پنهنجي آفيس ۾ ڪم ۾ مصروف هجان، هڪ آفيس مان فون آئي، ڳالهائي رهيو هوس،ته ٻئي موبائل به بار بار وڄڻ لڳي.اها وري ٻئي آفيس مان فون اچي رهي هئي،نيٺ اها فون به اٽينڊ ڪيم. چاءِ جو گرم مڳو ڀريل ڇڏي دوست سان گڏ پهرين آفيس ويس اتان واندوٿي وري ڳوٺ واپس پنهنجي آفس پهتس،وري ٻئي آفيس ڪال ڪيم، اتي به ڪم لاءِ گھربل سامان کڻي ايمرجنسي طور پهچڻ جو حڪم اچي ويو.
تڪڙو بائيڪ تي نڪتاسين، ٽنڊوالهيار ويندي، گس تي موٽر سائيڪل پنڪچر ٿي پيو.
دوست کي پنڪچر لاءِ موڪلي چنگچي کي بيهڻ جو اشارو ڪيم ،سا نه بيٺي،هڪ موٽر سائيڪل سوار لفٽ ڏني،سو پاڻ ڪنهن آفس ۾ وڃڻ لاءِ تڪڙو هو.تنهنڪري مون کي ٽنڊي آدم ناڪي تي لاهي،ميرپورروڊ طرف روانو ٿي ويو.
گس ۾ مون کي ٻڌايائين ته مون کي تڪڙو ڪم آهي نه ته مان توهان کي آفيس تائين پهچائي اچان ها.مون کانئس حيرت مان پچيو ته ”توهان کي اهڙي تڪڙ هئي ته پوءِ توهان مون کي لفٽ ڇو ڏني،بيه ڇو رهيا؟“ جواب ڏنائين ته ”اها منهنجي عادت آهي،هرڪنهن ضرورتمند کي لفٽ ضرور ڏيندو آهيان.ان جي ڪري هڪ موٽر سائيڪل ڦرائي به چڪو آهيان.يونيڪ جي نئين موٽر سائيڪل هئي،هڪ سوار کي گس مان کنيم.شاهپور ويجهو پسٽل ڪڍي،چيائين ته هاڻي له گاڏي تان،بس لهي گاڏي هن جي حوالي ڪيم، ڪاهي هليو ويو.هن کان سگھو هوس پر رسڪ نه کنيم،گاڏي وري ٻي به خريد ڪري ورتم،جان ته ٻي نه ملي ها،سال ڏيڍ افسوس رهيو،پوءِ بهتر محسوس ڪرڻ لڳس.زندگي ڀرائين گس مان مجبور مسافرن کي کڻندو رهندس،ڪنهن هڪ اتفاق جي ڪري پنهنجي نيڪي نه وڃائيندس.“
ٽنڊوآدم ناڪي تان چنگچي ۾ چڙهي آفيس لاءِ روانو ٿيس.ان وٺ وٺان جي ڪري ڪنڌ تي چپ وڌي ويم. پنهنجي خيالن ۾ گم ٿي ويم.
چنگچي وارو به شهرمان نڪري ويو.مون پڇيومانس ته هي ڪيڏانهن پيو وڃين.آفيس ته پوئتي ڇڏي آئين؟ مون کي آفيس جي خبر ناهي ته ڪٿي آهي؟ جواب ڏنائين
”مون کان پڇين ته ها.هاڻي واپس هل دلاور هوٽل واري پاسي هيٺ له ان طرف آفيس آهي.“
اهڙي طرح آفيس پهچي گھربل ڪاغذ ڀري،انهن ته سائن ڪري واپس ڳوٺ لاءِ روانو ٿيس.
اڪثر ڪري ڊرامن،فلمن،ناولن،افسانن،ڪهاڻين ۾ وڌاءُ هوندو آهي.
پر ڪڏهن ڪڏهن حقيقي زندگي ۾ ڊرامائي ڏينهن به ٿيندا آهن،جيئن منهنجو اڄوڪو ڏينهن.