ڪاوڙ ۾ ڀريل هڪ شڪايت کڻي پاڪستان جي هڪ ڪرپٽ ترين اداري جي هڪ آفيسر جي آفيس ۾ داخل ٿيس.اتي پهچڻ سان ئي زبردست ڌچڪو لڳم.ڏٺم ته هوته هن جي پاسي آهي.”شيطان ڪنڌ تي لانگ ورايو چڙهيو ويٺو اٿئي.ڪنڌ تي چڙهڻ وقت چوندو اٿئي ته هل منهنجي گڏه.ڪن تو جهڙن کي ته هل منهنجا گھوڙا به چوندو آهي پر تو کي سدائين گڏه ڪوٺيندو آهي.“ هن ٻڌايو.شيطان ا چي هيٺ ڪريو ۽ آفيس مان نڪري وٺي ڀڳو.مون کيس چيو ته ”مون کان ڪٿي ٿو پپيتي جيڏي انساني دل ۾ لڪي سگھين.“ هن وراڻيو ”جاهل انسان آئون لڪو ڪڏهن آهيان توهين پاڻ انڌا آهيو.ڀلا هينئر به اکيون کسي وٺئين ته ڏسي سگھندين ڇا؟“ مون کي ڏڪڻي وٺي ويئي معافي گھري ورتي مانس،معاف ڪري ڇڏيائين.
آفيسر صاحب اٿي بيهي ڏاڍي پيارسان ڀاڪر پائي مليو.مون کي ويهڻ جو چئي پٽيوالي کي چانه بسڪيٽ آڻڻ لاءِ چيائين.ڪم پڇيائين ليٽر حوالي ڪيومانس اوڏي مهل ئي متعلقه ڪم واري کي گھرائي هدايتون ڪري منهنجو ڪم ڪري ڇڏيائين.
ڪافي دير تائين ڪچهري ڪندا رهياسين.واپسي مهل آفيس جي دروازي تائين ڇڏڻ آيو.
جيئن ئي ٽي چار قدم مس کنيم ته ڪنڌ تي بار محسوس ڪيم.ان سان گڏ آواز به ٻڌم ” هل منهنجي گڏه“ ٺڪاءَ چنبو ڪرايومانس ۽ چيومانس ته ”هيٺ له گڏه جا پٽ“.ڏاڍو ڪاوڙجي پيو چيائين ته ”توهان انسانن جي اها ڪني عادت آهي جو جھيڙي جي وچ ۾ مائٽن کي گھليندا آهيو.“ ڳاله دل سان لڳم سو پشيمان ٿيس.جواب ڏنومانس ”معاف ڪر گڏه.“ ٿوري ئي فاصلي تي بيٺل گڏه هنگڻ شروع ڪيو.مسڪرائي چيومانس ته ”گڏه توکي ڏسي ورتوآهي.“ منهجو ائين چوڻ ته گڏه مون ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو ته وڙهو پاڻ ۾ ٿا ته مون کي وچ ۾ ڇو ٿا گھيليو. آئون ڪنهنجي آئي ۾ نه ويئي ۾ سڄو ڏينهن پنهنجي ڪم ۾ لڳو پيو هوندو آهيان.توهان واري اهڙي سياڻپ کان منهنجي گڏهائپ چڱي آهي.“ مون وراڻيو مانس ته ”هاڻ تون به کڻي ڪاوڙ ڇڏ تنهنجو نالو به ڪنهن تي استعمال نه ڪندس.“

No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو