تسڪين ۽ تجسس
کاڌو پيتو،اجھو،اٽو،امن وامان ۽ صحت ته انسان جو بنيادي ضرورتون آهن.پر ضروري نه آهي ته هر انسان انهن بنيادي ضرورتن جي پوري هجڻ کان پوءِ به مطمئن رهي.
هن دنيا ۾ اسان پنهنجي زندگي پنهنجي ذهن ۾ گذاري ٿو،انساني ذهن ۾ هڪ اهم صفت آهي جيڪا انسان جي زندگي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.انسان جي لاءِ ضروري هوندو آهي ته ان جي پورائي ڪري يا ان صفت کي معطل رکي.
ان کي معطل رکڻ واريون سرگرميون اڪثر ڪري منفي ئي هونديون آهن.باقي نشي جا سڀئي قسم ان صفت کي عارضي طور معطل ڪرڻ وارين سرگرمين ۾ سڀ کان وڌيڪ منفي آهن.
ٻيون ڪجھ سرگرميون اهڙيون آهن،جيڪي مڪمل ته منفي نه آهن،پر انهن جو ڪنهن فرد يا معاشري جي ڀلائيءَ تي ته ڪوبه فرق نه ٿو پوي،باقي وقت جو زيان ته ضرور آهن،جيئن رانديون،ڊراما،موويز،هروقت حالات حاضره ٻڌڻ ۽ بار بار ان تي تبصرا ڪرڻ ۽ ٻڌڻ.ان ۾ به جيڪڏهن ڊرامن ۽ موويز ۾ تشدد يا ڪي ٻيون منفي سرگرميون ڏيکاريل آهن ته انهن جو به ڪچن ذهنن تي تمام خراب اثر پوي ٿو.
رانديون کيڏڻ ته ان صفت کي استعمال ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجن ٿيون،پرانهن کي صرف ڏسڻ ان صفت کي عارضي طور تي معطل ڪري ٿو.
ننڍي عمر ۾ رانديون کيڏڻ ٻار جي جسماني توڙي ذهني نشوونما جو بهترين ذريعو آهن.وڏي عمر ۾ به خاص طور تي جيڪي پروفيشنل رانديگر آهن،تن لاءِ رانديون ان صفت جو مثبت استعمال آهن.
پنهنجو پاڻ کي مصروف رکڻ به ان صفت جي تسڪين جو باعث بڻجي ٿي.پوءِ جيڪڏهن اهي مصروفيتون مثبت آهن ته پوءَ ان شخص کي،۽ معاشري کي مستقل فائدو پهچندو رهي ٿو،پر جيڪڏهن منفي آهن ته معاشري لاءِ نقصانڪار ٿين ٿيون ۽ ان فرد جي عارضي تسڪين کان پوءِ اهي سرگرميون ان فرد جي لاءِ به هاڃيڪار ثابت ٿين ٿيون.
مٿي مذڪوره انساني ذهن جي اهم ترين صفت کي ” تجسس“ چئبو آهي. جنهنجو انساني ترقيءَ ۾ به تمام گھڻو ڪردار آهي.اها مشهور چوڻي آهي ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي(Necessity is the mother of invention)،پرحقيقت اها آهي ته ضرورت ايجاد جي نه پرگذاري جي ماءُ آهي.ايجاد جي ماءَ ته تجسس(Curiosity) آهي.انساني تاريخ جي هيستائين سڀ کان وڏي موجد ٿامس ايڊسن ان تجسس جي صفت جي تسڪين لاءِ ڪم ڪندي پوري انسانيت جي ڀلائيءَ لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو.
تجسس ئي آهي جيڪو انسان کي علم حاصل ڪرڻ تي آماده ڪري ٿو.علم حاصل ڪرڻ تجسس جي تسڪين جو وڏي ۾ وڏو ذريعو آهي.اها ئي مثبت ترين انساني سرگرمي آهي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو