Pages

Thursday, December 31, 2015

ماڻهوءَ ته سڀئي سهڻا

هر انسان ۾ الله پاڪ مختلف خوبيون،صلاحيتون پيدا ڪيون آهن.تنهنڪري هر انسان کي پنهنجو پاڻ سان به محبت ڪرڻ کپي.اهڙا به  انسان هن دنيا ۾ نظر ايندا جن ۾ ڪجھ صلاحيتون گھٽ هونديون ته وري ڪن ۾  اهي صلاحيتون گھٽ درجي جون هونديون.ان ڳاله کي ڏسي انهن کي گھٽ نه سمجھڻ گھرجي پر پاڻ کي مليل نعمتن تي شڪر ادا ڪرڻ کپي ۽ پاڻ کي مٿاهون ۽ انهن کي گھٽ نه سمجھڻ گھرجي.ساڳي طرح سان هن دنيا ۾ کوڙ سارا انسان اهڙا ملندا جن کي اسين ڏسندا سون ته کين اسان کان وڌيڪ صلاحيتون مليل هونديون،تن سان پاڻ کي ڀيٽي وري احساس ڪمتري جو شڪار به نه ٿجي.بلڪه پاڻ شڪر ادا ڪرڻ گھرجي ته الله سائين اهڙين سٺين صلاحيتن وارا ماڻهوءَ به پيدا ڪيا آهن.ان سان پنهنجي پاڻ ۾ عاجزي ۽ نوڙت جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ گھرجي.
قصه مختصر ته هر گل جي خوشبو پنهنجي آهي.

محبت جا ٻه رخ

منهنجي والدين جا چار ٻار خاص(special) پيدا ٿيا.جن مان منهنجا ٽي ڀاءُ جيڪي مون کان وڏا هئا، سي ڪافي عرصو اڳي انتقال ڪري چڪا.هڪ ادي جيڪا عمر مون کان ننڍي هئي سا به 2009 ع ۾ انتقال ڪري ويئي.هڪ جيڪا عمر مون کان وڏي آهي سان اڃا حيات آهي.سا جيڪڏهن اسان جي گھرجي ڪنهن فرد جي ڪا خدمت ڪندي آهي،مثال طور مهنجا ٻه ٻار آهن  تن مان ڪنهن کي پاڻي به پياريندي آهي ته هڪ مخصوص جملو چوندي آهي ته آئون اهو ان لاءِ پيئي ڪريان جو هن کي وڻا ٿي.
اسين سڀ گھر جا عام ماڻهو ان جو مقصد اهو سمجھندا هئاسين ته هي ابتي ڳاله پيئي ڪري ،چوڻ کپي،يا هي چوڻ چاهي ٿي ته هن جو هي ڪم ان لاءِ پيئي ڪريان جو  هي ٻار يا گھر جو هي فرد مون کي  وڻي ٿو،پر هي ڳاله ابتي پيئي ڪري.
هڪ ڏينهن مون کي اوچتو هن جي ڳاله سمجھ ۾ آئي ته هو ڳاله ته سبتي پيئي ڪري پراسان ان کي ابتو پيا سمجھون.ماڻهوءَ صرف ان جو چيو نه مڃيندو آهي جيڪو کيس وڻي پر ان جو اڃا وڌيڪ چيو مڃيندو آهي جنهن  کي ماڻهوءَ پاڻ وڻي.
اها ڳاله جيڪڏهن پاڻ عام ماڻهن جي سمجھ ۾ اچي وڃي جيڪر پاڻ لاءِ الله سائينءَ جي حڪمن کي سمجھڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ آسان ٿي پوي.
اسان جي دلين ۾ الله پاڪ جي محبت جيستائين ان درجي تي پهچي جو اسان کي اخلاص ۽ نيڪ عملن تي آماده ڪري،۽ ان ۾ ترقي جو سبب بڻجي.تيستائين اها ڳاله ته سمجھڻ وڌيڪ آسان آهي ته الله سائين انسانن سان ڪيتري محبت ڪري ٿو،جو
انساني تخليق جي وقت فرشتن کي الله سائين  جوحڪم مڃي  حضرت آدم عليه الاسلام کي سجدو ڪرڻو پئجي ويو، ابليس انڪار ڪري مردود بڻجي ويو.

Tuesday, December 29, 2015

ڇوڪرو ۽ ڇيڻا

1982 عيسوي جي ڳاله آهي.پنجون درجو پاس ڪري ڇهين درجي ۾ وڃڻ جي انتظار ۾ ڪلاس ۾ ويٺا هئاسين.اسڪول ۾ حاضري جي ايتري اهميت هئي جو گھر ۾ نه هئاسين. اسان جي پنجين درجي پڙهائيندڙ محترم استاد صاحب کي ڇيڻن جي ضرورت پئجي ويئي.سائين اسان کي واندو ويٺل ڏسي حڪم ڪيو رستن ۽ گھٽين تي مينهون جيڪي ڇيڻا لاهي ويون هجن سي هن دٻي ۾ گڏ ڪري مون کي پهچايو.پنج ڪلو گيه وارو خالي دٻو اسان کي ڏنائين.پوءِ اسان روڊن ۽ رستن تان ڇيڻا گڏ ڪري استاد صاحب کي پهچايا.
پر بهرحال اسان کي حاضري جي اهميت سان گڏوگڏ پورهئي جي عظمت جو به سبق مليو.
پر سچي پچي مون کان اهو نه پڇو ته اسان ان دور ۾ ڇاڇا کنيو؟
اسان ٻن چڻن گڏجي هڪ ڇوڪري کي سندس گھران،مائٽن جي اڳيان وڃي کنيو،ڇوڪرو به هجي ڳرو،اچو ٿو ڇڪ ڇڪان ڪري،هڪڙي دفعا ته مورڳو روڊ تي ڪري پيو مٿي ۾ ڌڪ به لڳس.رنو ته اڳي ئي پئي ويتر جو ڌڪ لڳس ته رڙ ۾ ٻڏي ويو.مجال آهي جو ڪير وچ ۾ اچي، نيٺ پڪڙي اچي اسڪول ۾ پهچايوسينس.استاد صاحب جي حڪم جي تعميل ڪئيسين.


Friday, December 25, 2015

هيڊو ماستر

آئون سنڌ،پاڪستان جي هڪ اسڪول ۾ هيڊو ماستر آهيان.مهرباني ڪري ڪير به خاص طور تي ڪو به صحافي دوست ،مون کان هيڊ ماسٽر جي سپيل نه پڇي،ڇاڪاڻ ته انهن اسپيلن تان اٺين ۽ نائين ڪلاس ۾ مون هم ڪلاسي دوستن کي ڏاڍيون ٿڦڙون هنيون.باقي استاد صاحب  مون تي ڏاڍو مهربان هو،ڪڏهن به هم ڪلاسي دوستن کي آهستي ٿڦڙ هڻڻ تي ورائي مون کي ٿڦڙنه هنيائين.
ڪير مون کان اهو به نه پڇي ته ڪو مان سرڪاري اسڪول جو هيڊوماستر آهيان يا نجي اسڪول جو.باقي مهنجو منهن ڏسي سڀ ڪو سمجھي ويندو.نجي اسڪول جو مالڪ هيڊو ماستر آهيان ته منهنجو منهن توهان کي هيڊو نه پر سونو نظر ايندو.پر جي مالڪ ٻيو ڪو آهي ۽ مان خالي هيڊو ماستر آهيان ته پوءِ سون ته پري پري تائين نظر نه ايندو،باقي ڪم جي دٻ کان رنگ اهڙو ته هيڊو نظر ايندم جو لڳندو ته مالڪن سچي پچي ڪٿي منهنجي منهن تي هيڊ جو ميڪ اپ ڪيو هجي.
ها باقي جي مان سرڪاري اسڪول جو هيڊوماستر آهيان ته پوءِ نه توهان کي منهنجي چهري تي سون نظر ايندو، ۽نه ئي وري هيڊ.بس هڪ بيمار شخص وانگرنظرايندس،جو نه ڪو استاد منهنجي ٻڌي، نه ڪوپٽيوالو ۽ نه ئي وري ڪو ڪلارڪ.
اڪثر اسڪولن ۾ نه ڪلارڪ آهن نه ئي وري ڪلارڪ جي پوسٽ آهي.منهنجي اسڪول ۾ به ڪلارڪ  آهي ئي ڪونه.جن وٽ ڪلارڪ آهن تن جو چوڻ آهي ته جي ڪلارڪ ٽي چار آهن ته پوءِ انهن ۾ صفا ڪم نه ڪرڻ جو مقابلو هلندڙ هوندو آهي.پوءِ جيڪو مقابلو کٽي باقي ڪونه ڪو ڪم وارو مليو وڃي.
ڪي ڪلارڪ جيڪي پٽيوالي جي پوسٽن تان ترقي ڪري ڪلارڪ ٿيا آهن سي نه ڪم ڄاڻن نه ئي وري سکڻ جو شوق رکن.هرڪم جو بس هڪڙوئي جواب هوندو ”آئون ڪم نه ٿو ڄاڻان“.
چون ٿا ته هڪ اهڙو دلچسپ ڪلارڪ هو، جيڪوپٽيوالي جي پوسٽ تان ترقي ڪري ڪلارڪ ٿيو هو سو اچي ڦاٿو،چي! مون کي پوئتي demote ڪريو،هي ڪم مون کان نه ٿو پهچي.پوءِ ان ڊپ ۾ ته مٿئين گريڊ ۾ وڌيڪ ورتل پگھار به واپس ڪرڻي پوندي،نيٺ پنهنجي ضد تان لٿو ۽ ڪلارڪ رهڻ قبول ڪيائين.
سو جنهن ڏينهن منهنجي مٿان وارن جو رويو شفقت ڀريو ٿيو۽ جي منهنجا سب آرڊينيٽ آهن تن مون سان تعاون ڪرڻ شروع ڪيو ته مهنجي چهري جي هيڊاڻ هلي ويندي.صحت به سٺي ٿي پوندم.اسڪولن جو ڪم به سٺو هلڻ شروع ٿي پوندو.بس دعا ڪريو ته مان جلدي هيڊو ماستر مان هيڊ ماستر ٿي وڃان.

Sunday, December 20, 2015

وڃايل ٻار

آئون جڏهن اڃا ننڍڙو ٻار هوس،سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ جي پٽي مس سکي هئم.ڪنهن وڏي جونوٽ بڪ تي لکيل نالو ڏسي ان کي لکيم ته مهنجا وڏڙا ڏاڍا خوش ٿيا هئا ۽ هنن مون کي شاباش ڏني هئي.
پهرين پوسٽ هن بلاگ تي شيئر ڪرڻ جي ته همت نه پئي ٿيم،پرپوءِ همت افزائي ٿيڻ تي وڌيڪ لکڻ شروع ڪيم،پوءِ جڏهن هن بلاگ تي وڌيڪ پوسٽون شيئر ڪندو ويس ته پوءِ اهو ارادو ڪيم  ته روزانو گھٽ ۾ گھٽ هڪ پوسٽ ضرور ان تي شيئر ڪريان.پر ائين ڪري نه سگھيس،ان جا ٻيا ته ڪيترائي سبب آهن جهڙوڪ صحت،ٻيون مصروفيتون وغيره،پر ان ۾ هڪ سبب اهو به نظر آيو اٿم ته اهو ننڍڙو ٻار جنهن بغير سمجھڻ جي هڪ نالو لکيوهو،وڃائي چڪو آهيان.هاڻي وڏو سمجھدار،چالاڪ،پڙهيل،هوشيار ٿي ويو آهيان جو اهڙيون ڳالهيون اهڙي ٻولي ۾ لکڻ ٿو چاهيان جنهن جو معيار يا ته انهن اديبن جي لکڻين جي برابر هجي جن کي ادب جو نوبل پرائز مليل آهي يا گھٽ ۾ گھٽ قومي يا صوبائي سطح تي مڃتا مليل آهي يا ٻيو نه پر گھٽ ۾ گھٽ اخبار ۾ ڪالم ته لکي سگھن ٿا.
منهنجي سمجھداري ته مورڳو منهنجي ڪم ۾ رڪاوٽ بنجي رهي آهي.مون پنهنجي بلاگ جو عنوان جھڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان به ان ڪري رکيو هو جھڙو حال آهي سو لکندس.تنهنڪري منهنجي خواهش ته هن بلاگ تي هڪڙي پوسٽ اهڙي لکي سگھان جنهنجو نه منهن هجي نه سر هجي،ڪا سٽ سنڌي،ڪا انگريزي ته ڪا وري اردو ۾ لکيل هجي،انگريزيءَ جي سپيلنگ ۾ ۽ سنڌيءَ جي وري صورتخطيءَ ۾ ڀلي غلطي هجي،بس رڳو ڪنهن تي ٽوڪ نه هجي،غير اخلاقي ڳاله نه هجي،ڪوڙي ڳاله نه هجي.
اهڙو ننڍڙو ٻار جنهن کي هاڻي آئون وڃائي چڪو آهيان،جي تلاش ۾ نڪري پيو آهيان.اهڙو ننڍڙو ٻارهر ڪنهن انسان سان گڏ هوندو آهي،جيڪو بغير ڪنهن جي پرواه ڪرڻ جي ڪم ڪندو ويندو آهي،۽ پوءِ ترقي ڪندو ويندو آهي نه ته پنهنجي حال تي ضرور خوش هوندو آهي ۽ ڪجھ نه ڪجھ مثبت ڪم ڪرڻ ۾ لڳو پيوهوندو آهي.
مون واري ننڍڙي کي ته فقط پاڻ سڃاڻا تنهڪري سندس تلاش ۾ لڳي ٿو وڃان باقي سڀني کي صلاح آهي پنهنجي وڃايل ٻارن جي تلاش ۾ لڳي وڃن.