هڪ ڪروڙ پتي استاد
ڪم ڪي هون Kim ki-Hoon هڪ سائوٿ ڪورين استاد آهي،جيڪو هر سال چار ملين آمريڪي ڊالر سائوٿ ڪوريا ۾ ڪمائي ٿو،جتي هن کي راڪ اسٽار استاد جي خطاب سان سڃاتو وڃي ٿو.استاد جي لاءِ لفظن جي اهڙي امتزاج وارو خطاب دنيا ۾ ڪٿي به ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي.مسٽر ڪم 20 سالن کان وٺي ملڪ جي ”اسڪول وقت کان پوءِ هلندڙ اڪيڊميز“ جن کي ”هيگونس“ چئبو آهي،۾ پڙهائي رهيو آهي.دنيا جي اڪثر استادن جي برخلاف هن کي پئسا هن جي مهارت جي ڊمانڊ مطابق ڏنا ويندا آهن ۽ هن جي تمام وڏي ڊمانڊ آهي.مسٽر ڪم هڪ هفتي ۾ 60 ڪلاڪ ڪم ڪندو اهي.جيتوڻيڪ ان مان صرف ٽي ڪلاڪ ڪلاس ۾ پڙهائڻ ۾ گذاريندو آهي.هن جا ڪلاسن جا ليڪچر وڊيو ۾ ريڪارڊ ٿيل آهن .جيڪي 4 آمريڪي ڊالر في ڪلاڪ جي حساب سان آن لائن وڪري لاءِ دستياب آهن.هي هفتي جو گھڻو وقت مدد لاءِ طلبگار شا گردن کي جواب ڏيڻ،ليسن پلان ٺاهڻ،نصابي ۽ مشقي ڪتابن لکڻ ۾ گذاريندو آهي.
مسٽر ڪم جي ڪمائي جو گھڻو حصو هن جي آن لائين ليڪچرس مان اچي ٿو،جيڪي 150،000 ٻار هر سال ڏسن ٿا( جن مان اڪثر هاءِ اسڪول جا اهي شاگرد آهن،جيڪي SAT ٽيسٽ جي سائوٿ ڪورين ورين ۾ پنهجو اسڪور وڌائڻ چاهين ٿا.)
مسٽر ڪم سان ملڻ مون لاءِ هڪ ڏاڍو جذباتي لمحو هو هڪ استاد ايترو پئسو ڪمائي ٿو ،جيترو آمريڪا ۾ هڪ پروفيشنل ايٿليٽ ڪمائي ٿو.جيڪڏهن ڪو آمريڪي هن جهڙي امنگ ۽ صلاحيتن وارو هجي ها ته اهو بينڪر يا وڪيل ٿيڻ پسند ڪري ها، پر سائوٿ ڪوريا ۾ هن هڪ استاد ٿيڻ پسند ڪيو ۽ امير ٿي ويو.
(AMANDA RIPLEY نيو آمريڪا فائونڊيشن ۾ Emerson Fellow آهي،هي مضمون هن جي هڪ ڪتاب The smartest kids in the world- and how they got that way مان اقتباس آهي، جيڪو آگسٽ 2013 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيندو.هي مضمون وال اسٽريٽ جنرل جي ايشين ايڊيشن ۾ 3 آگسٽ 2013 تي ڇپيو آهي.هي هڪ ڪافي وڏو مضمون آهي،مون ان جي تمام ٿوري حصي جو جيڪو ان استاد سان لاڳاپيل آهي، ترجمو ڪيو آهي.)
پاڪستاني رپين ۾ جيڪڏهن ان استاد جي سالياني ڪمائيءَ کي تبديل ڪجي ته اهي چاليه ڪروڙ رپيا ٿيندا.ايتري ساري رقم پاڪستان ۾ ڪو به استاد سڄي عمر ۾ ڪمائڻ جو خواب به لڀي نه ٿو سگھي.
Hagwons هيگونس پاڪستان ۾ ساڳيو پاڻ وارو پرائويٽ ٽيوشن ۽ ٽيوشن سينٽرس وارو نظام آهي، فرق اهو آهي هتي اهو اسڪول ٽائم کان پوءِ هلي ٿو ۽ هتي پاڪستان ۾ ذهين ۽ محنتي ٻاربه اسڪول اٽينڊ ناهن ڪندا پر ٽيوشن پڙهندا آهن.ان پڙهائيءَ کان پوءِ نقل تي به زور لڳايو ويندو آهي ۽ بورڊ ۾ سٺيون مارڪن وٺڻ ۽ پوزيشنون کڻڻ لاءِ به ڀڄ ڊوڙ ٿيندي آهي.
هڪڙي مشهورڳاله آهي ته ڪنهن ٻارميٽرڪ ڪلاس ۾ بورڊ ۾ پوزيشن کنئي،هن کان جڏهن صحافين انٽرويو ورتو ته ٻار جوش،جذبي ۽ سادگي ۾ اهو ٻڌايو ته ”مون ته اڃا اسڪول ۾ ڪلاس ئي اٽينڊ نه ڪيا هئا جي اهي اٽينڊ ڪريان ها ته اڃا به وڏو ڪارناموسر انجام ڏيان ها“.پوءِ ته بورڊ وارن ان جي انڪوائري ڪرائي،جيستائين اسڪول وارن به ريڪارڊ ۾ ٻار جي حاضري پوري ڪري ورتي،۽ بورڊ وارن کي مطمئن ڪري ڇڏيو ته ٻار مڙيئي جوش ۾ اچي اها ڳاله ڪئي، ان ۾ ڪابه حقيقت ناهي،هن ڪلاس اٽينڊ ڪيا هئا.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو