Pages

Saturday, July 6, 2013

مشرف ٽوڙائي مڱڻي

مشرف ٽوڙائي مڱڻي

12 آڪٽوبر 1999 ع ۾ جڏهن پاڪستان جي ا ڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف مارشلا نافذ ڪري، ان وقت پاڪستان جي چونڊيل وزيراعظم نوازشريف جي حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو ته ان جو اثر سنڌ جي هڪڙي ڳوٺ ۾ ڪجھ عجيب طرح سان ظاهر ٿيو.محبت جي هڪڙي ڌام ڌوم سان ٿيل مڱڻي ٽٽي پئي.
جنرل پرويز مشرف جي حڪومت سنڀالڻ کان پوءِ روزانو نوان نوان افواه ملڪ ۾ گردش ڪندا رهندا هئا،تن ڏينهن ۾ هڪڙو افواه هلڻ لڳو ته حڪومت ماضي ۾ ڪي شناختي ڪارڊ تي کنيل پئسا وصول ڪري رهي آهي.اهي پئسا مون کي به خبر نه آهي ته قرض طور ڏنا ويا هئا يا امداد طور.مون کي ان جي حقيقت جي ڪا به خبر نه آهي،نه ئي ان جي ڪنهن پسمنظر جي ڪا خبرآهي،ان ڪري جو معاملو ڪو تمام پراڻو هو،تڏهن ته منهنجي عمر به گھٽ هوندي.ٻن همراهن جي ان موضوع تي گفتگو ٻڌم.
پهريون شخص: ٻڌون پيا ته شناختي ڪارڊ تي ڏنل پئسا حڪومت وصول ڪري رهي آهي.
ٻيون شخص: ڳاله ۾ ڪجھ به ڪونهي مڙيئي پيون ڪوڙيون خبرون هلن.
پهريون شخص: چون ٿا ته ڪمپيوٽر تي ڇپيل فهرست به پڌري ڪئي ويئي آهي.
ٻيون شخص: اهو مڙيئي ڪنهن دٻ ڏيئي ڇڏي آهي،ڪمپيوٽر ته اڄڪله عام ٿي ويا آهن ڪير به اهڙي فهرست ڇاپي سگھي ٿو
پهريون شخص: واقعي يار! اها ڳاله لڳي.
ان شناختي ڪارڊ واري معاملي ۾ ماضي ۾ ان معاملي ۾  ڪنوار وارن جي خاندان جي ڪنهن فرد جو عوام کي حڪومت کان پئسا وٺي ڏيڻ ۾ ڪو ڪردارهو،تنهنڪري انهن چيو ته جيڪڏهن اهي پئسا وصول ٿيڻ جي باري ۾ حڪم جاري ٿيو ته جن پئسا کنيا آهن،تن کي پئسا واپس موٽائي ڏيڻا پوندا.اتفاق سان پئسا کڻڻ وارن ۾ گھوٽ وارو خاندان به شامل هو.جن چيو ته اسين اهي پئسا واپس ڪونه ڪنداسين.پوءِ هنن چيو يا نه چيو پر مڙيئي ڳاله مان ڳالهڙو شروع ٿي ويو.ٻنهي خاندانن جي هڪٻئي ۾” تو تو مين مين“ شروع ٿي ويئي،جنهن جي نتيجي ۾ اها مڱڻي ٽٽي پيئي.
ڳاله ۾ هو ڪجھ به ڪونه سو ٿيو به ڪجھ ڪونه.پوءِ گھوٽ واري خاندان وڏي ڪوشش کان پوءِ ڪنواريتن کي راضي ڪري ورتو ته پوءِ اها مڱڻي به بحال ٿي ويئي،”چٽ منگني،پٽ بياه“ وانگر جلد ئي شادي به ٿي ويئي.هاڻي ان جوڙي کي نياڻي به آهي ۽ ٻئي خاندان کيرکنڊ ٿي رهي رهيا آهن.
نوازشريف صاحب جي جمهوري حڪومت وري سنه 2013 ع ۾ قائم ٿي چڪي آهي هاڻي ڏسون ڀلا اها عوام لاءِ ڪهڙي خوشحالي ٿي آڻي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو