Pages

Tuesday, September 22, 2015

ٻڪراڙ جي عقلمندي 2

ٻڪراڙ پوءِ اها ڳاله سڄي ڳوٺ ۾ پکيڙي،۽ خوب ڍنڍورو پٽيو.پرهن کي ان ڳاله جو افسوس ٿيو ته ڪنهن به هن جي ڳاله جو نوٽيس نه ورتو،اسڪول ساڳي نموني سان هلندو رهيو،ساڳيوئي استاد ان اسڪول ۾ پڙهائيندو رهيو.اچرج به ٿيس ۽ فڪرمندي ۽ پريشاني به ٿيس ته ماجرا ڇا آهي.سو انهيءَ ئي سوچ ۾ گم هڪ ڏينهن اسڪول  وٽان گزري رهيو هو،ته پينٽ شرٽ ۾ ملبوس هڪ جوان کي ماستر صاحب سان گڏ ويٺي،ڪچهري ڪندي ڏٺائين.ٿورو ويجهو پهچي سڃاڻي ورتائينس،اڙي! هي ته رئيس جو پٽ آهي جيڪو ٻاهرئين ملڪ پڙهڻ لاءِ ويل هو،ها اهو جام پڙهيل آهي،اڄ ماستر کي به خبر پوندي ته ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آهي.
بحث تيز ٿيندو ويو.اسلم ڪاوڙ ۾ چيو ته”...........ڏيکار ته پوءِ مڃانس.“
استاد صاحب ڳاله کي مٽائيندي ٻڪراڙ  وارو سڄو واقعو هن کي بيان ڪري ٻڌايواها ڳاله ٻڌي اسلم کل ۾ ٻڏي ويو۽ چيائين ته ”صفا ڪو اڌ چريوآهي!“اها ڳاله ٻڌي ٻڪراڙ کي به ڏاڍي ڪاوڙ لڳي،پنهنجي مخصوص لٺ کڻي وڃي مٿان ڪڙڪيس چئي ”تون ته وري سڄو چريو آهين.خدا کي ڏسڻ کانپوءِ مڃيندين!“ائين چئي هڪڙو بانٺو وهائي ڪڍيائينس.اسلم وڏي رڙ ڪئي چئي ”ڏاڍو سوراٿم.“ تيسائين وڏيري جي ڪم وارن به اچي ٻڪراڙ تي لتن مڪن جووسڪارو ڪري ڏنو.اسلم جي سورسور جي رڙ پيئي پئي،تيسين ٻڪراڙچيس ڏيکارنه سور! ته پوءِ مڃان،ڏيکاري سورنه ٿو سگھي سو ٿو چئي خدا ڏيکار! اها ڳاله ٻڌي اسلم کي سور وسري ويو ۽ وري کل ۾ ٻڏي ويو،پنهنجي ڪمدارن کي چيائين ته ڇڏيوس هي اڌ چريوآهي.
استاد صاحب ٻڪراڙ مان متاثر ٿيندي رڙ ڪندي چيو ته ”واه! واه! تون ته صفا ڪو جديد دور جو وتايو فقير ٿو لڳين.“ وتايو ڪونه آهيان،اڻپڙهيل آهيان سڀاڻي کان اسڪول پڙهڻ ايندس.“ ائين چئي ڪپڙا ڇنڊيندو هليو ويو.

Tuesday, September 15, 2015

ٻڪراڙ جي عقلمندي 1

هڪڙو ٻڪراڙ ڪنهن اسڪول جي اڳيان پئي گذريو.استاد صاحب ٻارن کي ڌرتي جي حرڪت جي باري ۾ سمجھائي رهيوهو.ڌرتي جي پنهنجي محورجي چوڌاري واري حرڪت کي سمجھائيندي هن ٻڌايو ته اها حرڪت ائين آهي جيئن لاٽون ڦرندو آهي.ٻڪراڙ لکيل پڙهيل ڪونه هو،باقي راندين جو شوقين هو.ننڍي وهيءَ ۾ ته بلور ۽ لاٽن سان ته ڏاڍي راند کيڏيوهو.سو لفظ لاٽون ٻڌي بيهي رهيو ته لاٽون وانگر ڇا ٿو ڦري؟ لفظ ڌرتي جي معني ايندي نه هجيس.سو تجسس ۾ بيهي رهيو ته اهو آهي ڇا جيڪو لاٽون وانگر ٿو ڦري؟ استاد صاحب ٻارن کي سمجھائيندي ٻڌايو ته هن زمين جو گرهي نالو ڌرتي آهي.
سوچ ۾ ٻڏي ويو ته زمين جي ائين ڦري ته منهنجو ته مٿو ئي ڦري وڃي.ٻيو ته وري سج جي چوڌاري وري ڪيئن پيئي ڦري؟
نيٺ سوچي سوچي ان نتيجي تي پهتو ته هي ماستر ته ڪو ٺڳ ٿو لڳي.ٻارن کي ويٺو ڪوڙيون خبرون ٻڌائي.ڏاڍي ڪاوڙ ڪري لٺ سان الر ڪري وڃي استاد صاحب تي ڪڙڪيو.ٺڳ ماستر! ٺڳ ماستر! اسان به سڄي عمر لاٽون ڦرايا،هل ٻاهر مون کي ڏيکار نه زمين ڪٿي پيئي ڦري؟
استاد صاحب گھڻيئي سمجھايس پر هڪ به نه ٻڌائين.صرف اهو ضد ته زمين هي ڏس سامهون پيئي آهي ڏيکار نه ڪٿي پيئي ڦري.يا ته ڏيکار نه ته منهن جي ڳاله مڃ نه ته هن لٺ سان ڪٽيندوسانءِ. ٻارن کي غلط پڙهائي پيو ٺڳين.تنهنجي مرضي هتي ڪو سڀ ڄٽ آهن.مون کي لاٽن جو شوق نه هجي ها ته خبر ئي نه وٺان ها ته ٻارن کي ڇا پيو پڙهائين.
پوءِ استاد صاحب سمجھي ويو ته ٻڪراڙ جو رخ خراب آهي سو پوءِ نيٺ ٻڪراڙ جي ڳاله مڃي پنهنجي جان آزاد ڪرايائين.


Monday, September 14, 2015

ڊيوٽيءَ کان آڱوٺو

هن وقت دنيا ۾ جام ماڻهوءَ آهن،7 ارب.صرف پاڪستان ۾ 18 ڪروڙ.وري هر ماڻهوءَ ٻئي کان مختلف.هرماڻهوءَ جھڙو نه اڳي پيدا ٿيونه وري هن دنيا جي خاتمي تائين پيدا ٿيندو.هرماڻهوءَ جي آڱوٺي جو نشان به مختلف.
استادن جي بايوميٽرڪ ويريفڪيشن پئي ڪئي وڃي،پوءِ وري ان مطابق کانئن ڪنهن مشين ذريعي سندن اسڪول ۾ ڏينهن ۾ ٽي دفعا حاضري ورتي ويندي.
قيامت جي ڏينهن زبان کي مهر هنئين ويندي ۽ باقي عضون کي ڳالهائڻ جو چيو ويندو.سي ڪوڙ نه ڳالهائيندا،پر پنهنجا گناه ٻڌائيندا.سو قيامت ته ٺهيو پر باقي عضوا ته هتي به ڪوڙ نه ٿا ڳالهائين.
تنهنڪري ڪجھ ڊيوٽي نه ڪندڙن کي پريشاني آهي.هڪڙن جي پاران وري مزوري تي ڪي ٻيا ڊيوٽي ڪندا آهن.(اها هڪ ٻڌل ڳاله آهي).سو چوڻ جو مقصد اهو آهي ته پوءِ آڱوٺا ته بلڪل ڪوڙنه ڳالهائيندا.
اڳي چوندي ٻڌوسون ته ڊيوٽي کان آڱوٺو.پرهاڻي مورڳوڊيوٽي لاءِ آڱوٺو.

Sunday, September 6, 2015

پاڻيءَ جو پيالو

هڪڙو ڳوٺاڻو سمنڊ مان وڃي هڪ پيالو پاڻي جو ڀري آيو.ان پنهنجي دوست کي اچي اهو پيالو ڏيکاريو.جنهن همراه اهو پيالو آندو هو سو ته انهيءَ ئي خيال ۾ ٻڏي ويو ته مون وٽ ته صرف هي هڪ پيالو آهي،سمنڊ ۾ ته پاڻي جا اڻڳڻيا پيالا آهن.مون وٽ ته ڪجھ به نه آهي.ٻيو جيڪو ڳوٺاڻو هو،جنهن سمنڊ نه ڏٺو هو،تنهن صرف اهو سوچيو ته مون وٽ صرف هڪ پاڻي جو پيالو ناهي؟ بس ان سان ڪهڙو ٿو فرق پوي.
علم جي سمنڊ مان پيالو ڀرڻ ته وڏي ڳاله آهي.قسمت وارن کي ڪجھ ڦڙا ملندا آهن.سو جن کي ڪجھ ڦڙا ملندا آهن سي ته ان احساس ۾ گم رهندا آهن ته اسان کي ته ڪابه خبرنه آهي.باقي جاهل مطمن رهندا آهن،چوندا آهن ته هن کي صفا ٿوري خبر آهي.مون کي اها معمولي خبر نه آهي ته ڇا ٿيو؟ ان سان ڪهڙو ٿو فرق پوي.

Tuesday, September 1, 2015

حرڪي دنيا ۾ سڪون جي تلاش

زمين پنهنجي محور جي چوڌاري ڦري پيئي.سج جي چوڌاري به پيئي ڦري.سج ملڪي وي ڪهڪشان ۾ تيزي سان حرڪت ڪندو سڄي نظام شمسي کي پاڻ سان گڏ گھليو وڃي.انسان جي جسم به رڳو حرڪت ئي حرڪت.دل جي حرڪت،نظام هاضمي جي حرڪت،رت جي پوري جسم ۾ حرڪت،ساه جي ذريعي هوا آڪسيجن جذب ٿين ۽ وري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ٻاهر نڪرن جي حرڪت.،ڳالهائڻ،کائڻ پيئڻ،هلڻ،چرڻ ڦرڻ جي حرڪت.گاڏين،جانورن،هوائي جهازن جو حرڪتون.هوائن ۽ پاڻي جون حرڪتون.آواز ۽ تصويرن جي لهرن جو حرڪتون.پڪي ۾ پڪي،ڀلي ۾ ڀلي ننڊ سڏجي ئي اکين جي تڪڙي حرڪت واري ننڊ( Rapid Eye Movement Sleep).ننڊ جي 90 منٽ جي هڪ سائيڪل ۾ آّخري 30 منٽن واري خوابن سان ڀرپور ننڊ.
قصو مختصر.حرڪت سان ڪلهو ملائڻ ۾ ئي سڪون آهي.جيڪا آهي انسان جي هن دنيا ۾ مسلسل جدوجهد ۽ ڪوشش،جيئن بقول ڊاڪٽر اديب رضوي جي ته موت سان گڏ رٽائر ٿيندس.
ظاهري دنيا ۾ ته انسان جي موت سان گڏ ئي هن جي جسم جون حرڪتون بند ٿينديون آهن.