Pages

Thursday, December 31, 2015

ماڻهوءَ ته سڀئي سهڻا

هر انسان ۾ الله پاڪ مختلف خوبيون،صلاحيتون پيدا ڪيون آهن.تنهنڪري هر انسان کي پنهنجو پاڻ سان به محبت ڪرڻ کپي.اهڙا به  انسان هن دنيا ۾ نظر ايندا جن ۾ ڪجھ صلاحيتون گھٽ هونديون ته وري ڪن ۾  اهي صلاحيتون گھٽ درجي جون هونديون.ان ڳاله کي ڏسي انهن کي گھٽ نه سمجھڻ گھرجي پر پاڻ کي مليل نعمتن تي شڪر ادا ڪرڻ کپي ۽ پاڻ کي مٿاهون ۽ انهن کي گھٽ نه سمجھڻ گھرجي.ساڳي طرح سان هن دنيا ۾ کوڙ سارا انسان اهڙا ملندا جن کي اسين ڏسندا سون ته کين اسان کان وڌيڪ صلاحيتون مليل هونديون،تن سان پاڻ کي ڀيٽي وري احساس ڪمتري جو شڪار به نه ٿجي.بلڪه پاڻ شڪر ادا ڪرڻ گھرجي ته الله سائين اهڙين سٺين صلاحيتن وارا ماڻهوءَ به پيدا ڪيا آهن.ان سان پنهنجي پاڻ ۾ عاجزي ۽ نوڙت جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ گھرجي.
قصه مختصر ته هر گل جي خوشبو پنهنجي آهي.

محبت جا ٻه رخ

منهنجي والدين جا چار ٻار خاص(special) پيدا ٿيا.جن مان منهنجا ٽي ڀاءُ جيڪي مون کان وڏا هئا، سي ڪافي عرصو اڳي انتقال ڪري چڪا.هڪ ادي جيڪا عمر مون کان ننڍي هئي سا به 2009 ع ۾ انتقال ڪري ويئي.هڪ جيڪا عمر مون کان وڏي آهي سان اڃا حيات آهي.سا جيڪڏهن اسان جي گھرجي ڪنهن فرد جي ڪا خدمت ڪندي آهي،مثال طور مهنجا ٻه ٻار آهن  تن مان ڪنهن کي پاڻي به پياريندي آهي ته هڪ مخصوص جملو چوندي آهي ته آئون اهو ان لاءِ پيئي ڪريان جو هن کي وڻا ٿي.
اسين سڀ گھر جا عام ماڻهو ان جو مقصد اهو سمجھندا هئاسين ته هي ابتي ڳاله پيئي ڪري ،چوڻ کپي،يا هي چوڻ چاهي ٿي ته هن جو هي ڪم ان لاءِ پيئي ڪريان جو  هي ٻار يا گھر جو هي فرد مون کي  وڻي ٿو،پر هي ڳاله ابتي پيئي ڪري.
هڪ ڏينهن مون کي اوچتو هن جي ڳاله سمجھ ۾ آئي ته هو ڳاله ته سبتي پيئي ڪري پراسان ان کي ابتو پيا سمجھون.ماڻهوءَ صرف ان جو چيو نه مڃيندو آهي جيڪو کيس وڻي پر ان جو اڃا وڌيڪ چيو مڃيندو آهي جنهن  کي ماڻهوءَ پاڻ وڻي.
اها ڳاله جيڪڏهن پاڻ عام ماڻهن جي سمجھ ۾ اچي وڃي جيڪر پاڻ لاءِ الله سائينءَ جي حڪمن کي سمجھڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ آسان ٿي پوي.
اسان جي دلين ۾ الله پاڪ جي محبت جيستائين ان درجي تي پهچي جو اسان کي اخلاص ۽ نيڪ عملن تي آماده ڪري،۽ ان ۾ ترقي جو سبب بڻجي.تيستائين اها ڳاله ته سمجھڻ وڌيڪ آسان آهي ته الله سائين انسانن سان ڪيتري محبت ڪري ٿو،جو
انساني تخليق جي وقت فرشتن کي الله سائين  جوحڪم مڃي  حضرت آدم عليه الاسلام کي سجدو ڪرڻو پئجي ويو، ابليس انڪار ڪري مردود بڻجي ويو.

Tuesday, December 29, 2015

ڇوڪرو ۽ ڇيڻا

1982 عيسوي جي ڳاله آهي.پنجون درجو پاس ڪري ڇهين درجي ۾ وڃڻ جي انتظار ۾ ڪلاس ۾ ويٺا هئاسين.اسڪول ۾ حاضري جي ايتري اهميت هئي جو گھر ۾ نه هئاسين. اسان جي پنجين درجي پڙهائيندڙ محترم استاد صاحب کي ڇيڻن جي ضرورت پئجي ويئي.سائين اسان کي واندو ويٺل ڏسي حڪم ڪيو رستن ۽ گھٽين تي مينهون جيڪي ڇيڻا لاهي ويون هجن سي هن دٻي ۾ گڏ ڪري مون کي پهچايو.پنج ڪلو گيه وارو خالي دٻو اسان کي ڏنائين.پوءِ اسان روڊن ۽ رستن تان ڇيڻا گڏ ڪري استاد صاحب کي پهچايا.
پر بهرحال اسان کي حاضري جي اهميت سان گڏوگڏ پورهئي جي عظمت جو به سبق مليو.
پر سچي پچي مون کان اهو نه پڇو ته اسان ان دور ۾ ڇاڇا کنيو؟
اسان ٻن چڻن گڏجي هڪ ڇوڪري کي سندس گھران،مائٽن جي اڳيان وڃي کنيو،ڇوڪرو به هجي ڳرو،اچو ٿو ڇڪ ڇڪان ڪري،هڪڙي دفعا ته مورڳو روڊ تي ڪري پيو مٿي ۾ ڌڪ به لڳس.رنو ته اڳي ئي پئي ويتر جو ڌڪ لڳس ته رڙ ۾ ٻڏي ويو.مجال آهي جو ڪير وچ ۾ اچي، نيٺ پڪڙي اچي اسڪول ۾ پهچايوسينس.استاد صاحب جي حڪم جي تعميل ڪئيسين.


Friday, December 25, 2015

هيڊو ماستر

آئون سنڌ،پاڪستان جي هڪ اسڪول ۾ هيڊو ماستر آهيان.مهرباني ڪري ڪير به خاص طور تي ڪو به صحافي دوست ،مون کان هيڊ ماسٽر جي سپيل نه پڇي،ڇاڪاڻ ته انهن اسپيلن تان اٺين ۽ نائين ڪلاس ۾ مون هم ڪلاسي دوستن کي ڏاڍيون ٿڦڙون هنيون.باقي استاد صاحب  مون تي ڏاڍو مهربان هو،ڪڏهن به هم ڪلاسي دوستن کي آهستي ٿڦڙ هڻڻ تي ورائي مون کي ٿڦڙنه هنيائين.
ڪير مون کان اهو به نه پڇي ته ڪو مان سرڪاري اسڪول جو هيڊوماستر آهيان يا نجي اسڪول جو.باقي مهنجو منهن ڏسي سڀ ڪو سمجھي ويندو.نجي اسڪول جو مالڪ هيڊو ماستر آهيان ته منهنجو منهن توهان کي هيڊو نه پر سونو نظر ايندو.پر جي مالڪ ٻيو ڪو آهي ۽ مان خالي هيڊو ماستر آهيان ته پوءِ سون ته پري پري تائين نظر نه ايندو،باقي ڪم جي دٻ کان رنگ اهڙو ته هيڊو نظر ايندم جو لڳندو ته مالڪن سچي پچي ڪٿي منهنجي منهن تي هيڊ جو ميڪ اپ ڪيو هجي.
ها باقي جي مان سرڪاري اسڪول جو هيڊوماستر آهيان ته پوءِ نه توهان کي منهنجي چهري تي سون نظر ايندو، ۽نه ئي وري هيڊ.بس هڪ بيمار شخص وانگرنظرايندس،جو نه ڪو استاد منهنجي ٻڌي، نه ڪوپٽيوالو ۽ نه ئي وري ڪو ڪلارڪ.
اڪثر اسڪولن ۾ نه ڪلارڪ آهن نه ئي وري ڪلارڪ جي پوسٽ آهي.منهنجي اسڪول ۾ به ڪلارڪ  آهي ئي ڪونه.جن وٽ ڪلارڪ آهن تن جو چوڻ آهي ته جي ڪلارڪ ٽي چار آهن ته پوءِ انهن ۾ صفا ڪم نه ڪرڻ جو مقابلو هلندڙ هوندو آهي.پوءِ جيڪو مقابلو کٽي باقي ڪونه ڪو ڪم وارو مليو وڃي.
ڪي ڪلارڪ جيڪي پٽيوالي جي پوسٽن تان ترقي ڪري ڪلارڪ ٿيا آهن سي نه ڪم ڄاڻن نه ئي وري سکڻ جو شوق رکن.هرڪم جو بس هڪڙوئي جواب هوندو ”آئون ڪم نه ٿو ڄاڻان“.
چون ٿا ته هڪ اهڙو دلچسپ ڪلارڪ هو، جيڪوپٽيوالي جي پوسٽ تان ترقي ڪري ڪلارڪ ٿيو هو سو اچي ڦاٿو،چي! مون کي پوئتي demote ڪريو،هي ڪم مون کان نه ٿو پهچي.پوءِ ان ڊپ ۾ ته مٿئين گريڊ ۾ وڌيڪ ورتل پگھار به واپس ڪرڻي پوندي،نيٺ پنهنجي ضد تان لٿو ۽ ڪلارڪ رهڻ قبول ڪيائين.
سو جنهن ڏينهن منهنجي مٿان وارن جو رويو شفقت ڀريو ٿيو۽ جي منهنجا سب آرڊينيٽ آهن تن مون سان تعاون ڪرڻ شروع ڪيو ته مهنجي چهري جي هيڊاڻ هلي ويندي.صحت به سٺي ٿي پوندم.اسڪولن جو ڪم به سٺو هلڻ شروع ٿي پوندو.بس دعا ڪريو ته مان جلدي هيڊو ماستر مان هيڊ ماستر ٿي وڃان.

Sunday, December 20, 2015

وڃايل ٻار

آئون جڏهن اڃا ننڍڙو ٻار هوس،سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ جي پٽي مس سکي هئم.ڪنهن وڏي جونوٽ بڪ تي لکيل نالو ڏسي ان کي لکيم ته مهنجا وڏڙا ڏاڍا خوش ٿيا هئا ۽ هنن مون کي شاباش ڏني هئي.
پهرين پوسٽ هن بلاگ تي شيئر ڪرڻ جي ته همت نه پئي ٿيم،پرپوءِ همت افزائي ٿيڻ تي وڌيڪ لکڻ شروع ڪيم،پوءِ جڏهن هن بلاگ تي وڌيڪ پوسٽون شيئر ڪندو ويس ته پوءِ اهو ارادو ڪيم  ته روزانو گھٽ ۾ گھٽ هڪ پوسٽ ضرور ان تي شيئر ڪريان.پر ائين ڪري نه سگھيس،ان جا ٻيا ته ڪيترائي سبب آهن جهڙوڪ صحت،ٻيون مصروفيتون وغيره،پر ان ۾ هڪ سبب اهو به نظر آيو اٿم ته اهو ننڍڙو ٻار جنهن بغير سمجھڻ جي هڪ نالو لکيوهو،وڃائي چڪو آهيان.هاڻي وڏو سمجھدار،چالاڪ،پڙهيل،هوشيار ٿي ويو آهيان جو اهڙيون ڳالهيون اهڙي ٻولي ۾ لکڻ ٿو چاهيان جنهن جو معيار يا ته انهن اديبن جي لکڻين جي برابر هجي جن کي ادب جو نوبل پرائز مليل آهي يا گھٽ ۾ گھٽ قومي يا صوبائي سطح تي مڃتا مليل آهي يا ٻيو نه پر گھٽ ۾ گھٽ اخبار ۾ ڪالم ته لکي سگھن ٿا.
منهنجي سمجھداري ته مورڳو منهنجي ڪم ۾ رڪاوٽ بنجي رهي آهي.مون پنهنجي بلاگ جو عنوان جھڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان به ان ڪري رکيو هو جھڙو حال آهي سو لکندس.تنهنڪري منهنجي خواهش ته هن بلاگ تي هڪڙي پوسٽ اهڙي لکي سگھان جنهنجو نه منهن هجي نه سر هجي،ڪا سٽ سنڌي،ڪا انگريزي ته ڪا وري اردو ۾ لکيل هجي،انگريزيءَ جي سپيلنگ ۾ ۽ سنڌيءَ جي وري صورتخطيءَ ۾ ڀلي غلطي هجي،بس رڳو ڪنهن تي ٽوڪ نه هجي،غير اخلاقي ڳاله نه هجي،ڪوڙي ڳاله نه هجي.
اهڙو ننڍڙو ٻار جنهن کي هاڻي آئون وڃائي چڪو آهيان،جي تلاش ۾ نڪري پيو آهيان.اهڙو ننڍڙو ٻارهر ڪنهن انسان سان گڏ هوندو آهي،جيڪو بغير ڪنهن جي پرواه ڪرڻ جي ڪم ڪندو ويندو آهي،۽ پوءِ ترقي ڪندو ويندو آهي نه ته پنهنجي حال تي ضرور خوش هوندو آهي ۽ ڪجھ نه ڪجھ مثبت ڪم ڪرڻ ۾ لڳو پيوهوندو آهي.
مون واري ننڍڙي کي ته فقط پاڻ سڃاڻا تنهڪري سندس تلاش ۾ لڳي ٿو وڃان باقي سڀني کي صلاح آهي پنهنجي وڃايل ٻارن جي تلاش ۾ لڳي وڃن.

Sunday, November 22, 2015

عالم ارواح جي يادگيري

ٻار جي عمر جڏهن ڪجه سوچڻ،سمجھڻ سوال پڇڻ جي ٿئي ٿي ته سڀ کان پهريائن هن جي ذهن ۾ جيڪو سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر ماءُ جي پيٽ مان ٻاهر ڪيئن نڪتس.اڪثر اهو سوال ٻار مائٽن کان پڇندا رهندا آهن.مائٽ به ٻار جو خيال مٽائي جان ڇڏائيندا رهندا آهن.ڪو ٻار ٺپ جان نه ڇڏي ته مائٽ نيٺ کيس اهو ٻڌائي جان ڇڏائيندا آهن ته ٻار ماءُ جي پيٽ مان ٻاهر دن جي ذريعي نڪرندو آهي.
اهو ٻار جڏهن عمر جي هڪخاص حدکي پهچي زندگي جو مشاهدو ڪري حقيقت کي سمجھي وٺندو آهي.پر اها حقيقت سندس ماءُ جي پيٽ ۾ رهڻ ۽ ڄمڻ جي تجربي جي بنياد تي بلڪل ياد نه ايندي اٿس.
هر انسان کي وڏي ٿيڻ کانپوءِ ماضي جي يادگيري هڪ خاص عمر کان هوندي آهي.ان کان گھٽ عمر واري زندگي جي وقت کي بلڪل وساري ويهندو آهي.
تنهنڪري ڪنهن به انسان کي هن دنيا کان اڳ روحاني دنيا جي يادگيري هجڻ بعيد آهي.

Friday, October 30, 2015

اگھاڙو

اوگھڙ،اوگھڙ مان نڪري اوگھڙ ۾ ڪجھ مهينا رهي اگھاڙي ٻاهر نڪتي.اگھاڙن کي ڍڪيو ويو.اگھاڙن کي وري اوگھڙ کان ڦڪائي لڳڻ لڳي.وري اوگھڙ لاءِ تجسس جنم وٺڻ لڳو.وري کيس اوگھڙ ۾ دلچسپي پيدا ٿيڻ لڳي.
ان اوگھڙ جي ابتدائي هڪ وڻ کي کائڻ سان شروع ٿي.سو کاڌو وري هڪ نئين اوگھڙ جي تخليق جي تخم جي پيدائش ۾ لڳيو وڃي.
هر اگھاڙي کي سگھاڙو ڪرڻ لاءِ تربيتون موجود آهن،جن مان گذرڻ کانپوءِ به هڪ سگھاڙو چوي ٿو ته ” ستر ڪج ستار آئون اگھاڙي آهيان،
                             ڍڪج ڍڪڻ هار،ڏيئي پاند پناه جو.
سو اگھاڙي کي هر ڪنهن کي طنزيه اگھاڙو اگھاڙو چوڻ نه ٿو ٺهي.


Saturday, October 17, 2015

ڏينهن ئي ڏينهن

رات جو وقت هو،چوطرف اونداهي پکڙيل هئي،خاموشي ڇانيل هئي،پر جو آسمان تي نظر ڪيم ته تارا ٽمڪي رهيا هئا.اسان دنيا وارن کي ته اهي ڏيئا لڳن ٿا،پر حقيقت ائين نه آهي.صرف ڌرتي جي هڪ حصي تي سج جي روشني نه پهچڻ کي ئي ته اسين ڌرتي وارا رات سڏيندا آهيون.سج به ته ٻين تارن وانگر ساڳي طرح چمڪي رهيو هوندو آهي.
ڪائنات ته هروقت جاڳي رهي هوندي آهي.جنهن هي منڊلي مچائي آهي تنهن کي ته ننڊ اچي ئي ڪونه،تنهنڪري ڪائنات ۾ ته هروقت مخلوق جي چهل پهل به جاري هوندي.
انساني روح هن فاني جسم مان  پرواز ڪرڻ کانپو خبر نه آهي  ڪيتري رفتارسان ڪهڙي ڪهڪشان جي ڪهڙي گره تي پهچندو هوندو.
سائنسي تحقيق روشني جي رفتار کان وڌيڪ ٽپي نه سگھي آهي.هن ڪائنات ۾ سفر لاءِ اها رفتارته تمام گھٽ آهي.
انسان جڏهن روشني جي رفتار جي محدوديت کي ٽوڙي،  اسان جي هن دور کي جنهن کي اسين جديد سمجھون ٿا،جي قديميت تي کلي رهيا هوندا ته اهو ٻڌي اسان کي ڪيڏو نه عجيب لڳندو.

Tuesday, September 22, 2015

ٻڪراڙ جي عقلمندي 2

ٻڪراڙ پوءِ اها ڳاله سڄي ڳوٺ ۾ پکيڙي،۽ خوب ڍنڍورو پٽيو.پرهن کي ان ڳاله جو افسوس ٿيو ته ڪنهن به هن جي ڳاله جو نوٽيس نه ورتو،اسڪول ساڳي نموني سان هلندو رهيو،ساڳيوئي استاد ان اسڪول ۾ پڙهائيندو رهيو.اچرج به ٿيس ۽ فڪرمندي ۽ پريشاني به ٿيس ته ماجرا ڇا آهي.سو انهيءَ ئي سوچ ۾ گم هڪ ڏينهن اسڪول  وٽان گزري رهيو هو،ته پينٽ شرٽ ۾ ملبوس هڪ جوان کي ماستر صاحب سان گڏ ويٺي،ڪچهري ڪندي ڏٺائين.ٿورو ويجهو پهچي سڃاڻي ورتائينس،اڙي! هي ته رئيس جو پٽ آهي جيڪو ٻاهرئين ملڪ پڙهڻ لاءِ ويل هو،ها اهو جام پڙهيل آهي،اڄ ماستر کي به خبر پوندي ته ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آهي.
بحث تيز ٿيندو ويو.اسلم ڪاوڙ ۾ چيو ته”...........ڏيکار ته پوءِ مڃانس.“
استاد صاحب ڳاله کي مٽائيندي ٻڪراڙ  وارو سڄو واقعو هن کي بيان ڪري ٻڌايواها ڳاله ٻڌي اسلم کل ۾ ٻڏي ويو۽ چيائين ته ”صفا ڪو اڌ چريوآهي!“اها ڳاله ٻڌي ٻڪراڙ کي به ڏاڍي ڪاوڙ لڳي،پنهنجي مخصوص لٺ کڻي وڃي مٿان ڪڙڪيس چئي ”تون ته وري سڄو چريو آهين.خدا کي ڏسڻ کانپوءِ مڃيندين!“ائين چئي هڪڙو بانٺو وهائي ڪڍيائينس.اسلم وڏي رڙ ڪئي چئي ”ڏاڍو سوراٿم.“ تيسائين وڏيري جي ڪم وارن به اچي ٻڪراڙ تي لتن مڪن جووسڪارو ڪري ڏنو.اسلم جي سورسور جي رڙ پيئي پئي،تيسين ٻڪراڙچيس ڏيکارنه سور! ته پوءِ مڃان،ڏيکاري سورنه ٿو سگھي سو ٿو چئي خدا ڏيکار! اها ڳاله ٻڌي اسلم کي سور وسري ويو ۽ وري کل ۾ ٻڏي ويو،پنهنجي ڪمدارن کي چيائين ته ڇڏيوس هي اڌ چريوآهي.
استاد صاحب ٻڪراڙ مان متاثر ٿيندي رڙ ڪندي چيو ته ”واه! واه! تون ته صفا ڪو جديد دور جو وتايو فقير ٿو لڳين.“ وتايو ڪونه آهيان،اڻپڙهيل آهيان سڀاڻي کان اسڪول پڙهڻ ايندس.“ ائين چئي ڪپڙا ڇنڊيندو هليو ويو.

Tuesday, September 15, 2015

ٻڪراڙ جي عقلمندي 1

هڪڙو ٻڪراڙ ڪنهن اسڪول جي اڳيان پئي گذريو.استاد صاحب ٻارن کي ڌرتي جي حرڪت جي باري ۾ سمجھائي رهيوهو.ڌرتي جي پنهنجي محورجي چوڌاري واري حرڪت کي سمجھائيندي هن ٻڌايو ته اها حرڪت ائين آهي جيئن لاٽون ڦرندو آهي.ٻڪراڙ لکيل پڙهيل ڪونه هو،باقي راندين جو شوقين هو.ننڍي وهيءَ ۾ ته بلور ۽ لاٽن سان ته ڏاڍي راند کيڏيوهو.سو لفظ لاٽون ٻڌي بيهي رهيو ته لاٽون وانگر ڇا ٿو ڦري؟ لفظ ڌرتي جي معني ايندي نه هجيس.سو تجسس ۾ بيهي رهيو ته اهو آهي ڇا جيڪو لاٽون وانگر ٿو ڦري؟ استاد صاحب ٻارن کي سمجھائيندي ٻڌايو ته هن زمين جو گرهي نالو ڌرتي آهي.
سوچ ۾ ٻڏي ويو ته زمين جي ائين ڦري ته منهنجو ته مٿو ئي ڦري وڃي.ٻيو ته وري سج جي چوڌاري وري ڪيئن پيئي ڦري؟
نيٺ سوچي سوچي ان نتيجي تي پهتو ته هي ماستر ته ڪو ٺڳ ٿو لڳي.ٻارن کي ويٺو ڪوڙيون خبرون ٻڌائي.ڏاڍي ڪاوڙ ڪري لٺ سان الر ڪري وڃي استاد صاحب تي ڪڙڪيو.ٺڳ ماستر! ٺڳ ماستر! اسان به سڄي عمر لاٽون ڦرايا،هل ٻاهر مون کي ڏيکار نه زمين ڪٿي پيئي ڦري؟
استاد صاحب گھڻيئي سمجھايس پر هڪ به نه ٻڌائين.صرف اهو ضد ته زمين هي ڏس سامهون پيئي آهي ڏيکار نه ڪٿي پيئي ڦري.يا ته ڏيکار نه ته منهن جي ڳاله مڃ نه ته هن لٺ سان ڪٽيندوسانءِ. ٻارن کي غلط پڙهائي پيو ٺڳين.تنهنجي مرضي هتي ڪو سڀ ڄٽ آهن.مون کي لاٽن جو شوق نه هجي ها ته خبر ئي نه وٺان ها ته ٻارن کي ڇا پيو پڙهائين.
پوءِ استاد صاحب سمجھي ويو ته ٻڪراڙ جو رخ خراب آهي سو پوءِ نيٺ ٻڪراڙ جي ڳاله مڃي پنهنجي جان آزاد ڪرايائين.


Monday, September 14, 2015

ڊيوٽيءَ کان آڱوٺو

هن وقت دنيا ۾ جام ماڻهوءَ آهن،7 ارب.صرف پاڪستان ۾ 18 ڪروڙ.وري هر ماڻهوءَ ٻئي کان مختلف.هرماڻهوءَ جھڙو نه اڳي پيدا ٿيونه وري هن دنيا جي خاتمي تائين پيدا ٿيندو.هرماڻهوءَ جي آڱوٺي جو نشان به مختلف.
استادن جي بايوميٽرڪ ويريفڪيشن پئي ڪئي وڃي،پوءِ وري ان مطابق کانئن ڪنهن مشين ذريعي سندن اسڪول ۾ ڏينهن ۾ ٽي دفعا حاضري ورتي ويندي.
قيامت جي ڏينهن زبان کي مهر هنئين ويندي ۽ باقي عضون کي ڳالهائڻ جو چيو ويندو.سي ڪوڙ نه ڳالهائيندا،پر پنهنجا گناه ٻڌائيندا.سو قيامت ته ٺهيو پر باقي عضوا ته هتي به ڪوڙ نه ٿا ڳالهائين.
تنهنڪري ڪجھ ڊيوٽي نه ڪندڙن کي پريشاني آهي.هڪڙن جي پاران وري مزوري تي ڪي ٻيا ڊيوٽي ڪندا آهن.(اها هڪ ٻڌل ڳاله آهي).سو چوڻ جو مقصد اهو آهي ته پوءِ آڱوٺا ته بلڪل ڪوڙنه ڳالهائيندا.
اڳي چوندي ٻڌوسون ته ڊيوٽي کان آڱوٺو.پرهاڻي مورڳوڊيوٽي لاءِ آڱوٺو.

Sunday, September 6, 2015

پاڻيءَ جو پيالو

هڪڙو ڳوٺاڻو سمنڊ مان وڃي هڪ پيالو پاڻي جو ڀري آيو.ان پنهنجي دوست کي اچي اهو پيالو ڏيکاريو.جنهن همراه اهو پيالو آندو هو سو ته انهيءَ ئي خيال ۾ ٻڏي ويو ته مون وٽ ته صرف هي هڪ پيالو آهي،سمنڊ ۾ ته پاڻي جا اڻڳڻيا پيالا آهن.مون وٽ ته ڪجھ به نه آهي.ٻيو جيڪو ڳوٺاڻو هو،جنهن سمنڊ نه ڏٺو هو،تنهن صرف اهو سوچيو ته مون وٽ صرف هڪ پاڻي جو پيالو ناهي؟ بس ان سان ڪهڙو ٿو فرق پوي.
علم جي سمنڊ مان پيالو ڀرڻ ته وڏي ڳاله آهي.قسمت وارن کي ڪجھ ڦڙا ملندا آهن.سو جن کي ڪجھ ڦڙا ملندا آهن سي ته ان احساس ۾ گم رهندا آهن ته اسان کي ته ڪابه خبرنه آهي.باقي جاهل مطمن رهندا آهن،چوندا آهن ته هن کي صفا ٿوري خبر آهي.مون کي اها معمولي خبر نه آهي ته ڇا ٿيو؟ ان سان ڪهڙو ٿو فرق پوي.

Tuesday, September 1, 2015

حرڪي دنيا ۾ سڪون جي تلاش

زمين پنهنجي محور جي چوڌاري ڦري پيئي.سج جي چوڌاري به پيئي ڦري.سج ملڪي وي ڪهڪشان ۾ تيزي سان حرڪت ڪندو سڄي نظام شمسي کي پاڻ سان گڏ گھليو وڃي.انسان جي جسم به رڳو حرڪت ئي حرڪت.دل جي حرڪت،نظام هاضمي جي حرڪت،رت جي پوري جسم ۾ حرڪت،ساه جي ذريعي هوا آڪسيجن جذب ٿين ۽ وري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ٻاهر نڪرن جي حرڪت.،ڳالهائڻ،کائڻ پيئڻ،هلڻ،چرڻ ڦرڻ جي حرڪت.گاڏين،جانورن،هوائي جهازن جو حرڪتون.هوائن ۽ پاڻي جون حرڪتون.آواز ۽ تصويرن جي لهرن جو حرڪتون.پڪي ۾ پڪي،ڀلي ۾ ڀلي ننڊ سڏجي ئي اکين جي تڪڙي حرڪت واري ننڊ( Rapid Eye Movement Sleep).ننڊ جي 90 منٽ جي هڪ سائيڪل ۾ آّخري 30 منٽن واري خوابن سان ڀرپور ننڊ.
قصو مختصر.حرڪت سان ڪلهو ملائڻ ۾ ئي سڪون آهي.جيڪا آهي انسان جي هن دنيا ۾ مسلسل جدوجهد ۽ ڪوشش،جيئن بقول ڊاڪٽر اديب رضوي جي ته موت سان گڏ رٽائر ٿيندس.
ظاهري دنيا ۾ ته انسان جي موت سان گڏ ئي هن جي جسم جون حرڪتون بند ٿينديون آهن.

Wednesday, August 5, 2015

دوستن جا ڌڪ

کائڻ جو انداز
ڪجه دوست گڏجي ماني کائي رهيا هئا.هڪ ڄڻي جي کائڻ جو انداز ڪجھ اهڙو هوجو ان جي گره چٻڻ جو آواز اچي رهيو،ته هڪ دوست طنز طور چيس ته” ڪتن وانگر ماني نه کاءُ.“” ظاهر آهي جن سان گڏ کائيندس تن وانگر ئي کائيندس“ هن جواب ڏنو.
ننڊ
هڪ انٽر سائنس جو شاگرد مغرب کانپوءِ گھران ٻاهر نڪتو،ته ڳوٺ جي بازار ۾ ٻه دوست بيٺا هوس.هڪ مذاق ڪندي پڇيس ته ”ننڊ مان اٿي آيو آهين ڇا“.”پهرين پنهنجو پاڻ کي چيڪ ڪري پوءِ مون کان پڇ.“هن وراڻيو. ٽيئي دوست کل ۾ ٻڏي ويا.
بدقسمتي
ٽي استاد سروس هاسپيٽل حيدرآباد ۾ ميڊيڪل چڪاس لاءِ بيٺا هئا.هڪ اي سي جي لاءِ اندر ويل هو.ٽي ان ڪمري جي ٻاهران انتظار ڪري رهيا هئا.ڪمري ۾ اندرواري،۽ ان کانپوءِ ٻاهر انتظار ڪندڙن مان پهرين کي ڏاڙهي رکيل هئي.باقي ٻه ڄڻا ڏاڙهي ڪوڙيندا هئا.اندرين همراه اي سي جي ڪرائي ورتي ته بجلي هلي ويئي.ان تي ٻاهر بيٺل ڏاڙهي ڪوڙ همراه ٽوڪ طور چيو ته” ڏاڙهي وارن جي بدقسمتي جي ڪري مورڳو اسان جو ڪم رڪجي ويو.“ ته ٻاهربيٺل ڏاڙهي واري همراه چيس ته ”يار! ائين ڪونهي ڏس نه هن همراه کانپوءِ آئون ڏاڙهي وارو هوس ته هن جو ڪم ٿي ويو،پر مون کانپوءِ توهان ٻيئي هئا،تنهنڪري مورڳو منهنجوڪم رڪجي ويو.“

Thursday, July 23, 2015

علم جي طاقت

دنياوي علم کي ڪن عالمن کي علم نه پر هنر چوندي ٻڌو اٿم.قرآن مجيد ۽ ان جي تفسيرن مان ته اها خبر پوي ٿي ته دنياوي علم به علم آهي.حضرت آدم عليه الاسلام جي تخليق کانپوءِ،الله سائين کين علم جي بنياد تي،فرشتن تي افضل ثابت ڪيو،۽کين فرشتن کان سجدو ڪرايائين.ان وقت الله سائين جيڪو علم حضرت آدم عليه الاسلام کي عطا ڪيو ان ۾ دنيا جو به سڀ علم اچي وڃي ٿو.ان لاءِ قرآن پاڪ جو ترجمو ۽ تفسير هيٺ ڏجن ٿا.
ترجمو مولانا تاج محمد امروٽي
تفسير معارف القرآن

تفسير ابن ڪثير
جھڙيءَ طرح الله سائين حضرت آدم عليه الاسلام کي علم جي بنياد تي فرشتن تي غالب ڪيو،ساڳيءَ طرح جيڪو به هن دنيا ۾ ديني توڙي دنياوي علوم حاصل ڪندو سو غالب رهندو.هن دنيا ۾ غلبي جو مقصد اهو آهي ته پنهنجي ذات جي،قوم جي،ملڪ جي،پنهنجي کنڊ جي،سڄي ڌرتي جي اصلاح ۽ مدد جي ذميواري.اها ذميواري تڏهن ملندي جڏهن پنهنجو پاڻ کي ان جي اهل بڻائبو.ان لاءِ ٻيون به ڪافي ساريون صفات گھرجن پر سڀني جو سرچشمو علم آهي.

Thursday, July 2, 2015

دنگ ٿيلهي

منهنجو پنجن سالن جو ننڍڙو پٽ اڄ صبح جو ٿلهي تي پيل کٽ تي چڙهي ،ڌاڳي سان بڌل ٿيلهيءَ اڏاريندي ،هوا ۾ اڏامندڙ ٿيلهي ءَ جي گھتن سان گڏ،خوشيءَ ۾ رڙيون ڪري رهيو هو ته دهوم مچالي! دهوم مچالي!.دنگ ٿيلهي هي!دنگ ٿيلهي هي!.
ٽي کٽون ٻاهر پيل هيون،جن مان هڪ کٽ اندر ڪمري ۾ واپس رکبي آهي سا کڻڻ لاءِ اسان جي ڪم واري ماسي جڏهن کٽ کي کڻڻ لاءِ ننڍڙي کي چيو ته هن بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو.رڙيون ڪري چوڻ لڳو ته ائون ان ئي کٽ تي ٿيلهي اڏاريندس.ڇاڪاڻ ته اها کٽ ڪجھ وڌيڪ اوچي(ڊگھي) هئي.
ان کان ٿوري دير پهريائين جڏهن ماسي ٿلهي تي آئي هئي ته ننڍڙي کي ”ان جي پيتي“ ۾ ڦاٿل ٿيلهي ڪڍي ڏني هئائين.

Thursday, April 30, 2015

انسان

گناه مون گھڻا ڪيا،فرشتا به مون سچا ڪيا،
شيطان سان به مون گھڻيئي ملاهيون شامون،
هاڻي کڻي تنهن رب راضي ڪيان،
جنهن سان مون ڪاڻ هڪ رٺو،ته ٻيا وري عاجز ٿيا.

Saturday, April 11, 2015

پنا قيمتي يا پيسا

هڪ ڏينهن هڪ دوست جي دڪان ٿي ويٺو هوس.چاچا گلو پگھر ۾ شل،مٽيءَ ۾ ڀڀوت،رديءَ جي ڪٽي سميت دڪان جي دڪيءَ تي اچي ويٺو.ساڻس ڪيل ڪچهري هيٺ لکان ٿو.
”چاچا گلو تنهنجو حال به پاڪستاني حڪمرانن جھڙو آهي.هي خالي پنا ميڙي گڏ ڪندو وڃي اهي ڪهڙي ڪم ايندئي؟“”اهي ردي ۾ وڪڻي ان مان پيسا وٺندس.ان مان وري کاڌو کائيندس.تنهنڪري هي منهنجا پنا ته وڏي ڪم وارا آهن.اسان جي حڪمرانن کي وري ڪهڙي بک آهي جو اهي پنا(پيسا) گڏ ڪندا ٿا وڃن سي کين ڪم ايندا.تنهنڪري مون وارا پنا ته پيسا آهن ۽ هنن وارا پيسا وري پنا آهن.ڏاڍو پاڻ کي پڙهيل ٿو سمجھين.شين جي فرق جي به خبر ڪو نه ٿي پوئي.پوءِ ته تو کي ماڻهن جي فرق جي به خبر ڪانه پوندي هوندي.اهي پنا جيڪي آئون گڏ ڪريان ٿو تنهن لاءِ محنت ڪريان ٿو.چوري ڪونه ٿو ڪريان.اهي ماڻهو اڇليو ٿا ڇڏين سي ٿو کڻا.ڌاڙو ڪونه ٿو هڻا،رشوتون ڪونه ٿو وٺان.پر هڪڙي ڳاله ته ٻڌا توکي هرڀرو حڪمرانن تي ڪاوڙ آهي ڇا؟ هي جيڪي آفيسر باهيون ٻاريو ويٺا آهن ڪيترو پيسو هڙپ ڪيو وڃن.انهن جو ته نالو به ڪونه ٿو وٺين.“”چاچا انهن کي ته وري به پيسي جي ضرورت آهي.ڪا گاڏي،فليٽ،بنگلو،ٻني ٻارو ته وٺن ٿا.“ ”پوءِ ڇا انهن لاءِ سڀ ڪجھ جائز ٿي پيو.“ ائين ڪونه ٿو چوان منهنجو مقصد صرف اهو آهي ته ملڪ جو،پنهنجي دنيا ۽ آخرت جو ٻيڙو ٻوڙي تڏهن به ڪجھ پيسو ته ضرورتن لاءِ به استعمال ته ڪن ٿا.“
بحر حال تون نه مڙندين ڦري سري وري حڪمرانن جي ڳاله ڪندين.ڇا سڀئي هڪ جھڙا آهن؟”نه چاچا نه انهن ۾ ڀلا به آهن.“ ”پوءِ ويڙهي سيڙهي ڇو ٿو ڳاله ڪرين.سڌي ڳاله ڇو نه ٿو ڪرين ڊڄڻا.“ بس انهن جي ڳاله ٿو ڪريان جن وٽ پيسي جي حيثيت ۽ ضرورت تو واري پنن جي برابر به ناهي سي ڇو پيا پنهنجو پاڻ کي تنگ ۽ خوار ڪن؟ “ اها ڳاله تنهنجي سمجھ کان مٿي آهي.پهرين مون تي ٽوڪ ٿي ڪيئي.مون کي انهن حڪمرانن سي ٿي ڀيٽيئي.مون وري حقيقت سمجهائي مانو ته وري شروع ٿي ويو آهين حڪمرانن جي گلا تي.مال جي محبت جو وري ضرورت سان ڪهڙو تعلق.هي هڪڙو زبردست ڌوڪو آهي.ان جي گڏ ڪرڻ،ان تي وڏائي ۽ فخر ڪرڻ ۾ جن کي مزو ايندو آهي سو وڃي تن کان پڇ.خير گھٽ تون به ڪو نه آهين جيترو پڄئي ٿو سو لڳو پيو آهين.پوءِ ڀلي ان لاءِ محنت ڪندو هجين يا محنت جو ڍونگ ڪندو هجين پر گھٽ تون به ڪونه آهين.“
پوءِ ڪجھ وقت لاءِ خاموش ٿي وياسين.چاچا گلو ڪٽو ڪلهي تي رکي اٿي بيٺو.مون کي چتائي ڏسڻ لڳو مون ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.پوءِ هو هليو ويو.

Sunday, April 5, 2015

مان،شيطان ۽ گڏه

ڪاوڙ ۾ ڀريل هڪ شڪايت کڻي پاڪستان جي هڪ ڪرپٽ ترين اداري جي هڪ آفيسر جي آفيس ۾ داخل ٿيس.اتي پهچڻ سان ئي زبردست ڌچڪو لڳم.ڏٺم ته هوته هن جي پاسي آهي.”شيطان ڪنڌ تي لانگ ورايو چڙهيو ويٺو اٿئي.ڪنڌ تي چڙهڻ وقت چوندو اٿئي ته هل منهنجي گڏه.ڪن تو جهڙن کي ته هل منهنجا گھوڙا به چوندو آهي پر تو کي سدائين گڏه ڪوٺيندو آهي.“ هن ٻڌايو.شيطان ا چي هيٺ ڪريو ۽ آفيس مان نڪري وٺي ڀڳو.مون کيس چيو ته ”مون کان ڪٿي ٿو پپيتي جيڏي انساني دل ۾  لڪي سگھين.“ هن وراڻيو ”جاهل انسان آئون لڪو ڪڏهن آهيان توهين پاڻ انڌا آهيو.ڀلا هينئر به اکيون کسي وٺئين ته ڏسي سگھندين ڇا؟“ مون کي ڏڪڻي وٺي ويئي معافي گھري ورتي مانس،معاف ڪري ڇڏيائين.
آفيسر صاحب اٿي بيهي ڏاڍي پيارسان ڀاڪر پائي مليو.مون کي ويهڻ جو چئي پٽيوالي کي چانه بسڪيٽ آڻڻ لاءِ چيائين.ڪم پڇيائين ليٽر حوالي ڪيومانس اوڏي مهل ئي متعلقه ڪم واري کي گھرائي هدايتون ڪري منهنجو ڪم ڪري ڇڏيائين.
ڪافي دير تائين ڪچهري ڪندا رهياسين.واپسي مهل آفيس جي دروازي تائين ڇڏڻ آيو.
جيئن ئي ٽي چار قدم مس کنيم ته ڪنڌ تي بار محسوس ڪيم.ان سان گڏ آواز به ٻڌم ” هل منهنجي گڏه“ ٺڪاءَ چنبو ڪرايومانس ۽ چيومانس ته ”هيٺ له گڏه جا پٽ“.ڏاڍو ڪاوڙجي پيو چيائين ته ”توهان انسانن جي اها ڪني عادت آهي جو جھيڙي جي وچ ۾ مائٽن کي گھليندا آهيو.“ ڳاله دل سان لڳم سو پشيمان ٿيس.جواب ڏنومانس ”معاف ڪر گڏه.“ ٿوري ئي فاصلي تي بيٺل گڏه هنگڻ شروع ڪيو.مسڪرائي چيومانس ته ”گڏه توکي ڏسي ورتوآهي.“ منهجو ائين چوڻ ته گڏه مون ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو ته وڙهو پاڻ ۾ ٿا ته مون کي وچ ۾ ڇو ٿا گھيليو. آئون ڪنهنجي آئي ۾ نه ويئي ۾ سڄو ڏينهن پنهنجي ڪم ۾ لڳو پيو هوندو آهيان.توهان واري اهڙي سياڻپ کان منهنجي گڏهائپ چڱي آهي.“ مون وراڻيو مانس ته ”هاڻ تون به کڻي ڪاوڙ ڇڏ تنهنجو نالو به ڪنهن تي استعمال نه ڪندس.“

Saturday, April 4, 2015

نه ٽوڪن نه قطار

 سنڌ جي هڪ سرڪاري اداري جي ڪراچي ۾ موجود آفيس ڪنهن ڪم سانگي ويم. پهچڻ ساڻ ئي وڃي ٽوڪن ورتم.238 نمبر وارو ٽوڪن مليو.داخلا واري ڪمري جي دروازي کان پرڀرو ٿي اچي هڪ دوست سان مليم. سندس ٽوڪن نمبر  227 هو.ويهڻ جو ته ڪوبه انتظام نه هو.انتظار ۾ بيٺا گفتگو ڪندا رهيا سين. 181 ٽوڪن نمبر ٻڌي دوست چيو ته هاڻي دير ناهي ڏه ڏه ڄڻا ٿا ڌڪ ۾ گھرائين.وقفي وقفي سان منتظرين ۽ انتظاميه ۾ "تو تو مين مين" ٻڌندا رهياسين.جنهن کي هتي جو معمول سمجھي نظر انداز ڪري ڪچهري ڪندا رهياسين.اسان جو واروته  اچي ئي نه.حقيقت حال کي سمجھڻ لاءِ دروازي جي ويجھاٿياسين.خبر پيئي ته انتظاميه پنهنجي من پسند ماڻهن کي بغير ٽوڪن جي اندر موڪلي رهي آهي.ان سان گڏ اها به خبر ملي ته ڪي منتظرين وري ڏاڍائي ڪري زوري اندر داخل ٿي رهيا آهن.ڪم رڪجي چڪو هو.پوءِ انتظاميه فيصلو ڪيو ته هاڻي ٽوڪن ختم،قطار ۾ ٿي بيهو ته ڪم شروع ڪيون.اسين به مجبور ٿي قطار ۾  بيٺاسون.ٿوري ئي دير ۾ خبر پئي اسين ٻئي قطار جي پڇاڙي ۾ وڃي بچياسين.مطلب ته قطار وارو ڪم به نه هليو.
مطلب ته هاڻي نه ٽوڪن نه قطار.هڪڙا انتظاميه جا من پسند ٻيا ڌڪ ڌڪان جا سپه سالار،باقين لاءِ انتظار.پهريان ٻئي ٽولا کٽا ته باقين لاءِ لڳي قطار.
ڪم سڀني جو ٿي ويو.واپسي مهل ان بد انتظامي تي سوچيوندو آيس.ڳاله سمجھ ۾ ئي نه اچي.ٻئي پاسا پڙهيل ماڻهو هئا. 
سوچيندي سوچيندي ان نتيجي تي پهتس ته ان بد انتظامي جا ذميوار ٻنهي پاسي جا مفاد پرست افراد نظر آيا.انتظاميه طرفان اهي ذميوار جن من پسندن کي بنا واري جي جلدي ٿي موڪليو.منتظرين مان وري اهي جيڪي دير سان آيا  گوڙ ڪري ترتيب ڦٽائي پنهنجو ڪم ڪڍي جلدي واپس هليا ويا.
اسان جي مفاد پرستي جو معيار ان سطح تي اچي پهتو آهي وڌيڪ مان ڇا چوان.

Thursday, March 26, 2015

منهنجي ڏاڏي جا پٽ آهن ئي ڪو ن ؟؟؟

ٽن سالن جو وسيم مسڪرائيندي مون کي ٻڌائڻ لڳو” منهنجي ڏاڏي جا پٽ آهن ئي ڪون.“ ٿورو پري بيٺل 10 سالن جي هن جي  ڀيڻ ان ڳاله جو ڪو خاص اثر نه ورتو جو هن کي ان عمر جي ننڍڙي مان اهڙي توقع هئي،پر ڀر۾ بيٺل هن جي ستن سالن جي ڀاءٌ فڪرمنديءَ مان وراڻيو ته ” بابا به ته ڏاڏي جو پٽ آهي.“ وسيم بغير متاثر ٿيڻ جي ،بغير سندس ڀاءٌ ڏانهن ڏسڻ جي وڌيڪ مسڪرائيندي مون سان هٿ ملائيندي چيو ته”اهو ته وڏو آهي آئون ننڍن جي ٿو ڳاله ڪريان“ 

Thursday, March 19, 2015

عجيب مخلوق

انسان به ڏاڍي عجيب مخلوق آهي.هن کي اڪيلائي کان ڊپ ٿئي ٿو.هن کي سهارو کپي ۽ اهو اڪيلائي جو خوف ئي هن کي ان ڳاله تي آماده ڪيو وجھي جو هو پوري انسانيت جي هڪ وڏي گروه بڻجڻ جي بدران ننڍن ننڍن گروهن ۾ وراهئجيو وڃي.

Saturday, March 14, 2015

پئي کڻي پساه چوڻ ڪارڻ پرينءَ جي

اسان وٽ، ڪهڙا حال آهن؟ جو هڪ جواب اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.پئي کڻي پساه پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي. ان جي بدران جيڪڏهن  ”پئي کڻي پساه چوڻ ڪارڻ پرينءَ جي.“ جواب ۾ چئجي ته ڇا اهو بهتر نه ٿيندو؟ وري به هرڪو آزاد آهي،هر ڪنهن جي مرضي آهي،بس اهو هڪڙو خيال آهي،هڪ ٻيو آپشن آهي.
عشق جي ڪان لڳڻ کانپوءِ شاهه هرڻ ۽ هما وانگر، صحرائن ۽ بيانن ۾ سرگردن ۽ حيران ٿي پيو ڦرندو هو. هڪ دفعي ته ٽي ڏينهن ساندهه، هڪ هنڌ غش ئي غش پيو هو. سندس جسم تي واري جا تهه چڙهي ويا ۽ رڳو سندس هڪ ڪپڙي جو پلاند ٻاهر پئي ڏٺو. قضا سان، هڪ پنوهار جي وڃي مٿس نظر پيئي، جنهن سارو احوال وڃي شاهه حبيب کي سڻايو. شاهه حبيب اُڏامندو اچي انهيءَ هنڌ پهتو ۽ ڏاڍي سوز مان چيائين:
                                                                                              
”لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي“

شاه بيخوديءَ جي حالت مان ڇرڪ ڀري اُٿيو ۽ ٺهه پهه جواب ۾ چيائين:

”پيئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.“

ڪي صاحب انهيءَ خيال جا آهن ته هن شعوري زماني ۾، اُهڙي روايت کي ”ڏند ڪٿا“ ڪري شمار ڪرڻ جڳائي ۽ اُنيءَ کان گريز يا ڪنارو ڪرڻ واجب آهي.
( شاه جو رسالو،ڪلياڻ آڏواڻي،صفحو نمبر 4،مڪتبه برهان اردو بازار ڪراچي)

حال بيان ڪرڻ لاءِ اهي لفظ مٿي بيان ڪيل تناظر مان لڳن ٿا.جيڪي شاه صاحب جي اهڙي هڪ انتهائي ڪيفيت بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيل آهن جنهن کي بيان ڪندڙ به هڪ ڏند ڪٿا سمجھن ٿا.
پئي کڻي پساه چوڻ ڪارڻ پرينءَ جي“ به هڪ عام ڪيفيت نه آهي.ان کان به وڌيڪ عام ڪيفيت سان ٺهڪندڙ لفظن جو مشورو ڏيندا.

Friday, March 13, 2015

گوسڙو

ڪنهن شهر ۾ گھمندي هڪ عبادت گاه جي مين گيٽ مان اندر داخل ٿيس.هڪ اجنبي هڪ رجسٽر تي ڪجھ لکي رهيو هو. جيئن ئي هن جي ويجھو پهتس ته ڪنڌ مٿي ڪري مون کي چتائي ڏسي چيائين ”گوسڙو“ ڏي خبر اڄ ڪيئن ڀلجي پيو آهين جو اچي هتي لٿو آهين.“ ”پاڻي پيئڻ لاءِ آيو آهيان“.مون کيس جواب ڏنو.پاڻي پيءُ جڏهن موٽيس ته هن جي ڀر ۾ بيه کيس چيم  ”هتي ته برابر غيرحاضر آهيان پر گوسڙو استاد ناهيان“. ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو رڙ ڪري چيائين ته ”هل ڙي گوسڙو ماستر“ مون کي به ڏاڍي ڪاوڙ لڳي چڙ ۾ چيومانس ته ”گوسڙو ماستر نه چوء مون کي.“ طنز ڀرئي انداز ۾ وڏا ٽهڪ ڏيئي چوڻ لڳو ته ”گوسڙو گوسڙو هوندو آهي ڇا جو استاد ڇا جو ماستر“. ”ڇا به چوين پر مان گوسڙو ناهيان.“ مون کيس جواب ڏنو.
هوا جي زوڪاٽ سان گڏ هڪ رجسٽر اچي هن جي هٿ تي ڪريو.مون کي محسوس ٿيو ته هي انسان ته ڪونه ٿو لڳي پر هڪ alien آهي.مون کي اهو رجسٽر ڏيکاري چوڻ لڳو” ڏس ته تون اسڪول ۾ به غير حاضر آهين.“ اهو مسٽر رول ته ڪونه ٿي لڳو.سو مون به چيو مانس ته ”اهو ته ٻيو ڪو رجسٽر آهي.“ چيائين ته ”هي ته بلڪل اصلي حاضري جو رجسٽر آهي.باقي توهان وارو ڪوڙي حاضري وارو رجسٽر ته ڪٿي به قابل قبول نه آهي.“ ”ائين ڪونهي اسان کي  پگھارته ملي ٿي.“ مون جواب ڏنومانس. هن وراڻيو”ڀلي پيا ڪوڙا سوڙا پگھار کڻو وقت تي خبر پئجي ويندو.“
اڃا به ڪٿي ڪٿي گوسڙو آهين ڏيکاريانءِ ٿو.پوءِ جو کڻي چارئي پاسا هٿ گھمايائين ته هر طرف کان گوسڙو گوسڙو جو آواز اچڻ لڳو.منهنجو مٿو مورڳو ڦرڻ لڳو. گذارش ڪئيمانس ته ”برابر تنهجي ڳاله صحيح آهي آئون گوسڙو آهيان پر انهيءَ آواز مان ته منهجي جان ڇڏاءِ.“وري جو کڻي چوطرف هٿ ڦيرايائين ته اهي آواز اچڻ بند ٿي ويا.پوءِ هن سان هٿ ملائڻ الوداع چوڻ کانسوءِ وٺي کڻي ڀڳس.ٿورو اڳتي هلڻ کانپوءِ وري اهي ساڳيا گوسڙو گوسڙو جا آواز مون کي ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا.وري واپس اچي چيومانس ته ” ڏس  مهرباني ڪري مون مسڪين کي تنگ نه ڪر. اهي آواز ته بند ڪراءِ.“ نرم لهجي ۾ ڳالهائيندي چيائين ”اهي آواز ته هاڻي اچن ئي نه پيا مون ته ان وقت ئي بند ڪرائي ڇڏيا.“ مون کي دل ڏي اشارو ڪري چيائين ته ”غور ڪري ٻڌ اهي آواز اتائين پيا اچن.“ صفا عاجزيءَ سان پڇيومانس ” هاڻي انهن آوازن مان جند ڪيئن ڇڏايان.“ شفقت سان چيائين ”سڀ ڪجھ آئون ٻڌايان يا تون پاڻ به ڪجھ ڪندين.انهن غير حاضرين تي وڃي توبه ڪر.وري وڃي سب جڳهين تي حاضريون ڀراءِ ته پوءِ اهي آواز توکي ٻڌڻ ۾ نه ايندا.“

Thursday, March 12, 2015

اعتبار

انسان جي ترقي ۾ سڀ کان اهم اوزار ”اعتبار“ آهي.اعتبار تڏهن ٿيندو جڏهن ڪير اعتبار جوڳو ٿيندو.اسان جي معاشري جي ترقي ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ بي اعتباري آهي.بي اعتباري جو وڏي ۾ وڏو سبب ڪوڙ آهي.
ڪوڙ مان جان ڇڏائبي تڏهن اعتبار جوڳو ٿي سگھبو.جڏهن افراد اعتبار جوڳا ٿيندا تڏهن ئي ڪير هنن تي اعتبار ڪندو.
جڏهن معاشري ۾ اعتبار جي فضا عام ٿيندي،تڏهن ئي سماجي نظام  صاف سٿرائي سان هلڻ شروع ڪندو ۽ معاشرو ترقي جي راه ڏانهن گامزن ٿيڻ شروع ٿيندو.  

Wednesday, March 11, 2015

هوءِ ثابُوتِيءَ ساڻُ، ته پُسڻان پالِهو رَهين.

شاه عبدالطيف ڀٽائي رحه جي هيٺئين شعر کي اڪثر ڪري  مڪمل تناظر کانسواءِ بيان ڪيو ويندو آهي.
مُون کي مُون پِرِيَنِ، ٻَڌِي وِڌو ٻارِ ۾؛
اُڀا اِيئَن چَوَنِ، مَڇُڻ پاندُ پُسائِيين.
حقيقت ۾ شاه صاحب اتي ڳاله ختم ناهي ڪئي. پر ان تصور کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هيئن به چيو آهي.
  
پِيو جو پاتارِ، سو ڪِئَن پُسَڻَ کان پالِهو رَهي؟
سالِڪَ! مُون سيکارِ، ڪو پَھُ اِنَهِين پاندَ جو.

ڪَرِ طَرِيقَت تَڪِيو، شَرِيعَتَ سُڃاڻُ؛
هِنئون حَقِيقَتَ هيرِ تُون، ماڳُ مَعرفَتَ ڄاڻُ؛
هوءِ ثابُوتِيءَ ساڻُ، ته پُسڻان پالِهو رَهين.

جميل پٽاٽو

آئون جڏهن پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هوس،تڏهن اسڪولن ۾ مار ته عام جام هئي.ان سان گڏوگڏ استاد شاگردن تي مختلف نالا رکندا هئا.ان ڪري شاگرد به هڪٻئي تي نالا رکندا هئا.
رسيس کانپوءِ اسان جو هڪ محترم استاد روز اسان شاگردن کان پڇندو رهندو هو.تنهنڪري مون کان به ڪجھ ڏينهن مسلسل پڇندو رهيو.
اڄ ڇا کائي آيو آهين؟ پٽا ٽا سائين!
اڄ ڇا کائي آيو آهين؟ پٽا ٽا سائين!
اڄ ڇا کائي آيو آهين؟ پٽا ٽا سائين!
ته پوءِ ٺيڪ آهي اڄ کان پوءِ تنهجو نالو آهي پٽاٽو.جميل ڪهڙو؟ جميل پٽاٽو.
هڪڙي شاگردياڻي هئي کي مئي لکندي هئي.تنهڪري ان تي نالو رکيائين مئي.هڪڙي ڇوڪري جي نالي جي پڇاڙي ۾ مه هو  تنهنڪري ان تي نالو رکيائين مه.

Thursday, March 5, 2015

ماءُ مرلي،پيءُ طنبورو

ماءُ مرلي پيءُ طنبورو

ڪنهن عالم کان ٻڌم ته ٻئي جو ٻار جڏهن روئيندو آهي ته ماڻهوءَ کي مٿي ۾ سور پوندو آهي ۽ جيڪڏهن  پنهجو ٻار  روئيندو آهي ته پنهنجي دل ۾ سور ٿيندو آهي. انهيءَ چوڻيءَ پٽاندر هڪ حقيقت ڏٺم،ته هڪ ڇوڪرو مسلسل روئي رهيو هو،ڪنهن به صورت ۾ پيءُ جي وڏي ڪوشش جي باوجود ماٺ نه ڪري ته پوءِ سندس پيءُ مسلسل چوڻ شروع ڪيو”ماءُ مرلي پيءُ طنبورو پٽ وڄڻ ۾ پورو“.مون لاءِ ته ان ڇوڪري جو روئڻ ٻڌڻ ڏاڍو تڪليفده هو،پرپيءُ کي اهو روئڻ به مرلي ۽ طنبوري جو امتزاج  پئي لڳو.

Tuesday, March 3, 2015

بقا

پنجويه سال پهرين هڪ ڳاڙهي رنگ جي ڪار تيزيءَ سان روڊ تي ڊوڙي رهي هئي.ڌڻي پاڻ گاڏي هلائي رهيو هو،ڀرواري سيٽ تي ساڻس گڏ آئون ويٺو هوس.ان وقت ڊرائيور پوئين سيٽ تي ويٺل هو.روڊ تي هڪ ويٺل ڳيرو ڪار جي تيزيءَ جي ڪري اڏري نه سگھيو ۽ ان ڪار جي زد ۾ اچي مري ويو.اهو هڪ حادثو هو.
ان واقعي جي پنجن سالن کان پوءِ ڪار جو ڌڻي به هن فاني دنيا کي ڇڏي هليو ويو.ڪجھ سالن کانپوءِ ڊرائيور به لاڏاڻو ڪري ويو.
هاڻي ته اها به خبر نه آهي ته اها گاڏي ڪهڙي ڪٻاڙي جي دڪان تي پيل هوندي.ٿي سگھي ٿو ته ڪٻاڙين کان به نڪري هن جو سڪريپ ريسائيڪل ٿي چڪو هجي.
ان گاڏي جو سوار فقط آئون زنده آهيان.نيٺ مون کي به ته موت ايندو.
هن فاني دنيا جو هر ڪردار موت جو مزو چکيندو.هڪ ڏينهن نيٺ هن ملڪي وي ڪهڪشان ۾ ڊوڙندڙ نظام شمسي سج ،گرهن ۽ چنڊن سميت فنا ٿي ويندو.
موجوده محسوس يا غير محسوس،معلوم يا نامعلوم ڪائانت فنا ٿي ويندي.پر فنا کي به ته بقا ناهي.ان فنا کانپوءِ وري هڪ ٻي بقا جنم وٺندي.

Monday, March 2, 2015

سچ

سچ وڏو ڏوهاري آ،
پر سڀني تي ڀاري آ.

Sunday, March 1, 2015

جتيءَ جو آٽوگراف


اسان جي معاشري ۾ سٺي نيت سان، مٿي چڙهندڙ جون ٽنگون ڇڪي هن کي مٿي  چڙهڻ کان روڪيو ويندو آهي ته متان گھڻو مٿي چڙهي پوءِ هيٺ نه ڪري، ته جيئن ته هن کي گھڻو ڌڪ نه لڳي. پوءِ جي ڪير مڃي ئي نه زوري مٿي چڙهندو وڃي،۽ جي ڪري پوي ته هن کي مٿي چڙهڻ کان روڪيندڙ سڀئي گھيرو ڪري وٺندا آهن،
 کيس ان ڳاله جو يقين ڏياريندا آهن ته  اسان تو کي اڳي ئي تنهنجي ڀلي لاءِ ٿي روڪيو. پر جيڪڏهن مٿئين منزل تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته پوءِ کيس سلام ڪيو ويندو آهي.کيس اهو به ٻڌايو ويندو آهي ته پهريائين به اسان تنهنجي ڀلي لاءِ پئي سوچيو ته جيئن ته ڪرو نه، پرجيئن ته هاڻي مٿي چڙهي چڪا آهيو،هاڻي ڪو خطرو نه اهو به سٺو ته ايترو مٿي پهچي ويا آهيو،باقي مهرباني ڪري وري جوکو( Risk) کڻي اڃا مٿي چڙهڻ جي ڪوشش نه ڪندا.
تنهن ڪري مٿي چڙهڻ جي دوران جيڪڏهن ڪير جتي لاهي وٺي ته جتي کي کڻڻ لاءِ وري هيٺ واپس متان اچو،توهان جي ڪاميابي کان پوءِ اها جتي تبرڪ طور  استعمال ڪئي ويندي.