ڪافي وقت کانپوءِ هن بلاگ تي پوسٽ لکي رهيو آهيان.شروع ۾ ڪافي ڪوشش ڪئي ته هي منهنجو بلاگ مانيٽائيز ٿي وڃي پر ائين نه ٿي سگھيو.ان وقت سنڌي ٻوليءَ وارو بلاگ مانِيٽائيز نه ٿي سگھندو هو.هن دفعي جيئن ئي ايڊسينس تي هن بلاگ کي ايڊ ڪيم ته هڪدم رد نه ٿيو، پر ريويو ۾ هليو ويو.اميد ته هي مانيٽائيز ٿي ويندو.هن کان پهرين يوٽيوب تي منهنجو هڪ چينل مانيٽائيز ٿي چڪوآهي.باقي پنج چينل مانيٽائيز نه آهن.هن وقت سڄي دنيا ۾ يوٽيوب ڪمائيءَ جو وڏو ذريعو ٿي چڪو آهي.تنهنڪري سنڌ ۾ رهندڙيا سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سڀني سنڌين کي اهو مشورو ڏيندس ته اهي به پنهنجي پسند جي شعبي تي هڪ يوٽيوب چينل ضرور ٺاهين.هاڻي اهو ڪم ايڏو مشڪل نه رهيو آهي.ان جي باري ۾ بنيادي شيون يوٽيوب تان ئي آساني سان سکي سگھجن ٿيون.
انسان سکندو ئي غلطين مان آهي،تنهڪري سڀ کان پهرين غلطي ڪرڻ کي به سکڻ گھرجي.اسان جي معاشري ۾ غلطي کي ڏوه سمجھيو ويندو آهي.تنهڪري ننڍپڻ ۾ اسان غلطين تي يا ته مار کاڌي هوندي آهي يا ٽوڪون سٺيون هونديون آهن،تنهنڪري غلطين ڪرڻ کان ڊڄندا آهيون ۽ نيون نيون شيون سکي نه سگھندا آهيون.
يوٽيوب تي چينل هلائڻ ۾ تمام گھڻي گنجائش آهي،اڻکٽ موضوع آهن.هرموضوع تي ضروري نه آهي ،ته هروڀرو چهرو به ڏيکارجي.ان کانسواءِ به ڪافي موضوع آهن،جن تي کي ٺاهي سگھجي ٿو.
مهنجي هڪ وڊيو جيڪا مون 2013 ع ۾ اپلوڊ ڪئي هئي،تنهن کي ڏيڊ لک کان وڌيڪ دفعا ڏٺو ويو آهي.سا به هڪ پراڻي موبائل تي ريڪارڊ ڪيل آهي،جنهن ۾ ڪجھ به ناهي صرف هڪ مشين هلندي ڏيکاريل آهي.
ڪمنٽس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا،۽ جيڪڏهن توهان جو ڪو يوٽيوب چينل ٺاهيو آهي ته ان جي باري ۾ به ضرور ٻڌائيندا.