جيئن اک کليم،ته ڏسان ته ڪنهن اجنبي شهر ۾ فوٽ پاٿ تي ستو پيو آهيان.بکايل هوس،کيسي ۾ هٿ وڌم ته خالي پيو هو.سوچيم ته لکيل پڙهيل آهيان اها تعليم ڪڏهن ڪم ايندي.اتي گند ڪچري جي ڍيرن مان هڪ ٽٽل بال پوائنٽ ۽ ڪاغذ هٿ ڪري ورتم.کاڌي جي اهميت تي هڪ زبردست مضمون لکيم.بک لٿي ته نه پر مورڳو وڌندي ويئي.وري کاڌي جي اهميت تي شهرجي گھٽين ۾ هلندڙن کي ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيم.سڀ ٻڌندا واه واه ڪندا ڀڳا ويا.بک وڌندي ويئي شگر ليول ڪرڻ لڳي،هڪ گھٽي ۾ ڀت تي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيس.
ننڍو شهر هو،ان جي هڪ پاڙي ۾ رلي رهيو هوس،هڪ پيرمرد پاسي ۾ اچي ويٺو.بيمارٿولڳين؟ سوال پچيائين.نه بيمار ناهيان،بالڪل صحتمند آهيان،بس بکيوآهيان.جواب ڏنم.پوءِ ماني ڇو نه ٿو کائين؟ پڇيائين.پيسا ناهن،سوال ڪنهن کان به نه ڪندس.جواب ڏنم.
لڳي ٿو اٺ ڪتابن جا پڙهي،زندگي ۾ پهرين دفعا گھران ٻاهر نڪتو آهين.ان بزرگ چيو.ها صحيح ٿا چئو.گھر ۾ ته ڪڏهن به امان کان ماني نه گھريم،هر روز هر وقت پئي پڇندي هئي ڇا کائيندين؟پوءِ نخرن سان پيو ٻڌائيندو هوس ،وري ان کاڌي ۾ ڪو عيب ڪڍي،وري ٻئي جو مطالبو ڪندو هوس.پر توهان کي اها خبر ڪيئن پئي؟ لڳي ٿو وڏا ڪي پڙهيل آهيو.کلڻ لڳو،پراڻو پنج درجا پاس آهيان،باقي عملي زندگي ۾ گھڻيئي ڌڪا کاڌا اٿم.وقت،زمانو سڀ ڪجھ پاڻهي سيکاري ڇڏيندئي.
ٽفن باڪس اڳيان رکندي چيائين ته پهريائين ماٺ ڪري ماني کاءُ.سبق نمبر ٻيو پوءِ شروع ڪنداسين.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو