غلام رسول جا چڻا
لاهور جي هڪ دوست ٻڌايو ته اسان جو استاد چوندو هو ته جيڪو وڻيو سو ڪم ڀلي ڪريو،جي چڻا وڪڻڻا هجنو ته ڀلي اهي ئي کڻي وڪڻو پراهي غلام رسول وانگر وڪڻو.هن مون سان اها ڳاله 1990ع جي شروعاتي ڏهاڪي ۾ ڪئي،ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو هن اهو ڳاله 1980ع جي شروعاتي دور جي ڪئي هوندي.ان وقت ۾ غلام رسول روزانو 25000 هزار رپين جا چڻا لاهورشهر وڪڻندو هو.ڪنهن شخص هڪ ماهروڪيل کان پڇيو ته وڪالت جو ڌندڌو ڪيئن آهي ته وڪيل جواب ڏنس ته اڳيان واريون سيٽون الاهي خالي آهن،باقي پويان واريون سڀ سيٽون ڀريل آهن ،هن جي چوڻ جو مقصد هو ته وڪيل ته تمام گھڻا آهن،پر سٺن وڪيلن جي اڻاٺ آهي.
لاهور واري دوست جي بڌايل ڳاله کي اسان واري ڳوٺ تي لاڳو ڪجي ته پوءِ وري ٽي مثال سامهون ايندا،جيڪي ڪوالٽي جي حد تائين مٿين ڳاله ۽ مثال سان ٺهڪي اچن ٿا.جيڪڏهن حجامڪو ڪم ڪرڻو هجي ته شبير حجام وانگر ڪجي،کير پڙا(کير مان مائو ٺاهي،ان جا گول ٽڪرا بسڪوٽن وانگرٺهيل هوندا آهن) ٺاهڻا هجن ته اها الله بخش مٺائي واري وانگر ٺاهجن،ڪواب ٺاهڻا هجن ته حاجي ڪوابي وانگر ٺاهجن.
شبير حجام اسان جي ڳوٺ جو ته نه آهي اتر سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ سان تعلق رکي ٿو،پر ڪافي سالن کان هتي روزگار سيٽ هجڻ جي ڪري گھر ٺاهي رهڻ لڳو آهي.هر طبقي ۽ مزاج واري ماڻهوءَ کان چڱي واقفيت رکندو آهي .ان مطابق گفتگو ڪرڻ ۽ وهنوار رکڻ کان به چڱيءَ طرح واقف آهي ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي ڪم تي به مهارت رکي ٿو.دڪان تي به ڪم ڪندو آهي ۽ گھر،اوطاق يا بنگلن تي وڃي به خدمت سرانجام ڏيندو آهي.ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ماڻهوءَ به سنوارت ٺهرائڻ جي لاءِ هن جي دڪان تي ايندا آهن.هن وٽ اڳواٽ ئي نمبر بڪ ڪرائڻو پوندو آهي.
الله بخش جا ٺاهيل کير پڙا تمام گھڻا مشهور آهن.جيڪي ٻاهران آيل مهمانن کي سوکڙي طور ڏنا ويندا آهن.انهن کير پڙن کي ٺاهڻ لاءِ خالص کير استعمال ڪيو ويندو آهي ان ۾ پاڻي ءَ جي ڇنڊ به شامل نه هوندي آهي.الله بخش کي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪئي ڪجھ سال گذري چڪا آهن.هاڻي هن جو صرف هڪڙو پٽ حبيب هن جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي.
حاجي ڪوابن واري جي ڪوابن جو به ڪو جواب ناهي،خبر ناهي ڪيئن قيمي ۾ بصر ملائي ٺاهيندو آهي جو ڏاڍا لذيذ هوندا آهن،جيڪي سندس پٽ جمن اڃا تائين ڪاميابي سان هلائي رهيو آهي.
ڪجھ سال اڳي تائين اسان جي ڳوٺ جا پڪوڙا سٺا هوندا هئا،پر هاڻي پڪوڙن ٺاهڻ لاءِ ٻرندڙڪاٺين جي باه مان نڪرندڙ دونهين ”غلام قادر“ پڪوڙن واري جي صحت کي ڳاري ڇڏيو آهي، جنهن ڪارڻ هن مان سٺن پڪوڙن جي ٺاهڻ جي صلاحيت به ختم ٿي چڪي آهي.پڪوڙا ته حيدرآباد شهر جا سٺا آهن،خاص طور تي ڊو او(ايڊيو ڪيشن) سيڪنڊري اينڊ هائرسيڪنڊري اسڪول واري آفيس جي ڀر ۾، حيدرآباد ضلعي جي خزاني واري آفيس جي اڳيان ۽ حيدرچوڪ وٽ.حيدرچوڪ وارا پڪوڙا ته مون 2002ع ۾ ايم ايڊ جي ڪورس دوران کاڌا هئا.باقي ٻين ٻن مذڪوره جاين جا پڪوڙا منهنجا 2008ع جا کاڌل آهن.اهو مون لاءِ ضروري هو ته اهو عرصو توهان کي ٻڌايان،ٿي سگھي ٿو ته ساڳئي معيارجا پڪوڙا ئي حيدرآباد شهر جي انهن جاين تي ٺهندڙ هجن ،پر جيڪڏهن هاڻي 2013ع ۾ انهن پڪوڙن جي ڪوالٽي ڪري پئي هجي، تڏهن به توهان مون سان اها شڪايت نه ڪري سگھو ته اهي پڪوڙا کائي جھڙو ڪر پيسا پاڻيءَ ۾ ٻوڙياسين.آزمائي سگھو ٿا اميد ته سٺا هوندا،باقي اسان جي ڳوٺ جي کيرپڙن ۽ ڪوابن جي معيارجي گارنٽي توهان کي ڏيئي سگھجي ٿي.
باقي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان اڃا به انهن جو مثال غلام رسول جي چڻن سان صفا پورو ٺهڪي نه ٿو اچي،ڇاڪاڻ ته شهر ۾ هجڻ جي ڪري ان دور جي حساب سان هن جو ڪاروبار وسيع هو.
اسان جي ڳوٺ وارا هيءَ همراه به جيڪڏهن پنهجي ڪاروبار ۾ ٽن شين جو اضافو ڪن ته، پوءِ هنن جو مثال به غلام رسول جي مثال تي پورو ٺهڪي ايندو.هڪ ته پنهنجي شين جي پيداوار وڌائين،ٻيو ته اشتهارن وسيلي پنهجي شين کي دنيا جي اڳيان متعارف ڪرائين،ٽيون ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي شين کي موڪلڻ لاءِ ذريعن جو بندوبست ڪن.