سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جي دعائن جي مجموعي ”اٿي اور الله سان“ جي پهرئين دعا.
يا رب!
مون کي پنهنجي غصي تي غصو ڏي! مون پنهنجي نفرت لاءِ نفرت پيدا ڪر! هي منهنجي روح ۾ ڪهڙيون ٽوه جو وليون ڦهلايون اٿئي؟ مان ته سراپا دعا هوس! مون ۾ هي بد دعائون ڪٿان آيون؟
يا رب!
منهنجي دشمن تي به رحم ڪر! هن کي به ڪنهن عذاب ۾،ڪنهن آزمائش ۾ نه وجھ! تون ته رحيم آهين،مان ڪير جو تنهنجي فطرت ۾ گھارا وجھان ؟ مان ڪير جو چوان ته تون ڪنهن لاءِ قهرجو سيلاب ٿيءُ؟
يا رب!
تون منهنجي ويري تي به ڇپر ڇانو ٿيءُ! جي مان توکي چوان ته هن تي پهاڙ پٽي اچلاءِ،ته مون کي نه ٻڌ! منهنجي روح کي پنهنجي اٿاه رحمت جي لهر بڻاءِ سڀ تي ٻاجھ ڪر،تون جو ٻاجھارو آهين،بهار جي ڪچي ڪونپل کان به ڪونئرو آهين! منهنجي دشمن جي اکين مان لڙڪ ائين اگھ، جيئن آفتاب نرگس جي گل تان ماڪ اگھي ڇڏيندو آهي!
يا رب!
وير جو جذبو منهنجو وڏو ويري آهي،ٻي ڪنهن لاءِ ايذا رسانيءَ جو خيال به اهو خنجرآهي،جو مان پنهنجي ڇاتيءَ ۾ کوڙي رهيو آهيان.
مون کي پنهنجي غيض ۽ غضب کان پناه ۾ رک ۽ مون کي خود ڪشيءَ کان بچاءِ!
يا رب!
مون کي پنهنجي اخلاق جي خيرات ڏي! مون مان سڀ مدايون نهوڙي ني ۽ مون ۾ هر ڪنهن لاءِ خير جي خواهش پيدا ڪر! تون هر ڪنهن تي پنهنجيءَ مهر ۽ ميا جي برسات ٿيءُ! نه فقط مون تي ٻاجھ ڪر،منهنجي بدخواه تي به ٻاجھ ڪر ۽ هن ۾ نيڪ نيتون ائين اڀار،جيئن ٿوهر ۾ ڳاڙها گل ڦٽي پوندا آهن ۽ وارياسو لهلهائيندو آهي!
يا رب!
مون کي سگھ ڏي ته باقي عمررڳو تنهنجا گيت ڳايان ،عارضي ۽ فانيءَ کي پنهجي ڌيان تان هٽايان ۽ پنهنجي روح جي موسيقيءَ کي تو ۾ ائين سمايان جيئن ندي پاڻ کي سمنڊ ۾ سمائيندي آهي.اها منهنجي آخري دعا آهي،اها دعا قبول فرماءِ.

آمين ثم آمين.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو