هر انسان ۾ الله پاڪ مختلف خوبيون،صلاحيتون پيدا ڪيون آهن.تنهنڪري هر انسان کي پنهنجو پاڻ سان به محبت ڪرڻ کپي.اهڙا به انسان هن دنيا ۾ نظر ايندا جن ۾ ڪجھ صلاحيتون گھٽ هونديون ته وري ڪن ۾ اهي صلاحيتون گھٽ درجي جون هونديون.ان ڳاله کي ڏسي انهن کي گھٽ نه سمجھڻ گھرجي پر پاڻ کي مليل نعمتن تي شڪر ادا ڪرڻ کپي ۽ پاڻ کي مٿاهون ۽ انهن کي گھٽ نه سمجھڻ گھرجي.ساڳي طرح سان هن دنيا ۾ کوڙ سارا انسان اهڙا ملندا جن کي اسين ڏسندا سون ته کين اسان کان وڌيڪ صلاحيتون مليل هونديون،تن سان پاڻ کي ڀيٽي وري احساس ڪمتري جو شڪار به نه ٿجي.بلڪه پاڻ شڪر ادا ڪرڻ گھرجي ته الله سائين اهڙين سٺين صلاحيتن وارا ماڻهوءَ به پيدا ڪيا آهن.ان سان پنهنجي پاڻ ۾ عاجزي ۽ نوڙت جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ گھرجي.
قصه مختصر ته هر گل جي خوشبو پنهنجي آهي.


