Pages

Friday, October 30, 2015

اگھاڙو

اوگھڙ،اوگھڙ مان نڪري اوگھڙ ۾ ڪجھ مهينا رهي اگھاڙي ٻاهر نڪتي.اگھاڙن کي ڍڪيو ويو.اگھاڙن کي وري اوگھڙ کان ڦڪائي لڳڻ لڳي.وري اوگھڙ لاءِ تجسس جنم وٺڻ لڳو.وري کيس اوگھڙ ۾ دلچسپي پيدا ٿيڻ لڳي.
ان اوگھڙ جي ابتدائي هڪ وڻ کي کائڻ سان شروع ٿي.سو کاڌو وري هڪ نئين اوگھڙ جي تخليق جي تخم جي پيدائش ۾ لڳيو وڃي.
هر اگھاڙي کي سگھاڙو ڪرڻ لاءِ تربيتون موجود آهن،جن مان گذرڻ کانپوءِ به هڪ سگھاڙو چوي ٿو ته ” ستر ڪج ستار آئون اگھاڙي آهيان،
                             ڍڪج ڍڪڻ هار،ڏيئي پاند پناه جو.
سو اگھاڙي کي هر ڪنهن کي طنزيه اگھاڙو اگھاڙو چوڻ نه ٿو ٺهي.


Saturday, October 17, 2015

ڏينهن ئي ڏينهن

رات جو وقت هو،چوطرف اونداهي پکڙيل هئي،خاموشي ڇانيل هئي،پر جو آسمان تي نظر ڪيم ته تارا ٽمڪي رهيا هئا.اسان دنيا وارن کي ته اهي ڏيئا لڳن ٿا،پر حقيقت ائين نه آهي.صرف ڌرتي جي هڪ حصي تي سج جي روشني نه پهچڻ کي ئي ته اسين ڌرتي وارا رات سڏيندا آهيون.سج به ته ٻين تارن وانگر ساڳي طرح چمڪي رهيو هوندو آهي.
ڪائنات ته هروقت جاڳي رهي هوندي آهي.جنهن هي منڊلي مچائي آهي تنهن کي ته ننڊ اچي ئي ڪونه،تنهنڪري ڪائنات ۾ ته هروقت مخلوق جي چهل پهل به جاري هوندي.
انساني روح هن فاني جسم مان  پرواز ڪرڻ کانپو خبر نه آهي  ڪيتري رفتارسان ڪهڙي ڪهڪشان جي ڪهڙي گره تي پهچندو هوندو.
سائنسي تحقيق روشني جي رفتار کان وڌيڪ ٽپي نه سگھي آهي.هن ڪائنات ۾ سفر لاءِ اها رفتارته تمام گھٽ آهي.
انسان جڏهن روشني جي رفتار جي محدوديت کي ٽوڙي،  اسان جي هن دور کي جنهن کي اسين جديد سمجھون ٿا،جي قديميت تي کلي رهيا هوندا ته اهو ٻڌي اسان کي ڪيڏو نه عجيب لڳندو.