ڪلفيءَ وارو
اسان جي ڳوٺ جي ٻارن کي سياري جي موسم ۾ به گرمي جي مند جو شدت سان انتظار هوندو آهي.جيئن ته ٽنڊوالهيار،سنڌ جي گرمي شديد هوندي آهي،مئي جي مهيني ۾ گرمي پد 46 تي به پهچي ويندو آهي.وڏن کي ته گرمي ۾ به سياري جي ياد ستائيندي آهي.ٻارن کي ان جو انتظار ان ڪري هوندو آهي جو گرميءَ جي موسم ۾ محمد حنيف ڪلفي وارو والس ڪمپنيءِ جون ڪلفيون انهن طرفان مليل هڪ سائيڪل تي کڻي ، اسان جي ڳوٺ ۾ وڪڻڻ ايندو آهي.ان سائيڪل جي اڳئين حصي ۾ هڪ خانو ٺهيل آهي،جنهن ۾ ڪيميڪل واريون پليٽون لڳائي، ان ذريعي ڪلفين کي ٿڌو رکيو ويندو آهي.ٻار محمد حنيف کي سندس نالي سان نه پر” والز وارو“ سڏيندا آهن. منهنجي پنجن سالن جي ننڍڙي نياڻيءَ مون کان روزانو موبال فون ذريعي ڪال ڪرائي پڇندي آهي ته هاڻي ”والز وارو“ ڪٿي پهتو آهي،ڪڏهن گس ۾ هوندو آهي ته ڪڏهن وري ڳوٺ ۾ ڪنهن جاءَ تي .”بازاري واري گھٽي“ اها جاءِ آهي جتي اسان جي پاڙي جا ٻار کانئس ڪلفيون وٺندا آهن.اتي پهچي موبائل فون تي مس ڪال ڏيندو آهي ته هن جي اتي پهچڻ جي خبر پئجي ويندي آهي.ان گھٽيءَ جي نالي بازار واري گھٽيءَ جو نالو پهرئين دفعي ٻڌو اٿم شايد محمد حنيف پاڻ ئي ان کي اهو نالو ڏنو آهي.حقيقت ۾ اها گھٽي پنهنجي هڪ تمام منفرد حيثيت رکي ٿي،هي اها گھٽي آهي جيڪا اسان جي ڳوٺ جي ٻن پاڙن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي،ان گھٽيءَ مان عورتون جڏهن هڪ پاڙي کان ٻئي پاڙي ڏانهن وينديون آهن ته ڪو مرد يا ڇوڪرو ساڻن گڏ هوندو آهي،جيڪو گھٽيءَ ۾ بيهي ”پٺيرو پٺيرو“ جا لفظ وڏي آواز سان پڪاريندو آهي ته ان وقت ان گھٽيءَ مان گذرندڙ غير مرد ٻئي پاسي منهن ڪري عورتن جي گذرڻ جو انتظار ڪندا آهن.پوءِ جڏهن وري” ٺهيو ٺهيو“ جو اعلان ٻڌندا آهن ته پوءِ منهن ڦيرائي پنهنجي منزل طرف روانا ٿي ويندا آهن.تنهنڪري اسان جي ڳوٺ ۾ اها گھٽيءَ ”پٺيرو پٺيرو واري گھٽيءَ“ جي نالي سان ئي مشهور آهي.ڪجھ سال پهرئين تائين جڏهن بجليءَ جو بحران ايترو گھڻو نه هو جيترو هاڻ آهي ،تڏهن ڳوٺ جا دڪاندار فريزرن ۾ بوتلن ۽ جوسن سان گڏ ڪلفيون به رکندا هئا،پر جيئن جيئن بجليءَ جو بحران وڌڻ شروع ٿيو ته پوءِ ڪلفيون فريزر ۾ ڳري وينديون هيون ۽ دڪاندارن کي نقصان ٿيندو هو،تنهنڪري هنن هاڻي ڪلفيون رکڻ ئي ڇڏي ڏنيون آهن.
محمد حنيف گفتگوءَ دوران ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ ڪلفي پهچائڻ جي مد ۾ هر ڪلفيءَ تي ڪمپني 5 رپيا اضافيءَ وٺندي آهي،جنهنکي ٽرائڪنگ چارجز سڏيو ويندو آهي،پوءِ هڪ چارٽ به ڏيکاريائين جيڪو سائيڪل تي لڳل هو،ان ۾ اها تفصيل لکيل هئي.وڌيڪ ٻڌايائين ته وڪري تي 14 سيڪڙو جي حساب سان ڪمپنيءَ اسان وڪڻڻ وارن کي مزوري ڏيندي آهي.
محمد حنيف کانسواءِ هڪ ٻي ڪمپنيءِ وارو به ڪلفيون کڻي ايندو آهي،پر خبر ناهي ته ٻار ان کان ڪلفيون وٺڻ ۾ دلچسپيءَ نه وٺندا آهن،ٿي سگھي ٿو ته انهن جي ذائقي ۾ ايترو مزو نه هجي،پر هڪڙي ٻي ڳاله به نوٽ ڪئي اٿم ته محمد حنيف جو ٻارن سان رويو تمام سٺو هوندوآهي،هر ٻار مٿي چڙهي پنهنجي پسند جي ڪلفيءَ ۾ ڏي اشارو ڪري ٻڌائيندو آهي ته هي ڪلفي مون کي کڻي ڏي.ٻار هن کي گھيرو ڪيو بيٺا هوندا آهن،جيڪو توهان کي تصويرن ۾ واضح نظر ايندو.
ٻن پنجن سالن جي عمر جي ننڍڙين ڇوڪرين کي محمد حنيف جي باري ۾ ڪچهري ڪندي ٻڌم سا ڏاڍي دلچسپ هئي سا هيٺ ڏجي ٿي.
پهرئين ڇوڪري: تو کي خبر آهي ته والز وارو غريب آهي.
ٻي ڇوڪري: ها،مون کي خبرآهي.
پهرئين ڇوڪري: آئون جڏهن کان وڏي ٿي آهيان ،مون کي تڏهن کان خبر آهي.
ٻي ڇوڪري: آئون جڏهن ننڍي هيس،تنهنجي ننڍي ڀاءُ جيڏي ،مون کي تڏهن کان خبر آهي.
پهرئين ڇوڪري: آئون جڏهن ڄائي هيس، مون کي تڏهن کان خبر آهي.
ٻي ڇوڪري: (لاجواب ٿي ويئي ۽ صرف نا پسنديد گيءَ مان ڪنڌ ڌوڻيائين).








No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو