سنڌ جي هڪ سرڪاري اداري جي ڪراچي ۾ موجود آفيس ڪنهن ڪم سانگي ويم. پهچڻ ساڻ ئي وڃي ٽوڪن ورتم.238 نمبر وارو ٽوڪن مليو.داخلا واري ڪمري جي دروازي کان پرڀرو ٿي اچي هڪ دوست سان مليم. سندس ٽوڪن نمبر 227 هو.ويهڻ جو ته ڪوبه انتظام نه هو.انتظار ۾ بيٺا گفتگو ڪندا رهيا سين. 181 ٽوڪن نمبر ٻڌي دوست چيو ته هاڻي دير ناهي ڏه ڏه ڄڻا ٿا ڌڪ ۾ گھرائين.وقفي وقفي سان منتظرين ۽ انتظاميه ۾ "تو تو مين مين" ٻڌندا رهياسين.جنهن کي هتي جو معمول سمجھي نظر انداز ڪري ڪچهري ڪندا رهياسين.اسان جو واروته اچي ئي نه.حقيقت حال کي سمجھڻ لاءِ دروازي جي ويجھاٿياسين.خبر پيئي ته انتظاميه پنهنجي من پسند ماڻهن کي بغير ٽوڪن جي اندر موڪلي رهي آهي.ان سان گڏ اها به خبر ملي ته ڪي منتظرين وري ڏاڍائي ڪري زوري اندر داخل ٿي رهيا آهن.ڪم رڪجي چڪو هو.پوءِ انتظاميه فيصلو ڪيو ته هاڻي ٽوڪن ختم،قطار ۾ ٿي بيهو ته ڪم شروع ڪيون.اسين به مجبور ٿي قطار ۾ بيٺاسون.ٿوري ئي دير ۾ خبر پئي اسين ٻئي قطار جي پڇاڙي ۾ وڃي بچياسين.مطلب ته قطار وارو ڪم به نه هليو.
مطلب ته هاڻي نه ٽوڪن نه قطار.هڪڙا انتظاميه جا من پسند ٻيا ڌڪ ڌڪان جا سپه سالار،باقين لاءِ انتظار.پهريان ٻئي ٽولا کٽا ته باقين لاءِ لڳي قطار.
ڪم سڀني جو ٿي ويو.واپسي مهل ان بد انتظامي تي سوچيوندو آيس.ڳاله سمجھ ۾ ئي نه اچي.ٻئي پاسا پڙهيل ماڻهو هئا.
سوچيندي سوچيندي ان نتيجي تي پهتس ته ان بد انتظامي جا ذميوار ٻنهي پاسي جا مفاد پرست افراد نظر آيا.انتظاميه طرفان اهي ذميوار جن من پسندن کي بنا واري جي جلدي ٿي موڪليو.منتظرين مان وري اهي جيڪي دير سان آيا گوڙ ڪري ترتيب ڦٽائي پنهنجو ڪم ڪڍي جلدي واپس هليا ويا.
اسان جي مفاد پرستي جو معيار ان سطح تي اچي پهتو آهي وڌيڪ مان ڇا چوان.

No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو