Pages

Thursday, June 30, 2016

ڏاڏا جي ڏول کي شاندار ڪڪ

منهنجي ننڍپڻ ۾ اسان جي گھرن ۾ ڪچيون وڏيون ڪوٺيون ٺهيل هونديون هيون.گھرن جا ٿلها وڏا هوندا هئا.ٿلهن تي ٽينس واري بال سان جنهن کي ستڪليو بال سڏيندا هئاسين سان ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين.وڪيٽن جي بدران ٽين جو گيه وارو 16 ڪلوجو پراڻو دٻو استعمال ڪندا هئاسين. هڪ دفعي ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئاسين ته منهنجي ڏاڏا محمد اسحاق نظاماڻي جو اتان گذر ٿيو.مون کي سڏ ڪري چيائين ته جميل احمد! مون عرض ڪيو ته جي ڏاڏا سائين! نماز پڙهي اٿو،مون چيو ته نه.ڏاڏا سائين ٺڪاءُ جو اسان واري وڪيٽن واري ڏول کي ڪڪ هنئين ته سو اڏامندو وڃي پري ڪريو،حڪم ڪيائين ته نماز پڙهي پوءِ اچي راند کيڏو.اسان سڀني ٻارن ان حڪم تي عمل ڪيو.ان وقت عصر(وچين) نماز جو وقت هو.
قرآن شريف ناظره اسان جي ڳوٺ جي پهرين حافظ قرآن محترم سائين شفيع الله صاحب وٽ پڙهيم.ان وقت اسان جي ڳوٺ ۾ تجويد سان قرآن شريف پڙهڻ ايترو عام نه ٿيوهو،هاڻي ته اسان جي ڳوٺ ۾ اڪثر ڪري قرآن مجيد تجويد سان ئي پڙهايو ويندو آهي.ان لاءِ ته هڪ خاص مدرسو،مدرسه دارالهدي  جنهن جو ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ الڳ سيڪشن آهي،استاد صاحبه کوليو آهي،ان کي پاڻ سنڀاليندي آهي ۽ پنهنجي سڄي زندگي قرآن پاڪ جي تعليم لاءِ وقف ڪري ڇڏي اٿس.
استاد  جي گھر قرآن شريف پڙهي رهيو هوس،اسان جو استاد ڏاڏا سائين جو ڏهٽو هو.سوره والفجر مان ڏاڏا سائين اچي امتحان ورتو،هڪ لفظ جيڪو استاد محترم ٻڌايو هو ته وقفو ڪندا ته هيئن پڙهندا جي وقفو نه ڪندا ته ملائي هيئن پڙهندا.مون وقفو ڪيو ڏاڏا سائين چيو ته غلط! ڪا به صفائي پيش نه ڪري سگھيس،ڏاڏا سائين هليا ويا.آئون آهستي آهستي روئڻ لڳس،استاد صاحب ان وقت ڪمري ۾ موجود نه هئا،جيئن ئي آيا ته ڀر واري شاگرد کان پڇيائون ته هي ڇو پيو روئي.ان جواب ڏنو ته مون کي به خبر نه آهي.مطلب ننڍي وهي ۾ ڏک ۾ روئڻ جوڀلو هوس، ها باقي روئيندو ردهم ۾ هئس،رانڀاڙ جي عادت نه هئم.
احساس ذميواري جي عادت ننڍي وهي کان اٿم.ٻئي درجي تائين ضرب جا حساب سکي ورتا هئم باقي ونڊ نه سکي هئم.اسان جي ڪلاس ٽيچر جو چوڻ هو ته اهو ڪافي آهي امتحان کان هڪ ڏينهن پهرين هڪ منهنجي مون کان عمر ۾ وڏي مائٽ دٻ ڏيئي ڇڏي ته امتحان ۾ ونڊ جا حساب به ايندا.اها ڳاله ٻڌي پريشان ٿي ويس،ڪامن سينس به استعمال نه ڪري سگھيس يا تڏهن مون ۾ ڪامن سينس  نه هو ،خير اڃا به اٿم الاهي نه.
بابا سائين(محمد ايوب نظاماڻي) کي ونڊ سيکارڻ لاءِ عرض ڪيم.بابا سائين ڏاڍا زور لڳايا پر ان گھڙي مون کي ونڊ سمجھ ۾ ئي نه اچي.اچو ٿو رويان.بابا سائين گھڻيئ سمجھايو ته ونڊ اڃا امتحان ۾ نه پڇندا،پريشان نه ٿيءُ.امتحان خيرن سان گذري ويو ونڊ جي باري ۾ نه پڇيائون.

Tuesday, June 28, 2016

جڏهن ڀاڙو کٽو

پرائمري اسڪول ٽيچر هوس.پگھار کڻڻ لاءِ ٽنڊو الهيار لاءِ ڳوٺان  ٽانگي ۾ چڙهي روانو ٿيس.پگھار کڻي ڳوٺ ۾ اسان دوستن جي ڪجھ گڏيل دوستن جي هڪ دعوت رکيل دعوت لاءِ سامان به وٺڻو هئم.
ڪرايو ٽنڊو الهيار پهچڻ جيترو مس کنيو هئم.ٽانگي ۾ سوار هڪ ڳوٺاڻي سان گڏ ڪجھ دوست گڏ هئا،ٽنڊوسومرو اسٽاپ جيڪو ڳوٺ ٽنڊوسومرو کان تقريبن سوا ٻه ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي، پهچيٽانگي مان لهڻ وقت ان ڳوٺاڻي هڪ ٻڌو نوٽ کڻي جو ٽانگي واري کي ڏنو تنهن نه ورتو چيائين مون وٽ پيسا کليا نه آهن.
ان ڳوٺاڻي مون کي ڪرايو ڏيڻ لاءِ چيو.ٿوري دير لاءِ سوچ ۾ ٻڏي ويس،حساب ڪري ڏٺم ته هڪ رپيو بس جو ڪرايو ۽ اٺ آنا پگھار ملڻ وقت لسٽ تي ٽڪلي لڳائڻ لاءِ هئا،انڪار به نه ڪري سگھيس،حقيقت به نه ٻڌائي سگھيس.ماٺ ڪري ڪرايو ڏيئي ڇڏيم.1993ع ڌاري جي ڳاله آهي،تڏهن پگهار سپروائيز ڪيش هٿ سان ورهائي ڏيندا هئا ۽ نالي سامهون ٽڪلي لڳائي ان تي سائن وٺندا هئا.
خير خالي کيسي پگھار جو انتظار ڪندو رهيس،جيستائين منهنجو وارو اچي،سپروائيزر ڏي ڪيش کٽي ويو،چيائين ته باقي رهيل سڀاڻي پگھار کڻڻ اچجو
ڪجھ به نه ڪڇيس،پنجاه رپيا کڻي وٺانس ها.ماٺ ڪري هليو ويس.بس اسٽاپ تي پهچي بس ۾ نه چڙهيس.ڳوٺ واري ڪنهن گاڏي يا موٽر سائيڪل جو انتظار ڪرڻ لڳس،مس مس! هڪڙو ڳوٺ وارو موٽر سائيڪل نظر آيو ،ويجھو وڃي همراه کي جيڪو منهنجو هم عمر ۽ ڪلاس فيلو به هو چيومانس ته ڳوٺ کڻي هل،هن انڪاري ڪندي چيو ته ڳوٺ هلان ئي ڪونه ٿو.مون کي اڃا هتي ڪم آهي.بهرحال نيٺ انتظار ڪري ،هڪ ٻه بس ڇڏي،نيٺ هڪڙي بس ۾ چڙهي پيس،بس ۾ بيٺي ڪنڊڪٽرکي ڪرايي جي بدران ٻانهن ۾ پيل واچ جي آفر ڪيم سا هن نه ورتي.
بهرحال ڳوٺ پهچي دوستن ۽ مائٽن کي سمورو حال احوال ٻڌايم سي ته ڏاڍا کليا( ٻه هلڪا راز ان ڪهاڻي جا اڃا به لڪايا اٿم).پوءِ ڳوٺان ئي سامان جو بندوبست ڪري دعوت جو انتظام ڪري ورتم.

Saturday, June 25, 2016

ڏوهي ڪير؟

31 مئي 2007 تي صبح جو گھڻي ننڊ مان اٿان ته ڪمري جي ڀتن ۾ سيرون نظر پيون اچن.ڏاڍو حيران ٿيس ته آخرٿيو ڇا آهي؟ صرف هڪ رات هڪ ڪريڪ ڪافي وڏو نظر پئي آيو.اهي ٻه جاڙا ڪمرا تازو 2005 ۾ ته ٺهرايا هئم.ان رات ننڊ دوران ڪيڏي ڪيڏي مهل ڪريڪ پوڻ جا آواز به ٻڌندو رهيس،پر ننڊ مان نه اٿيس ۽ خبر به نه پئجي سگھيم ته ڇا جو آواز آهي.
ڪم به اعتماد واري رازي کان ڪرايو هئم،ڪم ٿيل به معياري هو.رازي کي گھرائي ڪمري جي حالت چيڪ ڪرايم.رازي ٻڌايو ته ڪمري جي حالت ايڏي خراب ناهي ٿي ان ۾ رهي سگھوٿا.
شام جو خبرپيئي ته پاڙي وارو گھر جيڪو اڃا زير تعميرهو،ان جو پاڻي وارو روٽر منهنجي ان ڪمري جي ڀت جي پاڙ۾ لڳل آهي،سو ڪاله رات سڄي رات هلندو رهيو،بجلي جا به ڪم ڏسو سڄي رات هلندي رهي ! هڪ جھٽڪو به نه ڏنائين روٽر هلي هلي نيٺ سڙي ويو،پاڻي ڏيڻ ڇڏي ويو.جيئن ته ڪم اڃا هلندڙهو،گھرڀاتي اتي رهيل نه هئا،ڪم واري هڪ مزدورجاءِ کي پاڻي پئي هنيو،اوچتو بجلي هلي ويئي.هن روٽر جو بٽڻ بند نه ڪيو.جيئن روٽر هلڻ شروع ٿيو ته بند ئي نه ٿيو،نيٺ سڙي جان ڇڏايائين.تيستائين مون واري ڪمري جو ٻيڙو ٻوڙي ويو.
پاڙي جي ڳاله هئي،سندن به ڪو ڏوه نه هو،خير به ٿي ويو وڌيڪ نقصان نه ٿيو،اڃا ان حالت ۾ ئي ڪمرو آهي،وڌيڪ نقصان نه ٿيو.تنهنڪري ڪنهن تي به ميار نه ڏنم ۽ ماٺ ڪري ويهي رهيس.
پرمنهنجي ذهن ۾ هڪڙو سوال آهي آخر ان نقصان جو ذميوار ڪير آهي؟
1.مزدور،جنهن روٽر هلايو پر بند نه ڪيو.
2.گھرجا مالڪ جن جو ڪم هليو پئي تن خبر چار نه ورتي.
3.اسين جن جو نقصان ٿيو،تن ڌيان نه ڏنو ته پاڙي جي گھر ۾ ڪم ڪيئن پيو هلي.
4.بجلي جيڪا اوچتو هلي ويئي،۽ رات جو وري نه ويئي.
5.ڏوه ڪنهن جو به ناهي،بس هڪ اتفاق ٿي ويو.

Friday, June 24, 2016

ريڪارڊ ڪري

حڪيم صاحب تمام پيارو ماڻهوءَ هو،گھمڻ ڦرڻ جو شوقين،ڪچهري جو ڪوڏيو.صاف دل،کري ڳاله ڪرڻ وارو.حڪيم صاحب حڪمت جو ڪم وندر طور ڪندو هو،پاڻ زميندار هو.
حڪيم اڪثر پرهيز جو جام چوندا آهن.شاه صاحب جا ڪجھ بيت به ڪري ته آهن.
شاه صاحب جا بيت وسيع تناظر رکن ٿا،انهن جو هن دور جي حڪيمن جي پرهيز تي مڙيئي اطلاق  گھٽ ٿئي ٿو،مڙيئي موضوع نڪري پيو آهي ته هيٺ بيان ڪيان ٿو.
ويڄن سين وائي پيا،ڪري نه ڪئائون،
جي پند پاريائون ته سگھائي سگھا ٿيا.
ويڄن سين وائيءَ پيا، ڪري نه ڪن پاڻ،
اگھا ان اهڃاڻ،پسو! سور سجھائيا. 
آهي  گھڻواگھن جو، ترس طبيبن
ڪيو وس ويڄن، تان ڪريءَ ري ڪين ٿئي.(سريمن ڪلياڻ داستان ٻيو)
مون کي به نوجواني ۾ ڪا تڪليف ٿي پئي،علاج ڪرڻ لاءِ حڪيم صاحب پرهيز جو شرط رکيو.ڪري ڪرين ته علاج ڪندوسانءِ نه ته نه.مون به شرط قبول ڪيو.ڪري به صفا ڪا سولي هئي.ديسي گيه ۾ تريل ماني کائڻي آهي سا به صرف ڏه ڏينهن،ٻيو ڪجھ به نه .صرف پاڻي پيئڻو آهي،مطلب ته سڀ ڪجھ بند ڪري ڇڏيائين.ڏهن ڏينهن تائين هڪڙا ڪيپسول کائڻ لاءِ ڏنائين.محترم بابا سائين اٺين ڏينهن ڪري ڀڃڻ لاءِ چيو،پرمان به ڪري جو پڪو.ڪٿي ٿو وچين جو روزو کوليان.نيٺ ڏه ڏينهن پورا ڪيم.گذري ويا نه ته ڪير پيو سڄي عمر حڪيمن جا ڪري ٽوڙڻ جا مهڻا ٻڌندو.گنيز بڪ آو ورلڊ ۾ جي ان پرهيزجو رڪارڊ ڪير جمع ڪرائي ته منهنجو نالو به ان ۾ شامل ٿي ويندو.هڪ ڊاڪٽر صاحب تڏهن تبصرو ڪيو ته وڏي ڳاله ايتري ڪري کانپوءِ زنده بچي ويو آهين.ان وقت ته فائدي جي ڪابه خبر نه پيئي پروري حڪيم صاحب ڏي نه ويس.حڪيم صاحب جي علاج جو ته ڪو خاص فرق نه پيو،بهرحال الله سائينءَ جي مهرباني سان آئون ڪجھ عرصي کانپوءِ  ته ٺيڪ ٿي ويس.ڪريڊٽ حڪيم صاحب کنيو،شڪر ٿيو جان منهنجي به بچي ويئي.
حڪيم صاحب ڪافي حڪيمن کان سٺو هو.نه ته اڄڪله حڪمت ڪاروبار تحت هلي ٿي.
ڪنهن ڪتاب ۾ هڪ حڪيم جو قصو پڙهيم.پوءِ سچو يا ڪوڙو پر لڳي ته صفا هڪ لطيفو ٿو.حڪيم هڪ مريض کي جلاب ڏنو.جلاب کانپوءِ مريض جي طبيعت خراب ٿيندي ويئي،جيئن اچيو حڪيم کي مريض جو حال ٻڌائين تيئن حڪيم چوي گند ڪچرو ڀلي نڪرڻ ڏيو ته همراه ٺيڪ ٿي ويندو.نيٺ مريض گذاري ويو حڪيم کي اچي ٻڌايائون حڪيم جواب ڏنومار! گند ڪچرو ڪهڙو ته خراب هو جو نڪرڻ کانپوءِ به همراه مري ويو جي اندر رهيس ها ته ڪهڙو حال ڪريس ها!
حقيقت اها آهي ته اسان جي ميڊيڪل جي ڊاڪٽرن،دوائن وغيره جو ڪيترو به معيار ڪريل هجي پر حقيقت ۾ هن وقت وڌ ۾ وڌ ڪامياب علاج ايلوپيٿي جو ئي آهي،سو ڪامياب به آهي،استعمال به وڌ ۾ وڌ انهن کي ڪريون ٿا.پر تنهن هوندي به اسين بيماري جي پاڙ پٽڻ وارن علاجن جي اجائي تعريفن،۽ هن مسڪين طريقي جي خوب گلا ۾ لڳا پيا هوندا آهيون.

Tuesday, June 21, 2016

ٿاڻي تي حاضري

زندگي ۾ جيڪو ٿاڻي جو پهريون سفرمون ڪيو سو ڏاڍو اڻانگو هو.سو به اڪيلو نه ڪيم،پر ڪافي دوست گڏ هئم.اهو سفر لاهور شهر جي هڪ ايئر ڪنڊيشن ڪوچ گاڏي کان شروع ٿي ٿاڻي تي ختم ٿيو.12 ڪلاڪن جو سفر هو.اهو 1992 جي گرمين جو داستان آهي.تنهن وقت ۾ مون کي Motion Sickness(گاڏي ۾ الٽي ٿيڻ) هئي.ٿي سگھي ٿو يڪو ايترن ڪلاڪن تائين انگ ونگڙن رستن تي بند اي سي گاڏي ۾ سفر ڪريان ته اڃا به هان ڪچو ٿئي.
تڏهن مون کي پنهنجي دل جي ڳاله بيان ڪرڻ نه ايندي هئي،دوستن کي پنهنجو مسئلو به ٻڌائي نه سگھيس،تنهنڪري ڪنهن دوست ٿيليهن جو به بندوبست نه ڪيو هو،ڇو جو پوءِ دوستن جي ڪاوڙ سان ڀريل روين ۾ دوستن اها ميار ڏني ته ٻڌائين ها ته ٿيلهين جو بندوبست ڪريون ها.خير سفر کانپوءِ ته سڀ دوست اها ڳاله به سمجھي ويا ته ٿيلهن مان به ڪم نه ٿئي ها.
سڀني مسافرن کي منهنجي ڪري تڪليف پهتي،پر منهنجي دوستن کي ڏاڍي تڪليف پهتي،ان تڪليف جو اندازو هن ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته ان سفر ۾ هڪ ڊاڪٽر دوست ايم بي بي ايس به هو.هن هڪ اهڙو علاج مون لاءِ تجويزڪيو جو اڄڪله جا حڪيم،عطائي ڊاڪٽر،هوميوپيٿي وارا هلي گھر ڦرن.ڊاڪٽر صاحب مشورو ڏنو ته ڪن ڇڪي هڪڙي ٿڦڙ ٺڪاءُ ڪرايوس ته همراه ٺيڪ ٿي ويندو.آخري ٻلي کي گھنڊڙي ڪير ٻڌي؟ ڪنهن ۾ به همت ئي نه هئي ته مون کي ويجھو اچي.
باقي بس واري کي شابس هجي ڪجھ به نه ڪڇيو،پوءِ بس ڌوتائين يا وڃي وڪي هوندائين،اهو پڇا ڪرڻ مان به نه ويو مانس.
گھر خط لکڻ وقت پني جي ساڄي ڪنڊ تي ٿاڻو لکڻو پوندوهو،ٿاڻو مالاڪنڊ ايجنسي جو هڪڙو شهر آهي.ان کان پهرين بٽ خيله اچي ٿو جيڪو هڪ ڊگهي بازار هئڻ جي حوالي سان مشهور آهي.
واپسي وقت دوستن مشورو ورتو،هاڻي خير سان واپس ڪيئن هلون.مون کين ٻڌايو ته ٽرين ۾ خيريت ٿي ويندي.ٽرين به درگئي کان ٿي هلي.منو ڪلاڪ جيپ ۾ سفر ڪرڻو پوندو.بهرحال پوءِ ٽرين ذريعي خيريت سان لاهور پهچي وياسين. 

Monday, June 20, 2016

شيخ چلي جو ٻيو جنم

ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو آهي ته شيخ چلي جو ٻيو جنم هجان. ننڍي وهي ۾ ڪرڪيٽ جوشوقين هوندو هوس. ڳوٺ ۾ ڪرڪيٽ جون ٽيمون ٺاهي پاڻ ۾ مقابلا ڪندا هئاسين. ڦوڙي ڪري ڪرڪيٽ جوسامان وٺندا هئاسين. تڏهن ليٽي ڏينهن ڏٺي خوابن ۾ ڊينس للي کي هڪ اوور ۾ ڇه ڇڪا هڻندو هوس.  ننڍي وھي ۾ بابا شطرنج جو سيٽ آڻي ڏنو ۽ ترغيب ڏني ته ھي راندکيڏ. ڀلو سيٽ ھو. اھڙو وري مون زندگي ڀر نه ڏٺو. مهرا ان ۾ ئي اندر رکي بندڪري ڇڏبوھو. ان جي خانن ۾ چقمق لڳل ھو. راند کيڏڻ وقت مهرا چنبڙي بيھندا ھا. تنھن وقت ۾ گيري ڪاسپروف ۽ اناطولي ڪا رپوو جا عالمي چيمپينشپ جامقابلا ھلندڙ ھئا ته چوندو ھوس رڳو پاڻ ۾ ويٺا کيڏن مون سان کيڏن ته کين خبر پئجي وڃين ته گھڻي ويھين سو آھي.
گذريل سال ڳوٺ ۾ هڪ دڪان کوليم،ان اعلان سان ته چوويه ڪلاڪ هلائيندس،چار ڪم وارا رکيم.وڏي ڪوشش سان 15 ڪلاڪ هلائي سگھيس،مون پاڻ وٽ ته وقت هو ئي نه سو چار پگھار ڀريم.هن سال صرف سوا لک جي نقصان تي بند ڪري ڇڏيم.
دڪان کولڻ جو به عجيب اتفاق ٿيو.هڪ ڪيبن ۽ هڪ دڪان جي عمارت جو مالڪ به آهيان سو دڪان جو مسواڙي بغيراطلاع ڪرڻ جي رات پيٽ ۾ دڪان خالي ڪري هليو ويو.مسواڙي به دلچسپ ماڻهوءَ هو،مالڪ دڪان خالي ڪرائڻ لاءِ وڃيو،عدالتن ۾ پهچن هي ائين هليو ويو،اڃا تائين مسواڙ تي ڳوٺ ۾ دڪان نه مليو اٿس.
هن ويچاري کي دڪان خالي ڪرائڻ جو سڄو ڏوه حيسڪو وارن تي ٿيندو.بجلي جي ميٽرجي ريڊنگ صحيح لکنس ئي نه. پيسا به وٺيو وڃنس.آفيسن جا به گھڻيئي چڪر ڪڍيائين،پوءِ مون کي درخواست ڪيائين ته ميٽر ڪٽائي ڇڏ،بجلي جو آئون پاڻ ئي ٿو بندوبست ڪريان.مون هن جي ڳاله نه مڃي.مالڪ دڪان به آئون ۽ وري ميٽرهن چوڻ تي ڪٽايان.هن جو به ڏوه ڪونه هو،ماڻهن اهڙا ڊپ ڏنس ته واپڊا وارن سان ڦٽائيندين ته لکين رپين جا بل هڻندئي.
سدائين ته شيخ چِلي به نه رهيو آهيان،شيخ چَلي به رهيو آهيان.مون وارا ته خير سڀ بيضا ڪڏهن به نه ڀڳا،جام ٻچا به ڦوڙيو ويٺو آهيان.شيخ چَلي ٿيڻ لاءِ شيخ چِلي به ٿيڻو پوندو آهي.

Sunday, June 19, 2016

پهرين درجي جو پهاڙ

پهرين درجي جي امتحان کان ڪجه ڏينهن اڳ اسان جي محترم استاد اسان کي امتحان جا ڏاڍا ڊپ ڏيڻ شروع ڪيا.سائين جي ڊپ ڏيڻ جو طريقو تمام ڀلو هو.سائين اچي تسليون ڏيڻ شروع ڪندو هو ته امتحان ۾ متان ڊڄو،ڪجھ به ناهي،ڪوبه مسئلو ناهي ڪا به ڳاله ناهي بس رڳو توهان جو پهريون امتحان آهي.ٿي ويندو،گذري ويندو،پريشان نه ٿيو.
سائين جي هدايتن جو سلسلو کٽي ئي نه،ننڍڙي ٻارکي به ڪامن سينس هوندو آهي،اسين ته وڏا هئاسين،جوپهرين درجي جو پهاڙ سرڪرڻ پئي وياسون،سوچيم ته ڳاله ۾ تي ڪجھ به ڪونهي،پر ڀلا ڇا ڪندا وڌ ۾ وڌ گھڻي هڪ ٽڪو هڻندا ٻيو ڇا ڪندا.
وڏا ٻڌي ڪري جڏهن ڪنهن ٻارجو ڊپ لاهڻ جا جتن شروع ڪندا آهن،ته ٻاربه هوشيار آهن،پنهنجو ڪامن سينس استعمال ڪندا آهن ۽ فيصلو ڪري وٺندا آهن ته معاملي ۾ ڪجھ گڙٻڙ آهي،۽ هنن کي اهو ڊپ وڌڻ شروع ٿي ويندو آهي.
تنهنڪري بهتر اهو آهي ته ٻار جو اجايو خوف لاهڻ لاءِ بار بار ڳاله کي دهرائجي نه.ڳاله تمام گھڻي شدت سان بيان نه ڪجي.

اک ۾ ڳڙ

اسڪول ۾ هڪ فنڪشن هلي رهيو هو.فنڪشن ختم ٿيو،ڏاڍو ٿڪل هوس،ميز ڪنڌ هيٺ ڪري سمهي پيس.جيئن ئي ننڊ ڦٽي ته هڪ ۾ اک سور محسوس ٿيڻ لڳو ۽ اک پوري کلي ئي نه .ٻاهر نڪتس ته ڪنهن دوست چيو ته اک ۾ ته ڪيڏو سارو ڳڙ نڪتو اٿو.کيس وراڻي ڏنم ته پهرين ته ڪجه به نه هو،ٿورو ننڊ جو جھٽڪو آيو ۽ اک ۾ ڳڙ نڪري آيو،برابر هوندو جو اک ۾ سور به اٿم ۽ اک پوري کلي به نه ٿي.
انهيءَ پريشاني ۾ اڳتي هلڻ لڳس،ته ننڊ ڦٽي پيئي،صبح جو وقت هو راتوڪو ستل هوس.ڏسان کڻي ته هڪ اک آڱر سان چپيو ويٺو هوس.ان جي ڪري تڪليف محسوس ٿي رهي هئم.آڱر هٽايم ته اک ۾ سور ڇڏي ويو.اهو هو ڳڙ جيڪو مون خواب ۾ ڏٺو.
بلڪل ساڳي طرح هن دنيا ۾ اسان جڏهن غفلت جي ننڊ ۾ ستل هوندا آهيون،ته اهڙا ڪئين ڳڙ اسان جي جسم تي نڪري ايندا آهن،رڳو سجاڳ ٿيڻ جي ضرورت هوندي آهي،سجاڳ ٿي پنهنجي چپ مان صرف جان ڇڏائڻي هوندي آهي،پر ان لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته اسين غفلت مان نڪرون.
اسان کي خبرپوندي آهي ته اڪثر ته مسئلا آهن ئي ڪونه،اهي ته اسان جون سوچون آهن،جيڪي مسئلن جا ڪنڊا ٿي اسان کي چبهي رهيون آهن.

Friday, June 17, 2016

سادگي،کل ۽ پيٽ ۾ سور

منهنجي عمر هن وقت 44 سال آهي.منهنجي زندگيءَ جي هر ڏينهن تي ڪيترائي ماڻهوءَ هن فاني دنيا کي ڇڏي هليا ويا.مون کي زندگي جو هرڏينهن،هڪ هڪ ڪلاڪ ويندي منٽ منٽ ملندو رهيو آهي.منهنجي زندگي جي ان عرصي دوران مون کان ننڍا،وڏا،ٻار،پوڙهابه گذاري چڪا آهن.ڪن کي فطري موت نصيب ٿيو ته ڪي حادثن جو به شڪار ٿيا.تنهنڪري خبر نه آهي ته هن دنيا ۾ منهنجي نصيب ۾ ڪيتري عمر آهي.
هر انسان ۾ ڪجه خوبيون ته ڪجه خاميون به هونديون آهن.ڪجه صفتون وري انسان ۾ اهڙيون هونديون آهن ته انهن ۾ خوبين ۽ خامين جون ٻئي خاصيتون به هونديون آهن.
هر انسان جي زندگيءَ ۾ ڪي واقعا اهڙا هوندا جيڪي هوءَ ٻين کي ٻڌائڻ به چاهيندو هوندو،پر سوچيندو آهي ته اهڙا سادگي جا واقعا جيڪڏهن 90 سال جي عمر ۾ ويهي بيان ڪجن ته ٺيڪ آهي،باقي ان کان اڳي بيان ڪرڻ جي همت نه هوندي آهي.حقيقت ۾ مسئلو هوندو ئي انهن واقعن پيش اچڻ وقت آهي،انهن جو اثر ڪجھ وقت کانپوءِ ختم ٿي ويندو آهي.ڪافي واقعن کانپوءِ انسان ڪافي ڳالهيون سکي به وٺندو آهي.پر اهو سلسلو مستقل هلندو رهندو آهي.
مون کي ڪابه خبر ناهي ته منهنجي عمر ڪيتري آهي.تنهنڪري سوچيو اٿم ته اهڙا دلچسپ واقعا توهان سان شيئرڪرڻ شروع ڪريان،اهي واقعا ڀلي ٿورائي هجن پر ارادو شيئر ڪرڻ جو ڪيو اٿم.
پهريون واقعو جيڪو توهان سان شيئر ڪندس سو پڙهي توهان کي کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي ويندو،مون کي توهان جا پيٽ پيارا آهن.تنهنڪري هن پوسٽ ۾ ان جو ذڪر نه ڪري رهيو آهيان،توهين به پيٽ مضبوط ڪريو ته مان به ڪجھ دل ۽ دماغ مضبوط ڪريان، ڪنهن نه ڪنهن پوسٽ ۾ اهڙي شروعات ڪندس،هي پوسٽ ان لاءِ رکي رهيو آهيان ته پنهنجي ڳاله ته ڦري نه وڃان.باقي هڪڙي ڳاله ياد رکجو ته اهو ارادو آهي،واعدو نه آهي.اميد ٿو رکان ته توهان سان اهڙن واقعن شيئر ڪرڻ جو موقعو ملندو.