انسان جي اهميت
هڪ انسان کي جيڪڏهن سڄي دنيا ملي وڃي،هرملڪ ،ملڪ ۾ موجود هر هر ملڪيت هن جي حوالي ٿي وڃي،پر هو هن دنيا ۾ صرف اڪيلو رهندو هجي،ائين به نه ٿئي جو سڀ جا سڀ انسان مري وڃن،جو انهن جي باقيات هن کي پريشان ڪندي رهي ۽ جيڪو واقعو يا حادثو انهن موت جو سبب بنجي،اهو ئي حادثو موجوده ترقي يافته دور ۾ موجود ادارا،انهن جون ملڪيتون،ڪارخانا ،روڊ،رستا ٻيو جيڪي ڪجھه هن وقت هن دنيا ۾ موجود آهي،تنهن کي مڪمل تباه ڪري ڇڏي يا جزوي به نقصان پهچائي.هر هر شيءِ پنهنجي اصلي حالت ۾ هجي فرق صرف اهو هجي ته سواءِ ان هڪ فرد جي باقي سڄي دنيا انسانن کان اک ڇنڀ ۾ خالي ٿي وڃي.هاڻي تصور ڪري ڏسو ته هن شخص کي ڇا مليو؟ هن جي زندگي ڪيئن گذرندي،ڇا هو خوش رهندو؟ بلڪل هو خوش ۽ مطمئن ته نه رهي سگھندو،پر هن جي لاءِ بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ به مشڪل ٿي وينديون.انسان جي سماجي جانور چيو يا سمجھيو وڃڻ جي حيثيت سان هن لاءِ صرف سماجي طور ڪٽجي،بلڪل اڪيلو ٿي وڃڻ جو مسئلو ته هوندو پرڪجھ بنيادي ضرورتون جھڙيون تهڙيون هو پوريون ڪري سگھندو،باقي ڪافي ضرورتون هن جديد دور ۾ جيڪي موجود آهن،جھڙي به حال ۾ هو انهن کان فائدو وٺي رهيو هو،تن کان محروم رهجي ويندو.بيمار ٿي پيو ته ته ڪنهن کان پنهنجي صحت جي چڪاس ڪرائيندو جو ڊاڪٽرئي موجود نه هوندا. بجلي کان به محروم ٿي ويندو،گاڏي به ڪنهن ڪم جي ڪانه رهندس.مطلب ته هن دنيا ۾ انسان لاءِ شيون ئي ڪافي ناهن،انسان کي انسان جي ضرورت پوي ٿي.فقط هڪ انسان سڀ وسائل هجڻ جي باوجود به ڪجھ نه ٿو ڪري سگھي.تنهنڪري جن ملڪن ۾ آبادي گھٽ آهي سي ٻاهرين ملڪن مان قابل،۽ سٺا ماڻهوءَ گھرائي انهن کي پنهنجن ملڪن ۾ رهائي اتي جي شهريت به ڏيندا آهن،۽ پوءِ اها باصلاحيت افرادي قوت انهن ملڪن جي ترقيءَ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي.ڪجھ ڏينهن پهريائين ياهو نيوزتي هڪ آرٽيڪل ۾ پڙهيم ته ايندڙ ڪجھ سالن ۾ چين جي مسلسل ٿيندڙ ترقي ۾ رڪاوٽ ايندي،ان جو سبب اهو ٻڌايائين ته چين جي خانداني منصوبه بندي جي پاليسي جي ڪري اتي پوڙهن جي آبادي وڌي ويندي ۽ نوجوانن ۽ جوانن جي آبادي ۾ گھٽائي جي ڪري پورهيو ڪندڙ افراد جي تعداد ۾ گھٽتائي ايندي جنهن سان چين جي موجوده رفتار سان ٿيندڙ ترقي ۾ ڪمي اچي ويندي.چين جي ترقي جي باري ۾ تحفظات وارو اهو پهريون مضمون منهجي نظر مان گذريو هو.اسان جي ڳوٺ جي هڪ همراه کي اها ڳاله ٻڌايم،ته مسڪرائي چيائين ته ڪجھ به نه ٿيندو،هي پاڻ واري وڌيل آبادي ڪهڙي ڪم ايندي.سڄي ڳاله جو تت اهو آهي ته هر انسان جي جان تمام قيمتي آهي،تنهنڪري ان جي زيان سان سڄي انسانيت کي نقصان پوي ٿو،وقتي طور قومون ۽ ملڪ انهن کي صرف ٻين جو نقصان سمجھن ٿا،پرحقيقت ۾ ائين نه آهي.تنهڪري اهڙيون سڀئي سرگرميون جهڙوڪ جھيڙا،فساد،جنگيون وغيره انساني جانين جي نقصان جو ذريعو بڻجڻ ٿيون تن کي روڪڻ جون ڪوششون سڄي دنيا جي انسانن کي گڏجي وٺڻ گھرجن.دنيا جي آبادي ۾ اڪثريت امن پسند ماڻهن جي هوندي آهي،اهي جيڪڏهن صحيح ڏس ۾ ڪوشش وٺن ته ضرور ڪامياب ٿي ويندا.ان لاءِ سڀ کان اهم قدم انسان جي سوچ ۾ مثبت تبديلي آهي.انسان هيڏي وڏي ترقي ڪرڻ جي باوجود ان بنيادي وحشيانه سوچ مان ناهي نڪري سگھيو،جيڪا هن جي اوائلي دور ۾ هئي.هن جي سوچڻ جي گاڏي جنهن پٽڙي تي شروع کان هلندي اچي،هن کي ان معاملي ۾ اها پٽڙي مٽائڻي پوندي ۽ ان ڳاله تي يقين ڪرڻو پوندو ته فساد پوري انسانيت جي لاءِ نقصانڪارآهي، اها اميد به رکڻي پوندي ته هن دنيا ۾ حقيقي امن قائم ڪرڻ به ممڪن آهي.ان لاءِ پوري انسانيت کي پراڻي فرسوده سوچڻ جي ڊائيمينشن(Thinking dimension) مان نڪرڻو پوندو.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو