Pages

Saturday, April 27, 2013

اڻپور

اڻپور

لفظ اڻپور،اڻپورو مان نڪتل آهي،جنهنجي معنيٰ آهي نامڪمل،نامڪمل چئبو آهي،حصي کي،تنهنڪري اڻپور جي معنيٰ آهي حصو.شين جي مڪمل تعداد جي اظهار لاءِ ته سڄا عدد آهن،۽ انهن جي وري حصن کي بيان ڪرڻ لاءِ اڻپورآهي.لفظي طور اڻپورا عدد هن طرح سڏبا آهن،چوٿو،اڌ،ٽيون حصو،منو،پنجون حصو،ڇهون حصو،ستون حصو.مٿين اڻپورن کي عددي طور هينئن ڪري لکبوآهي.



مٿين اڻپورن کي ترتيبوار هن طرح پڙهبو،هڪ ڀاڱي چار،هڪ ڀاڱي ٻه،هڪ ڀاڱي ٽي،ٽي ڀاڱي چار،هڪ ڀاڱي پنج،هڪ ڀاڱي ڇه،هڪ ڀاڱي ست. ڪنهن اڻپو ۾ مٿين عدد کي انس ۽ هيٺين عدد کي ڇيد چئبو آهي.هڪ ڀاڱي چار ۾ 1 انس ۽ 4 ڇيد آهي.
ڪنهن به سڄي شيءِ جي ڪيل ڪل ٽڪرن کي ڇيد چئبو آهي،ان مان کنيل ٽڪرن کي انس چئبو آهي.
هيءَ هڪ سڄو ڪاغذ آهي.

هاڻي هن ڪاغذ کي ٻن برابر حصن ۾ ورهايوسين.هڪ سڄي شيءَ کي جيترن ٽڪرن ۾ ورهائبو ته  ٽڪرن جي ان تعداد کي ڇيد ڇئبو آهي.
 هاڻي انهن ٻن برابر ٽڪرن مان هڪ کي کنيوسين ته هڪ انس ٿيندو ان اڻپور جو،جيئن ته ڪل ٻه برابر ٽڪر ان ڪاغذ جا ڪيا ويا هئا ته ڇيد ٻه ٿيندو۽ ان کنيل ٽڪري کي ان سڄي ڪاغذ جو هڪ ڀاڱي ٻه  حصو يعني اڌ سڏبو.باقي پوئتي رهيل حصو به ان ڪاغذجو هڪ ڀاڱي ٻه حصو يعني اڌ ٿيندو.

 هاڻي هڪ سڄي ڪاغذ کي چئن برابر حصن ۾ ورهايو ويو آهي.تنهنڪري ان مان ٺاهيل سڀني اڻپورن (حصن) جو ڇيد 4 ٿيندو.


هاڻي ان برابر 4 حصن مان هڪ کي کنيوسين ته ان اڻپورجو انس 1 ٿيندو،۽ جيئن ته ڪل ٽڪر ان سڄي ڪاغذ جا چارڪيا ويا هئا تنهنڪري ان اڻپورجو ڇيد 4 ٿيندو.ان کنيل ٽڪري کي ان سڄي ڪاغذ جو 1/4 حصو يعني چوٿو چئبو.
هاڻي ان برابر 4 حصن مان 2 حصا کنياسون ته ان اڻپور جو انس 2 ٿيندو،ان سڄي ڪاغذ جا 4 ٽڪر ڪيا ويا هئا،تنهڪري ڇيد 4 ٿيندو.ان هٿ ۾ کنيل ٽڪري کي ان سڄي ڪاغذ جو 2/4 اڻپور(حصو) ڇئبو.
هاڻي ان برابر 4 حصن مان 3 حصا کنياسون ته ان اڻپور جو انس 3 ٿيندو،ان سڄي ڪاغذ جا 4 ٽڪر ڪيا ويا هئا،تنهڪري ڇيد 4 ٿيندو.ان هٿ ۾ کنيل ٽڪري کي ان سڄي ڪاغذ جو3/4 اڻپور(حصو) يعني منو چئبو.
هڪ استاد پنهنجي چئن پٽن کي اڻپورسيکاريو،پوءِ ان ڳاله جي تصديق ڪرڻ لاءِ ته کين اڻپور جو تصور سمجھ ۾ آيو آهي يا نه ان لاءِ کانئن هڪ امتحان تمام دلچسپ نموني سان ورتائين.سندس چئن پٽن جا نالا اسلم،سليم،علي،۽ اڪبر هئا.عمر ۾ اڪبر سڀ کان وڏو هو،ان کان پوءِ علي ۽ سليم هئا. اسلم سڀ کان ننڍو هو.
1000 رپين جو نوٽ سڀني کي ڏيندي چيائين ته هن مان 1/10 حصواسلم کڻي،2/10 حصو سليم کڻي،3/10 حصوعلي کڻي،۽ 4/10 حصواڪبر کڻي.
اڪبر جيتوڻيڪ عمر ۾ سڀ کان وڏو هو،پر سمجھ ۾ ڪجھ گھٽ هو،جيئن ئي گھران ٻاهر نڪتا ته اڪبر ڀائرن کي چيو ته هاڻي بابي جي اڻپور مان ڦاٿاسين.مون کي چار ٽڪر ڏيئي مون تي ڪهڙو ٿورو ڪيو اٿس،هڪ هزار جي نوٽ جا ڏه ٽڪر ڪنداسين ته پوءِ جھڙو هڪڙو ٽڪرتهڙا چار ٽڪر،اجايو هڪ هزار رپيو ان اڻپور جي چڪر ۾ وڃائينداسون.علي سڀني کان سياڻو هو،تنهن چيو ته هڪ هزار جي نوٽ کي کليو ڪرائي،100 رپين جا نوٽ دڪان تان وٺنداسين ته اهي پاڻ کي ڏه نوٽ ملندا،ته هڪ هزار رپيو ڏهن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويندو.پوءِ اها صلاح سڀني کي ڏاڍي وڻي.پوءِ بازار ۾ وڃي پئسا کليا ڪرايائون،جنهن مان سوء جو هڪ نوٽ اسلم،ٻه نوٽ سليم،ٽي نوٽ علي،۽ چار نوٽ اڪبر کنيا.واپس گھراچي پيءُ کي تفصيل ٻڌايائون ته پيءُ ڏاڍو خوش ٿيو.

Wednesday, April 17, 2013

چنگچيءَ جون چڱايون

چنگچيءَ جون چڱايون

ڪجھ سال پهرين چنگچين جي ميدان ۾ اچڻ کان اڳ ،اسان جي ڳوٺان روزانو صبح جو سوير هڪ ڊاٽسن سوارين کي کڻي ٽنڊوالهيار پهچائيندي هئي،ڊاٽسن ۾ نه جھنگلو لڳل هوندو هو ۽ نه ئي وري سيٽون لڳل هونديون هيون،گرمي ۾ ته جيئن تيئن ڪم ڪڍي وڃبو هو، پر سياري جي مند ۾ سيارو سٽي ڇڏيندو هو،تنهڪري ڊرائيورسان گڏ ٻن سيٽن جي بڪنگ لاءِ اڌ ڪلاڪ اڳواٽ وڃي سيٽ تي قبضو ڪبو هو.ڳوٺ مان ڳوٺ ۾ جيڪي ڀاڄي وڪڻڻ وارا روزانو ٽنڊوالهيار شهر مان ڀاڄيون ۽ ٻيو ڪجھ سامان خريد ڪرڻ ويندا هئا، اڪثريت ته انهن جي هوندي هئي.ڪجھ کير وڪڻڻ وارا به ڊم اچي ماڻهن جي وچ ۾ رکندا هئا.ان کان علاوه اهي نوڪرين وارا جن جون نوڪريون شهرن ۾ هونديون تن کي به ان ڊاٽسن ۾ ئي وڃڻو پوندو هو،ڇاڪاڻ ته ان کانسوءِ ٻئي سواري نه هوندي هئي، صرف گھوڙن وارا ٽانگا هوندا هئا،۽ انهن جو وري اصول هوندو هو ته چاريا پنج سواريون جڏهن ٿينديون هيون،تڏهن هلندا هئا، نه ته ويهي انتظارڪريو يا يڪو ٽانگو ڪريو يعني چاريا پنج ماڻهن جو ڪرايو اڪيلو ئي ادا ڪريو ته پوءِ ٽانگو هلندو هو،منهنجي شاگرديءَ جي زماني ۾ يڪي ٽانگي ڪرڻ جو ته سوال ئي پيدا ڪونه ٿيندو هو ته ڪو غريب شاگرد ان کي برداشت ڪري سگھي،ان کي وڏي عياشي تصور ڪيو ويندو هو،اهو هرڪنهن جي برداشت کان ٻاهر هو. سي به صرف ٽنڊوسومرو اسٽاپ تائين پهچائيندا هئا.ان کان پوءِ وري بس جي ذريعي ٽنڊوالهيار پهچڻو پوندو هو.صبح ساڻ ٽنڊو آدم کان ايندڙ بسون ڀريل هونديون هيون،بس ۾ بيهڻ جي جڳه به مشڪل سان ملندي هئي،ڪڏهن ته پيرڻي تي به بيهڻو پوندو هو.باقي الله سائين پناه ڏي! خميس جو ڏينهن نه هجي،ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن ٽنڊو الهيار ۾ رڍن ۽ ٻڪرين جي پڙي لڳندي آهي،سو ٻڪرين ۽ رڍن وارا به ان ڏينهن انهن کي بسن ۾ سٿي ڇڏيندا هئا،۽ وڏي ڳاله پيمپر ته ٺهيو پر کين سٿڻ به نه پارائيندا هئي،باقي مسافرن جي  قسمت کٽي.
ٽنڊو الهيار کان واپسيءَ وقت وري ٽنڊو آدم بس وارا بس جو پويون گيٽ بند ڪري،بس ۾ صرف هالا،ڀٽ شاه ۽ ٽنڊو آدم جي سوارين کي چڙهڻ ڏيندا هئي ته جيئن اهي وڃي سيٽن تي ويهن.باقي گس وارن کي چوندا هئا ته بس مٿي چڙهي وڃو،نه ته انتظار ڪريو،بس هلڻ وقت بس ۾ بيه سفرڪجو.هڪ بس ڊرائيور جي پٺيان ٽن واري سيٽ، هڪ ڊرائيورجي کاٻي پاسي واري سيٽ،هڪ صفا پٺين پنجن واري سيٽ مردن لاءِ هئي،باقي سڄي بس ليڊيز لاءِ مختص هئي.انهن سيٽن کان علاوه ڪنهن به سيٽ تي ويٺل ڪنهن به مرد کي،عورت جي بس ۾ سوار ٿيڻ سان ئي اٿاري،عورت کي ويهاري ڇڏيندا هئا.
هڪدفعي ڳوٺ ۾ ٽانگا اسٽاپ تي، ٽانگي ۾ پوئين سيٽ تي ويٺو هجان،ٽانگي ڀرجڻ ۾ دير ٿي رهي هئي،ان ڏينهن اسان جي هاءِ اسڪول جي ڏهين ڪلاس جي شاگردن کي اسڪول پهچڻ کان پوءِ پنهنجي سائنس ٽيچرسان گڏ سائنسي ميلي ۾ شرڪت لاءِ حيدرآباد شهر جي ڪنهن هاءِ اسڪول وڃڻو هو.بلڪل سامهون هڪ پڪوڙن ٺاهڻ وارو پنهنجي ڪم ۾ مشغول هو،جيئن دير ٿيڻ جي ڪري مون کي پريشاني ٿي رهي هئي،تهنڪري مون کي ان پڪوڙن واري تي رشڪ ٿي رهيو هو ته هن کي ته ڪابه اون ئي ڪونهي.اهو ساڳيو پڪوڙن وارو ڳوٺ ۾ اڃان تائين پڪوڙا ٺاهي رهيو آهي،بس ايترو فرق آهي ته اهوان وقت ڪنهن وٽ ملازم هو،۽ هاڻي هن جو پنهنجو دڪان آهي.
 31 آڪٽوبر1984 ع تي هندوستان جي اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌي پنهنجي ٻن سک باڊي گارڊن جي هٿان مارجي ويئي،سو ڏينهن به مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي جو اسڪول کان واپسيءَ وقت ٽانگي ۾ ٻه اٽي جون ٻوريون رکيائون،تن پير ۽ گوڏا چپي ڇڏيا،گھر پهچي والدين جي اڳيان سائيڪل خريد ڪري ڏيڻ جو مطالبو رکيم،جيڪو اهي پورو نه ڪري سگھيا يا ڪنهن مصلحت سبب پورو نه ڪيائون،ڇاڪاڻ ته والدين ٻارن جي ڀلي لاءِ ئي فيصلا ڪندا آهن.
چنگچين ٽانگن کي ته صفا ختم ڪري ڇڏيو آهي،باقي ٻين سوارين جي پاران استعمال ۾ اچن پيون پر انهن جي به هڪ هٽي ختم ڪري ڇڏي اٿن،ڊاٽسن وري چنگچي کان سبق پرائيندي گذريل ٻن سالن کان ملن تائين ڪمند پهچائڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي.سو ان به وڃي ٽرڪن ۽ ٽرالين جي ڪم ۾ ٽنگ اڙائي آهي.
باقي پري واري سفر لاءِ چنگچيون ايتريون ڪارگر نه آهن،تڏهن به اسان جي ڳوٺ جا ڪجھ ماڻهوءَ هالا مان کٽون به چنگچين ذريعي آڻي چڪا آهن.ڪي همراه وري تلهار تائين به چنگچين کي استعمال ڪري چڪا آهن.باقي پاڪستان ريلوي جي زوال ۾ چنگچين جو ڪو به قصور ناهي.
ڪنهن چنگچيءَ کي هروڀرو ڏوراهين سفر تي وٺي وڃڻو آهي ته پوءِ وري اسان جي ڳوٺ جي هڪ رئيس ڏي ڪم ڪندڙ هڪ ڪم واري جي ٽيڪنيڪ استعمال ڪرڻي پوندي،جنهن تحت هو هڪ رڪشا کي حيدرآباد شهر مان ڪاهي اچي اسان جي ڳوٺ لٿو.
هي ڪافي سال پراڻي ڳاله آهي ته هي همراه رئيس جو هڪ ڪڪڙ حيدرآباد شهر مان کڻي ڳوٺ واپس اچي رهيو هو.هن هڪ رڪشا واري کان پڇيو ته ٽنڊي سومري هلندين،ڊرائيوربه ڪو نئون هو تنهن پچيس ڪيترو پري آهي.هن همراه ٻڌايس ته ويجھو آهي.همراه به سمجھيو ڪو ٽنڊو حيدر،ٽنڊو ميرمحمود يا ٽنڊو ولي محمد وانگر ڪو ٽنڊو سومرو آهي.هائوڪار ڪري هن کي سوار ڪرائي هن کان گس پڇندو روانو ٿيو.هلندي هلندي منزل ته اچي ئي نه،ڊرائيور گس تي بار بار پڇندوهلي ته باقي ڪيترو پري آهي.هيءَ همراه به منهن جو صفا پڪو سو چويس باقي ٿورو.باقي ٿورو! باقي ٿورو! ڪندي اچي ٽنڊوالهيار پهتا.رڪشا ڊرائيور به صفا ڪاوڙجي پيو.هن همراه چيس ته هاڻي واقعي ٿوري پنڌ تي آهي،هل ته اتي پهچي تو کي ڪرايو ڏيان.ائين ڪري نيٺ ڳوٺ پهچي ويا،اسان جي ڳوٺ جو رئيس تمام سٺو،سخي،۽ فياض ماڻهوءَ آهي تنهن رڪشا واري جي سٺي خدمت ڪري،کيس ڪرايوبه جام ڏيئي خوش ڪري واپس حيدرآباد شهر ڏانهن موڪلي ڇڏيو.

Saturday, April 13, 2013

ڪڙو لطيفو

ڪڙو لطيفو

سنه 2002 ع ۾ جڏهن ٽنڊو الهيار اڃا تائين ضلعونه بڻيو هو،پر ضلعي حيدرآباد جو هڪ تعلقو هو،ان جي هڪ گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول ۾ رسيس جي وقفي ۾ هيڊ ماسٽر صاحب جي آفيس ۾ ويٺا هئاسين.
تڏهن ”هاءِ اسڪول ٽيچرس“ ۽ ”جونيئر اسڪول ٽيچرس“ جي پوسٽن تي ڀرتيون به ”سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن“ جي ذريعي ڪيون ويون هيون.ان اسڪول ۾ اسان تازو ڀرتي ٿيل ٽي ”جونيئراسڪول ٽيچر“ ۽ ”هڪ هاءِ اسڪول ٽيچر“ جنهن کي ان اسڪول ۾ هيڊ ماسٽر ڪري رکيو ويو هو،ڪم ڪري رهيا هئاسين.ان کان پهريائين ان اسڪول کي صرف هڪ جونيئر اسڪول ٽيچر هلائي رهيو هو،جيڪو ٻئي هاءِ اسڪول مان هن ايليمينٽري اسڪول ۾ ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو.اهو استاد اسان جي هن اسڪول ۾ مقرر ٿيڻ کان پوءِ به ڪجھ مهينن تائين ان اسڪول ۾ ڪم ڪندو رهيو.
اسان ٻه جونيئر اسڪول ٽيچر هڪ ئي ڳوٺ جا هئاسين،جڏهن ته هيڊماسٽرصاحب جو تعلق حيدرآباد شهر سان هو.
گفتگو دوران هيڊ ماسٽر صاحب چيو ته ڪي لطيفا ٻڌايو ته ذهن ڪجھ تروتازه ٿي وڃي،ان تي سڀ کان پهريائين منهنجي ڳوٺائي استاد لطيفو ٻڌايو،لطيفو ڏاڍو زبردست هو،ٻڌي اسان ٽهڪن ۾ ٻڏي وياسين،پر جيئن ئي اسان جي نظر هيڊماسٽر صاحب جي چهري تي پيئي ته اسين صفا ماٺ ٿي وياسون،ڇاڪاڻ ته هيڊ ماسٽر صاحب کليو ته ٺهيو پر مسڪرايائين به نه پر ماڳهين ڪاوڙ۾ ڀرجي ويو ۽ منهنجي ڳوٺائي استاد کي چيائين ته ”هي لطيفو هينئر جو هينئر ئي توهان منهنجي باري ۾ ٺاهيو آهي.“هن هيڊ ماسٽر صاحب کي وضاحت ڪندي ٻڌايو ته ”اهو لطيفو پراڻو آهي،۽ مون ان کي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو.“تڏهن مون به اهو لطيفو پهرين دفعي ٻڌو هو،پر پوءِ ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهي ڏٺم ته واقعي اهو لطيفو اڳيئي ٺهيل هو.
لطيفو
ماءُ پٽ کي ننڊ مان اٿاريندي،”ابا!ابا! ننڊ مان اٿ،توکي اسڪول وڃڻو آهي.“ ”نه نه امان آئون اسڪول ڪونه ٿو وڃان“ پٽس وراڻيو،ماڻس چيس ته ”ابا! ائين نه ڪر،اسڪول وڃ“ نه امان آئون اسڪول ڪو نه ٿو وڃان،اتي ته آئون ڪنهن کي به ڪونه ٿو وڻان“پٽس جواب ڏنو،ماڻس ننڊ مان اٿاريندي چيس ته”پٽ! ائين نه ڪر،تون اسڪول وڃ،تون ته اسڪول جو هيڊ ماسٽرآهين“

Thursday, April 11, 2013

ساڳئي ڌرتي، نئون انسان.

ساڳئي ڌرتي، نئون انسان

جيئن ٽيليويزن جو بٽڻ کوليم،ته خبرن جي چينل تي هلندڙ خبرون ٻڌي صفا حيران ٿي ويس.نه آمريڪا جون war on terror بابت خبرون،نه فلسطين ۽ اسرائيل جي مسئلي جوذڪر،نه ڪشمير جو باري ۾ ڪا خبر،نه اتر ڪوريا،ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا جي ڪا پاڻ ۾ ڇڪتاڻ،نه افعانستان ۾ هلندڙ جنگ جو ذڪر،نه عراق جي بد امني،نه پاڪستان ۽ هندوستان ۾ ڪا ڇڪتاڻ.نه آفريڪا کنڊ جي غريب ملڪن جي بک،بدحالي ۽ اتي جي ايڊز متاثرين جي باري ۾ خبرون،نه صومالي قزاقن جي وارداتن جو خبرون.
عوامي سطح تي نه جھيڙا نه فساد،نه قومي،لساني،ملڪيتي،فرقيورانه جهيڙا،نه دهوڪو نه فساد.بلڪل پرامن،تعميراتي،۽ صفا نئين قسم جون خبرون.
پنهنجو پاڻ کي چهنڊڙي هڻي ڏٺم ڏاڍو سور ٿيو،پڪ ٿيم ته ننڊ ۾ به ناهيان،صحيح صورتحال جي خبر ۽ جائزو وٺڻ لاءِ ٻاهر نڪري پيس،ته سامهون نظروڃي هڪڙي لائبريري تي پيئي، جنهنجي  بلڊنگ  تمام وڏي هئي.ان عمارت ۾ گھڙي ويس ته تمام گھڻا ماڻهوءَ خاموشيءَ سان مطالعي ۾ مصروف هئا.اتي حيران بيٺي ڏسي هڪ ڪم ڪندڙ عورت اچي مون کان حقيقت حال پڇي،ته هڪدم دنيا جي حالات جي باري ۾ تبديليءَ جي باري ۾ کانئس هڪ ساهي ۾ سڀ سوال پڇي ويس.هو منهنجي مسئلي کي سمجھي ويئي،ڪو به جواب ڏيڻ کانسواءِ چيائين فلاڻي ڪٻٽ ۾ ڪتاب نمبر 136،ڪتاب جو نالو” ساڳئي ڌرتي نئون انسان“ جو پهريون جلد وڃي پڙهو،توهان کي سڀ ڳاله سمجھ ۾ اچي ويندي،ائين چئي تڪڙو تڪڙو لائبريري کان ٻاهر نڪري ويئي.
مون ڪتاب کولي جيئڻ پڙهڻ شروع ڪيو ته ان جي مهاڳ مان  مان خبر پيئي ته هن دنيا ۾ هاڻي جيڪو انسان رهي ٿو،تنهن تمام گھڻي ترقي ڪئي آهي ۽ هن دنيا کي هڪ حقيقي ڳوٺ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي جنهنجي مرڪزي حڪومت هڪڙي ئي آهي،تنهڪري هاڻي هن دنيا ۾ فوجن،انٽيليجنس ادارن،پوليس جھڙا ادارا بلڪل ختم ٿي چڪا آهن.هن دنيا جي ڳوٺ ۾ بلڪل امن آهي.هر ڪنهن سان انصاف ٿئي ٿو.پر اهو سڀ ڪجھ ڪيئن ٿيو،خبر پيئي تقريبن هڪ هزار سال اڳ هڪ تحريڪ ”پرامن دنيا“ جي نالي سان شروع ٿي.آهستي آهستي سڄي دنيا جا عالم ۽ دانشور ان کان متاثر ٿيڻ لڳا ۽ هنن گڏجي پرامن دنيا جي حصول لاءِ سڀني علمي شعبن تي ان تناظر۾ تحقيقي ڪم شروع ڪيو.ان مقصد جي حصول لاءِ خلائي سائنس،نفسيات،جينييات تي تمام گھڻو ڪم ڪيو ويو.مختلف گرهن کي آباد ڪيو ويو،پوري دنيا جي انسانن جو جينياتي ۽ نفسياتي ٽيسٽون وٺي،انهن کي مقرر ڪيل معيارن مطابق ڌرتي،مريخ،مشتري،زحل ۽ ٻين مختلف گرهن تي رهڻ وارن جي ڪيٽگري ۾ شامل ڪري اتي منتقل ڪيوويو.ان سڄي جدوجهد ۾ محققن کي ٻن مسئلن تمام گھڻو پريشان ڪيو، هڪ ته جيڪڏهن مختلف صلاحيتن وارا ماڻهو جن کي صرف پرتشدد رجحانن جي ڪري هن ڌرتيءَ تان نيڪاليءَ ڏني ويئي ته پوءِ انهن جو متبادل talent ڪيئن حاصل ڪيو ويندو،ٻيو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو اهي ڌرتي نيڪايل فسادي ماڻهوءَ وري ترقي ڪري اچي نه هن بي هٿيار ڌرتي تي حملو ڪن ۽ وري قصو ماڳهين خراب ٿي پر نيٺ وڏي ڪوشش کان پوءِ ان جو حل ڪڍيائون،ان جو تفصيل مون ٿوري وقت ۾ نه پڙهيو،ان کان پوءِ ان منصوبي تي عمل ڪرڻ شروع ڪيائون.لائبريري تي نظر ڦيرائيندي هڪ سيڪشن تي نظر پيم جنهن تي لکيل ڏٺم ”پراڻو انسان“ ان ۾ ڪتاب ڏٺم ته اهو انسان جي خون خرابي سان ڀريل تاريخ جي ڪتابن سان ڀريل هو.وري ٻيا سيڪشن ڏٺم ته انهن ۾ مختلف گرهن تي آباد ڪيل انسانن جي تاريخ ۽ ڊائرڪٽريون اتي پيل هيون.انهن کي مٿاڇرو ڏسي وري واپس اچي ساڳيو ڪتاب پڙهڻ لڳس.ٿوري دير۾ ساڳئي عورت جنهن مون کي ڪتاب جي باري ۾ ٻڌايو هو، تنهن مون کي هڪ گلاس جوس جو اچي سرو ڪيو.جوس پيئڻ جي 15 منٽن کان پوءِ مون کي ڳهر محسوس ٿيڻ لڳي.آئون اتي ئي ويٺل رهيس ته ان عورت مون کان طبيعت پچڻ کان پوءِ ٻڌايوته  ڀر۾ ئي هڪ اسپتال آهي اتي اطلاع ڪريان ٿي، عملي جا ڪجھ ماڻهوءَ هتان ئي توهان کي طبيعت جي چڪاس لاءِ وٺي ويندا.ٿوري ئي دير۾ اسپتال مان ٻه نرسون آيون ۽ مون کي اسپتال وٺي ويون، جتي منهنجون رت جو مختلف ٽيسٽون وٺڻ سان گڏوگڏ نفسياتي ٽيسٽون وٺي ڪلا ڪ کن آرام ڪرائي گھر وڃڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏيائون.
گھر وڃي به ٻه ٽي ڪلا ڪ آرام ڪيم.پوءِ وري جو ٽيليويزن کوليان ته اتي هڪ بريڪنگ نيوز هلي رهي هئي ته اڄ هڪ لائبريري مان اهڙو انسان لڌو ويو آهي جيڪو هن ڌرتي تي رهڻ لائق ڪونهي،هڪ ڏينهن ۾ ئي سڀ انتظامات مڪمل ڪري ان کي سڀاڻي ئي ٻئي ڪنهن گره تي منتقل ڪيو ويندو.
ٻئي ڏينهن صبح ساڻ ئي پنج ماڻهو هڪ خاص ڊريس ۾ منهنجي گھر آيا ۽ مون کي بريفنگ ڏيندي چيائون ته هلو ته توهان جي طبيعت سان ملندڙ گره تي توهان کي ڇڏي اچون،مهيني کن جو سفر آهي اسان اتي رابطو ڪري توهان لاءِ گھربه خريد ڪري ڇڏيو آهي.بهرحال مون هنن جي هڪ به نه ٻڌي،مون چيو ته آئون آخر هي پنهنجو گھر،هي ڌرتي سڀ ڪجھ توهان جي چوڻ تي ڇو ڇڏي هليو وڃان.پوءِ هنن مون تي گھڻو زور نه ڀريو ۽ واپس هليا ويا.
ڪلاڪ کن کان پوءِ وري جو ٽي وي کولي ڏسان ته بريڪنگ نيوز پئي هلي ته ان شخص کي جيترو پرتشدد سمجھيو ويو هو ان کان ڪجھ وڌيڪ تشدد جا عنصر هن ۾ آهن،تنهنڪري هاڻي هن جي موڪلڻ لاءِ مقرر ڪيل پهرئين جاءِ تبديل ڪري کيس ٻئي جاءِ تي منتقل ڪيو ويندو.اها ڳاله ٻڌي منهنجي دماغ به ڪجھ ڪم ڪيو بهتري انهيءَ ۾ ئي آهي ته ان مقرر ڌرتيءَ نيڪاليل جاءِ تي ئي هليو وڃان،ڪٿي جايون مٽائيندي صفا فسادين ۾ نه وڃي اڇلين.
پوءِ ٻئي ڏينهن هو جڏهن آيا ته ماٺ ماٺ ۾ هنن سان گڏ روانو ٿي ويس.هڪ ڪار ذريعي ڪنهن راڪيٽ لانچنگ سائيٽ تي وٺي اچي ٽي ماڻهوءَ گڏائي ڏنائون ۽ ٻڌايائون ته هي توهان کي اتي پهچائي واپس موٽي ايندا.
بهرحال اسان چئني کي هڪ خلائي گاڏي ۾ چڙهائي روانو ڪري ڇڏيائون،مهيني جي سفر کان پوءِ گاڏي جي هڪ الڳ حصي ۾ مون کي منتقل ڪري ٻڌايائون ته هاڻي تنهنجو ماڳ اچي ويو آهي،ائين ڪري ان گاڏيءَ مان ان حصي کي ٽوڙي پيراشوٽ کولي ڇڏيائون،پوءِ آئون وڃي مريخ جي سطح تي لٿس،پاڻ واپس هليا ويا.اتي گائيڊ اڳي ئي منهنجي انتظار ۾ ويٺا هئا.هنن مون کي ٻڌايو ته توهان مريخ جي ڇڳڙا بستي جي ڀڳڙا ڪالوني ۾ پهچي چڪا آهيو.پوءِ مون کي اتي پنهنجي گھر پهچايائون.سٺي رهنمائي ڪيائون،ٻڌايون ته هتي هڪ پارڪ به آهي جتي توهان واڪ به ڪري سگھو ٿا ٻيو مڙيئي خير هوندو باقي ڪيڏي مهل اوچتو فائرنگ ٿي سگھي ٿي.ٻڌايائون ته هتي توهان نوان نوان آيا آهيو، جيستائين هتي هلڻ سکو،هلڻ ۾ احتياط ڪجو متان ڪري نه پئو.ان ڏينهن آرام ڪيم،ٻئي ڏينهن صبح ساڻ ئي واڪ لاءِ پارڪ ويس،ڏه منٽ مس واڪ ڪيو هوندم، ته اچي فائرنگ شروع ٿي،تڪڙو وٺي کڻي ڊوڙ پاتم، ته ٿاٻڙجي ڪري پيس ۽ بيهوش ٿي پيس.جيئن ئي هوش ۾ آيم ته ڏسان ته پنهنجي گھر بيڊ هيٺ پٽ تي ڪريو پيو آهيان.

Monday, April 8, 2013

اک ڏٺي تي ويچار ڪجي

هي متاثر والدين جون تصويرون آهن

اک ڏٺي تي ويچار ڪجي

                                               
سنه 2008 ع ۾ هڪ آچر جي رات آمريڪا جي رياست colorado جي هڪ گھر ۾ 36 سالن جي هڪ پوليس آفيسرWilliam "David" O'Shell ۽ سندس 25 سالن جي زال Tiffany Cuin-O'Shell کي مرده حالت ۾ ڏٺو ويو.ظاهري طور ته اهو ئي لڳي رهيو هو ته مڙس ستل  زال کي گولي هڻي،پوءِ خود ڪشي ڪئي هئي.
ڪجھ ڏينهن اڳ ان جوڙي پنهنجي ٽن مهينن جي ننڍڙي ڌيءَ کي جڏهن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو ته ننڍڙي جي هڪ ٽنگ ڀڳل،جسم جون ڪييتريون ئي هڏيون ڀڳل هيون،ان جو متوقع ڏوهي پيءُ کي ئي سمجھيوپئي ويو، ۽ ان الزام جي ڪري پيءُ جي گرفتاري به عمل ۾ اچي سگھي ٿي.ان الزام  پيءُ کي ايترو صدمو پهچايو جو مايوس ٿي انتهائي قدم کڻي ڇڏيائين.
هن افسوسناڪ حادثي جي صرف هڪ هفتي کان پوءِ ڊاڪٽر تشخيص ڪري سگھيا ته ان ننڍڙي تي ڪوبه تشدد ناهي ٿيو پر کيس هڪ بيماري spinal muscular atrophy آهي. اها بيماري تمام غيرعام،۽  وراثتي  هوندي آهي،ان بيماريءَ جو علامتون ڪمزوررڳون، نازڪ هڏا ۽ مختصر زندگي هوندي آهي.مائٽن جي افسوسناڪ موت جي ڪجھ مهينن کان پوءِ ان ٻارڙي 7 مهينن جي عمر ۾ پنهنجي ڏاڏي جي هنج ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.(ياهو نيوز)
مٿي ڏنل واقعي جا گھڻائي پهلو قابل توجھ آهن.هڪ ته ڊاڪٽرن ۽ انهن سرڪاري آفيسرن تي اها وڏي ذميواري آهي ته مائٽن کي جلد ئي ڏوهي سمجھڻ کان پهريائين مسئلي جي سڀني پهلوئن تي غور ڪري پوءِ ڪا راءِ قائم ڪن.جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ڪن ٻڌي تي اعتبارنه ڪجي،اک ڏٺي تي ويچارڪجي“.
ڪنهن به پيءُ تي پنهنجي معصوم بيمارٻارڙي لاءِ ايڏو سنگين قسم جو الزام يقينن ناقابل برداشت هوندو آهي،پرتنهن هوندي به ان متاثر والد جي کنيل قدم کي ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه ٿو سمجھي سگھجي،بهتر هو ته هو صبر ڪري ها،صبر جو ڦل يقينن مٺو هوندو آهي،جي صبر ڪري ها ته حقيقت جلد ئي واضح ٿي وڃي ها،اهو ته سڀ ڪجھ ان لاءِ واضح ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن حاد ثن کان اهي معاشرا جتي اهي قانون تمام سخت آهن،اتي جا رهاڪو ان قسم جي جلد بازي ۽ مايوسي واري کنيل قدمن جي نقصان کان بچي سگھن.باقي جي صرف هن شخص جي عمل تي غور ڪريون ته پاڻ کي جيئن ته پوري حقيقت جي خبر ناهي تنهنڪري ڪجھ به نه ٿا چئي سگھون، ڇو جو اها به خبر نه آهي ته ان صدمي کان ان شخص جو دماغي توازن صحيح به رهيو هوندو يا ماڳهين هو پنهجو دماغي توازن ئي وڃائي چڪو هوندو. 

Thursday, April 4, 2013

جوتو صرف پائجي

جوتو صرف پائجي

حيدرآباد،سنڌ ۾ بوٽ وٺڻ لاءِ هڪ دڪان تي چڙهيس،دڪان واري ڇوڪري گھڻيئي بوٽ کڻي اچي مون کي پارايا،پر مون کي ته ڪو پسند ئي نه اچي،نيٺ اها دعوي ڪري اٿيو ته هاڻي هڪ اهڙو بوٽ کڻيو ٿو اچان جو توهان کي لازمي پسند ايندو.بوٽ کڻي اچي مون کي پارايائين ته واقعي ڏاڍو آرامده هو،هلڻ ۾ به صفا مزو اچي ويو.مون چيومانس ته هي بوٽ ته واقعي ڀلو آهي،هاڻي اهو پائي ٿو ڇڏيان، نئين واري دٻي ۾ پراڻي بوٽ کي پيڪ ڪري ڇڏ.اها برانڊ ته مون اڳ ڪڏهن به نه پاتي هئي.بوٽ جي برانڊ ته اڳتي هلي ٿو ٻڌايان،پر پهريائين توهان کي ان جي هيستائين جي تاريخ ٻڌايان.هن بوٽ کي استعمال ڪندي چار سال کن ٿي ويا آهن،پهرئين سال ئي هڪ پادرتي چنگچي جي سائيلينسر جي ساڙڻ جو نشان به ٺهي ويو اٿس،ساڳي برانڊ جي ٻئي ڊزائين واري بوٽ کي ورتي به ٻه سال ٿي ويا آهن،جيڪو اڃا تائين نئون نئون رکيل آهي،پر پهرئين ڊزائين اهڙي پسند آئي اٿم جو ان کي ئي اڃا پهريندو اچان.باقي جيڪو تيڪو اهو نشان ڏسي اهو پڇندو رهندو آهي،ته بوٽ کي ڇا ٿيو آهي،تنهن کي وري سڄي ڪهاڻي ٻڌائڻي پوي ٿي.ان ڳاله تي هڪ دوست چيو ته بوٽ کي مٽايو ڇو نه ٿا؟ ٻڌايومانس ته هڪ نئون بوٽ آڻي به رکيو اٿم، پرهي ڊزائين ڏاڍي آرامده آهي سو پايوهلانس.چيائين ته اهو ته ٺيڪ آهي پرهرڪو اهو سوال ٿو ڪري بوٽ کي ڇا ٿيو آهي،ان مان تنگ ڪون ٿا ٿيو؟ مون چيومانس ان ۾ تنگ ٿيڻ جي ڪهڙي ڳاله آهي سبب هر ڪنهن کي ٻڌائي ڇڏيندو آهيان.ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته بوٽ يا جتي ۽ بيڊ(بسترو) هميشه سٺو وٺو،ڇاڪاڻ ته ماڻهو هر وقت يا ته بوٽ ۾ هوندو آهي يا بستر۾.
بوٽ کي جڏهن ڪنهن کي اڇلائي هڻڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته پوءِ ان کي وري جوتو سڏبو آهي.اهو ته ان جو تمام پراڻو استعمال آهي،پر عراق ۾ هڪ همراه جي صدر بش تي جوتو اڇلائڻ واري روايت تمام گھڻي شهرت حاصل ڪئي آهي،تازو وري ان کي پرويز مشرف تي به آزمايو ويو آهي.باقي مهرباني ڪري بوٽ جي اهڙي استعال کان پرهيزڪجو،سامهون واري کي جوتو(بوٽ) لڳي يا نه لڳي،باقي جوتي اڇلائڻ واري تي رد عمل طور لڳل پادرن جا نشان ٺهي سگھن ٿا.اڃا به جيڪڏهن ان رجحان ۾ واڌارو آيو ته ٿي سگھي ٿو ته رد عمل طورمتاثر ٿيل زخمي، جوتن ٺاهڻ وارين ڪمپنين کي sue ڪرڻ شروع ڪن ته booklet يا دٻي تي ته اهڙي ڪابه وارننگ لکيل نه هئي،ته هن بوٽ جي اهڙي استعمال ۾ ان قسم جو ڪوبه خطرو آهي ۽ اهڙي استعمال کان پوءِ نقصان جي صورت ۾ ڌڻي پاڻ ذميوار هوندو.لڳي ٿو هاڻي ڪجھ ئي عرصي ۾ اهڙي وارننگ هر قسم جي برانڊ جي بوٽن تي نظر اچڻ لڳندي.
مون ان ڏينهن جيڪو بوٽ خريد ڪيو سو هو هش پپيز(Hush puppies) وارن جو.اهو به لازمي ناهي هروڀرو بوٽ کي گھڻو عرصي تائين هلائجي ٿڪي پوجي ته ٻارن وانگر ان کي ڇڪي سڪي،يا چاڪو يا ڇري سان به ڪٽي سٽي ان مان جان ڇڏائي سگھجي ٿي.