ٻڪراڙ پوءِ اها ڳاله سڄي ڳوٺ ۾ پکيڙي،۽ خوب ڍنڍورو پٽيو.پرهن کي ان ڳاله جو افسوس ٿيو ته ڪنهن به هن جي ڳاله جو نوٽيس نه ورتو،اسڪول ساڳي نموني سان هلندو رهيو،ساڳيوئي استاد ان اسڪول ۾ پڙهائيندو رهيو.اچرج به ٿيس ۽ فڪرمندي ۽ پريشاني به ٿيس ته ماجرا ڇا آهي.سو انهيءَ ئي سوچ ۾ گم هڪ ڏينهن اسڪول وٽان گزري رهيو هو،ته پينٽ شرٽ ۾ ملبوس هڪ جوان کي ماستر صاحب سان گڏ ويٺي،ڪچهري ڪندي ڏٺائين.ٿورو ويجهو پهچي سڃاڻي ورتائينس،اڙي! هي ته رئيس جو پٽ آهي جيڪو ٻاهرئين ملڪ پڙهڻ لاءِ ويل هو،ها اهو جام پڙهيل آهي،اڄ ماستر کي به خبر پوندي ته ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آهي.
بحث تيز ٿيندو ويو.اسلم ڪاوڙ ۾ چيو ته”...........ڏيکار ته پوءِ مڃانس.“
استاد صاحب ڳاله کي مٽائيندي ٻڪراڙ وارو سڄو واقعو هن کي بيان ڪري ٻڌايواها ڳاله ٻڌي اسلم کل ۾ ٻڏي ويو۽ چيائين ته ”صفا ڪو اڌ چريوآهي!“اها ڳاله ٻڌي ٻڪراڙ کي به ڏاڍي ڪاوڙ لڳي،پنهنجي مخصوص لٺ کڻي وڃي مٿان ڪڙڪيس چئي ”تون ته وري سڄو چريو آهين.خدا کي ڏسڻ کانپوءِ مڃيندين!“ائين چئي هڪڙو بانٺو وهائي ڪڍيائينس.اسلم وڏي رڙ ڪئي چئي ”ڏاڍو سوراٿم.“ تيسائين وڏيري جي ڪم وارن به اچي ٻڪراڙ تي لتن مڪن جووسڪارو ڪري ڏنو.اسلم جي سورسور جي رڙ پيئي پئي،تيسين ٻڪراڙچيس ڏيکارنه سور! ته پوءِ مڃان،ڏيکاري سورنه ٿو سگھي سو ٿو چئي خدا ڏيکار! اها ڳاله ٻڌي اسلم کي سور وسري ويو ۽ وري کل ۾ ٻڏي ويو،پنهنجي ڪمدارن کي چيائين ته ڇڏيوس هي اڌ چريوآهي.
استاد صاحب ٻڪراڙ مان متاثر ٿيندي رڙ ڪندي چيو ته ”واه! واه! تون ته صفا ڪو جديد دور جو وتايو فقير ٿو لڳين.“ وتايو ڪونه آهيان،اڻپڙهيل آهيان سڀاڻي کان اسڪول پڙهڻ ايندس.“ ائين چئي ڪپڙا ڇنڊيندو هليو ويو.

No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو