Pages

Sunday, October 16, 2016

هر جميل مراد آهي

اڄ ٻني تي کٽ تي ويٺوهوس.سيراندي کان هڪ موٽرسائيڪل اچي بيٺو،گاه واري مڪئي جوهڪ پراڻوواپاري موٽر سائيڪل تان لٿو،ساڻس هڪ نوجوان گڏ هو،ان جو تعارف ڪرائيندي چيائين ته هي مراد علي جو پٽ آهي.مون مسڪرائيندي پچيومانس ته مراد علي کي ڇو ڇڏي آيا،ڪو ڪم ٿي پيس ڇا؟ سدائين گڏ ايندا آهيو،ڇوڪري کي به ڪم ٿا سيکاريو ڇا؟ هن درد ڀري انداز ۾ پڇيو ته توهان کي خبر ڪانهي ڇا؟ آئون به پريشان ٿي ويس ڇو ڇا ٿيو؟ هو ته گذاري ويو،گذريل سال نومبر ۾ هن کي هارٽ اٽيڪ ٿيو،ٻه ڏينهن حيدرآباد جي هڪ اسپتال ۾ داخل رهيو،ڪراچي وڃڻ جوارادو هو پران کان اڳ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين.هن ٻڌايو.ڪجھ لمحن لاءِ خاموش ٿي وياسين،مون تي ڄڻ وڄ ڪري پيئي.
مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ اتي ئي دعا گھري سون.کيس ٻڌايم ته هن سال مڪئي مزو نه ڪيو آهي،تنهنڪري توهان کي دعوت ئي نه ڏنم،توهان کي فصل جي خوشبو ڪٿان اچي ويئي؟ اسان جو روزگار آهي،تنهنڪري خبر پئجي ويئي.هن جواب ڏنو.
تيسائين هڪ ٻيو واپاري به اچي لٿو،هن کي چيائين ته تون وڃي مڪئي گھمي اچ،سودو قسمت جو آهي.
جڏهن کان زندگي ۾ مون مڪئي پوکي،جڏهن کان مراد علي سان سودو ٿيو،هڪدفعو ڪو ٻئي ڪنهن واپاري کي ڏنم،باقي سودو سدائين مراد علي سان ٿيندوهو.هينئر هي سٽون لکندي پنهنجي موبائل تي ڏٺم ته مراد علي لغاري جي نالي سان نمبر سيو ٿيل آهي.هو ڌڱاڻي بوزدارجو رهاڪو هو.پٽس ۾ مراد علي ئي جهلڪي رهيو هو.
هي جڏهن به گڏ ايندا هئا ته سودو ڪري پوءِ ويندا هئا.قطعي نه ڇڏيندا هئا،وڏي ڇڪ ڇڪندا هئا.اڄ ائين ڪجھ به نه ٿيو.نئين واپاري کانپوءِ هو مڪئي گھمي آيو،چيائين اسان جي ڪم جي ناهي،اسين ڪراچي موڪليندا آهيون،هي حيدرآباد جي مارڪيٽ جو مال آهي.ڀلي هن کي ڏيئي ڇڏيو.پوءِ سودو ان نئين واپاري سان ڪري ڇڏيم.
اڃا تائين هن جو مسڪرائيندڙ چهرونظرن اڳيان پيو ڦري،سرائڪي ڳالهائڻ جو مٺڙو آوازڪنن تي پيو سري.
ڇا مراد ويو مڪئي ويئي،سودو ويو.دنيا بس ائين پيئي هلي.
حقيقت ۾ دنيا جو هر جميل مراد آهي،پر هو وري پنهنجي مراد جي پويان لڳل آهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو