سوزوڪي ۽ ڍڳي گاڏيءَ جو مقابلو
منهنجي ننڍي وهيءَ جي ڳاله آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ ڊرائيورمحمد موسيٰ،هڪ سوزوڪي ڪرائي تي هلائيندو هو.ڏاڍو سٺو ۽ محتاط ڊرائيور هو۽ گاڏي ڏاڍي احتياط سان ۽ آهستي هلائيندو هو.جيئن ته هن گھڻن ئي شاگردن کي ڊرائيونگ سيکاري هئي،تنهنڪري استاد موسي جي نالي سان مشهورهو.هن کي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪئي ڪافي سال گذري چڪا آهن.
ڳوٺ جو هڪ مزاحيه نوجوان استاد موسي سان گڏ سواريءَ جي داستان ڪجھ هن طرح سان ٻڌائيندو هو.
هڪ دفعي اسين استاد موسي سان گڏ سوزوڪيءَ ۾ ڪيڏانهن وڃي رهيا هئاسين ته واٽ تي اسان کي هڪ ڍڳي گاڏي گڏجي ويئي.پوءِ ته سوزوڪي ۽ ڍڳي گاڏي ۾ اچي مقابلو شروع ٿيو.استاد جھڙو صبر وارو ماڻهوءَ به پاڻ روڪي نه سگھيو۽ گاڏيءَ کي تيزيءَ سان ڊوڙائڻ لڳو.پوءِ ڪيڏي مهل سوزوڪي اڳيان ته ڪيڏي مهل ڍڳي گاڏي.مطلب ته ڏاڍو زبردست مقابلو ٿيو ۽ استاد ان ڏينهن گاڏي ڏاڍي تيز هلائي،پرنيٺ ڍڳي گاڏي اڳيان نڪري اسان جي اکين کان اوجھل ٿي ويئي.
اهو نوجوان اها ڳاله ٻڌائڻ وقت وڌاءُ کان ڪم وٺندو هو،۽ ان ۾ هن جا ٻه مقصد هوندا هئا،هڪ ته استاد موسي جي محتاط ڊرائيوريءَ تي هن جي ڳاله دلچسپي سان ٻڌي وڃي،۽ ٻڌڻ وارا کلي خوب مزو وٺن.
پر حقيقت اها آهي ته اڄ ڪله جي نوجوان ڊرائيورن کي اهي اهم ڳالهيون ۽ ڊرائيونگ جا سنهري اصول سکڻ جي ضرورت آهي.انهن کي کپي ته ڊرائيونگ احتياط سان ڪن.ان ۾ نوجوان خاص طور تي موٽرسائيڪل پڄائڻ جا مقابلا نه ڪن.ڪير اڳتي نڪري وڃي ته ڀلي وڃي،آرام سان منزل تي پهچڻ ۾ ئي ڀلائي آهي،تڪڙ ڪري پنهنجي ۽ ٻين جي جان خطري ۾ نه وجھڻ گھرجي.
زندگيءَ ڏاڍي تيزٿي ويئي آهي،زندگي جي هر شعبي ۾ مقابلي جو رجحان به وڌي ويو آهي.تنهڪري تيز ڊرائيونگ جي رجحان ۾ به اضافو ٿي ويو آهي.گاڏين خاص طور تي موٽر سائيڪلن جي حادثن ۾ به ڳڻتي جوڳيءَ حد تائين اضافو ٿي ويو آهي.ان ڪري گاڏين جي حادثن جي ڪري حادثاتي موتن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي.
اڄڪله جي ڊرائيورن کي استاد موسي جھڙن ڊرائيورن جي ڊرائيوريءَ جي انداز مان سبق پرائڻ گھرجي ۽ پنهنجي ڊرائيونگ ۾ بهتري آڻڻ گھرجي ته جيئن ته غير ضروري تڪڙ کان پرهيز ڪري اوچتن حادثن کان بچي سگھجي.ان جو اهو مقصد نه آهي ته هروڀرو ڪو ڊرائيونگ جو خوف پاڻ تي سوار ڪجي،پر مقصد اهو آهي ته ڪنهن به ٽوڪ ڪرڻ واري جي ڊپ کان اعتدال واري رويي کي ڇڏڻ نه گھرجي.

No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو