي نه ڪئي هئي.ڳوٺ ۾ ورلي ڪجھ ٻارن ڏي وڊيو گيمس هونديون هيون.اسان جي وقت ۾ جيڪي رانديون کيڏيون وينديون،تن ۾ باقي لغڙ ۽ ڪرڪيٽ وڃي بچيا آهن.لغڙن ۾ به اڏارڻ ۽ ڪاٽا جا معيار به بدلجي ويا آهن.اڳي ڍيري يا ليلون جو استعمال ٿيندو هو، ڪي خفتي ڀڳل شيشي جي بوتلن کي چورو ڪري ان مان هٿ جو مانجھوٺاهيندا هئا.تڏهن لغڙ پڇ ٻڌي اڏارڻ جو رواج هو، ڇو ته اهو لغڙ اڏامڻ کانپوءِ آرام سان هوا ۾ اڏامندو رهندو آهي،گھتون به نه هڻندوآهي، تنهنڪري ڪي شوقين شام جو لغڙ اڏاري ان کي کٽ جي پاڳي، ڪنهن سر، يا ڪپڙن سڪائڻ جي رس سان ٻڌي،پاڻ رات جو سمهي رهندا هئا،۽ لغڙ خيريت سان اڏامندو رهندو هو.ڪاٽا ڪرڻ مهل زور لڳائي پاڻ ڏي ڇڪبو هو ته جيئن ته مخالف واري لغڙ کي ڇڪي، ٽوڙي پنهنجي لغڙن جو تعداد وڌائجي.  تڏهن لغڙ ڪجھ جٽاءُ به ڪندا هئا،سستائي ته برابر هئي پرپئسي جي ايتري فراواني به نه هئي هاڻ ته پڇ واري لغڙ جو ته رواج ئي ختم ٿي ويو آهي.لغڙ لنڊا اڏاريا وڃن ٿا.هاڻي ٽٽو ته ڇٽو.هاڻي  ڪاٽا لاءِ مانجھو ئي استعمال ٿئي ٿو، هاڻي لغڙ کٽيو نه پر ٽوڙيو ويندو آهي.
تنهن دور ۾ پرائمري ۾ هڪڙو بيت هوندو هو ”اچو ته لاٽونئڙو ڦيرايون“.لاٽو سان الاهي رانديون کيڏيون وينديون هيون. هڪڙي راند ۾ ڪچي پٽ تي گول ليڪو ڪڍي ان ۾ هڪڙا لاٽون رکبا هئا، ٻيا ڇوڪرا وري لاٽون وڄائي انهن لاٽن تي وار ڪندا هئا ،جيڪو لاٽون ٻاهر نڪري ايندو هو ،تنهن جو ڌڻي وري ساڳي طرح سان اندر پيل ٻين لاٽن تي وار ڪندو هو، قيد لاٽن وار ڇوڪرا وارڪندڙ جي هلندڙ لاٽون جي ڪند جي چوڌاري ڏور ويڙهي ان کي مٿي اڇل ڏيئي ان کي ڪيچ ڪندا هئا ته وري اهو لاٽون ليڪ جي قيد ۾ اچي ويندو هو، ٻئي هڪڙي راند کي پارسڏيو ويندو هو ان ۾ وري هارايل لاٽون کي گھچا(لاٽون جي ڪند سان نشان ٺاهڻ) هنيا ويندا هئا.ان کانسواءِ وري لاٽون پڄائڻ جا مقابلا به ٿيندا هئا. لاٽو پڄائڻ جي مقابلن جا وري نمونا به مختلف هوندا هئا.ڪي لاٽون پڄائڻ جا مقابلا ٿاله،ڪي تغاري،ته ڪي وري هٿ جي تري تي ڪيا ويندا هئا.لاٽون جي قد،بت،۽ بناوت کي ڏسي ان کي ان سان مطابقت رکندڙ شيءِ ۾ پڄائڻ لاءِ موزون سمجھيو ويندوهو.ٽڪرن ۾ سگھي لاٽون کي تغاري جي ميدان ۾ لاٿو ويندو هو،اسان جي دور جو تغاري جو مشهور لاٽون ”منجولي“ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو.ان لاٽون تي اهو نالو ان ڪري پيو جو پهرين دفعي جنهن ڇوڪري اهو لاٽون خريد ڪري ڳوٺ ۾  آندوهو، تنهنجو نالو منجولو هو.ان لاٽون جو رنگ هلڪو سائو هو.هڪدفعي هڪ گھري رنگ جي سائي لاٽون منجولي کي تغاري ۾ شڪست ڏني ته اهو وري ”منجولي جو استاد“ سڏجڻ لڳو.ٿاله ۾ پهرين نمبر تي جيڪو لاٽون هو تنهن کي وري ”مس لڳل“ سڏيو ويندو هو،ان جي هڪ پاسي هاريل مس جو نشان لڳل هو،ٿاله ۾ ٻئي لاٽون کان پري ٽڪ ٻڌيو بيٺو هوندو هو،بس خطرو صرف اهو هوندو هوس ته مقابلي وارو لاٽون رڳو اچي ٽڪر هڻي نه ڪيرائي ڇڏيس.تريءَ تي پڄائڻ ۾ وري پديون ڪامياب هونديون هيون.ننڍڙن لاٽن کي پديون سڏيوويندوهو.
ڪرڪيٽ وري اڪثر ڪري سخت بال سان کيڏي ويندي هئي،اهم مقابلن ۾  جيڪي ٻئي ڳوٺ جي ٽيمن سان کيڏيا ويندا هئا تن ۾ ته پيڊ ۽ گلوز وغيره جو استعمال ٿيندو هو،باقي پريڪٽس ۾ ته اهي حفاظتي هٿيار استعمال ڪونه ٿيندا هئا،جنهنڪري ڪڏهن ڪنهنجو مريو،گوڏو يا وري ڪنهنجي آڱري،يا ڀيڄي زخمي ٿيون پيون هونديون هيون (منهنجي هڪ اهم ڪرڪيٽ ميچ جو احوال هن بلاگ جي پوسٽ آخري وڪيٽ ۾ پڙهي سگھجي ٿو.).هاڻي ته ڪرڪيٽ ۾ ٽيپ ٽينس بال جو استعمال عام ٿي ويو آهي،اها هڪ سٺي ڳاله آهي،جوان ۾ خطرو گھٽ آهي. 
بلورن سان وري گھٻي،آنٽي،۽ اڪي ٻڌي وغيره جھڙيون رانديون کيڏيون وينديون هيون.
ٻيون جيڪي رانديون ان وقت ۾ کيڏيون وينديون هيون سي هي آهن،سٽ ڪٽ، ستوليا،امپريس،ونجھوٽي،ڪوڏي ڪوڏي،هاڪي،انڊڪ منڊڪ،اٽي ڏڪر،لڪ لڪوٽي وغيره.

Saturday, November 9, 2013

بس نمبر 1132

بس نمبر 1132

ٽنڊوالهيار شهر ۾ حيدرآباد ميرپورخاص بس اڏي  تي پهتاسون ته هڪ بس اڏو ڇڏي تيزيءَ سان ميرپور خاص لاءِ روانو ٿي رهي هئي،ان جي پويان موٽر سائيڪل ڊوڙائي گاڏي جو نمبر ڏٺوسين ته اهو 1132 نه پر 1139 هو،پوئتي موٽي اچي سٽارٽر کان پڇيوسين ته 1132 نمبر واري بس ڪيڏي مهل ايندي، تازو هڪ ايندل بس ڏي اشارو ڪري چيائين ته ان بس کان پوءِ ايندي، پوءِ اطمينان سان ان بس جو انتظار ڪرڻ لڳاسين، مون سان گڏ منهنجو ڀاڻيجو هو.ٻيون مختلف نمبر سيريز واريون بسون به اڏي تي پهتيون،ته ان ڳاله کي يقيني بنائڻ لاءِ ته ڪٿي اها بس ته اسان کان نڪري نه ويئي آهي،دوست طرفان ميسيج ۾ گاڏي نمبر سان گڏ  موڪليل موبائل نمبر ڊائل ڪري همراه کان پڇيم ته ”ڪٿي پهتا آهيو.“،چيائين ته ” سول اسپتال وٽ پهتا آهيون. مون کي اها خبر نه هئي ته اهو نمبربس جي ڊرائيور،ڪنڊڪٽر يا ڪنهن مسافر جو آهي.جيئن ئي بس اڏي تي پهتي ته وري موبائل جو نمبر ڊائل ڪري،همراه کي ٻڌايم ته ”آئون هتي بس جي ڀر ۾ مسافرن جي له چڙه واري دروازي وٽ بيٺو آهيان“ چيائين ته ڊرائيور واري دروازي تي اچ“ اتي پهچي ڊرائيور کي چيم ته ”مون کي ڏي.“ ڊرائيور پڇيو ته ”ڇا آهي؟“ ٻڌايومانس ته هڪ لفافو آهي جنهن ۾ ڪجھ ڪاغذ آهن“ ڊرائيور مسڪرائيندي اهو لفافو منهنجي حوالي ڪيو.
آڪٽوبر 2013 جي هڪ آچر تي مون کي ڪجھ ڪاغذن جي ضرورت پيئي،جيڪي حيدرآباد ۾ هڪ دوست ڏي هئا،کيس ٻپهرن کانپوءِ فون ڪري چيم ته اهي ڪاغذ مون کي اڄ کپن ٽي سي ايس ڪري موڪليو.ٽي سي ايس وارن کيس ٻڌايو ته اهو خط سڀاڻي موڪلينداسون اڄ اسان جي ٽپال وڃي چڪي آهي.
دوست کي چيم ته ٽيڪسي ۾ اچي توهان کان اهي ڪاغذ کڻي وڃان،راضي نه ٿيو،چوي ائين وري آئون ٿيڻ ڪيئن ڏيندس،پنڌ توهان کي ڇو ڪرائيندس، ڪيئن به ڪري مان توهان کي اهي ڪاغذ توهان جي ڳوٺ پهچائيندس.ڪنهن دوست جي گاڏي ملي ته ان ۾ نه ته پنهنجي ڀاءُ سان گڏ موٽرسائيڪل تي کڻي ايندس.مون کيس چيو ته ڳوٺ تائين پنڌ جي تڪليف نه ڪجو،ڀلا ٽنڊوالهيار مان ئي اهي ڪاغذ توهان کان کڻي وٺندس.پوءِ دوست ٻڌايو ته چينل تان ڪنهن بس ذريعي ٽنڊوالهيار ۾ اهي ڪاغذ موڪليان ٿو،توهان اتان کڻي وٺو.هڪ ميسيج ۾ لکيائين ته بس نمبر 1132،چينل تان نڪرڻ جو وقت شام جو پنجين وڳي،موبائل نمبر...........
ٿي سگھي ٿو ته منهنجي دوست جو اهو طريقه ڪار ڪنهن کي ڪيئن لڳي ته ڪنهن کي ڪيئن،پر مون کي ان دوست جي اها ادا ڏاڍي وڻي.ڪيئن نه ڪفايت شعاري کان ڪم ورتائين،مون کي اجائي پنڌ کان به بچائي ورتائين،ڪيئن نه وچولو رستو اختيار ڪيائين.

Thursday, November 7, 2013

جوازي ماڻهوءَ

جوازي ماڻهوءَ

هن دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهوءَ آهن.هڪڙا جوازي ٻيا بي جوازي.اڪثريت جوازي ماڻهن جي آهي،۽ اقليت بي جوازي ماڻهن جي آهي.
بي جوازي ماڻهن جا وري ٽي قسم آهن،جن مان هڪ قسم مثبت،ٻيا وري نه منفي ۽ نه مثبت آهن، پرهنن جي مقصدن ۽ محنتن جي منفي يا مثبت هجڻ سان هنن جي اثر جو تعين ٿئي ٿو،ٽيا وري فطري،هن قسم ۾ ٻاراچي وڃن ٿا، جيڪي جواز ڏين ئي ڪونه،کٽ تان پيا ٽپا ڏيندا،ڪري پيا ته روئي ماٺ ڪري ويهي رهندا،پوءِ مائٽ جي ڀلي رڙ پئي پوي، ٻئي ڏينهن سڀ ڪجھ وساري وري ويٺا دنگندا.
مثبت قسم ۾ الله وارا اچي وڃن ٿا،جيڪي الله جي رضا جي ڪوشش ۾ لڳا پيا هوندا آهن،ڪنهن جي به ملامت کان ناهن ڊڄندا،ڪنهن کي به جواز ناهن پيش ڪندا.
ٻئي قسم وارا  بي جوازي اهي آهن، جيڪي دنياداري جي پنهنجي شعبي ۾ بغير دنيا جي پرواه ڪئي،بنا ڪنهن کي جواز پيش ڪرڻ جي لڳا پيا هوندا آهن،جيڪڏهن دنياوي مثبتي ڪاوش ۾ لڳا پيا هوندا آهن،ته هنن جي ڪوششن جا نتيجا به مثبت نڪرندا آهن،هن ۾ اديب،شاعر،سائنسدان ٻين شعبن جا ماهر انسان اچي وڃن ٿا.ٻيا اهي آهن جيڪي بنا ڪنهن جي پرواه جي منفي سرگرمين ۾ لڳي ويندا آهن،هن قسم ۾ وري ڌاڙيل ، ڦورو، دهشتگرد،ٺڳ،جابر حڪمران وغيره اچي وڃن ٿا.
هڪڙي ڳاله طئي آهي ته دنيا ۾ اڪثر ڪاميابي جي بلندين تي ،ڪن حالتن ۾ وري منفي منزلن جي چوٽين تي به غير جوازي ماڻهوءَ ئي پهچندا آهن.
جوازي ماڻهوءَ روزمره جي زندگي ئي گذاري سگھندا آهن،دنيا ۾ ڪا وڏي ڪاميابي حاصل ڪري نه سگھندا آهن.ڪجھ به ڪرڻ کان پهريائين مختلف ماڻهن کي مختلف جواز ڏيڻ جي لاءِ پيا سوچيندا آهن،چنيسر وانگر جيڪڏهن ڪير پڳ به بڌرائي ته چوندا ته ”امان کان پڇي اچان.“
ٻيو ته ٺهيو پر جيڪڏهن جوازي ماڻهوءَ کي ڪا بيماري به ٿي پوندي ته سندس همخيال جوازي هن کي گھيرو ڪري وٺندا ته هيءَ تڪليف تو کي ڇو ٿي پئي آهي.پوءِ هي ويچارو ويٺو ان جا جواز سوچيندو ۽ ماڻهن کي ٻڌائيندو.
ڏک سک،بيماري سيماري هن دنيا ۾ انسان تي الله سائين طرفان آهي،جنهن جي ذميواري پاڻ کنئي اٿائين،پوءِ مناسب اهو آهي ته جڏهن پاڻ ڪنهن پريشاني يا تڪليف ۾ ڦاسجي ته ان جا جواز به ٻين کي ڏيڻ لاءِ نه  سوچجن ۽ نه ئي وري ٻئي ڪنهن تڪليف ۾ ڦاٿل انسان کان جواز پڇجن.ان جو مقصد اهو نه آهي ته ڪو پنهنجي غلطين کي تسليم ئي نه ڪجي،اهڙيون غلطيون جيڪي گناه جي زمري ۾ اچن ٿيون،تن جو احساس هئڻ لازمي آهي،ضروري آهي ته انهن تي الله سائينءَ کان معافي وٺجي،۽ انهن کان هميشه جي لاءِ توبه ڪري ڇڏجي.الله سائينءَ جواز ناهي گھرندو،بس اعتراف،اڳتي لاءِ توبه ۽ معافي گھرڻ سان ئي ڪم ٿي ويندو آهي.هونئن به دلين جا حال ۽ پوري حقيقت ته هو اڳي ئي ڄاڻندو آهي.

Monday, November 4, 2013

ڪمري ۾ لغڙ

ڪمري ۾ لغڙ
ٽن سالن جو ننڍڙو چوڪرو ڪمري جي اندر لغڙ اڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. اونهاري جو هڪ شديد گرم ڏينهن هو، تنهنڪري هن جي والدين کيس پابند بڻايو ته هو ڪمري ۾ ئي لغڙ اڏائي پنهنجو شوق پورو ڪري. لغڙ اڏائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪندو رهيو،نيٺ15 منٽ جي ڪوشش کان پوءِ مايوس ٿي روئڻ لڳو ته لغڙ اڏامي ئي نه ٿو.
 ڇا انسان جو اڪثر خواهشون ۽ ڪجھ ڪوششون بلڪل ائين اڻ ٿيڻيون ته نه آهن. بلڪل آهن پر اها ئي زندگي ۾ جستجو آهي،پر اسان کي ڪهڙي خبر ته اسان جي ڪهڙي ڪاوش ڪمري ۾ لغڙ جيان ۽ ڪهڙي ڪاوش وري ميدان يا ڇت تي لغڙ اڏائڻ جيان آهي.ننڍڙي کي به ته اها خبر هئي ته هي لغڙ نه اڏامي سگھندو پر هو ڪوشش ڪندو رهيو،هن جي ان ڪم ڪرڻ جي چاهت جي جذبي جي ته تسڪين ٿيندي رهي.
هڪڙو ڏاهو چوندو هو ته واندا نه ويهو،جي ڪو ڪم نه اٿو ته پنهنجي شلوار جي پائنچي يا قميص جي ڪف کي ڦاڙي ويهي ڳنڍيو،پر جي ڀلا ائين به نه ٿا ڪريو ته  پوءِ گھڻي سمهي رهو.
منهنجو هڪڙو دوست چوندو آهي ته ڪجھ به نه ڪندا آهيون ته اسان کي ڪير به ڪجھ به نه چوندو آهي،پر جيڪڏهن ڪجھ ڪندا آهيون ته چوندا آهن ان جي پاران جيڪڏهن هيئن ڪرين ها ته سٺو هو. ڊرائنگ ۽ پينٽگ ڪندو آهيان ته چوندا آهن ته ان کان ڪمپيوٽر جي ڪم تي مهارت حاصل ڪرين ها،جيڪڏهن ڪمپيوٽر جو ڪم ڪندو آهيان ته چوندا آهن ته ان کان زراعت جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرين ها اهو پنهنجو شعبو آهي. 
سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪڙي مشهور چوڻي آهي ته ”بيڪار کان بيگار ڀلي آهي“ .مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته 14،15 سال پهريائين اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ نوجوان پنهنجي هڪ  دوست جي دڪان تي بنا ڪنهن اجرت جي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.ڌڻيءَ کي ڪابه دلچسپيءَ نه هئي پرهي نوجوان ان دڪان کي پنهنجي ڪاوشن سان هلائيندو رهيو،پرڌڻيءَ جي عدم دلچسپيءَ جي ڪري نيٺ اهو دڪان ڇهن مهينن ۾ ئي بند ٿي ويو.پوءِ ان نوجوان ان ڪم جي تجربي کان پوءِ همت ڪري پنهنجو هڪ ڀاڄي وڪڻڻ جو دڪان کوليو.اڄ هو اسان جي ڳوٺ جي ٻنهي بازارن جو وڏي ۾ وڏو سبزي فروش آهي.




Saturday, November 2, 2013

دل جو سڪون

دل جو سڪون ڇا کي چئبو آهي؟ خوشي ۽ غم جي وچ ۾ اعتدال کي دل جو سڪون چئبو آهي.غم ته هونئن به ڏاڍي تڪليف پهچائيندو آهي،پرننڊ خوشيءَ ۾ به نه ايندي آهي.ٿورو گھڻو غم ۽ خوشيءَ زندگيءَ جو لازمي حصو آهن،جنهن سان واسطو هرانسان کي روزمره جي زندگيءَ ۾ پوندو رهندو آهي.پر خوشيءَ يا غم عام حالتن کان به وڌي وڃن ته اهي نفسياتي بيمارين جي شڪل به اختيارڪري ويندا آهن،ان لاءِ ميڊيڪل سائنس جي نفسيات جي شعبي ۾ باقائده بيمارين جا نالا به تجويز ڪيل آهن.ڪجھ پڙهيل لکيل ماڻهوءَ جيڪي انهن بيمارين جا نالا ڄاڻي وٺندا آهن، سي وري ڪنهن انسان جي اعتدال کان هٽيل روين کي ڏسي،انهن کي تن بيمارين سان منسوب ڪري ويهي رهندا آهن. اهو به سراسر غلط آهي،هر انسان ان معاملي ۾ ڏاڍوحساس هوندو آهي،تنهنڪري ان ڳاله کان به احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي.مذڪوره ڪيفيتن ۾ وڪوڙيل شخص کي ڪنهن بيماريءَ مان متاثر هجڻ جو تعين صرف هڪ ماهر نفسيات ئي ڪري سگھي ٿو. 

Friday, November 1, 2013

بي جوابي

بي جوابي
”بي جوابي خدائي صفت يا قطعه تعلق آهي ........دير آيد درست آيد انساني صفت آهي بس ان آسري پيا تڳون.“اها ڳاله ڪنهن دوست کي ميسيج ۾ لکندي لکندي بچي  ويس ،ڇو جو خدائي صفت چوڻ طنز ٿي ويندو،قطعه تعلق جي برداشت ڪونهي،دير آيد درست جي حد زندگي تائين آهي بس جيئڻ جو سٺو آسرو آهي ۽ جيڪڏهن اها ئي حقيقت آهي ته پوءِ پهريون ٻئي ڳالهيون بي معنيٰ آهن.وقت هر ڪنهن جو گذري ويندو،ڪجھ ڪم ٿيندا،ڪجھ ڪونه ٿيندا،ته ڪجھ وري اڌورا رهجي ويندا، بس! صرف انهن جي ڪري ته تعلق ناهن هوندا.
ڏک سک زندگي جو حصو آهن،ڪڏهن مسئلا پيدا ٿيندا ته ڪڏهن وري حل ٿيندا.دنيا ۾ انسان جي انسان سان تعلق ۾ ڪڏهن محبتون ته ڪڏهن ٽڪراءُ پيدا ٿيندا رهندا،جيئن چوندا آهن ته ٿانو گڏ هوندا ته پاڻ ۾ ضرور ٽڙڪندا.سو ٽڙڪن ڀلي پر ڀڄن نه.ٽڙڪن ڀلي پر خراشون نه اچن.ٽڪراءُ وقت ڪير زيادتي ڪري ته ان کان بچڻ جي ضرور ڪوشش ڪجي،پر ڪڏهن به صبر کي هٿان نه ڇڏجي،ڪنهن انسان تي انتقام جي باه ۾ ظلم نه ڪجي.
ڪڏهن به ڪنهن به انسان لاءِ تڪليف جي خواهش نه ڪجي ،ٻئي جي تڪليف مان ڪهڙو فائدو؟ٻئي جي لاءِ به سڪون جي خواهش ئي رکجي،ان ۾ به خود غرضي آهي، پر وري به چڱ غرضي آهي، ڇو ته ڄاڻون ٿا ته سڪون ڏيندڙ جڏهن ٻين جي لاءِ سڪون جي خواهش ڏسندو ته ضرور کيس به سڪون ڏيندو.

Wednesday, October 30, 2013

اجايو ڊپ

اجايو ڊپ

رات جا نو ٿي رهيا هئا،هڪ والده پنهنجي ڇهن سالن جي ڌيءَ کي پينگھي ۾ لولي ڏيئي سمهاري رهي هئي،ان وقت ڳوٺ ۾ بجلي به نه هئي،ڪمري ۾ ٽارچ ٻري رهي هئي.پينگھي جي پٺئين ڀت تي والده کي ڪجھ نشان نظر آيا،هن ورانڊي ۾ موجود ٻين گھر وارن کان پڇيو ته ”ڀت کي اڏوهي لڳي آهي ڇا؟“ هنن جواب ڏنو ته ”ها!“ڇوڪري جي ماءُ پريشانيءَ مان وراڻيو ته ”اڏوهي گھر ۾ لڳندي آهي ته پوءِ ان مان جند ڏاڍي ڏکي ڇٽندي آهي.“اها ڳاله ٻڌي ڇهن سالن جي ننڍڙيءَ کي تمام گھڻو خوف ٿيو ۽ ڊپ مان هانءُ ڏاريندڙ رڙيون ڪرڻ لڳي.هن جو رڙيون ٻڌي،گھر جي ٻئي حصي جي هڪ ڪمري ۾ موجود هن جو والد جيڪو ماني کائي رهيو هو،ڊوڙي ٿلهي تي ٻاهر نڪري آيو،جتي ماءُ پنهنجي ڌيءَ کي کڻي ٻاهر اچي چڪي هئي،ٻارڙي ڊپ مان روئي گھر کان ٻاهرهلڻ لاءِ چئي رهي هئي.نيٺ ماءُ پنهجي ڌيءَ کي پاڙي جي گھر ۾ کڻي ويئي،جتي ان کي ماٺ ڪرائي،ان جو ڊپ لاهي پوءِ کيس گھر واپس وٺي آئي.ننڍڙي ٻڌايو ته جيئن ته اڏوهي جي باري ۾ هن پهرئين دفعا ٻڌو هو تنهنڪري هن کي خبر ئي نه هئي ته اڏوهي ڇا آهي.
ساڳي رات هڪ ماءُ پنهجي ٽن ٻارن سان گڏ مائٽن جي هڪ گھر وڃي رهي هئي.وڏي ڀيڻ ببلين جي هڪ دٻي ننڍي ڀيڻ کان کسيندي چيو ته ”ڏي ته آئون کڻي هلان،گس تي ٻليون بيٺيون هونديون،جيڪي تو کان اهي کسي وٺنديون.“ جيئن ئي اهي ٻارڙيون ماءُ سان گڏ گھر کان ٻاهر نڪتيون ته گھٽيءَ ۾ ٽي ٻليون ويٺيون هيون ،جن کي ڏسي ننڍي ڀيڻ ماءُ کي چنبڙي پيئي ۽ گھر کان ٻاهر نڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين.
اهي ٻه ته اتفاق ٿيا، پر ٻآر ڪيترو ڊڄي وڃن ٿا، ان جو اندازو وڏن کي نه هوندو آهي.ڪي مائٽ وري ڪا ڳاله مڃائڻ لاءِ ٻارن کي اجايو ڊپ ڏيندا آهن،جيڪو ٻارجي جسماني،ذهني توڙي نفسياتي اوسر کي تمام گھڻو نقصان پهچائيندو آهي.
خاص طور تي ٻارن کي استاد ۽ ڊاڪٽر جو ته ڊپ ڪڏهن به نه ڏيڻ گھرجي ته جيئن ته ٻاراسڪول ۽ علاج کان نه ڊڄن، جن کان هر انسان جو تعلق اڻٽر آهي.
مٿي بيان ڪيل واقعن مان اها ڳاله به سکي سگھجي ٿي ته وڏي عمر وارن ماڻهن جا ڪي خوف به ائين ئي بي معنيٰ ٿين ٿا، جيئن اهي ٻارن وارا خوف.تنهنڪري هر اهڙو خوف جيڪو اسان کي هروپرو تنگ ڪري رهيو هجي، ته ان جي حقيقت معلوم ڪري ان مان نجات حاصل ڪرڻ ضروري آهي.
دنيا ۾ سجايو صرف هڪڙو خوف آهي سو آهي الله سائين ۽ ان جي عذاب کان.باقي ته سڀ اجايا خوف آهن،جيڪي شيطان ۽ انهن جا چيلا هن دنيا ۾ پکيڙيندا آهن،۽ انهن خوفن جي زريعي هن دنيا ۾ برائيءَ کي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

Friday, October 4, 2013

گڏه ٿي ٽيوب لائيٽ

گڏه ٿي ٽيوب لائيٽ

1970ع جي ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي آئي. هرڪو بجلي جي فٽنگ ڪرائڻ ۾ لڳي ويو.هڪ شخص وٽ ان وقت پيسا پيل نه هئا ته هن وٽس موجود هڪ گڏه وڪڻي بجليءَ جي فٽنگ ڪرائي، ۽ هڪ ٽيوب لائيٽ به هڻائي.گڏه 60 رپين ۾ وڪامي ۽ باقي اها خبر ناهي ته ٽيوب لائيٽ گھڻي ۾ ملي.
جنهن وقت ٽيوب لائيٽ ٻري رهي هئي ته ان شخص ٽيوب لائيٽ ڏانهن اشارو ڪري پنهنجي گھر واريءَ کي چيو ته ” او اها پاڻ واري گڏه“.
اها ڳاله ٻڌي آئون به حيرت ۾ پئجي ويس ۽ راوي کان پڇيم ته ”ڇا سڄي جي سڄي گڏه ٽيوب لائيٽ ۾ لڳي ويئي؟“ ته اتي موجود هڪ ٻئي راوي ٺه په وراڻيو ته ” اها گڏه نه پرهڪ کودي هئي.“


Saturday, September 28, 2013

ابديت ۽ عبديت

ابديت ۽ عبديت

انسان کي الله سائين ابديت(هميشه جي زندگي) جي نعمت سان نوازيو آهي،پر اها ابديت انسان جي فائدي ۾ وڃي ان جي صرف هڪڙي صورت آهي،ته هن عارضي امتحاني دنيا ۾ انسان عبديت(الله سائينءَ جي بندگي) اختيار ڪري.جيڪڏهن انسان عبديت اختيار نه ڪئي ته پوءِ اها ابديت ئي هن جي لاءِ تعديت بڻجي ويندي.
سڀ کان پهريائين جيڪي ٻه انسان الله سائين تخليق ڪيا، تن کي عارضي طور جنت ۾ هڪ پابنديءَ سان موڪليائين،پرهوان پابنديءَ تي عمل ڪري نه سگھيا.پوءَ انهن کي هڪ اهڙيءَ عارضي دنيا جيڪا پابندين سان ڀريل آهي، ۾ موڪلي، اتي سندن نسل کي وڌايائين، ۽ سڀني انسانن لاءِ ان دنيا کي امتحان جي جاءِ بڻايائين.هاڻي جيڪڏهن ڪوبه انسان هن دنيا مان ڪامياب ٿي اڳتي لاءِ روانو ٿيو ته پوءِ هن کي هميشه جي لاءِ جنت ملندي جتي هرآسائش ۽ آرام هوندو ۽ ڪابه پابندي نه هوندي.
انسان جي روح کي جيئن ته هميشه جي لاءِ خلقيو ويو آهي،تنهنڪري ته انسان هن فاني دنيا ۾ موت کان غافل رهي ٿوڇا ڪاڻ ته موت هن عارضي،ڪمزور ۽ ضعيف جسم کي اچي ٿو،اها ڳاله انسان جي تحت اشعور ۾ مضبوطيءَ سان پيل آهي.ان سبب جي ڪري انسان کي شعوري طور موت جي ياد ڏيارڻي پوي ٿي.

Thursday, August 8, 2013

عقلمند ڪوئو

عقلمند ڪوئو

ان عقلمند ڪوئي جي حقيقي ڪهاڻي ٻڌائڻ کان پهريائين ضروري آهي ته قارئين جي لاءِ  ٻن دوستن ۽ رڇ جي باري ۾  هڪ تمام  پراڻي ڪهاڻي آهي، سا هت بيان ڪريان،جيڪا ٿورن مختلف لفظن سان مختلف ٻولين ۾ يوٽيوب تي پڻ دستاب آهي. 
ٻه ڄڻا ننڍي وهي کان وٺي پاڻ ۾ تمام گھرا دوست هئا،هڪ ڏينهن ڪنهن جھنگ مان گذري ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا ته هڪ دوست ڪنهن پٿر تي ٿاٻڙجي ڪري پيو۽ گوڏي ۾ ڌڪ لڳڻ جي ڪري عارضي طور هلڻ کان معذور ٿي پيو ته ٻئي دوست کيس پٺن تي کنيو۽ اهڙي طرح سان هوءَ پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻ لڳا.ڪجھ پنڌ طئي ڪرڻ کان پوءِ اوچتو هنن پري کان هڪ رڇ کي وٽن ايندي ڏٺو،پٺ تي چڙهيل همراه جلد ئي پٽ تي ٽپ ڏنو،۽ ڀر واري وڻ تي چڙهي ويو.ٻئي دوست کي وڻ تي چڙهڻ نه ايندو هو، سو پنهنجي دوست کي منٿون ڪرڻ لڳو ته ”ان وڻ تي چڙهڻ ۾ منهنجي مدد ڪر“.مٿئين دوست چيس ته ”هن وڻ تي هڪ ئي ٽاري آهي،سا به ڏاڍي ڪمزور آهي،تنهنجي چڙهڻ سان اهي ڀڄي پوندي،مورڳوپاڻ ٻئي هيٺ ڪري پونداسون ۽ رڇ جي ور چڙهي وينداسون، هاڻي همت ڪري وڃي ٻئي وڻ تي پاڻهي چڙه. هن ڪٿان ٻڌو هو ته مرده ماڻهوءَ کي رڇ نه کائيندو آهي، سو پوءِ هو ماٺ ڪري بنان ڪنهن چرپر ڪرڻ جي هيٺ ليٽي پيو.رڇ هن جي ويجهو آيو،هن جي سڄي جسم کي سونگھڻ لڳو،هن جي ڪنن کي به سونگھيائين پوءِ هن کي مرده سمجھي،ڇڏي هليو ويو.رڇ جي وڃڻ کانپوءِ وڻ وارو دوست هيٺ لهي آيو،۽ پنهنجي دوست کان پڇيائين ته ”رڇ توکي ڪن ۾ ڇا چيو؟ مون کي پڪ آهي ته ڪا سٺي صلاح ڏني هوندائين“.هن جواب ڏنس ته” ڏاڍي ڀلي نصيحت ڪيائين،چيائين ته اهڙو دوست جيڪو تو کي مشڪل ۾ ڪم نه اچي،تنهن سان دوستي ٽوڙي ڇڏ“. ”هاڻي پنهنجي دوستي ختم“ ائين چئي الڳ واٽ وٺي هليو ويو.
هي هڪ مثالي ڪهاڻي آهي، جيڪا سچن دوستن کي چونڊڻ جو معيار ٻڌائي ٿي، باقي رڇ تي اهڙو ڪو تجربو نه ڪجو، جو متان جان تان ئي هٿ کڻڻو پوي.
ننڍپڻ ۾ مون هڪ ٻڌي ڳاله تي تجربو ڪيو هو، سو مون کي ڏاڍو مهانگو پيو،مون ٻڌو هو ته گرميءَ جي موسم ۾ ککرن جا ڏنگ ڇڻي ويندا آهن،تنهڪري هو گرميءَ جي موسم ۾ ڏنگ نه هڻنديون آهن. اونهاري جي موسم جي هڪ تمام گرم ڏينهن تي دريءَ تي ويٺل هڪ ککر کي جھلڻ لاءِ جيئن ئي هٿ وڌم،تنهن ٺڪاءُ گھڻي چڪ ڪرايم جو رڙ نڪري ويم.
هاڻي اچون ٿا ڪوئي جي حقيقي عقلمندي جي واقعي تي.اسان جي گھر جي هڪ ڪمري سان اٽيچڊ باٿ روم ۾ هڪ وڏو شاهي ڪوئو اچي ويهي رهيو.ڊوڙائڻ سان به جان ئي نه ڇڏي، وري ڊوڙيو اچيو ڪمري ۾ لڪي. ڪوئن مارڻ جا جيڪي مروج طريقا آهن،تن تي سوچيوسين ته ضرور پئي پرانهن تي عمل ڪرڻ تي دل ايترو آماده نه هئي.اڄ نيٺ ان ڪوئي مان اسان جي جان ڇٽي.اڄ جڏهن اسان جي گھر جي هڪ فرد ان ڪوئي مان جان ڇڏائڻ لاءِ هڪ وائيپر سان هن کي ڀڄائڻ جي لاءِ ان تي حملو ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته هن کي ڏاڍي حيراني ٿي ته ڪوئو سامان جي هڪ ٿيلهي ۾ مئو پيوآهي،پوءِ وائيپر جي مدد سان ان ٿيلهي کي ٻاهر آڻي جو پٽ تي رکيائين ته ڪوئو وٺي ڀڳو.پوءِ خبر پيئي ته ڪوئو زنده هو، پر دت هڻيو ويٺو هو.جيئن ئي موقعو مليس تيئن کڻي وٺي ڀڳو. ڪوئي انسانن کان پنهنجي جان بچائڻ لاءِ اها ٽيڪنيڪ استعمال ڪئي جيڪا مذڪوره ڪهاڻيءَ ۾ هڪ انسان رڇ کان پنهنجي جان بچائڻ لاءِ استعمال ڪئي.
لڳي ٿو ته ڪوئو به اسان جي باٿ روم ۾ اچي ڦاٿو هو.بهرحال اسان جي ڪوشش ۽ ڪوئي جي عقلمدندي سان اسان جي هڪٻئي مان جان ڇٽي.باقي پاڙيوارن لاءِ ايڏي ڪا وڏي پريشاني جي ڳاله ناهي ڇو ته اٿي هڪ،ٻه نه پر ٽي ٻليون ويٺيون آهن.پوءِ هاڻي ان ڪوئي ۽ ٻلين جي قسمت کٽي.باقي ٻلين جي خلاف ڪوئن جي شڪار تي اسان کي ڪابه تحريڪ هلائڻ جي ضرورت ناهي.اهي قدرت جا راز آهن سي پاڻ اهو ئي ڄاڻي.
مشهور ڪارٽون سيريز ٽام اينڊ جيري ۾ ته ڪوئي ٻلي کي هميشه ڏاڍو تنگ ڪيو پر وٺ ڪڏهن به نه ڏني،پر اها سيريز هن ڪوئي جي ڏٺل به ناهي ۽ ٻيو ته اها هڪ تخيلاتي ڪهاڻي آهي ۽ هي هڪ عملي زندگي آهي.

Saturday, August 3, 2013

هڪ ڪروڙ پتي استاد

هڪ ڪروڙ پتي استاد

ڪم ڪي هون Kim ki-Hoon  هڪ سائوٿ ڪورين استاد آهي،جيڪو هر سال چار ملين آمريڪي ڊالر سائوٿ ڪوريا ۾ ڪمائي ٿو،جتي هن کي راڪ اسٽار استاد جي خطاب سان سڃاتو وڃي ٿو.استاد جي لاءِ لفظن جي اهڙي امتزاج وارو خطاب دنيا ۾ ڪٿي به ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي.مسٽر ڪم 20 سالن کان وٺي ملڪ جي ”اسڪول وقت کان پوءِ هلندڙ اڪيڊميز“ جن کي ”هيگونس“ چئبو آهي،۾ پڙهائي رهيو آهي.دنيا جي اڪثر استادن جي برخلاف هن کي پئسا هن جي مهارت جي ڊمانڊ مطابق ڏنا ويندا آهن ۽ هن جي تمام وڏي ڊمانڊ آهي.مسٽر ڪم هڪ هفتي ۾ 60 ڪلاڪ ڪم ڪندو اهي.جيتوڻيڪ ان مان صرف ٽي ڪلاڪ ڪلاس ۾ پڙهائڻ ۾ گذاريندو آهي.هن جا ڪلاسن جا ليڪچر وڊيو ۾ ريڪارڊ ٿيل آهن .جيڪي 4 آمريڪي ڊالر في ڪلاڪ جي حساب سان آن لائن وڪري لاءِ دستياب آهن.هي هفتي جو گھڻو وقت مدد لاءِ طلبگار شا گردن کي جواب ڏيڻ،ليسن پلان ٺاهڻ،نصابي ۽ مشقي ڪتابن لکڻ ۾ گذاريندو آهي.
مسٽر ڪم جي ڪمائي جو گھڻو حصو هن جي آن لائين ليڪچرس مان اچي ٿو،جيڪي 150،000 ٻار هر سال ڏسن ٿا( جن مان اڪثر هاءِ اسڪول جا اهي شاگرد آهن،جيڪي SAT ٽيسٽ جي سائوٿ ڪورين ورين ۾ پنهجو اسڪور وڌائڻ چاهين ٿا.)
مسٽر ڪم سان ملڻ مون لاءِ هڪ ڏاڍو جذباتي لمحو هو هڪ استاد ايترو پئسو ڪمائي ٿو ،جيترو آمريڪا ۾ هڪ پروفيشنل ايٿليٽ ڪمائي ٿو.جيڪڏهن ڪو آمريڪي هن جهڙي امنگ ۽ صلاحيتن وارو هجي ها ته اهو بينڪر يا وڪيل ٿيڻ پسند ڪري ها، پر سائوٿ ڪوريا ۾ هن هڪ استاد ٿيڻ پسند ڪيو ۽ امير ٿي ويو.
(AMANDA RIPLEY نيو آمريڪا فائونڊيشن ۾ Emerson Fellow آهي،هي مضمون هن جي هڪ ڪتاب The smartest kids in the world- and how they got that way مان اقتباس آهي، جيڪو آگسٽ 2013 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيندو.هي مضمون وال اسٽريٽ جنرل جي ايشين ايڊيشن ۾ 3 آگسٽ 2013 تي ڇپيو آهي.هي هڪ ڪافي وڏو مضمون آهي،مون ان جي تمام ٿوري حصي جو جيڪو ان استاد سان لاڳاپيل آهي، ترجمو ڪيو آهي.)
پاڪستاني رپين ۾ جيڪڏهن ان استاد جي سالياني ڪمائيءَ کي تبديل ڪجي ته اهي چاليه ڪروڙ رپيا ٿيندا.ايتري ساري رقم پاڪستان ۾ ڪو به استاد سڄي عمر ۾ ڪمائڻ جو خواب به لڀي نه ٿو سگھي.
Hagwons هيگونس پاڪستان ۾  ساڳيو پاڻ وارو پرائويٽ ٽيوشن ۽ ٽيوشن سينٽرس وارو نظام آهي، فرق اهو آهي هتي اهو اسڪول ٽائم کان پوءِ هلي ٿو ۽ هتي پاڪستان ۾ ذهين ۽ محنتي ٻاربه اسڪول اٽينڊ ناهن ڪندا پر ٽيوشن پڙهندا آهن.ان پڙهائيءَ کان پوءِ نقل تي به زور لڳايو ويندو آهي ۽ بورڊ ۾ سٺيون مارڪن وٺڻ ۽ پوزيشنون کڻڻ لاءِ به ڀڄ ڊوڙ ٿيندي آهي.
هڪڙي مشهورڳاله آهي ته ڪنهن ٻارميٽرڪ ڪلاس ۾  بورڊ ۾ پوزيشن کنئي،هن کان جڏهن صحافين انٽرويو ورتو ته ٻار جوش،جذبي ۽ سادگي ۾ اهو ٻڌايو ته ”مون ته اڃا اسڪول ۾ ڪلاس ئي اٽينڊ نه ڪيا هئا جي اهي اٽينڊ ڪريان ها ته اڃا به وڏو ڪارناموسر انجام ڏيان ها“.پوءِ ته بورڊ وارن ان جي انڪوائري ڪرائي،جيستائين اسڪول وارن به ريڪارڊ ۾ ٻار جي حاضري پوري ڪري ورتي،۽ بورڊ وارن کي مطمئن ڪري ڇڏيو ته ٻار مڙيئي جوش ۾ اچي اها ڳاله ڪئي، ان ۾ ڪابه حقيقت ناهي،هن ڪلاس اٽينڊ ڪيا هئا. 

Thursday, August 1, 2013

گدو چوڪ واري مڇي

گدو چوڪ واري مڇي

ڪافي سال پهرين جي ڳاله آهي ته حيدرآباد شهر۾ ڪجھ عزيزن سان گڏ تريل مڇي کائڻ جو موقعو مليو.مڇي کائڻ ۾ ڏاڍي لذيذ هئي،منهنجي هڪ عزيز مون کي چيو ته ”زندگي ۾ پهريون دفعو مون توهان کي ڀاڄي کان علاوه ڪا شيءِ شوق سان کائيندي ڏٺو اٿم“،ڇو ته هن کي خبر هئي ته پيدائشي طورآئون ڪوبه گوشت ۽ ڪڪڙ کائي ئي ڪونه سگھندو آهيان.ڪنهن نئين ماڻهو کي اها ڳاله سمجھائڻ مون لاءِ ڏاڍي مشڪل هوندي آهي.ڪنهن به دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ مون لاءِ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي،جو اڪثر ڪري اتي اهڙو کاڌو هوندو آهي جيڪو آئون کائي ئي نه سگھندو آهيان. تنهن ڪري هتي روايتي دعوتن ۾ منهنجي اها حالت هوندي آهي ته ”مولا مينهن وساءِ ته ڪوڙا ڇٽن ڪم کان“ .انسان ۾ عجيب ڪمزوريون هونديون آهن،هڪڙن ۾ هڪڙيون ته ٻين ۾ ٻيون.سڀني کي هڪٻئي تي حيرت ٿيندي آهي ۽ ان جو سبب سمجھ ۾ نه ايندو آهي.اسان جي ڳوٺ جي ماڻهن ڪجھ ماڻهن کي انب کان الرجي آهي ته ڪن کي وري ڌونري کان.
12 يا 12 سال اڳ،پنهنجي هڪ عزيز سان گڏ حيدرآباد شهر۾ هڪ دوست سان ملڻ لاءِ وياسين،سٽي گيٽ وٽ هڪ هوٽل تي ماني کائڻ لاءِ ويٺاسون ته ميزبان پڇيو ته ”ڇا کائيندو؟“ مون کيس اهو ٻڌايو ته ”آئون ڪڪڙ ۽ گوشت نه کائيندو آهيان“.هوءَ هڪ پخته عمر ۽ سمجھدار شخص هو، مون کي سمجھائڻ لڳو ته ”کاڌي جي باري ۾ ائين نه چئبو آهي.توهان کي ائين چوڻ کپندو هو ته آئون اهي شيون گھٽ پسند ڪندو آهيان“.کيس مون ٻڌايو ته” ٿي سگھي ٿو ته توهان ان کي منهنجو تڪلف سمجھو ها،ٻئي ڳاله ته اهي الفاظ منهنجي ڪيفيت جي ترجماني نه ٿا ڪري سگھن.تنهنڪري مهرباني ڪري مون کي انهن کان علاوه ٻيا ڪي اهڙا الفاظ ٻڌايو جن سان مان اها ساڳئي ڳاله بيان ڪري سگھان“.ان تي هو مطمئن ٿي ويو ۽ هن خاموشي اختيارڪئي.
لطيف آباد جي اسڪول ۾،سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ترقي کان پوءِ پهرئين پوسٽنگ ملڻ تي، جڏهن اسڪول ۾ دوستن جي دعوت ڪيم ته دوستن منهنجي مجبوري جي رعايت ڪندي ان  دعوت ۾  به مڇي جو انتظام ڪيو.اها مڇي حيدرآباد جي مشهور مڇي واري ”اڪبر مڇي واري کان“ دوستن تيار ڪرائي هئي،اها سامونڊي مڇي هئي جنهنجو نالو مون کي هاڻي ياد ناهي رهيو،جيڪا کائڻ ۾ واقعي ڏاڍي لذيذ هئي.
12،13 سال پهرئين جڏهن منهنجي ڪجھ عزيزن کي اها اميد هئي ته منهنجي کاڌي جي مزاج ۾ ڪجھ تبديلي اچي سگھي ٿي،تڏهن ڳوٺ جي هاءِ اسڪول ۾ آئون ڪم ڪري رهيو هوس،ته منهنجي هڪ عزيز چيو ته توهان کي اڄ هڪ اهڙي شيءِ ٿو کارايان جو توهان کي مزو اچي ويندو.اهو منهنجو عزيز شڪار جو شوقين هو،سو تتر شڪارڪري بهترين نموني سان تيارڪري دعوت ۾ آندا هئائين.ماني جو دور شروع ٿيو ته ذرڙو هڪڙو پليٽ ۾ وجھي ،جيئن تيئن ڪري کائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. خوشيءَ مان پچيائين ته ”شيءِ ڪيئن لڳي“.ٻڌايومانس ته” ڦڪي ڦڪي لڳي،وڌيڪ ڪونه ٿو کايان“.چوڻ لڳو ته ”واه! واه! شيءِ ڀلي توهان کي کارائجي،ههڙي ڀلي شيءِ تيار ڪرايم پر توهان صفا قدر نه ڪيو“.
حيدرآباد شهر ۾ ڪيلي جي ڪاروبار ڪندڙ هڪ واپاري، ڪجھ مهينا پهرئين مون کي ٻڌايو ته گدو چوڪ تي مڇي پڪائي وڪڻندڙ هڪ واپاري جنهن ڪاروبار مان ڪروڙين رپيا ڪمايا سو پنهنجو اله تله وڪڻي وڃي ملائشيا شفٽ ٿيو آهي.ملڪ ان سبب جي ڪري ڇڏي ويو جو ڀتي وارن کيس ڏاڍو تنگ ڪيو.لطيف آباد وارا ڀتو الڳ وٺن ته قاسم آباد وارا وري الڳ.هن ٻڌايو ته ملڪ ڇڏي ويندڙ همراه جو چوڻ هو ته ”هاڻي ڀتي خور وڌي ويا آهن،ڪنهن کي ڪنهن کي ڀتو ڏيون“.  

Tuesday, July 30, 2013

اميد تي دنيا قائم آهي

اميد تي دنيا قائم آهي

ڊسمبر 2011 جي آخري هفتي جي هڪ صبح جو جڏهن پنهنجي ڳوٺ جي هڪ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ جي لاءِ هن جي ڪلينڪ ۾ داخل ٿي رهيو هوس، ته اسان جي ڳوٺ جو هڪ نوجوان مريض ڪرسيءَ تان اٿيو،ڀر ۾ رکيل جيڪٽ کڻي پائي ڊاڪٽر صاحب کان اجازت وٺي ٻاهر نڪري ويو. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته ”نوجوان جي هڪ ٽيسٽ مان ان ڳاله جو انديشو آهي ته هن جا ٻئي گرده ناڪاره ٿي چڪا آهن. ڪافي ڏينهن اڳ مون هن کي اها ٽيسٽ تجويزڪئي هئي،ٽيسٽ ڪرايائين ته ضرور پر ليبارٽري مان کڻڻ نه ويو،نيٺ ليبارٽري وارن ٽيسٽ جي نتيجي جي خطري کي محسوس ڪندي فون ڪري ٻڌايو ته توهان جي ٽيسٽ صحيح نه آئي آهي تنهڪري مهرباني ڪري اها ٽيسٽ کڻي وڃي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو.ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته ”صورتحال جي سنجيدگي جي ڪري هن نوجوان جي وڏن کي حقيقت کان آگاه ڪريان ٿو ته جيئن هن جي علاج جو ڪو مناسب بندوبست ڪن“.پوءِ ان نوجوان کي آغاخان هاسپيٽل ڪراچي علاج لاءِ موڪيو ويو،جتي سندس ڊائليسس ڪيو ويو،ڊاڪٽرن ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪجھ ڪلاڪ اڃا به پهچڻ ۾ دير ڪريو ها ته پوءِ هن نوجوان جي جان خطري ۾ پئجي وڃي ها.
ان نوجوان کي ايس آءِ يو ٽي ڪراچي ۾ ڏيکاريو ويو،جن ٻڌايو ته ٻئي گردا ناڪاره ٿي چڪا آهن، تنهنڪري هڪ گردو لڳائڻو پوندو، ان لاءِ هن جي ڀائرن،ڀينرن جي چڪاس اسان وٽ ڪرايو ته هن لاءِ ميچ گردي جي ڳولا ڪري اهو هن جي جسم ۾ لڳائجي، باقي ڪنهن به شخص جو جنهنجو نوجوان سان رت جو ويجھو رشتو نه آهي ته سو گردو اسين نه لڳائينداسون،ان ڪري ته جسم ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو،تنهڪري اسين اهڙو ڪو گردو لڳائيندا ئي ناهيون.
هن جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي صحت به ٺيڪ نه آهي.هڪ ڀيڻ جون ٽيسٽون ڪرايون ويون پرهن جي صحت به ان قابل نه هئي ته ان جو گردو به ان نوجوان کي لڳائي سگھجي،تنهنڪري اهو نوجوان گردي جي انتظار ۾ اڃا تائين ڊائيليسس تي پنهنجي زندگي گذاري رهيو آهي.
گذريل سال ئي منهنجي هڪ نوجوان ڪزن جا ٻئي گردا ناڪاره ٿي ويا،هن جي هڪ ڀيڻ جو گردو هن سان ميچ ڪري ويو،ڪجھ مهينا پهرئين ئي ايس آءِ يو ٽي ڪراچي ۾ هن جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو،لڳايل گردي جلد ئي پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو،۽ هاڻي هو بغير ڊائليسس جي صحتمند ٿي رهي آهي.
ڪيترائي سال پراڻي ڳاله آهي ته منهنجو هڪ عزيزجيڪو ان وقت ڪنهن سرڪاري ڪاليج ۾ ليڪچرر هو،تنهن جا ٻئي گردا ناڪاره ٿي ويا.هن جي نوجوان پٽ کيس گردو عطيو ڪيو،ايس آءِ يو ٽي ڪراچي ۾ ئي سندس آپريشن ڪيو ويو،جيڪو ڪامياب ٿيو،هو گذريل سال ايسسوئيٽ پروفيسر جي عهدي تان پنهنجي سرڪاري نوڪري جي مدت پوري ڪري رٽائرٿي ويو.
سائين جڏهن اڃا ليڪچرر هو ته ان جي والد صاحب کان اسان جي ڳوٺ جي هڪ مزاحيه طبيعت رکندڙ سندس اڻ پڙهيل دوست پچيو ته” تنهنجو پٽ ڇا ڪندو آهي؟ “هن ٻڌايس ته ”سرڪاري ڪاليج ۾ ليڪچررآهي“.هن وري پچيس ته ”اهو ليڪچرر وري ڇا ٿيندو آهي؟“ مون کي اهو ٻڌاءِ ته هو ڪم ڪهڙو ڪندو آهي؟ هن ٻڌايس ته ”وڏن ٻارن کي پڙهائيندو آهي“.پوءِ هن همراه چيس ته” پوءِ ائين ٻڌاءِ نه ته اهو ماستر آهي“.
 منهنجو مزڪوره عزيز پروفيسر به ٿي وڃي ها،پر سرڪار 19 گريڊ کان 20 گريڊ ۾ ترقي تمام دير سان ڪندي آهي،ايتري قدر جو ڪي ويچارا ته صرف ڇهن مهينن لاءِ ئي پروفيسر جي عهدي تي رهي رٽائر ٿيو وڃن.
گذريل سال اڳوڻي وزير تعليم پير مظهرالحق جي زال جي ترقي جي ڪري هڪ ئي وقت 150 کان مٿي ايسوسيئيٽ پروفيسرس کي پروفيسرس جي عهدي تي ترقي ڏني ويئي.جيتوڻيڪ سندس گھرواري ڪجھ ڏينهن ۾ ئي رٽائر ٿي ويئي. پر بهرحال ان جي صدقي گھڻن جو ڀلو ٿي پيو.اها خبر ان وقت جي اخبارن ۾ آئي هئي.
جپان جي  حڪومت هڪ  مريض جي پنهنجي جسم مان ئي حاصل ڪيل سٽيم سيل تي تجرباتي ڪم جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي.اسٽيم سيل اهي سيل آهن جن مان ڪو به انساني عضوو ٺهي سگھي ٿو،جيئن ته اسٽيم سيل به ان شخص جو هوندو جنهنجو ۾ اهو عضوو لڳائڻو هوندو ته ان کي جسم طرفان رد ڪرڻ جا امڪان به گھٽجي ويندا.
شروعاتي طور ۾ اهو تجربو اکين جي نظر ضايع ٿيڻ جي صورت ۾ ان کي وري بحال ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي.ان تجربي ۾ ڇهن مريضن جي اکين ۾ سٽيم سيل لڳائي ڏٺو ويندو ته انهن جي نظر واپس موٽي ٿي يا نه ؟
يونيورسٽي ڪاليج آف لنڊن ۾ ريجنريٽو ميڊسن جي ماهرپروفيسر ڪرس ميرسن جو چوڻ آهي ته اسين في الحال ان ميدان ۾ 10 سال پوئتي آهيون.
2012 ع ۾ پروفيسر شنياماناڪا کي ميڊسن ۽ فزيالوجي ۾ نوبل انعام ان ئي دريافت تي مليو ته هڪ بالغ انسان جي سيلس کي ڪيئن سٽيم سيلس ۾ تبديل ڪري سگھجي ٿو.
بهرحال اسان واري ڳوٺ جي نوجوان وانگر ڪيترائي مريض ميچ گردن جي ملڻ جي آس تي ڊائليسس تي گذارو ڪري رهيا آهن پر اميد آهي ته مٿي بيان ڪيل دريافت تي وڌيڪ تحقيق کان پوءِ اهڙن مريضن جو اهو مسئلو حل ٿي ويندو.


Thursday, July 25, 2013

نيڪيءَ جي خوشبوءَ

نيڪيءَ جي خوشبوءَ

هو دوستن سان گڏ گھمندي،جھنگ ۾ گھڻو اڳتي نڪري ويو.اوچتو هن کي احساس ٿيو ته آس پاس ۾ ته ڪير به موجود نه آهي.وڻن جي خوبصورتي ۽ ساوڪ هن کي ايترو ته مسحور ڪري ڇڏيو جو هو آس پاس کان بي خبر ٿي چڪو هو.شام ٿي چڪي هئي،جيڪا جلد ئي رات  ۾ تبديل ٿيڻ لڳي هئي،رات به چانڊوڪي واري نه پراونداهي واري هئي.هو واپسيءَ جو رستو به وڃائي چڪو هو.اڪبر جي عمر صرف 10 سال هئي.هن تي خوف طاري ٿيڻ لڳو هو،مختلف جانورن جا آواز ۽ وڻن ۽ ٻوٽن جي سر سر ماحول کي ويتر دهشتناڪ بڻائي ڇڏيو هو.ان خوف واري حالت ۾ الله سائينءَ کي مدد لاءَ ٻاڏائيندو،اجهي جي تلاش ۾ هلندو رهيو،اوچتو هن جي نظر هڪ جھوپڙيءَ تي وڃي پيئي،جنهن مان هلڪي هلڪي روشني ٻاهر نظر اچي رهي هئي،هو خوف ۽ اميد جي گڏيل ڪيفيت سان جھوپڙيءَ ڏانهن وڌڻ لڳو،جيئن ئي هو ڊڄندي ڊڄندي جھوپڙيءَ اندر داخل ٿيو ته اتي ڏٺائين ته هڪ ڏيئو ٻري رهيو هو،جھوپڙيءَ ۾ چوطرف نظر ڦيرائڻ لڳو ته اوچتو خوف مان رڙ نڪري ويس! مار! جو کڻي ڏسي ته جھوپڙيءَ جي ڪنڊ ۾ پٽ تي هڪ وڏن ڏندن،وکريل وارن،۽ خوفناڪ اکين واري ،پوڙهي جھور هڪ بد صورت ڏائڻ ويٺي آهي.”پٽ! ڊڄ نه،هيڏانهن هليا،هتي ويه“ هڪ سريلو آواز هن جي ڪنن تي پيو،غور ڪيائين ته اهو آواز ته ڏائڻ جو هو.ڪمري ۾ اوچتو روشني وڌي ويئي،۽ هڪ خوبصورت پري نما ڇوڪري ڪمري ۾ داخل ٿي.”هيءُ منهنجي ڌيءُ آهي“ ڏائڻ اڪبر کي ٻڌايو.وڌيڪ ٻڌايائين ته ”اسين هاڻ نيڪ ٿي ويا آهيون،انهيءَ ارادي کان پوءِ منهنجو آواز سريلو ۽ منهنجي ڌيءُ خوبصورت ٿي ويئي آهي.اسان هتي جنهن پهرين شخص جي مدد ڪئي هئي،تنهن کي اسان ٻڌايو هو ته اسين هتي هڪ ديو وٽ قيد آهيون، هاڻي تون اسان کي اهو ٻڌاءِ ته ڪيئن ان مان جان ڇڏائي،ٻين ماڻهن وانگر هن دنيا ۾ هڪ خوش ۽ آزاد زندگي گذاري سگھون.ان شخص اسان کي هڪ شيشي ڏني هئي ۽ ٻڌايو هو ته ان ۾ نيڪيءَ جي خوشبوءَ موجود آهي،جڏهن توهين ڏه ماڻهن سان نيڪي ڪندو ته ان خوشبوءَ ۾ تاثير پيدا ٿيندي،جيڪا ان ديو کي سونگھائيندو ته مري پوندو۽ توهين ان جي قيد مان آزاد ٿي ويندو۽ تون ئي اهو ڏهون فرد آهين.“
پوءِ ڌيءَ کي هدايت ڪيائين ته ”سامان سڙو،سون مين، مال ودولت سڀ گڏ ڪر ويڙهي رک ته اهو پاڻ کي دنيا ۾ ڪم ايندو.“ پاڻ وري خوشبوءَ واري شيشيءَ کي ڳولي هٿ ۾ مس کنيائين ته ايتري ۾ جھوپڙيءَ جي زمين ڌڏڻ لڳي ، سڄي جھوپڙيءَ دونهين سان ڀرجي ويئي،ان دونهين وري ٿوري ئي دير ۾ هڪ قدآور،ڪاري ۽ ڀوائتي شڪل واري راڪاس جي شڪل اختيار ڪري ورتي.پوءَ اهو راڪاس اڪبر کي ڏسي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو،۽ چوڻ لڳو ته اڄ ته واه جو! شڪار هٿ آيو آهي ۽ سندس وڏن ننهن وارا هٿ اڪبر ڏانهن وڌائڻ لڳو،اڪبر جو ته ڊپ ۾ ذري گھٽ ساه ٿي نڪتو.ايتري ۾ ان ڏائڻ جلد ئي نيڪيءَ جي خوشبوءَ واري شيشيءَ جو ٻوچ کولي ورتو،سڄي جھوپڙيءَ ۾ هڪ وڻندڙ خوشبوءَ پکڙجي ويئي.راڪاس ڏڪڻ لڳو،۽ رڙيون ڪرڻ لڳو ته منهنجو ته ساه ٿو گھٽجي،ائين رڙيون ڪندي ڪري پيو،پوءِ ٻاه وڪوڙي ويس ۽ سڙي رک ٿي ويو.
اڪبر اهو سڄو منظر ڏسي بيهوش ٿي ويو،جيڏي مهل کيس هوش آيو ته ڏٺائين ته سندس گھر ۾ موجود آهي،ان جي سيرانديءَ کان هڪ باوقار ٻڍڙيءَ عورت بيٺي دعائون پڙهي رهي آهي،سامهون واري کٽ تي هڪ خوبصورت ڇوڪري ويٺل آهي.سندس ماءُ ۽ پيءُ به ڪمري ۾ بيچينيءَ سان چهل پهل ڪري رهيا آهن،جيئن ئي هنن اڪبر کي هوش ۾ ايندي ڏٺو ته تمام گھڻا خوش ٿيا،۽ کانئس حال احوال پڇڻ لڳا،هن به کين پورو قصو ٻڌايو،اهو ٻڌي هو وڌيڪ ان عورت جو شڪريو ادا ڪرڻ لڳا ۽ پو۽ هن کان متاثر ٿي کيس ۽ سندس ڌيءُ کي پاڻ سان گڏ رهڻ جي صلاح هنيائون، جيڪا هن خوشيءَ سان قبول ڪئي،ٽن ڏينهن کان پوءِ اڪبرجي ان هم عمر ڇوڪريءَ سان وڏي ڌام ڌوم سان مڱڻي ڪيائون ۽ اهڙيءَ طرح پوءِ ٻئي خاندان خوشيءَ سان گڏجي رهڻ لڳا.

Tuesday, July 23, 2013

عدد،سڪا ۽ نوٽ

عدد،سڪا۽ نوٽ

عددن جو تصور سڪن ۽ نوٽن ذريعي
هڪ رپئي واري سڪي کي هڪ ايڪي جي طور وٺون ٿا ۽ ڏهن واري نوٽ کي ڏهاڪي جي طور.

عدد جي نشاني                        هجي                            عدد جو اچار(روان)

0                                         ٻڙي ايڪو                             ٻڙي


1                                       هڪ ايڪو                             هڪ

2                                        ٻه ايڪا                                   ٻه

3                                         ٽي ايڪا                                  ٽي


4                                         چار ايڪا                                 چار

5                                        پنج ايڪا                                    پنج

6                                        ڇه ايڪا                                    ڇه


7                                        ست ايڪا                                     ست

8                                        اٺ ايڪا                                     اٺ

9                                        نو ايڪا                                        نو

10                                      ٻڙي ايڪو هڪ ڏهاڪو                    ڏه

11                                     هڪ ايڪو هڪ ڏهاڪو                   يارهن

12                                     ٻه ايڪا هڪ ڏهاڪو                       ٻارهن

13                                     ٽي ايڪا هڪ ڏهاڪو                       تيرهن

14                                      چار ايڪا هڪ ڏهاڪو                    چوڏهن

15                                     پنج ايڪا هڪ ڏهاڪو                      پندرهن

16                                     ڇه ايڪا هڪ ڏهاڪو                       سورهن

17                                     ست ايڪا هڪ ڏهاڪو                      سترهن

18                                      اٺ ايڪا هڪ ڏهاڪو                      ارڙهن

19                                      نو ايڪا هڪ ڏهاڪو                       اوڻيه

20                                       ٻڙي ايڪو ٻه ڏهاڪا                        ويه

21                                     هڪ ايڪو ٻه ڏهاڪا                         ايڪيه

22                                      ٻه ايڪا ٻه ڏهاڪا                            ٻاويه

23                                     ٽي ايڪا ٽي ڏهاڪا                          ٽيويه

24                                     چار ايڪا ٻه ڏهاڪا                         چوويه

25                                      پنج ايڪا ٻه ڏهاڪا                         پنجويه

26                                     ڇه ايڪا ٻه ڏهاڪا                          ڇويه

27                                     ست ايڪا ٻه ڏهاڪا                        ستاويه

28                                     اٺ ايڪا ٻه ڏهاڪا                          اٺا ويه

29                                     نو ايڪا ٻه ڏهاڪا                           اوڻٽيه

30                                     ٻڙي ايڪو ٽي ڏهاڪا                       ٽيه

31                                     هڪ ايڪو ٽي ڏهاڪا                     ايڪٽيه

32                                     ٻه ايڪا ٽي ڏهاڪا                          ٻٽيه

33                                      ٽي ايڪا ٽي ڏهاڪا                         ٽيٽيه

34                                     چار ايڪا ٽي ڏهاڪ                        چوٽيه

35                                     پنج ايڪا ٽي ڏهاڪا                         پنجٽيه

36                                     ڇه ايڪا ٽي ڏهاڪا                         ڇٽيه

37                                     ست ايڪا ٽي ڏهاڪا                        ستٽيه

38                                    اٺ ايڪا ٽي ڏهاڪا                          اٺٽيه

39                                    نو ايڪا ٽي ڏهاڪا                          اوڻيتاليه

40                                   ٻڙي ايڪو چارڏهاڪا                       چاليه

41                                   هڪ ايڪو چار ڏهاڪا                     ايڪيتاليه

42                                   ٻه  ايڪا  چار ڏهاڪا                       ٻائيتاليه

43                                  ٽي  ايڪا  چار ڏهاڪا                       ٽيتاليه

44                                 چار ايڪا  چارڏهاڪا                        چوئيتاليه

45                                 پنج  ايڪا  چار ڏهاڪا                       پنجيتاليه

46                                  ڇه ايڪا  چار ڏهاڪا                        ڇائيتاليه

47                                  ست ايڪا  چار ڏهاڪا                       ستيتاليه

48                                    اٺ ايڪا  چار ڏهاڪا                       اٺيتاليه

49                                    نو ايڪا  چار ڏهاڪا                        اوڻونجاه

50                                     ٻڙي ايڪو پنج ڏهاڪا                     پنجاه

51                                     هڪ ايڪو پنج ڏهاڪا                    ايڪونجاه

52                                      ٻه ايڪا  پنج ڏهاڪا                      ٻاونجاه

53                                       ٽي ايڪا  پنج ڏهاڪا                     ٽيونجاه

54                                       چارايڪا  پنج ڏهاڪا                    چوونجاه

55                                        پنج ايڪا  پنج ڏهاڪا                   پنجونجاه

56                                       ڇه ايڪا  پنج ڏهاڪا                    ڇاونجاه

57                                        ست ايڪا  پنج ڏهاڪا                 ستونجاه

58                                        اٺ ايڪا  پنج ڏهاڪا                  اٺونجاه


59                                         نو ايڪا  پنج ڏهاڪا                  اوڻهٺ

60                                          ٻڙيايڪو ڇه ڏهاڪا                 سٺ

61                                         هڪ  ايڪو ڇه ڏهاڪا              ايڪهٺ

62                                         ٻه ايڪا ڇه ڏهاڪا                    ٻاهٺ

63                                        ٽي  ايڪا ڇه ڏهاڪا                   ٽيهٺ

64                                        چار ايڪا ڇه ڏهاڪا                  چوهٺ

65                                         پنج ايڪا ڇه ڏهاڪا                  پنجهٺ

66                                        ڇه ايڪا ڇه ڏهاڪا                   ڇاهٺ

67                                         ست ايڪا ڇه ڏهاڪا                ستهٺ

68                                        اٺ ايڪا ڇه ڏهاڪا                  اٺهٺ

69                                        نو ايڪا ڇه ڏهاڪا                  اوڻهتر

70                                       ٻڙي ايڪو ست ڏهاڪا              ستر

71                                       هڪ  ايڪو ست ڏهاڪا            ايڪهتر

72                                       ٻه ايڪا  ست ڏهاڪا                ٻاهتر

73                                        ٽي ايڪا  ست ڏهاڪا               ٽيهتر

74                                        چارايڪا  ست ڏهاڪا              چوهتر

75                                        پنج ايڪا  ست ڏهاڪا               پنجهتر

76                                       ڇه  ايڪا  ست ڏهاڪا                ڇاهتر

77                                        ست ايڪا  ست ڏهاڪا                ستهتر

78                                        اٺ ايڪا  ست ڏهاڪا                 اٺهتر

79                                        نو ايڪا  ست ڏهاڪا                 اوڻاسي

80                                        ٻڙيايڪو اٺ ڏهاڪا                 اسي

81                                        هڪايڪو اٺ ڏهاڪا               ايڪاسي

82                                        ٻه ايڪا اٺ  ڏهاڪا                  ٻياسي

83                                       ٽي ايڪا  اٺ ڏهاڪا                  ٽياسي

84                                      چار ايڪا  اٺ ڏهاڪا                 چوراسي

85                                       پنج ايڪا  اٺ ڏهاڪا                 پنجاسي

86                                       ڇه ايڪا اٺ ڏهاڪا                  ڇهاسي      

87                                     ست  ايڪا  اٺ ڏهاڪا                 ستاسي

88                                     اٺ ايڪا  اٺ ڏهاڪا                   اٺاسي

89                                     نو ايڪا  اٺ ڏهاڪا                   اوڻانوي

90                                     ٻڙي  ايڪو نو ڏهاڪا                 نوي

91                                    هڪايڪو  نو ڏهاڪا                  ايڪانوي

92                                      ٻه ايڪا  نو ڏهاڪا                    ٻيانوي

93                                      ٽي ايڪا  نو ڏهاڪا                   ٽيانوي

94                                      چار ايڪا  نو ڏهاڪا                چورانوي

95                                      پنج ايڪا  نو ڏهاڪا                  پنجانوي

96                                     ڇه  ايڪا  نو ڏهاڪا                 ڇهانوي

97                                      ست ايڪا  نو ڏهاڪا                ستانوي

98                                      اٺ ايڪا  نو ڏهاڪا                 اٺانوي

99                                       نو ايڪا  نو ڏهاڪا                  نوانوي

100                              ٻڙي ايڪو ٻڙي ڏهاڪوهڪ سو        هڪ سو