ڪمپيوٽر نه مليو
خميس،27 ڊسمبر 2007 ع ،سج لٿي جي وقت،طيب ڪمپليڪس،حيدرآباد سنڌ ۾ ڪمپيوٽر جي خريداري لاءِ هڪ دڪان تي ويٺا هئاسين،مون سان گڏ منهنجي عزيز پريشاني مان ٻڌايو ته هڪ دوست ميسيج ذريعي ٻڌايو آهي ته محترمه بينظيرڀٽو شهيد ٿي ويئي آهي.ان ڳاله جي تصديق لاءِ جيئن ئي دڪاندار ٽي وي کوليو ته ان تي اها ئي خبر هلي رهي هئي،بس ان لمحي ۾ ئي اتي گوڙ شروع ٿي ويو ۽ سڀني دڪاندارن دڪان جي شٽرن کي تيزي سان هيٺ ڪرڻ شروع ڪيو.اسين پهرين منزل تي هئاسين،سڀني سان گڏ تڪڙو هيٺ ڊوڙياسين ۽ اچي ڳوٺان پاڻ سان گڏ آندل ٽيڪسي ۾ سوار ٿياسين.ڊرائيور به گاڏي تڪڙي ڊوڙائي پر ٽريفڪ به جيم ٿي ويو. ڊرائيوراسان سان مشورو ڪيو ته ڪهڙي رستي کان واپس ٽنڊوالهيار هلجي،اسان چيس ته جتان به تو کي وڌيڪ سلامتي وارو رستو لڳي اهو اختيارڪر،هن چيو ته پوءِ ٺيڪ آهي،حيدرآباد شهرجي اندران گذرڻ جي بدران ٻاهران ٻاهران نڪري ٿا هلون.روڊ تي هرطرف صرف گاڏيون ئي گاڏيون هجن ۽ انهن ۾ موجود هرهڪ فرد خوف وهراس ۾ ورتل هو.ٿورو اڳتي هلي ڊرائيور اها دردناڪ خبر ٻڌائي ته گاڏي ۾ نه سي اين جي ۽ نه ئي وري پيٽرول آهي.هڪ ٻن سي اين جي ۽ پيٽرول پمپ تي پهتاسون ،پر اهي بند ٿي چڪا هئا،۽ اهڙي طرح ٿوري دير ۾ ئي سڀ جا سڀ پمپ بند ٿي ويا.
اسان کي اتان ويجهي ۾ ويجھو سٽيزن ڪالوني هئي جتي اسان جي هڪ عزيز جو گھر هو.اوڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪيوسين.جيئن ئي ڪار سٽيزن ڪالوني ڏي مڙي ته اسان جي تيزيءَ سان ڌڙڪندڙ دلين ڪجھ سک جو ساه کنيو،ڇو جو ڏٺوسين ته ان موڙ کان تقريبن 10،12 فوٽن جي فاصلي تي همراه ٽائر ساڙيو، لٺون کنيو رستو روڪيو بيٺا هئا،پر تيسين اسين به ڪافي اڳتي نڪي چڪا هئاسين.لڳي ٿو ان ڏينهن اسان جي ڀلائي هئي جو گاڏي ۾ پيٽرول نه هو نه ته ڪٿي اڳتي هلي گاڏي ساڙائي ويهون ها.پوءِ پيا شهر۾ پنڌ اجهي لاءِ ڊوڙون ها يا اتان ئي پنڌ ٽنڊوالهيار لاءِ نڪرون ها،جيئن منهنجو هڪ مائٽ حيدرآباد مان پنڌ ڳوٺ پير سڄائي پهتو.هن سان گڏ ڪيترائي ماڻهوءَ پنڌ قافلي جي صورت ۾ ريلوي ٽريڪ وارو رستو وٺي ،گس ۾ مسجدن ۾ ساهيون کڻندا پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان رهيا.ريلوي ٽريڪ به ان ڪري ورتائون جو گاڏين وارو رستو وٺڻ خطرناڪ هو.
سنڌ ۾ ته سڄو ڪاروهنوار ئي ٺپ ٿي ويو هو. باقي سڀ ڪم ڇڏي عوام سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان رسائڻ ۾ رڌل هئي.
اها رات ته اتي ئي گذاريسون،ٻئي ڏينهن مون سان گڏ منهنجو عزيز قاسم آباد ۾ هڪ ٻئي گھر منتقل ٿي ويو.
سٽيزن ڪالوني واري مسجد ۾ جمعي واري نمازتي مولوي محمد يامين شوري صاحب سان ملاقات ٿي،جيڪو پڻ متاثرين ۾ شامل هو.مولوي صاحب سنڌي، اردو،عربي ۽ فارسي ٻولين تي سٺي مهارت رکي ٿو.تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏوگڏ،مسڻ وڏي جي مدرسه دارالهديٰ جو ناظم،مسڻ وڏي جي جامع مسجد جو خطيب پڻ آهي.مولوي صاحب ڪچهري جو ڪوڏيو،۽ تمام کل مک طبيعت جو مالڪ آهي.
مولوي صاحب ٻڌايو ته واقعي کان پوءِ شهر مان پيادو ئي ڪنهن اجهي ڳولڻ لاءِ هلڻ لڳس،منهنجي اڳيان جيڪو ميڙ وڃي رهيو هو سو باهيون ڏيندو،مليڪيتن کي نقصان رسائي رهيو هو،ته هڪ ڏاهي مون کي صلاح ڏني ته شريف ماڻهوءَ لڳو ٿا، هنن شر پسندن جي پٺيان ڇو پيا هلو،هڻي ڪو بانٺو ڪيرائي وجھندوي ته ڪير ڌڻي ڌوڙي به ڪونه ٿيندو،مفت ۾ پنهنجي جان وڃائيندو.اها ڳاله مون کي دل سان لڳي پوءِ کڻي گھٽيءَ مٽايم ۽ وڃي پراڻي واسطي وارن جي گھر پناه ورتم ۽ رات اتي ئي گذاريم.
مولوي صاحب اديب ۽ شاعر پڻ آهن.پاڻ جڏهن حج جي فرض ادا ڪرڻ جي لاءَ سعودي عرب جو سفر اختيار ڪيائون ته ان جو احوال پنهنجي لکيل سفرنامي” مسڻ کان مديني“ ۾ ڪيو اٿائون،جيڪو تمام معلوماتي ، دلچسپ ۽ پڙهڻ جوڳو ڪتاب آهي.اهو ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي وارن ڇپايو آهي.
ان ڏينهن سج لٿي کان پوءِ خبر پيئي ته عسڪري وارو پيٽرول پمپ فوج جي نگرانيءَ ۾ کليو آهي.ڪار کي ڊرائيور هڪ همراه جي مدد سان ڌڪي سڪي اچي اتي پهچايو.اتان پيٽرول ڀرائي ڳوٺ لاءِ روانا ٿياسون.رستي تي عجيب منظرهئا.جڳه جڳه تي ٽرڪون،ٽريلر۽ بسون سڙيل نظر آيا.


No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو