منهنجي ستن سالن جي پٽ،۽ 9 سالن جي نياڻيءَ کي هن سال گرمين شروع ٿيڻ سان اچي،پاڻي سان ڀري وهنجڻ واري ٽب خريد ڪرڻ جو شوق جاڳيو،جيئن ٻارن کي گرمين ۾ ٿيندو آهي.گذريل سال جي ٽب کي جلدي خراب ڪرڻ،سڄي پاڙي جي ٻارن کي ان ۾ وهنجارڻ ۽ گھر ۾ گوڙ ۽ شور جي گذريل سال جي تجربي کي سامهون رکندي سندن ماءُ ٽب جي خريداري تي پابندي هڻي ڇڏي.
معاملو ڪافي سنجيده شڪل اختيارڪري ويو.ٻارن اهو معاملومون وٽ پيش ڪيو.مون ثالثي وارو ڪردار ادا ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو.نيٺ معاهدو ٿي ويو.ٻارن اها ڳاله قبول ڪئي صرف اهي ئي ٽب استعمال ڪندا.اجائي گوڙ ۽ شور کان پرهيز ڪندا ۽ پنهنجي والده جي مرضي مطابق استعمال ڪندا.
سج لهڻ وارو هو،ٽب ته ڳوٺ مان ملي ويندو آهي،پران کي ڀرڻ لاءِ نڙو ته ٽنڊوالهيار شهر مان ملندوآهي.پوءِ خبر پيئي ته ڪو اسان جو مائٽ ٽنڊو الهيار ويل آهي.ان کي نڙو آڻڻ لاءِ چيوسين.منهنجي پٽ منهنجو ٻٽون چيڪ ڪري ڏٺو ته ان ۾ صرف هڪ هزار رپيو پيل هو،چيائين ته هن مان ته ٽب نه ملندو.کيس ٻڌايومانس ته اڄ پنهنجون مرچون وڪامڻ ويون آهن،منهنجي ڀاڻيجي کي موڪليان ٿو،پيسا هارين کان کڻي ايندو ته ٽب خريد ڪنداسين.کيس ٻڌايم ته ڪڏهن دلال ساڳئي ڏينهن تي پيسا ڪونه به ڏيندا آهن.ٻئي هٿ مٿي ڪري الله سائين کان دعا ڪرڻ لڳو ته پيسا ملي ويا هجن.ڪجھ ئي وقت ۾ جيئن ئي منهنجي ڀاڻيجي پيسا آندا،ته بازارمان ٽب آڻڻ لاءِ کيس موڪليم.
ٿوري ئي وقت ۾ ٻيئي ٻارٽب سميت منهنجي اڳيان بيٺا هئا،چيائون ته پهرين توهان ڏسو ته پوءِ کوليونس.
ننڍڙو چوي ته ٽب کي پاڻ سان گڏ کٽ تي رکي پوءِ سمهان.سمجھائڻ تي صبح ٿيڻ جي انتظار ۾ سمهي رهيو.
اڄ صبح جو بجلي اچي ئي نه ته روٽر هلائي ٽب ڀريون.پوءِ کين ٽانڪي مان ئي ٽب ڀري ڏنوسين.پوءِ ان ۾ تڙڳڻ لڳا ۽ مزو وٺڻ لڳا.
سندن ماءُ کان جڏهن ٻارن جي ناشتي جو پڇيم ته جواب مليو ته کائين ئي نه ٿا.پوءِ ناشتو ٺهرائي،ٽب جي اندر ويهي ٻارن کي پنهنجي هٿ سان ناشتو کارايم.
گرمين جي موڪلن جو پهريون ڏينهن هو ۽ اها منهنجي وڏي ۾ وڏي عياشي هئي.







