Pages

Thursday, April 30, 2015

انسان

گناه مون گھڻا ڪيا،فرشتا به مون سچا ڪيا،
شيطان سان به مون گھڻيئي ملاهيون شامون،
هاڻي کڻي تنهن رب راضي ڪيان،
جنهن سان مون ڪاڻ هڪ رٺو،ته ٻيا وري عاجز ٿيا.

Saturday, April 11, 2015

پنا قيمتي يا پيسا

هڪ ڏينهن هڪ دوست جي دڪان ٿي ويٺو هوس.چاچا گلو پگھر ۾ شل،مٽيءَ ۾ ڀڀوت،رديءَ جي ڪٽي سميت دڪان جي دڪيءَ تي اچي ويٺو.ساڻس ڪيل ڪچهري هيٺ لکان ٿو.
”چاچا گلو تنهنجو حال به پاڪستاني حڪمرانن جھڙو آهي.هي خالي پنا ميڙي گڏ ڪندو وڃي اهي ڪهڙي ڪم ايندئي؟“”اهي ردي ۾ وڪڻي ان مان پيسا وٺندس.ان مان وري کاڌو کائيندس.تنهنڪري هي منهنجا پنا ته وڏي ڪم وارا آهن.اسان جي حڪمرانن کي وري ڪهڙي بک آهي جو اهي پنا(پيسا) گڏ ڪندا ٿا وڃن سي کين ڪم ايندا.تنهنڪري مون وارا پنا ته پيسا آهن ۽ هنن وارا پيسا وري پنا آهن.ڏاڍو پاڻ کي پڙهيل ٿو سمجھين.شين جي فرق جي به خبر ڪو نه ٿي پوئي.پوءِ ته تو کي ماڻهن جي فرق جي به خبر ڪانه پوندي هوندي.اهي پنا جيڪي آئون گڏ ڪريان ٿو تنهن لاءِ محنت ڪريان ٿو.چوري ڪونه ٿو ڪريان.اهي ماڻهو اڇليو ٿا ڇڏين سي ٿو کڻا.ڌاڙو ڪونه ٿو هڻا،رشوتون ڪونه ٿو وٺان.پر هڪڙي ڳاله ته ٻڌا توکي هرڀرو حڪمرانن تي ڪاوڙ آهي ڇا؟ هي جيڪي آفيسر باهيون ٻاريو ويٺا آهن ڪيترو پيسو هڙپ ڪيو وڃن.انهن جو ته نالو به ڪونه ٿو وٺين.“”چاچا انهن کي ته وري به پيسي جي ضرورت آهي.ڪا گاڏي،فليٽ،بنگلو،ٻني ٻارو ته وٺن ٿا.“ ”پوءِ ڇا انهن لاءِ سڀ ڪجھ جائز ٿي پيو.“ ائين ڪونه ٿو چوان منهنجو مقصد صرف اهو آهي ته ملڪ جو،پنهنجي دنيا ۽ آخرت جو ٻيڙو ٻوڙي تڏهن به ڪجھ پيسو ته ضرورتن لاءِ به استعمال ته ڪن ٿا.“
بحر حال تون نه مڙندين ڦري سري وري حڪمرانن جي ڳاله ڪندين.ڇا سڀئي هڪ جھڙا آهن؟”نه چاچا نه انهن ۾ ڀلا به آهن.“ ”پوءِ ويڙهي سيڙهي ڇو ٿو ڳاله ڪرين.سڌي ڳاله ڇو نه ٿو ڪرين ڊڄڻا.“ بس انهن جي ڳاله ٿو ڪريان جن وٽ پيسي جي حيثيت ۽ ضرورت تو واري پنن جي برابر به ناهي سي ڇو پيا پنهنجو پاڻ کي تنگ ۽ خوار ڪن؟ “ اها ڳاله تنهنجي سمجھ کان مٿي آهي.پهرين مون تي ٽوڪ ٿي ڪيئي.مون کي انهن حڪمرانن سي ٿي ڀيٽيئي.مون وري حقيقت سمجهائي مانو ته وري شروع ٿي ويو آهين حڪمرانن جي گلا تي.مال جي محبت جو وري ضرورت سان ڪهڙو تعلق.هي هڪڙو زبردست ڌوڪو آهي.ان جي گڏ ڪرڻ،ان تي وڏائي ۽ فخر ڪرڻ ۾ جن کي مزو ايندو آهي سو وڃي تن کان پڇ.خير گھٽ تون به ڪو نه آهين جيترو پڄئي ٿو سو لڳو پيو آهين.پوءِ ڀلي ان لاءِ محنت ڪندو هجين يا محنت جو ڍونگ ڪندو هجين پر گھٽ تون به ڪونه آهين.“
پوءِ ڪجھ وقت لاءِ خاموش ٿي وياسين.چاچا گلو ڪٽو ڪلهي تي رکي اٿي بيٺو.مون کي چتائي ڏسڻ لڳو مون ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.پوءِ هو هليو ويو.

Sunday, April 5, 2015

مان،شيطان ۽ گڏه

ڪاوڙ ۾ ڀريل هڪ شڪايت کڻي پاڪستان جي هڪ ڪرپٽ ترين اداري جي هڪ آفيسر جي آفيس ۾ داخل ٿيس.اتي پهچڻ سان ئي زبردست ڌچڪو لڳم.ڏٺم ته هوته هن جي پاسي آهي.”شيطان ڪنڌ تي لانگ ورايو چڙهيو ويٺو اٿئي.ڪنڌ تي چڙهڻ وقت چوندو اٿئي ته هل منهنجي گڏه.ڪن تو جهڙن کي ته هل منهنجا گھوڙا به چوندو آهي پر تو کي سدائين گڏه ڪوٺيندو آهي.“ هن ٻڌايو.شيطان ا چي هيٺ ڪريو ۽ آفيس مان نڪري وٺي ڀڳو.مون کيس چيو ته ”مون کان ڪٿي ٿو پپيتي جيڏي انساني دل ۾  لڪي سگھين.“ هن وراڻيو ”جاهل انسان آئون لڪو ڪڏهن آهيان توهين پاڻ انڌا آهيو.ڀلا هينئر به اکيون کسي وٺئين ته ڏسي سگھندين ڇا؟“ مون کي ڏڪڻي وٺي ويئي معافي گھري ورتي مانس،معاف ڪري ڇڏيائين.
آفيسر صاحب اٿي بيهي ڏاڍي پيارسان ڀاڪر پائي مليو.مون کي ويهڻ جو چئي پٽيوالي کي چانه بسڪيٽ آڻڻ لاءِ چيائين.ڪم پڇيائين ليٽر حوالي ڪيومانس اوڏي مهل ئي متعلقه ڪم واري کي گھرائي هدايتون ڪري منهنجو ڪم ڪري ڇڏيائين.
ڪافي دير تائين ڪچهري ڪندا رهياسين.واپسي مهل آفيس جي دروازي تائين ڇڏڻ آيو.
جيئن ئي ٽي چار قدم مس کنيم ته ڪنڌ تي بار محسوس ڪيم.ان سان گڏ آواز به ٻڌم ” هل منهنجي گڏه“ ٺڪاءَ چنبو ڪرايومانس ۽ چيومانس ته ”هيٺ له گڏه جا پٽ“.ڏاڍو ڪاوڙجي پيو چيائين ته ”توهان انسانن جي اها ڪني عادت آهي جو جھيڙي جي وچ ۾ مائٽن کي گھليندا آهيو.“ ڳاله دل سان لڳم سو پشيمان ٿيس.جواب ڏنومانس ”معاف ڪر گڏه.“ ٿوري ئي فاصلي تي بيٺل گڏه هنگڻ شروع ڪيو.مسڪرائي چيومانس ته ”گڏه توکي ڏسي ورتوآهي.“ منهجو ائين چوڻ ته گڏه مون ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو ته وڙهو پاڻ ۾ ٿا ته مون کي وچ ۾ ڇو ٿا گھيليو. آئون ڪنهنجي آئي ۾ نه ويئي ۾ سڄو ڏينهن پنهنجي ڪم ۾ لڳو پيو هوندو آهيان.توهان واري اهڙي سياڻپ کان منهنجي گڏهائپ چڱي آهي.“ مون وراڻيو مانس ته ”هاڻ تون به کڻي ڪاوڙ ڇڏ تنهنجو نالو به ڪنهن تي استعمال نه ڪندس.“

Saturday, April 4, 2015

نه ٽوڪن نه قطار

 سنڌ جي هڪ سرڪاري اداري جي ڪراچي ۾ موجود آفيس ڪنهن ڪم سانگي ويم. پهچڻ ساڻ ئي وڃي ٽوڪن ورتم.238 نمبر وارو ٽوڪن مليو.داخلا واري ڪمري جي دروازي کان پرڀرو ٿي اچي هڪ دوست سان مليم. سندس ٽوڪن نمبر  227 هو.ويهڻ جو ته ڪوبه انتظام نه هو.انتظار ۾ بيٺا گفتگو ڪندا رهيا سين. 181 ٽوڪن نمبر ٻڌي دوست چيو ته هاڻي دير ناهي ڏه ڏه ڄڻا ٿا ڌڪ ۾ گھرائين.وقفي وقفي سان منتظرين ۽ انتظاميه ۾ "تو تو مين مين" ٻڌندا رهياسين.جنهن کي هتي جو معمول سمجھي نظر انداز ڪري ڪچهري ڪندا رهياسين.اسان جو واروته  اچي ئي نه.حقيقت حال کي سمجھڻ لاءِ دروازي جي ويجھاٿياسين.خبر پيئي ته انتظاميه پنهنجي من پسند ماڻهن کي بغير ٽوڪن جي اندر موڪلي رهي آهي.ان سان گڏ اها به خبر ملي ته ڪي منتظرين وري ڏاڍائي ڪري زوري اندر داخل ٿي رهيا آهن.ڪم رڪجي چڪو هو.پوءِ انتظاميه فيصلو ڪيو ته هاڻي ٽوڪن ختم،قطار ۾ ٿي بيهو ته ڪم شروع ڪيون.اسين به مجبور ٿي قطار ۾  بيٺاسون.ٿوري ئي دير ۾ خبر پئي اسين ٻئي قطار جي پڇاڙي ۾ وڃي بچياسين.مطلب ته قطار وارو ڪم به نه هليو.
مطلب ته هاڻي نه ٽوڪن نه قطار.هڪڙا انتظاميه جا من پسند ٻيا ڌڪ ڌڪان جا سپه سالار،باقين لاءِ انتظار.پهريان ٻئي ٽولا کٽا ته باقين لاءِ لڳي قطار.
ڪم سڀني جو ٿي ويو.واپسي مهل ان بد انتظامي تي سوچيوندو آيس.ڳاله سمجھ ۾ ئي نه اچي.ٻئي پاسا پڙهيل ماڻهو هئا. 
سوچيندي سوچيندي ان نتيجي تي پهتس ته ان بد انتظامي جا ذميوار ٻنهي پاسي جا مفاد پرست افراد نظر آيا.انتظاميه طرفان اهي ذميوار جن من پسندن کي بنا واري جي جلدي ٿي موڪليو.منتظرين مان وري اهي جيڪي دير سان آيا  گوڙ ڪري ترتيب ڦٽائي پنهنجو ڪم ڪڍي جلدي واپس هليا ويا.
اسان جي مفاد پرستي جو معيار ان سطح تي اچي پهتو آهي وڌيڪ مان ڇا چوان.