Pages

Monday, December 31, 2012

غلام رسول جا چڻا

غلام رسول جا چڻا

لاهور جي هڪ دوست ٻڌايو ته اسان جو استاد چوندو هو ته جيڪو وڻيو سو ڪم ڀلي ڪريو،جي چڻا وڪڻڻا هجنو ته ڀلي اهي ئي کڻي وڪڻو پراهي غلام رسول وانگر وڪڻو.هن مون سان اها ڳاله 1990ع جي شروعاتي ڏهاڪي ۾ ڪئي،ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو هن اهو ڳاله 1980ع جي شروعاتي دور جي ڪئي هوندي.ان وقت ۾ غلام رسول روزانو 25000 هزار رپين جا چڻا لاهورشهر وڪڻندو هو.ڪنهن شخص هڪ ماهروڪيل کان پڇيو ته وڪالت جو ڌندڌو ڪيئن آهي ته وڪيل جواب ڏنس ته اڳيان واريون سيٽون الاهي خالي آهن،باقي پويان واريون سڀ سيٽون ڀريل آهن ،هن جي چوڻ جو مقصد هو ته وڪيل ته تمام گھڻا آهن،پر سٺن وڪيلن جي اڻاٺ آهي.
لاهور واري دوست جي بڌايل ڳاله کي اسان واري ڳوٺ تي لاڳو ڪجي ته پوءِ وري ٽي مثال سامهون ايندا،جيڪي ڪوالٽي جي حد تائين مٿين ڳاله ۽ مثال سان ٺهڪي اچن ٿا.جيڪڏهن حجامڪو ڪم ڪرڻو هجي ته شبير حجام وانگر ڪجي،کير پڙا(کير مان مائو ٺاهي،ان جا گول ٽڪرا بسڪوٽن وانگرٺهيل هوندا آهن)  ٺاهڻا هجن ته  اها الله بخش مٺائي واري وانگر ٺاهجن،ڪواب ٺاهڻا هجن ته حاجي ڪوابي وانگر ٺاهجن.
شبير حجام اسان جي ڳوٺ جو ته نه آهي اتر سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ سان تعلق رکي ٿو،پر ڪافي سالن کان هتي روزگار سيٽ هجڻ جي ڪري گھر ٺاهي رهڻ لڳو آهي.هر طبقي ۽ مزاج واري ماڻهوءَ کان چڱي واقفيت رکندو آهي .ان مطابق گفتگو ڪرڻ ۽ وهنوار رکڻ کان به چڱيءَ طرح واقف آهي ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي ڪم تي به مهارت رکي ٿو.دڪان تي به ڪم ڪندو آهي ۽ گھر،اوطاق يا بنگلن تي وڃي به خدمت سرانجام ڏيندو آهي.ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ماڻهوءَ به سنوارت ٺهرائڻ جي لاءِ هن جي دڪان تي ايندا آهن.هن وٽ اڳواٽ ئي نمبر بڪ ڪرائڻو پوندو آهي.
 الله بخش جا  ٺاهيل کير پڙا تمام گھڻا مشهور آهن.جيڪي ٻاهران آيل مهمانن کي سوکڙي طور ڏنا ويندا آهن.انهن کير پڙن کي ٺاهڻ لاءِ خالص کير استعمال ڪيو ويندو آهي ان ۾ پاڻي ءَ جي ڇنڊ به شامل نه هوندي آهي.الله بخش کي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪئي ڪجھ سال گذري چڪا آهن.هاڻي هن جو صرف هڪڙو پٽ حبيب  هن جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي.
حاجي ڪوابن واري جي ڪوابن جو به ڪو جواب ناهي،خبر ناهي ڪيئن قيمي ۾ بصر ملائي ٺاهيندو آهي جو ڏاڍا لذيذ هوندا آهن،جيڪي سندس پٽ جمن اڃا تائين ڪاميابي سان هلائي رهيو آهي.
ڪجھ سال اڳي تائين اسان جي ڳوٺ جا پڪوڙا سٺا هوندا هئا،پر هاڻي پڪوڙن ٺاهڻ لاءِ ٻرندڙڪاٺين جي باه مان نڪرندڙ دونهين ”غلام قادر“ پڪوڙن واري جي صحت کي ڳاري ڇڏيو آهي، جنهن ڪارڻ هن مان سٺن پڪوڙن جي ٺاهڻ جي صلاحيت به ختم ٿي چڪي آهي.پڪوڙا ته حيدرآباد شهر جا سٺا آهن،خاص طور تي ڊو او(ايڊيو ڪيشن) سيڪنڊري اينڊ هائرسيڪنڊري اسڪول واري آفيس جي ڀر ۾، حيدرآباد ضلعي جي خزاني واري آفيس جي اڳيان ۽ حيدرچوڪ وٽ.حيدرچوڪ وارا پڪوڙا ته مون 2002ع ۾ ايم ايڊ جي ڪورس دوران کاڌا هئا.باقي ٻين ٻن مذڪوره جاين جا پڪوڙا منهنجا 2008ع جا کاڌل آهن.اهو مون لاءِ ضروري هو ته اهو عرصو توهان کي ٻڌايان،ٿي سگھي ٿو ته ساڳئي معيارجا پڪوڙا ئي حيدرآباد شهر جي انهن جاين تي ٺهندڙ هجن ،پر جيڪڏهن هاڻي  2013ع ۾  انهن پڪوڙن جي ڪوالٽي ڪري پئي هجي، تڏهن به توهان مون سان اها شڪايت نه ڪري سگھو ته اهي پڪوڙا کائي  جھڙو ڪر پيسا پاڻيءَ ۾ ٻوڙياسين.آزمائي سگھو ٿا اميد ته سٺا هوندا،باقي اسان جي ڳوٺ جي کيرپڙن ۽ ڪوابن جي معيارجي گارنٽي توهان کي ڏيئي سگھجي ٿي.
باقي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان اڃا به انهن جو مثال غلام رسول جي چڻن سان صفا پورو ٺهڪي نه ٿو اچي،ڇاڪاڻ ته شهر ۾ هجڻ جي ڪري ان دور جي حساب سان هن جو ڪاروبار وسيع هو.
اسان جي ڳوٺ وارا هيءَ همراه به جيڪڏهن پنهجي ڪاروبار ۾ ٽن شين جو اضافو ڪن ته، پوءِ هنن جو مثال به غلام رسول جي مثال تي پورو ٺهڪي ايندو.هڪ ته پنهنجي شين جي پيداوار وڌائين،ٻيو ته اشتهارن وسيلي پنهجي شين کي دنيا جي اڳيان متعارف ڪرائين،ٽيون ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي شين کي موڪلڻ لاءِ ذريعن جو بندوبست ڪن.

Monday, December 17, 2012

ڀيانڪ لطيفا

ڀيانڪ لطيفا

هيءَ ڳاله چوڏهن،پندرهن سال پراڻي آهي.پنهنجي هڪ عزيز سان گڏ،جيڪو ان وقت ڪنهن ڪاليج ۾ ليڪچررهو،ان جي هڪ دوست سان ملڻ لاءِ سنڌ جي هڪ  يونيورسٽي ۾ ويس، جيڪو ان يونيورسٽي ۾ عربي ٻوليءَ جي مضمون جو پروفيسر هو،۽ عربي ٻوليءَ جي مضمون ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي هئائين.منهنجي هن سان ملاقات جو مقصد،اسلامڪ ڪلچر۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي لاءِ معلومات وٺڻ هو.
ان ڏينهن بوسڪي جو وڳو پهريم ان جي قميص تي خوشبوءَ لاءِ عطر هنيم،خبر نه آهي ته ان عطر ۾ ڪهڙو ڪيميڪل استعمال ٿيل هو جون ان جي ڪري قميص تي ڌٻي جو نشان ٺهي ويو جيڪو ڏاڍو بدنما لڳي رهيوهو.
پروفيسر صاحب ڏاڍي سٺي نموني سان مليو ۽ سندس عربيءَ ٻولي ۾ پي ايچ ڊي لاءِ لکيل مقالو به ڏيکاريائين ۽ ان ۾ ڪيل ڪم جي تفصيل به سمجھايائين.ان کان پوءِ جيڪا عام ڪچهريءَ ڪيائين تنهجو ذڪر ڪرڻ تمام ضروري، ڏاڍو دلچسپ ۽ سبق آموز آهي.ان ڏينهن پروفيسر صاحب ڪافي لطيفا ٻڌايا،۽ سڀ جا سڀ لطيفا هڪ ٻئي کان وڌيڪ فحش هئا.پر يونيورسٽي مان واپسي کان پوءِ حيدرآباد شهر جي هڪ هڪ هوٽل ۾ ماني کائڻ کان پوءِ،منيءِ ٽيڪسيءَ ۾ چڙهڻ کا پهريائين الوداعي لطيفوٻڌايائين سو پنهجو مٽ پاڻ هو.ان آخري لطيفي  ٻڌائڻ کان پهريائين اها ڌمڪي ڏنائين ته ”هاڻي آخري لطيفواهڙو ٿو ٻڌايان،جوان کي ٻڌڻ کان پوءِ وري مون وٽ اچڻ جي همت ڪري نه سگهندا“.واقعي ان لطيفي پهرين ٻڌل سڀني لطيفن جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.اها ڳاله سندس سچي نڪتي ان ڏينهن کان پوءِ مون نه ڪڏهن پروفيسر صاحب جي شڪل ڏٺي آهي،نه ئي وري ان يونيورسٽي ۾ وڃي سگھيو آهيان،نه ئي پي ايڇ ڊي ڪري سگھيو آهيان.ان ۾ پروفيسر ويچاري جو ته ڪوبه ڏوه نه آهي،نه ئي منهنجو ڪو ڏوه آهي،ڇو ته پي ايڇ ڊي نه ڪرڻ به ڪو ڏوه نه آهي،هتي ان ڳاله بيان ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته لطيفن کي ڌمڪي طور استعمال ڪرڻ ۾ پروفيسر صاحب جي وڏي ڪرامت نظر آيم.مون ان کان اڳ لطيفن جو اهڙو استعمال ڪڏهن به نه ٻڌو هو.
منهنجي پنهجي هڪڙي چوڻي آهي ته هن دور ۾ جيئن ته ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ عام ٿي ويئي آهي ،گھٽ ۾ گھٽ پڙهيل ماڻهوءَ کي به ڪنهن هڪ مضمون ۾ ڊاڪٽريڪٽ ضرور ڪرڻ کپي. اسان جي سنڌ جي خاص طور تي ٻن يونيورسٽين جي جيتري مون کي خبرآهي ته حالت اها آهي جي ڪو به شاگرد جيڪڏهن داخلا وٺڻ ۾ ڪامياب به ٿي ويو ته ان جو پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ رڪ جا چڻا چٻڻ جي برابرآهي،بلڪه ان کان به وڌيڪ مشڪل آهي، اڪثر شاگرد ڏه ڏه سال گذرڻ کان پوءِ به ڊگري حاصل نه ٿا ڪري سگھن ۽ پوءِ ان ڪوشش کي ڇڏڻ ۾ ئي پنهجي عافيت سمجھن ٿا.ان ۾ ڪجھ شاگردن جي پنهجي به ڪوتاهي هوندي،پرڪجھ معاملن ۽ طريقه ڪار۾ انهن يونيورسٽين جي نظام ۾ به ڪوتاهي آهي.آئون پنهنجي هڪ دوست کان چڱيءَ طور واقف آهيان جنهن کي سندس شعبي ۾ مهارت حاصل آهي، پر هڪ يونيورسٽي ۾ ڏهن سالن کان سزا ڀوڳي رهيو آهي،ٽي دفعا هن جو ٽاپڪ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ ٽي دفعا ئي هن جو فائل گم ڪيو ويو آهي. خدا خير ڪريس! ڏسون ته ڪڏهن ٿو ڊگري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي. 
خوشبوءَ مان ڪپڙن تي ڌٻو ٺهڻ ۽ لطيفن سان ڌمڪي جو پاڻ ۾ ڪو تعلق هجي نه هجي، پر اهي ٻئي واقعا مون کي هڪ ئي ڏينهن پيش اچڻ جو اتفاق ٿيو.
پروفيسر صاحب سان منهنجي اها پهرين ۽ آخري ملاقات هئي.ان کان پهرين سائين جن جو مونسان پرپٺ تعارف ٿيل هو،۽ ڪجھ واقعا ٻڌل هئا جيڪي هيٺ بيان ڪجن ٿا.
ان وقت اسان جي ڳوٺ جي ڪجھ ماڻهن کي جنن جي وجود تي شڪ هو،تن کي پروفيسر صاحب قرآن پاڪ ۽ حديث شريف مان دليل ڏيئي سمجھايو ته جن واقعي وجود رکن ٿا، ان ڳاله تي پنهجو يقين پختو ڪريو. پوءِ وڌيڪ ٻڌايائين ته هڪڙو جن ته منهجو به دوست آهي،جنهنجو نالو ذوالقرنين آهي.عمر ايتري وڏي اٿس جو هارون الرشيد جي دورسان تعلق اٿس.اسان جي ڳوٺ جي هڪ نوجوان سان پروفيسر صاحب ڪنهن ڳاله تان ناراض ٿي پيويا ڀوڳ ٿي ڪيائين،ان جي هڪ مائٽ کي چيائين ته ”جن کي چوان ٿو ته ان کي ڊيچاري“.اها ڌمڪي ٻڌي نوجوان جي ان مائٽ پروفيسر صاحب کي منٿ ميڙ ڪئي ۽ گذارش ڪئي ته ”سائين مهرباني ڪري ائين نه ڪريو ڪٿي ان ويچاري جو هانءُ نه ڦاٽي پوي“.پوءِ پروفيسر صاحب کي رحم اچي ويو ۽ ائين نه ڪيائين.اها حقيقت آهي ته پروفيسر صاحب جا لطيفا جيڪڏهن ايڏا خطرناڪ ٿي سگھن ٿا جو انهن کي ڌمڪي طور استعمال ڪري پيو سگھي ته پوءِ ان واري جن بڇڻ واري ڌمڪي ان نوجوان جي جان لاءِ واقعي خطرناڪ هئي.
پراڻي زماني جي ڳاله ڪندا آهن ته ڪنهن شاگرد پنهجي استاد کي گذارش ڪئي ته مون کي جن کي قبضي ۾ ڪرڻ جو وظيفو ٻڌايو.استاد صاحب چيس ته ان ڳاله تان لهي وڃ نه ته پوءِ وري پڇتائيندين.شاگرد استاد صاحب جي ڳاله نه مڃي ۽ ضد ڪندو رهيو.نيٺ تنگ ٿي استاد صاحب کيس وظيفو ٻڌايو،اهو پڙهي وڃي هن هڪ جن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو.پوءِ جن اچي حاضر ٿيو ۽ چيائينس ته ”آقا! حڪم ڪريو ته ان جي تڪميل ڪريان“.پوءِ مال ودولت،سون وچاندي آڻڻ،محلات ٺاهڻ وغيره جھڙا سڀ مطالبا ته جھٽ ۾  جن پورا ڪري ورتا.پوءِ هي به حڪم ڏيئي اچي ٿڪو.جن کي چيائين ته في الحال ڪجھ به نه کپي.جن چيس ته حڪم نه ڏيندين واندو ڇڏيندين ته توکي ماريندس،ڊپ ۾ ڊوڙندو ڊوڙندو اچي استاد صاحب وٽ  پهتو،جن به پٺيان لڳو آيس.استاد صاحب کي عرض ڪيائين ته سائين مهرباني ڪري هن جن کان منهنجي جان ڇڏايو.استاد صاحب چيس ته مون توکي اڳي ئي روڪيو هو ان ڪم کان پر تو منهجي ڪانه ٻڌي.هن استاد صاحب کي عرض ڪيوته منهنجي رڳوهن دفعي جان ڇڏايو،مون اڳتي لاءِ اهڙي ڪم کان توبه ڪئي.استاد صاحب ٻڌايس ته ٺيڪ آهي هاڻي تو ائين ڪر جو ان جن کي حڪم ڏي ته ڪتي جي پڇ کي سڌو ڪري ڏيکاري.ان شاگرد جن کي حڪم ڪيوته هاڻي ڪتي جي پڇ کي سڌو ڪري ڏيکار!.جن پنهجي ڪم ۾ لڳي ويو،جيئن ڪتي پڇ کي سڌو ڪري وري جو هٿ ڪڍي ته اهو وري ساڳي حالت ۾ اچيو وڃي.مطلب پوءِ ته جن ڪتي جي پڇ کي سڌي ڪرڻ ۾ قابوهو،ان ڪم کي پورو ڪري نه سگھي،هاڻي ته جن به اچي ڦاٿو،هن کي چيائين ته هي ڪم مون کان زورآهي،تو کي ڪونه ٿو ماريان هاڻي رڳو تون منهنجي جان ڇڏ،هي ته اڳيئي تيار ويٺو هو.
لڳي ٿو ته پروفيسر صاحب خوفناڪ لطيفن جو هٿيار،جن کان تنگ ٿيڻ جي صورت ۾ ان کي ڀڄائڻ لاءِ ايجاد ڪيوهو،ان جا تجربا پهريائين انسانن تي ڪري رهيو هو.بلڪل ائين جيئن ميڊڪل سائنس وارا جانورن،خاص طور تي ڪوئن تي تجربا ڪري پوءِ انسانن تي آزمائيندا آهن.
مون ته پروفيسر صاحب واري جن جو ته نالو به هتي وٺي ڇڏيو آهي،هاڻي ڪٿي مون وٽ اچي نه لهي.هن کي سنڌي ٻوليءَ ته پڙهڻ پڪ ڪونه ايندي هوندي،سنڌي پڙهڻ ڄاڻندو به هوندو ته به ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تائين رسائي حاصل نه هوندس،پر جي اهي به استعمال ڪندڙ هوندو ته هي مون وارو بلاگ هٿ ئي ڪون ايندس جو هي سرچ انجڻ ۾ ئي ڪون ايندو،ڀلا جيڪڏهن بلاگ کي پڙهي مون تائين اچي پهتو ته خير اها ته مون کي به پڪ آهي ته پروفيسر صاحب وارن لطيفن جھڙا ڀيانڪ لطيفا ان جن کي به نه ايندا هوندا.باقي جيڪا ڪچهري ڪندو،ان لاءِ آئون به تيار ويٺو آهيان،جيڏي مهل تنگ ٿيومانس ته پروفيسرصاحب جو ان ڏينهن وارو آخري لطيفو ته مون کي به چٽيءَ طرح ياد آهي،ٺڪاءُ ڪرائيندو سانس پڪ اٿم ته وري ڪڏهن به مون ڏانهن منهن نه ڪندو.

Friday, December 14, 2012

جيب ڪترن جي ڪهاڻي

جيب ڪترن جي ڪهاڻي

آئون سمجھندو هوس ته جيڪڏهن ڪوبه جيب ڪترو ماڻهوءَ جي کيسي مان پئسا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري ته ان کي پڪڙڻ سولو ڪم آهي.جيڪڏهن ڪنهن کي خبر نه ٿي پوي ته اها ان جي غفلت آهي،باقي ان ۾ جيب ڪترن جي ڪا خاص مهارت نه آهي..منهنجو خيال هو ته جيب ڪترن جون ۽ ڪهاڻيون وڌائي پيش ڪيون وڃن ٿيون.
ٿي سگھي ٿو ته ڪن ۾ حقيقتون ته ڪن ۾ وري وڌاءُ به هجي باقي جيب ڪترن جو پنهجي فن ۾ مهارت جو تجربو مون کي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو حيدرآباد شهر ۾ هلندڙ هڪ لوڪل بس سروس اي ون(A-1) جي سفر دوران ٿيو، جيڪا لطيف آباد مان به گذري ٿي،تنهن ۾ سفر دوران ٿيو.بس مان جنهن اسٽاپ تي مون کي لهڻو هو،جيئن ئي بس مان لهندي پنهجي پاسي واري کيسي کي هٿ هنيم ته ان ۾ موبائل فون موجود نه هئي،واپس بس ۾ چڙهي پيس ۽ اعلان ڪيم ته ”منهجي کيسي مان ڪنهن موبائل فون ڪڍي ورتي آهي.“ بس ۾ موجود مسافرن چيوته ” سم جو نمبر ٻڌاءِ ته نمبر ڊائل ڪريون جي فون وڳي ته خبر پئجي ويندي ته ڪنهن وٽ فون پيل آهي.“ تڏهن ته مون کي پنهنجو فون نمبر ياد ئي نه هو،پوءِ بس مان لهي واپس ٿيس.ٻيو سيٽ خريد ڪري ان ۾ جيڪا سم لڳايم ترت ئي ان جو نمبر ياد ڪري ورتم.
هاڻي ضروري آهي ته مٿي ذڪر ڪيل بس جي مزاج جو ڪجھ تعارف ڪرائجي.ان بس ۾ چڙهڻو به ڊوڙي پوندو آهي ۽ لهڻ مهل وري زور لڳائي تڪڙ ۾ لهڻو پوندو آهي اها هڪ مني بس آهي جيڪا صفا سوڙهي آهي.جيڏي مهل خالي هوندي آهي ته صفا آهستي هلندي آهي،ته جيئن ته اڳين اسٽاپ تي ڪجھ مسافر گڏ ٿي چڪا هجن،ڀريل هوندي آهي ته تڪڙو هلندي آهي ته جيئن ته جلدي اڳين اسٽاپن تي مسافرن کي لاهي وڌيڪ مسافرن لاءِ گنجائش پيدا ڪجي.
 بسن ۾ سفر دوران کيسي ڪٽجڻ جو واقعومون سان زندگيءَ ۾  ٽي دفعا پيش اچي چڪوآهي،ٻه دفعا کيسو ڪٽجي ويو،باقي هڪ دفعو بچي ويو. ٻئي دفعي اهو واقعو 
 ٽنڊي آدم واري بس ۾ پيش آيو، جيڏي مهل ڪنڊڪٽر ڪرايو گھريو ته کيسي ۾ هٿ هڻڻ سان خبر پئي ته اهو خالي آهي.
ان کان ڪجھ ڏينهن پهرئين ئي منهجي ڀر ۾ ويٺل هڪ همراه مون کي خبردار ڪيو هو ته هن بس ۾ جيب ڪترا هلن ٿا،پنهنجي کيسي جو خيال ڪريو متان پوءِ وري مون تي الزام هڻو.
ان ٻئي واردات کان پوءِ ٻئي ڏينهن اسڪول ۾ جڏهن دوستن کي اها ڳاله ٻڌايم ته هڪ دوست وري هڪ دلچسپ واقعو ونڊيو سو هتي بيان ڪرڻ جھڙو آهي.
سنڌ جي ڪنهن ننڍي شهر۾ هڪ پوليس واري وٽ ٻه مهمان مختلف جاين تان آيا،ٻنهيءَ کي هڪ ئي ڪمري ۾ رات جو سمهڻ لاءِ کٽ ۽ بسترو مهيا ڪيائين.ٻئي ڏينهن هڪ مهمان صبح جو سوير اٿي ،ناشتو ڪري واپس پنهنجي ماڳ ڏانهن روانو ٿي ويو.ٻيو مسافر جڏهن ننڊ مان اٿيو ته پنهجي ٽنگڻي ته ٽنگيل قميص جڏهن کڻي ڏسي ته سا خالي پئي آهي.ان ۾ جيڪي پئسا موجود هئا سي ڪير ٻهاري ويو.ان مهمان ميزبان سان ان شڪ جو اظهار ڪيو ته اهو ڪم ٻئي مهمان ڪيو آهي.ميزبان ان مهمان کان به چڱيءَ طرح واقف هو،تنهڪري متاثر مهمان کي چيائين ته حقيقت ائين نه آهي، هو اهڙو ماڻهو ئي نه آهي.اهي پئسا ملي ويندا،حقيقت کي آئون سمجھي ويو آهيان.جيئن ته ميزبان مقامي پوليس وارو هو، تنهڪري حد جي جيب ڪترن کي گھرائي انهن کي ڌمڪي ڏيندي انهن کان پڇيائين ته، ڪاله هتي آيل هڪ مسافر،جيڪو مهنجو مهمان آهي، جي کيسي مان جنهن مان به پئسا ڪڍيا هجن ته شرافت مان واپس ڪري نه ته نتيجي لاءِ تيار رهي.اها ڌمڪي ٻڌي هڪ جيب ڪتري پئسا واپس ڪيا. 
هڪ دفعي مذڪوره حيدرآباد واري بس ۾ بلڪل پوئين سيٽ تي ويٺو هوس، ته هڪ جيب ڪتري کيسي مان ٻن آڱرين ذريعي ٻٽون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي،ڏسي ورتومانس،مون سندس هٿ هٽائي گھوري ڏٺومانس ته ايتري ۾ بس کي بريڪ لڳو ۽ هڪ نئون مسافر اچي اسان ٻنهي جي وچ ۾ ويهي رهيو.جيب ڪتري وري ان جي کيسي تي به طبع آرمائي ڪئي،ان همراه به پڪڙي ورتس ۽ لتون مڪون هڻي بس مان لاهي ڇڏيائينس.اصل ۾ ڪمال اسان جو نٿي لڳو پر همراه نا اهل ٿي لڳو ان ڪري جو منهجي کيسي ۾ هٿ اهڙيءَ طرح ٿي وڌائين لڳو ائين ٿي ته ڄڻ پنهجي کيسي ۾ ٿو هٿ وجھي.پربحرحال ٻئي ڄڻا هن جي وار کان بچي وياسون پوءِ اسان جي ڀلائي هئي يا هن جي برائي.
ساڳئي بس ۾  مون سان گڏ هڪ ٻيو استاد به سفر ڪري رهيو هو،جيئن ئي هو اسڪول وٽ مون کان پهرين لٿو ته ،واپس رڙڪري مٿي چڙهيو ته” منهجو ٻٽون ڪنهن کيسي مان ڪڍي ورتو آهي“آئون هيٺ لهي پيس هو بس ۾ چڙهي اڳتي روانو ٿي ويو.ڪجھ وقت کان پوءِ جيئن ئي اسڪول پهتو ته ٻڌايائين ته جنهن جيب ڪتري ٻٽون ڪڍيو هو،ٻٽون اڃا هن جي هٿ ۾ ئي پيو هو،مون کي ڏسي کڻي هيٺ اڇلايائين ته مون واپس کڻي ورتو.

Thursday, December 13, 2012

صنعتي مينهن

صنعتي مينهن

انگريزي ٻوليءَ جي ماهوار رسالي ”ريڊرس ڊائجسٽ“ ۾ هڪ سيلزمين جي دلچسپ ڳاله پڙهيم.جيڪا هن طرح بيان ڪيل هئي.
هڪ سپر اسٽور جي مالڪ پنهجي هڪ سيلزمين کان پڇيوته” اڄ گھڻن گراهڪن کي مال وڪرو ڪيئي؟“ سيلزمين چيوته” صرف هڪڙي ئي  گراهڪ کي مال وڪم“.
اسٽور جي مالڪ چيس ته ”پوءِ ائين ڪم ڪيئن هلندو.“سيلزمين جواب ۾ ٻڌايس ته ”پر ان هڪڙي گراهڪ کي لکين ڊالرن جون شيون وڪم.“ مالڪ حيران ٿي پڇيو ته ”اهو وري ڪيئن؟“ سيلزمين ٻڌايس ته” گراهڪ کي مٿي ۾ سور هو ڊسپرين جي گوريءَ وٺڻ آيو هو ،مون هن کي چيو ته مٿي ۾ سور فڪرمندي ۽ پريشانيءَ جي ڪري پوي ٿو،وندر ڪرڻ لاءِ مڇيون مارڻ جو شغل اختيار ڪريو.ان لاءِ هڪ ڪنڍي وٺو،۽ ان سان گڏوگڏ هڪ ٻيڙي به وٺو.ان ۾ چڙهي ته مڇيون ڦاسائيندا.پر مڇيون ڦاسائڻ لاءِ ڇا تي چڙهي درياءَ  تي ويندا؟ ان لاءِ توهان کي هڪ گاڏي به کپي،ان ڪري بهتر اهو ٿيندو ته هڪ گاڏيءَ به وٺو.اهڙيءَ طرح اهي سڀ شيون ان هڪ ئي گراهڪ کي وڪم.“اها ڳاله ٻڌي ان  سپر اسٽور جو مالڪ ڏاڍو خوش ٿيو.
ڳوٺ ۾ هڪ دڪاندار جي دڪان تي بيٺو هوس،ته هڪ گراهڪ اچي ڪنهن شيءِ جو پڇيس،دڪاندار چيس ” بيه ته ڳولي وٺان“،ڪجھ وقت تائين دڪانداراها شيءِ ڳوليندو رهيو،گھربل شيءِ هٿ نه آيس،ته گراهڪ چيائين ته ”اها شيءِ موجود نه آهي.“
گراهڪ جي وڃڻ کان پوءِ دڪاندار مون کي ٻڌايو ته ڪامياب دڪاندار جو اهو اصول آهي ته جي شيءِ موجود نه به هجي ته به گراهڪ کي ڳولڻ جو چئي دڪان ۾ ڪجھ وقت تائين بيهارجي ته مختلف شيون ڏسي متان ٻئي ڪا شيءِ خريد ڪري.
هڪ همراه نئون دڪان ٿي کوليو ته هڪ پراڻي دڪاندار کان مشورو ورتائين ته ڪهڙي شيءِ جو دڪان کوليان.پراڻي دڪاندار چيس ته جيڪڏهن مٽيءَ به دڪان تي رکندين ته سا به وڪامي ويندي.تنهنڪري جيڪي وڻي سو وڪڻ ماڻهوءَ پاڻهي وٺي ويندا.
هڪ دفعي ڪوسٽر ۾ حيدرآباد وڃي رهيو هوس.ڀر ۾ ويٺل به دوائن جا سيلزمين گفتگو ڪري رهيا هئا.هڪ ٻڌائي رهيو ته هالا جو هڪ ڊاڪٽر اسان کي سٺو ڌنڌو ڪرائيندو هو،پر هاڻي ويهي رهيو آهي.
ڪمپنيون دنيا ۾ ڪال سينٽر کوليو ويٺيون آهن.جن جو ڪم ئي اهو آهي ته پنهجي پگھاردارن کي مختلف ماڻهن جا فون نمبر ڏيئي انهن کي پنهنجيون شيون خريد ڪرڻ لآءِ آماده ڪرڻ.
هڪ دفعي مهراڻ شگرملز ٽنڊوالهيار تي پوسٽ آفيس جي ڀر ۾ بيٺو هوس ته اتي هڪ سوزوڪي اچي بيٺي،جنهن ۾ ڪجھ سامان پيل هو.اتان هڪ همراه اچي چيو ته ”هي ٽڪيٽ وٺو ان تي هڪ انعام رکيل آهي.“مون چيومانس ته” مون کي انعام ڪون ٿو کپي.“زور پرڻ لڳو ته ”انعام ضرور لڳندو هرو ڀرو وٺو.“ٻڌايو مانس ته ”مون وٽ هن وقت ايترا پئسا به پيل نه آهن.“.چيائين ته ”ڪنهن کان کڻي اوڌارا وٺو“،مون کي اتي ڪم هو ۽ ڪجھ وقت تائين مون کي اتي ضروري بيهڻو هو،نيٺ ڪنهن کان پئسا وٺي جھڙو ڪر اتي بيهڻ جو ٽيڪس اداڪيم ۽ جان ڇڏايم ۽ اهو ٽڪيٽ ورتم،هڪڙي ڀڳل ڪئميرا( جنهنجي مون کي ڪا به ضرورت نه هئي) ۽ هڪ ڪسٽرڊ جو دٻو ڏنائين،اهو مڙيئي کائڻ جي لاءِ استعمال ۾ اچي ويو.

ڪپڙي ۽ جتين جي خريداري ته تمام گھڻي وڌي ويئي آهي.ڪو به درزي واندو ڪونهي،روز عيد لڳي پئي آهي.درزي ڪم ڪري ٿڪي ٿا پون ۽ ڪجھ ڪم موٽايو به ڇڏين ته جيئن ته مقرر گراهن کي مقرر وقت تي ڪپڙا سبي ڏيئي سگھن.
ٽيليويزن،اخبارن ۽ انتٽرنيٽ تي مختلف شين جي  اشتهارن جو مقابلو  لڳو پيو آهي. شهرن ۾  ڪمپنين جي  اشتهارن جا وڏا وڏا سائن بورڊ لڳا پيا آهن ،ڳوٺن ۾ به دڪان ۽ ڪئبنون ڪمپنين جي اشتهارن سان رنگيل آهن.موبائل فونن جا ڪال ۽ ميسيج جا پيڪيج به ايترا اچي نڪتا آهن ،جوپئسو، توجه ۽ وقت سڀ کسيو وڃن.
گھر گھر سهڻين ۽ رنگين پنين ۽ ڳوٿرين ۾ غير معياري ۽ مضر صحت چٽي جا دڙا لڳا پيا آهن
صنعتي ترقي کان پوءِ ڪمپنيون مال ٺاهڻ لڳيون آهن سو هنن کي وڪڻو به آهي.حالت اچي اها بيٺي آهي جو ڪوبه فرد پنهنجي مرضي ۽ پلاننگ سان ڪا به شيءِ خريد ڪري اها فيصلي جي قوت به وڃائي ويٺو آهي.
هاڻي ته وڪڻڻ وارن جي رحم و ڪرم تي آهيون جيڪي وڻين سو وڪڻن.
ان صورتحال کي منهن ڏيڻ ، پنهنجي حال سارو هلڻ ۽ پنهنجي ضرورت جون شيون مناسب وقت تي خريد ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ئي فرد هن صنعتي مينهن جي نقصان کان پنهنجو پاڻ کي بچائي  پنهجي مالي حالت کي بهتر بڻائي سگھي ٿو.

Monday, December 10, 2012

محبت

محبت

ڇا پنهنجي والدين ۽ ٻارن سان محبت جومقصد،مطلب،جواز۽ ثبوت صرف اهو آهي ته پنهنجي چاچن،مامن،چاچين،ماسين،ڦڦين،سوٽن،۽ ماساتن سان نفرت ڪئي وڃي؟
ڇا مذڪوره مائٽن سان محبت مجبور ڪري ٿي ته پري وارن مائٽن سان نفرت ڪئي وڃي؟ ڇا پري وارن رشتيدارن سان محبت تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن انهن سان نفرت ڪئي وڃي جن سان مائٽي نه آهي؟ڇا پنهنجي ذات ۽ قوم سان محبت جو اظهار صرف ٻئي ذات يا قوم وارن سان نفرت ڪري ئي ڪري سگھجي ٿو؟
ڇا پنهجي گھر وارن سان محبت اها پابندي ٿي هڻي ته پاڙيوارن سان محبت نه ڪئي وڃي؟ ڇا پنهنجي پاڙيوارن سان محبت زور ٿي ڀري ته ٻئي پاڙيوارن سان نفرت ڪجي؟ڇا پنهنجي ڪالوني يا علائقي وارن سان محبت جو مقصد آهي ته ڳوٺ يا شهر جي ٻين علائقن وارن سان نفرت ڪئي وڃي؟ڇا پنهجي ڳوٺ يا شهر سان محبت جو مقصد آهي ته پنهجي پاڙيسري ڳوٺن يا شهرن سان نفرت ڪئي وڃي؟ ڇا پنهنجي تعلقي يا ضلعي وارن سان محبت جو مقصد آهي اهو آهي ته ٻئي تعلقي يا ضلعي وارن سان نفرت ڪئي وڃي؟ ڇا پنهجي صوبي وارن سان محبت جو مقصد آهي اهوآهي ٻئي صوبي وارن سان نفرت ڪئي وڃي؟ ڇا پنهجي ملڪ سان محبت جو مقصد آهي اهو آهي ته پاڙيسري ملڪن سان نفرت ڪئي وڃي؟ ڇا پنهجي کنڊ وارن سان محبت جو مقصد آهي اهو آهي ته ٻئي کنڊ وارن سان نفرت ڪئي وڃي؟
ڇا پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ وارن سان محبت جو مقصد آهي اهو آهي ته ٻئي ٻولي  ڳالهائڻ وارن سان نفرت ڪئي وڃي؟
ڇا پنهنجي مذهب  وارن سان محبت جو مقصد آهي اهو آهي ته ٻين مذهب جي پيروڪارن سان نفرت ڪئي وڃي؟
 يقينن انهن سڀني سوالن جو جواب نفي ۾ آهي.
صرف ويجھڙائپ ۽ دوري جي حساب سان محبت جي شدت ۾ فرق هوندو آهي.ڪنهن به دائري جي محبت ،ان کان اڳئين دائري سان نفرت لاءِ ڪوبه جواز نه آهي.
جيڪڏهن حقيقت ايڏي سادي ۽ سولي آهي ته دنيا ۾ نفرت وجود ڇو ٿي رکي؟ اها پيدا ڇو ٿي ٿئي؟
 هن عارضي جهان ۾ خير ۽ شر وجود رکن ٿا.هر شيءِ پهنجي ضد مان سڃاتي وڃي ٿي،جيئن روشنيءَ،اونداهيءَ؛ڏينهن،رات وغيره.
محبت نفرت ۾ تڏهن تبديل ٿيڻ لڳندي آهي،جڏهن هڪڙي محبت جي حد جي شدت ۾ پنهجي وڌ ۾ وڌ شدت جي حد کان واڌارو اچي وڃي يا گھٽ ۾ گھٽ شدت جي حد کان به گھٽتائي اچي وڃي.
مختلف دائرن ۾ موجود محبت جي شدت جي حد،انفرادي ۽ اجتماعي حقوق ۽ فرائض جي پوري ڪرڻ ۾ پنهجو مثبت ڪردارادا ڪري ٿي ۽ محبتون قائم رهن ٿيون،پرجڏهن انهن جي توازن ۾ بگاڙ اچي ٿو ته انفرادي ۽ اجتماعي حقوق جي ادائگي ۽ فرائض پوري ڪرڻ ۾ به بگاڙاچي ٿو ۽ پهرئين نفرت پوءِ ٻيون انفرادي ۽ اجتماعي سماجي برايون جنم وٺن ٿيون جيڪي پنهجي  سائز مطابق سماجي يا عالمي سطح تي بگاڙ جو سبب بڻجن ٿيون.
ڪو به شخص پنهجي دولت ۽ سڀ ڪجھ پنهجي عياشين ۾ اڏائيندو وتي ۽ پنهجي والدين ۽ ٻارن تي توجھ به نه ڏئي ۽ هنن جي ضرورتن جو به پورائو به نه ڪري ته ان سان نفرت وجود وٺندي.
مٿي بيان ڪيل صورت ۾ فرد جي پنهجي ذات سان محبت حد کان وڌي ويندي آهي ۽ هو صرف پنهنجو پاڻ لاءِ جيئڻ لڳندو آهي ۽ پنهنجي والدين ۽ ٻارن لاءِ هن جي محبت جي حد ۾ گھٽتائي اچي ويندي آهي.ان جي برعڪس هڪ شخص ۾ پنهجي ٻارن لاءِ محبت حد کان به وڌي وڃي ۽ ٻين جا حق ماري مال و دولت هٿ ڪري اچي پنهجي ٻارن تي خرچ ڪري ته ان صورت ۾ وري هن جي پنهجي خاندان جي محبت جي حد ۾ واڌارو اچي ويندو آهي ۽ ٻئي ڪنهن دائري جي محبت ۾ ڪمي اچي ويندي آهي جن جو هو استحصال ڪندو آهي.
صله رحمي(مائٽن سان ڀلائي ڪرڻ) ته محبت جي حد آهي،پر اقربا پروري(ٻين جا حق ماري مائٽن کي نوازڻ) محبت جو حد کان وڌي وڃڻ آهي جنهن سان بگاڙ پيدا ٿيندو آهي.
پنهجي قوم جي ڪنهن فرد جي مظلوم هجڻ جي صورت ۾ هن جي مدد ڪرڻ قوم دوستي آهي،پر پنهنجي قوم جي ڪنهن فرد جي  ظالم هجڻ جي صورت ۾ ان جو ساٿ ڏيڻ عصبيت آهي.
عالمي سطح تي ساڳي طرح هڪڙا ملڪ يا هڪڙي ملڪن جا اتحاد جڏهن ٻين جاحق غصب ڪرڻ لڳن ٿا ته جنگيون لڳن ٿيون.
حقيقت اها آهي ته دنيا ۾ صرف محبت ۾ توازن ئي معاشرن ۾ نيڪي،اصلاح ۽ ترقي جو سبب بڻجي ٿو،ان جي توازن ۾ بگاڙسان نفرت ۽ ٻيون برايون پيدا ٿين ٿيون جيڪي هر سطح تي بگاڙجو سبب بڻجن ٿيون.
محبت جا تمام گھڻا پهلو آهن، هتي صرف انساني تعلقات جي حوالي سان محبت جو ذڪر ڪيل آهي،جن ۾ بگاڙجي ڪري دنيا ۾ فساد آهي.

Friday, December 7, 2012

دهشتناڪ دعائون

دهشتناڪ دعائون

1970ع جي ڏهاڪي جي آخري سالن جي ڳاله آهي.گرمين جي موڪلن ختم ٿيڻ کان پوءِ اسڪول جو پهريون ڏينهن هو.ان وقت آئون ٻئي يا ٽئين درجي ۾ پڙهندو هوس.ٻه منهمجا هم ڪلاسي دوست اسڪول ۾ مليا تن پنهنجي پنهنجي رات جواسڪول جي باري ۾ گھريل  هڪ هڪ  دعا ٻڌائي،جيڪا قبول نه پيئي.
انهن دعائن جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ کان پهريائين ضروري آهي ته مان توهان کي ان وقت جي سرڪاري اسڪولن جي حالات کان  آگاهي ڏيان ته جيئن ته توهان  انهن ٻن معصوم  ٻارن جي اڻ قبوليل دعائن جي تناظر کي سمجھي سگھو.
تن ڏينهن ۾ سڀني سرڪاري اسڪولن ۾ سٺي پڙهائي ٿيندي هئي،استادن جي اسڪولن ۾ حاضري يقيني هوندي هئي،حاضريءَ سان گڏوگڏ استاد وقت جابه پابند هوندا هئا۽ اسڪولن ۾ اسيمبلي ءَ به پابندي ءَ سان ٿيندي هئي ،تنهنڪري ٻارن کي به روز پابنديءَ سان اسيمبلي ءَ ۾ اسڪول حاضر ٿيڻو  پوندو هو.گسائڻ جوته تصور ئي نه هو.گسائڻ جي ڪوشش جي ڪو ٻار ڪندو هو ته مٿين ڪلاسن جي ٻارن جي هڪ ٽوليءَ کي ان ٻار جي پڪڙڻ لاءِ موڪليو ويندو هو،پوءِ ٻار ڀلي ڪٿي به وڃي لڪي اهي کيس ٽنگو ٽاڙي ڪري اچي اسڪول پهچائيندا هئا.منهنجو هڪڙو عزيز جيڪو مون کان سينيئرآهي ۽ هن وقت ڪينيڊا جي شهريت اختيارڪئي اٿس، تنهن ٻڌايو ته سندس سنت طهر جي ڪجه ڏينهن کان پوءِ” استاد وڏي“ ( محترم عبدالعليم نظاماڻي صاحب،جيڪي ان وقت اسان جي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جا هيڊ ماسٽر هئا،جن جون تمام گھڻيون تعليمي خدمتون آهن) کيس گھٽيءَ ۾ ڏسي چيو ته تنهجي طهر کي ته جام ڏينهن گذري چڪا آهن هاڻي ته اسڪول اچ.مطلب ته ٻار کي اسڪول ضرور حاضر ٿيڻو پوندو هو.
ان وقت اسڪولن ۾ صفائيءَ لاءِ ملازم به مقرر ٿيل نه هئا،ٻارن کي اسڪول مان ٻهاري به پاڻ ئي ڏيڻي پوندي هئي،هر ڏينهن لاءِ هڪ ٽولي مقرر ٿيل هوندي هئي،جن کي صبح جو سوير وڃي،هيڊ ماستر صاحب جي گھران چاٻي کڻي اسڪول ۾ وڃي ٻهاري ڏيڻي پوندي هئي.
ان وقت جي تعليمي نظام ۾ مثبت پهلوءَ ته تمام گھڻا هئا،باقي هڪڙي ڳاله ڪجھ منفي هئي ته اسڪولن ۾ مار ڏاڍي هوندي هئي.هرڪو استاد پنهنجي مزاج جو هوندو هو،ڪو گھٽ ته ڪو وڌيڪ مارڏيندو هو،ڪي ته استاد خير اهڙا به هوندا هئا جيڪي مار نه ڏيندا هئا.بنا سبب ته مار نه ملندي هئي،پربهرحال ماراسڪولن ۾ عام هئي.
جن منهنجي ٻن هم ڪلاسي دوستن جو ذڪر مون شروع ۾ ڪيو آهي،تن مان هڪ کي استاد صاحب هڪ حساب غلط ڪرڻ تي سليٽ اڇلائي هنئي ته ان سليٽ هن جي هڪ هٿ جي ڪارائيءَ کي زخمي ڪري وڌو،جنهن مان رت وهڻ لڳو.
جڏهن آئون ٽئين درجي ۾ پڙهندو هوس ته منهجو هڪ ڪلاسي غيرمسلم ڀيل ڇوڪرو،حساب غلط ڪرڻ تي ڏاڍي مار کائيندو هو،هڪ ڏينهن هوءَ منهنجي ڀر ۾ ويٺو هو،۽ ڏٺم ته حساب غلط ڪيو ويٺو هو مون کي هن تي رحم اچي ويو ۽ هن کي حساب صحيح ڪرائي ڇڏيم،استاد محترم منهنجي ان حرڪت کي نوٽ ڪري ورتو،۽ سڏ ڪري زور سان ڳل تي هڪ ٿڦڙ وهائي ڪڍي.ان ڏينهن کان پوءِ مون اهڙي نيڪيءَ ڪرڻ کان هميشه لاءِ توبه ڪري ڇڏي.
ان سڄي پسمنظر پيش ڪرڻ کان پوءِ توهان کي هاڻي انهن معصوم ٻارن جون ان رات جون گھريل دهشتناڪ دعائون ٻڌايان ٿو.
هڪ ٻاردعا گھري ته خدا ڪري! اسڪول جي مٿان هوائي جھاز ڪري.
ٻئي ٻار دعا گھري ته خدا ڪري!اسڪول کي چور ڊاهي وڃن.

Wednesday, December 5, 2012

پکين جا ڪم ته ڏسو!

پکين جا ڪم ته ڏسو!

هن سال فيبروريءَ جي مهيني ۾ ڪجھ ايڪڙ ڪريلي جا پوکيم.هڪ ڏينهن هڪ هاريءَ اچيءَ ٻڌايو ته هن واري پوکيل ايڪڙ ۾ پاڙواري بيماري اچي لڳي آهي يا ڪو جيت ننڍڙن تازن ڦٽل ٻوٽن کي پاڙ کان ڪتري،پٽي وڃائي،ضايع ڪري رهيو آهي،ان جو ڪو تدارڪ ڪجي نه ته ٻنيءَ تي ڪيل سڀ خرچ ٻڏي ويندو. ٻوٽي جو قد هڪ آڱريءَ جيڏو مس هو ۽ ڪي ٻوٽا هڪ پنا ته ڪي وري وڌ ۾ وڌ ٻن پنن وارا مس هئا.
پنهجيءَ ٽيم سان گڏ ٻنيءَ ته پهتس ۽ حقيقت ڄاڻڻ جي جستجو ۾ لڳي وياسين.پاڙون نڪتل ٻوٽن کي ڏسڻ کان پوءِ اهومعلوم ٿيوته نه اهي ڪتريل ،ٽٽل ۽ نه ئي وري کاڌل هئا.جنهن مان اهو پئي لڳو ته اهي ڇڪي ڪڍيا ويا آهن.پر اهي هٿ سان ڪير ڇڪي هروڀرو زيان ڪندو،ان مان ڪنهن کي ڪهڙو فائدو پهچندو،۽ هروڀرو ڪير اهڙي شرارت ڪندو؟ ان جو ڪو به جوازسمجھ ۾ نه اچي رهيو هو.متاثر ٻوٽن کان هيٺ چريءَ(پاڻيءَ جي نالي جنهنجي چوٽيءَ تي ٻج جون چنگيون هنيون وينديون آهن.ٻج هميشه پاڻي جي سطح ۽ ان کان ٿورو مٿي پيدا ٿيندڙ گپ کان به مٿي سڪي جاءِ تي هنيو ويندو آهي،ان کان هيٺ جي ٻج پاڻيءَ يا گپ ۾ لڳو ته اهو زمين ۾ ڀچي ويندو ۽ تمام گھٽ سيڪڙو ڦٽندو ۽ ان ۾ واڌارو به تمام ديرسان ايندو.صحيح جاءِ تي چنگيون لڳل ٻج جو ڦوٽهڙو ۽ افزائش پاڻيءَ جي گوڙ تي ئي ٿيندي آهي.هيءَ سڄي ڳاله بيان ڪرڻ جو مقصد اهو ٻڌائڻ هو ته جيئن ته ٻج سڪل،ڀريل مٽيءَ ۾ لڳل هوندو آهي ،تنهڪري ڇڪ سان سڄي جو سڄو ٻوٽو صحيح سلامت ٻاهر نڪري ايندو آهي.) ۾ غور ڪرڻ سان اتي گپ ۾ پکين جي پيرن جا نشان نظر اچڻ لڳا.پر وري به اها ڳاله سمجھ ۾ نه اچي ته پکي آخر هن ٻوٽي کي هروڀرو چهنب سان ڇڪي ٻاهرڇو ڪڍندا؟بهرحال حقيقت ڄاڻڻ لاءِ اسان جو تجسس ويتر وڌڻ لڳو؟ ايتري ۾ اسان جي نظر وڃي ٻن ٽٽيهرن(ان پکيءَ کي ڏسندي،ان جو نالو وٺندي، ٻڌندي يا لکندي مون کي پنهنجي ننڍي پڻ جو هڪ واقعو ياد اچڻ لڳندو آهي،۽ ان وقت جيڪا پريشاني ۽ گھٻراهٽ ٿي هئي ان جي ياد تازي ٿي ويندي آهي.آئون ۽ منهنجو هڪ دوست پاڙي جي هڪ گھر۾،اتي موجود پينگھي ۾ ويهي ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ته،مون هن کي ٻڌايوته”اڄ مان پنهنجي ڏاڏي سان گڏ ٻنيءَ تي ويس،اتي هڪڙو نئون پکي ڏٺم،ته منهجي ڏاڏي کان ان پکيءَ جو نالو پڇيم ته هن ٻڌايو ته ان پکيءَ جو نالو ٽٽيهرآهي.“ اها ڳاله ٻڌي ڀرواري ڪوٺيءَ مان هڪڙي ماسي اسان وٽ اچي اسان کي ڏاڍا دڙڪا ڏنا.چيائين ته ” ڇوڪرا ڏاها ٿيو،گاريون نه ڏيو.“ اسان ايڏو پريشان ٿي ۽ گھٻرائجي وياسين جو نه کيس وضاحت پيش ڪري سگھياسين نه ڪجھ چئي سگھياسين.بس اوڏي مهل ئي ماٺ ڪر پنهنجي پنهنجي گھر هليا وياسين.) کي ڏٺوسين جيڪي چرين ۾ آهستي آهستي هلندي غور سان پنهجي شڪار کي ڳولي رهيا هئا،ڪيڏي مهل ساڄي ته ڪيڏي مهل کاٻي پاسي پنهجي شڪار تي جھٽ هڻي رهيا هئا. اسان ڪجھ وقت تائين پري بيهي تصديق ڪرڻ لاءِ اهو نظارو ڏسندا رهياسين.پوءِ انهن پکين کي اڏاري ويجهووڃي هنن جي تازي ڪيل نقصان جو مشاهدو ڪرڻ لڳاسين.تازو ان وقت ڪوبه ٻوٽو ته ٻاهرنڪريل ته نظر نه آيو،پر هڪڙي ڳاله نوٽ ڪئي سين ته جيتن پنهجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ ٻوٽي جي پنن جي پٺيان پناه ورتي هئي.ان ڳاله مان پڪ ٿي ته اهڙا جيت جيڪي ٻوٽن جي پنن ۾ لڪا ٿي تن تي پکين جي حملن جي نتيجي ۾ اهي ٻوٽا پٽجي ٻاهر نڪتا هئا.اتي ئي بيٺا هئاسين ته هڪ ٻيو هاري آيو،تنهن ٻڌايو ته اهو سڄو ڪم ڪانگن جو آهي.ڪاله شام جو هتي جام ڪانگ ڦري رهيا هئا.
وري اچي اهو سوال  پيدا ٿيو ته پکين هروڀرو اچي هن ايڪڙ کي ڇو نشانو بنايو.پوءِ غور ڪرڻ سان خبر پيئي ان ايڪڙ کي انبن جا وڻ ويجھا هئا جتان هو سولائيءَ سان هن ايڪڙ تي ئي آيا ٿي.مون هارين کان پڇيو ته ڀلا ٻگھ پکين به هن فصل کي نقصان پهچايو هوندو. هنن چوڻي ٻگھ پکي هنن ننڍڙن جيتن کي ڇا ڪندا اهي ته ڏيڏرن کي ڳڙڪائي ويندا آهن.بهرحال اها پڪ ٿي ويئي ته اهو نقصان پکين ڪيو آهي.پوءِ ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ هيٺيان فيصلا ڪيا ويا.
1.جيتن جي خاتمي لاءِ ڦونهاري واري دوا جي وزن ۾ اضافو ڪري،ٻوٽن کي ۽ ان جي چوڌاري خالي زمين تي به ڦونهاروڪيو وڃي.
2.جھارهڪلي وڃي.
3.نئون ٻج گھرائي گوٿ ڀري وڃي.
انهن اقدامات کان پوءِ اهو ايڪڙ ڪريلي جو به سٺو ٿي ويو.منهجي زندگيءِ جو پکين مان ڪريلي جي فصل کي نقصان پهچڻ جو اهو پهريون مشاهدو هو.

هڪ ڊاڪٽر جو المناڪ داستان

هڪ ڊاڪٽر جو المناڪ داستان

2003 ع ۾ منهنجو وڏو چاچو جگرجي هڪ لاعلاج بيماري جي ڪري،حيدرآباد،سنڌ جي هڪ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ داخل هو.ان بيماريءَ جي ڪري ئي هن فاني دنيا مان سندس انتقال ٿي ويو. اتي جي هڪ پروفيسر سان ڪچهريءَ ٿي جيڪو ان وقت ان يونيورسٽيءَ جي هڪ اهم عهدي تي فائزهو.هن حيدرآباد جي ڊاڪٽرن جي لاپرواهيءَ جو هڪ دردناڪ واقعو ٻڌايو،جنهن لاپرواهيءَ جي ڪري هن جو هڪ پٽ هميشه جي لاءِ معذور ٿي ويو.
هن ٻڌايو ته هن جي پٽ کي هڪ بيماري ٿي پئي ۽ هن حيدرآباد جي سڀني مشهور ڊاڪٽرن کان سندس پٽ جي بيماريءَ جو علاج ڪرايو،پر ڪنهن جي به علاج مان ڪو به فائدو نه پيو،پر” مرض بڙهتا گيا،جون جون دوا ڪي“ جي مصداق بيماريءَ وڌندي ويئي،آخرڪار هو ان بيماريءَ جي ڪري معذور ٿي کٽ ڀيڙو ٿي ويو.نيٺ هن وڃي جناح هاسپيٽل ڪراچيءَ ۾ پنهنجي پٽ کي داخل ڪرايو.اتي ڊاڪٽرن مرض جي تشخيص ته ڪري ورتي،پر چيائون ته هاڻي ته الاهي دير ٿي چڪي آهي،بيماري جيترو نقصان ڪري چڪي آهي،ان جو ازالو نٿو ڪري سگھجي.جيڪڏهن ابتدا ۾ ئي مرض جي تشخيص ٿي وڃي ها ته پوءِ هيڏي وڏي نقصان کان بچڻ آسان هو ڇاڪاڻ ته هن کي صرف هڪ دوا سڄي زندگي کائڻي پوي ها،۽ بيماريءَ هن کي ڪو به مستقل نقصان نه ڪري ها. هن جي طبيعت بهتر رهي ها ۽ معذوريءَ کان به بچي وڃي ها.هن جي جسم ۾ هڪ زهر پيدا ٿي رهيو هو،اها هڪ سستي ۽ آسانيءَ سان دستياب دوا ان زهر جي ترياق جو ڪم ڪندي رهي ها ۽ هن کي ڪو به نقصان نه پهچي ها،هاڻي ته ان لاءِ ڪجھ به نه ٿو ڪري سگھجي.
هن وڌيڪ تفصيل ڪجھ هن طرح ٻڌايو.
اڃا به مايوس نه ٿيس ۽ هن جي صحت جي اميد رکي کيس علاج لاءِ انگلنڊ وٺي ويس.اتان علاج ڪرائڻ تي منهنجو ويه لک رپيا خرچ آيو.پر هنن به ساڳي جناح هاسپيٽل جي ڊاڪٽرن واري ڳاله ڪئي.پوءِ اتان جي هڪ ڊاڪٽر جيڪو منهنجي پٽ جو علاج ڪري رهيو هو،تنهن مون کان پڇيو ته ”ڇا توهان جي ڊاڪٽرن کي هن معمولي بيماري جي تشخيص ڪرڻ به ڪو نه ٿي اچي ؟“مون جواب ڏنومانس ته ”اسان جي ڊاڪٽرن وٽ اهڙي بهترين ”بيماريءَ جي تشخيصي مشينريءَ“ موجود نه آهي.جھڙي توهان وٽ موجود آهي ته چيائين ته” حيدرآباد وارو ايڪس ري ڏيکاريو“ اهو ڏسي چوڻ لڳو ته” اها بيماريءَ ته هن ايڪس ري ۾ به واضح نظراچي رهي آهي ۽ ٻي ڳاله ته هن بيماريءَ کي اکين جي چڪاس مان به آسانيءَ سان تشخيص ڪري سگھبو آهي .“ اها ڳاله ٻڌي منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي،ان ڳاله جو ڏک مون کي مرڻ گھڙيءَ تائين رهندو ته هڪ معمولي باعلاج بيماريءَ جي صرف تشخيص نه ٿي سگھڻ جي ڪري منهنجو پٽ هميشه لاءِ معذور ٿي ويو.“
اهڙيون غلطيون ۽ لاپرواهيون دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي ڊاڪٽرن کان به ٿي سگھن ٿيون.پر ترقي يافته ملڪن ۾ اهڙين غلطين جو امڪان تمام گھٽ آهي،پر جيڪڏهن ڊاڪٽر لاپرواهي کان ڪم وٺن ته کين جوابده ٿيڻو پوندو آهي ۽ لاپرواهي جي نتيجي ۾ سزا به ڀوڳڻي پوندي آهي،جيئن مائيڪل جيڪسن وارو ڊاڪٽر آمريڪا ۾جيل جي سزا ڀوڳي  رهيو آهي.

Sunday, December 2, 2012

سوزوڪي ۽ ڍڳي گاڏيءَ جو مقابلو

سوزوڪي ۽ ڍڳي گاڏيءَ جو مقابلو

منهنجي ننڍي وهيءَ جي ڳاله آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ ڊرائيورمحمد موسيٰ،هڪ سوزوڪي ڪرائي تي هلائيندو هو.ڏاڍو سٺو ۽ محتاط ڊرائيور هو۽ گاڏي ڏاڍي احتياط سان ۽ آهستي هلائيندو هو.جيئن ته هن گھڻن ئي شاگردن کي ڊرائيونگ سيکاري هئي،تنهنڪري استاد موسي جي نالي سان مشهورهو.هن کي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪئي ڪافي سال گذري چڪا آهن.
ڳوٺ جو هڪ مزاحيه نوجوان استاد موسي سان گڏ سواريءَ جي داستان ڪجھ هن طرح سان ٻڌائيندو هو.
هڪ دفعي اسين استاد موسي سان گڏ سوزوڪيءَ ۾ ڪيڏانهن وڃي رهيا هئاسين ته واٽ تي اسان کي هڪ ڍڳي گاڏي گڏجي ويئي.پوءِ ته سوزوڪي ۽ ڍڳي گاڏي ۾ اچي مقابلو شروع ٿيو.استاد جھڙو صبر وارو ماڻهوءَ به پاڻ روڪي نه سگھيو۽ گاڏيءَ کي تيزيءَ سان ڊوڙائڻ لڳو.پوءِ ڪيڏي مهل سوزوڪي اڳيان ته ڪيڏي مهل ڍڳي گاڏي.مطلب ته ڏاڍو زبردست مقابلو ٿيو ۽ استاد ان ڏينهن گاڏي ڏاڍي تيز هلائي،پرنيٺ ڍڳي گاڏي اڳيان نڪري اسان جي اکين کان اوجھل ٿي ويئي.
اهو نوجوان اها ڳاله ٻڌائڻ وقت وڌاءُ کان ڪم وٺندو هو،۽ ان ۾ هن جا ٻه مقصد هوندا هئا،هڪ ته استاد موسي جي محتاط ڊرائيوريءَ تي هن جي ڳاله دلچسپي سان ٻڌي وڃي،۽ ٻڌڻ وارا کلي خوب مزو وٺن.
پر حقيقت اها آهي ته اڄ ڪله جي نوجوان ڊرائيورن کي اهي اهم ڳالهيون ۽ ڊرائيونگ جا سنهري اصول سکڻ جي ضرورت آهي.انهن کي کپي ته ڊرائيونگ احتياط سان ڪن.ان ۾ نوجوان خاص طور تي موٽرسائيڪل پڄائڻ جا مقابلا نه ڪن.ڪير اڳتي نڪري وڃي ته ڀلي وڃي،آرام سان  منزل تي پهچڻ ۾ ئي ڀلائي آهي،تڪڙ ڪري پنهنجي ۽ ٻين جي جان خطري ۾ نه وجھڻ گھرجي.
زندگيءَ ڏاڍي تيزٿي ويئي آهي،زندگي جي هر شعبي ۾ مقابلي جو رجحان به وڌي ويو آهي.تنهڪري تيز ڊرائيونگ جي رجحان ۾ به اضافو ٿي ويو آهي.گاڏين خاص طور تي موٽر سائيڪلن جي حادثن ۾ به ڳڻتي جوڳيءَ حد تائين اضافو ٿي ويو آهي.ان ڪري گاڏين جي حادثن جي ڪري حادثاتي موتن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي.
اڄڪله جي ڊرائيورن کي استاد موسي جھڙن ڊرائيورن جي ڊرائيوريءَ جي انداز مان سبق پرائڻ گھرجي ۽ پنهنجي ڊرائيونگ ۾ بهتري آڻڻ گھرجي ته جيئن ته غير ضروري تڪڙ کان پرهيز ڪري اوچتن حادثن کان بچي سگھجي.ان جو اهو مقصد نه آهي ته هروڀرو ڪو ڊرائيونگ جو خوف پاڻ تي سوار ڪجي،پر مقصد اهو آهي ته ڪنهن به ٽوڪ ڪرڻ واري جي ڊپ کان اعتدال واري رويي کي ڇڏڻ نه گھرجي.


Saturday, December 1, 2012

شاگرد جو هڪ عجيب مسئلو

شاگرد جو هڪ عجيب مسئلو

11 سالن تائين مون هڪ پرائمري اسڪول ٽيچر جي نوڪري ضلع ٽنڊو الهيارصوبه   سنڌ،ملڪ پاڪستان ۾ ڪئي آهي.منهجي پوسٽنگ ٻهراڙيءَ جي هڪ ڳوٺ ۾ هئي.هڪ ڏينهن صبح ساڻ دستور موجب ٻارن جي حاضري ڀري رهيو هوس،ته ٻئي درجي ۾ پڙهندڙ هڪ ٻار غير حاضر هو،هن جي غير حاضريءَ جو سبب ٻين ٻارن ڏاڍو عجيب ٻڌايو.ٻارن چوڻي هن جي ماءُ مال لاءِ گاه ڪرڻ ويئي آهي.هن جي گھر ۾ موجود واحد ڪچي ڪوٺيءَ جي دروازي کي تالو ڏيئي ويئي آهي.ان ڪوٺيءَ ۾ ان شاگرد جا ڪپڙا پيل آهن ۽ پاڻ ڪوٺيءَ ٻاهران اگھاڙو ويٺو ماءُ جو انتظار ڪري رهيو آهي. جيئن ئي سندس ماءُ گاه ڪري واپس ايندي،۽ ڪوٺيءَ جو دروازو کوليندي ته هوءَ ڪپڙا پهري اسڪول ايندو.
ٿوري ئي دير ۾ اسڪول جي بائونڊري وال جي دروازي وٽ ان ساڳئي شاگرد کي بدن جي چوڌاريءَ ٽوال ويڙهي بيٺل ڏٺم،جيڪو چئي رهيو هو ته سائين! ڪپڙا پهري پوءِ اسڪول اچان ٿو.
هيءَ ته هڪڙي حقيقت هئي،پر ان سان ملندڙ جلندڙ اسڪول جي هڪ ٻار جو هوم ورڪ ڪري نه اچڻ جو عجيب بهانوانگريزيءَ ٻوليءَ جي ماهوار رسالي ريڊرس ڊائجسٽ ۾ به پڙهيم.مون کي ته خير اهو به هڪ حقيقت لڳو،پرلکڻ واري استاد جي بقول ته مون ڪڏهن به ڪنهن ٻار جو هوم ورڪ ڪري نه اچڻ جو اهڙو عجيب سبب نه ٻڌو.
ان استاد ٻڌايو ته شاگرد هوم ورڪ نه ڪري اچڻ جو سبب اهو ٻڌايو ته جنهن پيتيءَ ۾ منهنجا ڪتاب ۽ ڪاپيون پيل آهن،ان جي مٿان ٻليءَ پونگڙن کي جنم ڏنوآهي.تنهڪري اهي ڪتاب ۽ ڪاپيون ان مان نه ڪڍي سگھيس،۽ هوم ورڪ به نه ڪري سگھيس.
مون کي ته ٿو لڳي ته ان ٻار به ڪوڙنه ڳالهايو هوندو ڇوته ڪو به ٻار اهڙو ڪوڙ گھڙي نه ٿوسگھي.  

Friday, November 30, 2012

سرپرائز

سرپرائز

اسلم اڄ ڏاڍو خوش آهي.رات خوشيءَ ۾ ننڊ به نه ڪئي اٿائين.سڄي رات جيڪا ننڊ آئي اٿس،تنهن ۾ خواب ڏسندو رهيو.خوشيءَ سان گڏوگڏ انتظار جو تاثر به هن جي چهري تي نمايان آهي.هن کي انتظار آهي اخبارجو،جنهن ۾ ميٽرڪ جي امتحان جو نتيجو اچڻو آهي.پهرئين درجي کان وٺي هر امتحان ۾ سٺي نموني پاس ٿيڻ کان پوءِ سندس والد کيس هڪ تحفو ڏيندو آهي.گذريل نون سالن دوران جيڪي تحفا کيس مليا آهن ،اهي ان جي ذهن ۾ بار بار اچي رهيا آهن.پهرئين درجي پاس ڪرڻ کان پوءِ هن پين،ٻي ڪلاس کان پوءِ هڪ ڪتاب،ٽئين ڪلاس کان پوءِ هڪ واچ،چوٿين ڪلاس کان پوءِ هڪ سائيڪل،پيءُ کيس تحفي ۾ ڏني هئي.سندس پيءُ جو دستور رهيو آهي ته تحفو کيس ٻڌائي نه ڏيندو آهي پر هميشه سرپرائزگفٽ ڏيندو آهي.نئين تحفي طور هن کي ڪڏهن ڪمپيوٽر ته ڪڏهن موٽر سائيڪل جو خيال ذهن ۾ اچي رهيو آهي.ان تجسس سان گڏوگڏ هن کي ٿورو خوف به آهي ته جيڪڏهن رزلٽ سٺي ته آئي ته ڇا ٿيندو؟
انهيءَ گڏيل ڪيفيت ۾ هو کٽ تي ليٽيو پيو آهي.اوچتو ٻاهريون دروازو کلي ٿو،هو 
ڊوڙي وڃي دروازو کولي ٿو ته ڏسي ٿو ته کير وارو کير کڻي آيو آهي، ماٺ ميٺ ۾ کير وٺي ماءُ کي ڏنو.
وري ساڳي نموني ليٽي بار بارگھڙي کي ڏسي رهيو آهي، اهڙي نموني هڪ ڪلاڪ کان پوءِ وري دروازو کڙڪيو،تڪڙو تڪڙو وڃي دروازو کوليائين مزو اچي ويس،سامهون اخبار وارو بيٺو هو. اخبار کڻي اچي Aون گريڊ ۾ پهنجي نمبر کي ڳولڻ لڳو،نمبر هٿ نه آيس،پريشان ٿيڻ لڳو.
A ون گريڊ، A گريڊ،B گريڊ ۽ C گريڊ ۾ سندس نمبر موجود نه هوهن جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا ۽ اخبار هٿن مان ڪري پيس.سندس پيءُ جيڪو سڄو نظارو ڏسي رهيو هو،تنهن اچي ڀاڪر ۾ ورتس ۽ چيائينس ته ڇا ٿيو پٽ؟
پيءُ کي چيائين،ته بابا سائين آئون ناپاس ٿي ويو آهيان.پهريون دفعو امتحان ۾ سٺن ته ڇا پرگھٽ نمبرن ۾ به پاس ناهيان ٿيو.سندس پيءُ تسلي ڏيندي چيو ته مون کي اخبار کان وڌيڪ تنهنجي صلاحيتن تي اعتماد آهي.پوءِ هن کي ساڻ وٺي بورڊ آفيس ويو،جتان رزلٽ شيٽ ڪڍرائي نمبر ڳوليو اسلم ان ۾ پنهنجو نمبر ڳوليو۽ رڙ ڪري پيءُ کي چيائين،ته بابا سائين آئون Aگريڊ ۾ پاس ٿيو آهيان.پيءُ ڀاڪر پائي چيس ته مون کي پڪ هئي ته ائين هوندو.تنهنجو تحفو به منهنجي کيسي ۾ پيو آهي،هيءُ وٺ موبائل سيٽ.

(سنڌي ادبي بورڊ جي ٻارن لاءِ ماهوار رسالي گل ڦل جي آگسٽ 2007ع جي شماري ۾ ڇپيل منهنجي ڪهاڻي)













Wednesday, November 28, 2012

هڪ طرفي دوستي

هڪ طرفي دوستي

دوستي هميشه ٻه طرفي ئي ڪامياب ٿي سگھندي آهي.ڪجھ ماڻهن کي زندگي جي ڪنهن موڙتي اچي پنهنجي دوستن کان اچي اها شڪايت پيدا ٿيندي آهي ته اهي هنن کي سمجھي نه سگھيا آهن.هو هنن سان هر ڳاله تي اختلاف ڪن ٿا ۽ سندن هر ڳاله تي ڪاوڙ جو اظهار ڪن ٿا،۽ ايتري قدر جو هنن سان ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ کان به لنوائڻ لڳن ٿا.اصل ۾ حقيقت اها آهي ته ان معاملي ۾  اصل مسئلو  پسند ۽ ناپسند جو  هوندو آهي.جيڪڏهن ڪير ڪنهن کي ناپسند ڪري ته پوءِ ان جي ڪا به ڳاله پسند نه ايندي آهي.ان پسند ۽ ناپسند جي عمل ۾ ڪافي عوامل شامل هوندا آهن.دلي،ذهني جسماني،علمي،اخلاقي،مالي،طبقاتي،۽ ٻيا به ڪيترا ئي عوامل ان ۾ شامل آهن.ڪن ماڻهن جو دوستيون ته مستقل به هلنديون رهنديون آهن،۽ ڪن ماڻهن جون دوستيون وقت ۽ حالات جي تبديلي سان تبديل به ٿينديون رهنديون آهن.
ننڍن ٻارن جي دوستي جا ڪارڻ شروع ۾، مائٽن جون دوستيون،۽ پاڙي ۾ هجڻ وغيره جھڙا سبب هوندا آهن.پوءِ جيڪڏهن حقيقي هم آهنگي هوندي آهي ته اهي اڳتي هلنديون آهن نه ته وري ختم ٿي وينديون آهن.پوءِ جڏهن وري ٻار اسڪول وڃڻ شروع ڪندو آهي ته اتي پاڻ سان ملندڙ طبيعت وارن ٻارن سان دوستي ڪندو آهي.
ننڍي عمر جا ٻار دوستي جي پسند جي اظهار جي باري ۾ ڏاڍا دلير هوندا آهن ۽ وڻندڙ دوستن کي راند کيڏڻ جي وقت بلڪل ڇڏڻ نه چاهيندا آهن ۽ پوءِ مائٽن کي وقت ۽ حالات کي ڏسي کين وڏي ڪوشش کان پوءِ الڳ ڪري گھر وٺي وڃڻو پوندو آهي.جيتوڻيڪ ڪجھ ٻار ته ان معاملي ۾ ضرور مختلف به هوندا آهن.
پوءِ اهي ٻار مختلف اسڪولن،ڪاليجن،يونيورسٽين ۾ ويندا آهن ته اتي به هنن جا نوان تعلق ٺهندا رهندا جن مان ڪي دوستي جي حد تائين به پهچي ويندا آهن.
پوءِ ڪي ماڻهومختلف نوڪرين ۾ لڳي ويندا آهن،ڪي وري مختلف ڪاروبارن ۽ ڌنڌن ۾ لڳي ويندا آهن،ته وري اتي حالات مطابق هنن جا نوان تعلق ۽ دوستيون وجود ۾ اينديون آهن پوءِ انهن دوستين جي ويجھڙائي جو تعلق طرفين جي طبيعتن ۽ روين سان هوندو آهي.
مطلب ته ماڻهن جي پوري زندگي دوران ڪجه ماڻهن جو دوستيون مستقل ساڳي شدت سان به هلنديون رهنديون آهن ته ڪن جون وري تبديلي جي مختلف مراحل مان به گذرنديون رهنديون آهن.
سڄي ڳاله جو تت اهو آهي ته جيڪڏهن توهان جو ماضي جو ڪو دوست توهان جي ويجھڙائپ رکڻ جي وڏي ڪوشش ۽ چاهت کان پوءِ به فاصلو رکڻ چاهي ته پوءِ هن جي باري ۾ ڪنهن به غلط فهميءَ جو شڪار نه ٿيڻ گھرجي،هن جي باري ۾ ڪا بد گماني به نه ڪرڻ کپي،۽ نه ئي وري هن جي محبت ۾ ڪمي آڻجي،ڳاله کي سمجھي وڃجي،هن جا عذر به سمجھي وڃڻ کپن،پوءِ هروڀرو هن جي پٺيان لڳي هن کي تنگ به نه ڪرڻ گھرجي،۽ نه ئي وري تعلق کي هميشه لاءِ ٽوڙڻ گھرجي.

Sunday, November 25, 2012

ننڍي عام ڀڃ اپت


ننڍي عام ڀڃ اپت

ڀڃ اپت جي لفظي معنى آهي ضرب اپت.ڪنهن به عدد جون ضرب اپتون لامحدود هونديون آهن. 4،3،2۽ 5جون ضرب اپتون هن ريت معلوم ڪبيون آهن.
1x2=2,2x2=4,3x2=6,4x2=8,5x2=10,6x2=12,7x2=14,8x2=16,9x2=18,10x2=20
1x3=3,2x3=6,3x3=9,4x3=12,5x3=15,6x3=18,7x3=21,8x3=24,9x3=27,10x3=30
1x4=4,2x4=8,3x4=12,4x4=16,5x4=20,6x4=24,7x4=28,8x4=32,9x4=32,10x4=40
1x5=5,2x5=10,3x5=15,4x5=20,5x5=25,6x5=30,7x5=35,8x5=40,9x5=45,10x5=50
 مٿي 2،3،4،5 جون 10 تائين ضرب اپتون يعني ڀڃ اپتون ڏنل آهن.جيئن سڄا عدد لامحدود آهن،تيئن ڪنهن به عدد جون ڀڃ اپتون به لامحدود آهن.
لفظ عام جي معني آهي ساڳي ۽ ان جو جمع ٿيندو ساڳيون،تنهڪري ڪن به ٻن،ٽن،چئن يا ڪيترن به عددن جون ساڳيون ڀڃ اپتون،انهن جون ڀڃ اپتون معلوم ڪرڻ کانپوءِ معلوم ڪري سگھجن ٿيون.
2۽3جون ڏهن تائين سڀئي عام ڀڃ اپتون هيٺ ڏجن ٿيون.جيڪي مٿي ڏنل ڀڃ اپتن مان آسانيءَ سان معلوم ڪري سگھجن ٿيون.
6 ۽ 12 ،2۽3 جون ڏهن تائين ٻه عام ڀڃ اپتون آهن.6ٻنهي مان ننڍي ساڳئي ضرب اپت(ننڍي عام ڀڃ اپت) آهي.ننڍي مان مراد پهرئين آهي.
ننڍي عام ڀڃ اپت جي لفظ به لفظ معنى لکجي ته اها ڪجھ هيئن ٿيندي.
ننڍي =پهرئين
عام= ساڳئي
ڀڃ اپت=ضرب اپت
ننڍي عام ڀڃ اپت جي معنى آهي پهرئين ساڳئي ضرب اپت.اهو صرف ننڍي عام ڀڃ اپت جي تصور کي سمجھائڻ جي لاءِ بيان ڪيو ويوآهي.هاڻي اڳتي صرف ننڍي عام ڀڃ اپت جو لفظ استعمال ڪيو ويندو.
2۽3 جي ننڍي عام ڀڃ اپت آهي 6.
2،3،4 جي ننڍي عام ڀڃ اپت ٿيندي 12.
15۽ 20 جي ننڍي عام ڀڃ اپت هن طرح لهبي.
15 جون ڀڃ اپتون
1x15=15,2x15=30,3x15=45,4x15=60,5x15=75,6x15=75,7x15=105,8x15=120
20 جون ڀڃ اپتون
1x20=20,2x20=40,3x20=60,4x20=80,5x20=100,6x20=120,7x20=140
15۽ 20 جون عام ڀڃ اپتون ٿينديون
60۽ 120
15 ۽ 20 جي ننڍي عام ڀڃ اپت ٿيندي 60.
ننڍي عام ڀڃ اپت،ڀڃ اپتن لهڻ واري طريقي کانسواءِ ٻين ٻن مختلف طريقن يعني جزن رستي ۽ ونڊ رستي به معلوم ڪئي ويندي آهي ۽ اهي طريقا وڌيڪ سولا به آهن ۽ عام طور مستعمل آهن.اڳتي ايندڙ سبقن ۾ اهي ٻئي طريقا سيکاريا ويندا.پر اهي ننڍي عام ڀڃ اپت جي تصور کي سمجھڻ ۾ مدد گار ثابت نه ٿا ٿين.ننڍي عام ڀڃ اپت جي تصور کي سمجھڻ لاءِ صرف ضرب اپتن ذريعي ننڍي عام ڀڃ اپت لهڻ وارو طريقو ئي ڪار آمد آهي.اميد ته ننڍي عام ڀڃ اپت جو تصور سمجھ ۾ اچي ويو هوندو.


Saturday, November 24, 2012

ٻارن جي عالمي زبان

ٻارن جي عالمي زبان


دنيا ۾ ڪٿي به،ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ،ڪنهن به طبقي سان تعلق رکندڙ صحتمند ٻار جڏهن هن دنيا ۾ پيدا ٿيندو آهي ته اهوهميشه روئندي هن دنيا ۾ قدم رکندو آهي.تنهنڪري روئڻ ئي دنيا ۾ هر نئين پيدا ٿيندڙ ٻار جي ٻولي آهي.پوءِ ضرورت جي پوري ڪرڻ جو مطالبو،يا تڪليف جو اظهار به هر ٻار ان ئي ٻولي ۾ ڪندو رهندو آهي.تنهڪري اها چوڻي مشهور آهي ته جيستائين ٻار روئيندو نه ته ماءُ به کيس ٿڃ نه ڏيندي.عمر وڌڻ سان گڏ هوءَ آهستي آهستي پنهجي مادري ٻولي سکڻ لڳندو آهي.شروع ۾ ته ٻارروئڻ واري  ٻولي سٺي نموني استعمال ڪندو آهي ،پر عمر وڌڻ،۽ مادري ٻولي سکڻ کانپوءِ هو ان جو استعمال بلڪل گھٽائي يا ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
پر حقيقت اها آهي هن کي ان ساڳي صلاحيت کي نئين انداز سان استعال ڪرڻ جي ضرورت تا حيات رهندي آهي.جيئن ته هن دنيا ۾ انسان اڪيلو نه رهندو آهي ۽ نه ئي وري اڪيلو ڪجھ به ڪري سگھندو آهي،تنهنڪري زندگي ۾ اڪثر موقعن تي هن کي ٻين جي مدد جي ضرورت پوندي رهندي آهي،پوءِ جيڪڏهن هو انا جي ڪري يا حجاب جي ڪري ڪنهن کان ڪجھ سکڻ،يا ٻي ڪا مثبت ضرورت پوري ڪرڻ جي درخواست ڪرڻ جي اهليت وڃائي ڇڏي ته پوءِ هن لاءِ اڪيلي طور هي زندگي گذارڻ به مشڪل ٿي پوندي ۽ هن دنيا ۾ ڪا خاص ڪاميابي حاصل ڪري نه سگھندو.