سنه 2008 ع ۾ هڪ آچر جي رات آمريڪا جي رياست colorado جي هڪ گھر ۾ 36 سالن جي هڪ پوليس آفيسرWilliam "David"
O'Shell ۽ سندس 25 سالن جي زال Tiffany Cuin-O'Shell کي مرده حالت ۾ ڏٺو ويو.ظاهري طور ته اهو ئي لڳي رهيو هو ته مڙس ستل زال کي گولي هڻي،پوءِ خود ڪشي ڪئي هئي.
ڪجھ ڏينهن اڳ ان جوڙي پنهنجي ٽن مهينن جي ننڍڙي ڌيءَ کي جڏهن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو ته ننڍڙي جي هڪ ٽنگ ڀڳل،جسم جون ڪييتريون ئي هڏيون ڀڳل هيون،ان جو متوقع ڏوهي پيءُ کي ئي سمجھيوپئي ويو، ۽ ان الزام جي ڪري پيءُ جي گرفتاري به عمل ۾ اچي سگھي ٿي.ان الزام پيءُ کي ايترو صدمو پهچايو جو مايوس ٿي انتهائي قدم کڻي ڇڏيائين.
هن افسوسناڪ حادثي جي صرف هڪ هفتي کان پوءِ ڊاڪٽر تشخيص ڪري سگھيا ته ان ننڍڙي تي ڪوبه تشدد ناهي ٿيو پر کيس هڪ بيماري spinal muscular atrophy آهي. اها بيماري تمام غيرعام،۽ وراثتي هوندي آهي،ان بيماريءَ جو علامتون ڪمزوررڳون، نازڪ هڏا ۽ مختصر زندگي هوندي آهي.مائٽن جي افسوسناڪ موت جي ڪجھ مهينن کان پوءِ ان ٻارڙي 7 مهينن جي عمر ۾ پنهنجي ڏاڏي جي هنج ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.(ياهو نيوز)
مٿي ڏنل واقعي جا گھڻائي پهلو قابل توجھ آهن.هڪ ته ڊاڪٽرن ۽ انهن سرڪاري آفيسرن تي اها وڏي ذميواري آهي ته مائٽن کي جلد ئي ڏوهي سمجھڻ کان پهريائين مسئلي جي سڀني پهلوئن تي غور ڪري پوءِ ڪا راءِ قائم ڪن.جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ڪن ٻڌي تي اعتبارنه ڪجي،اک ڏٺي تي ويچارڪجي“.
ڪنهن به پيءُ تي پنهنجي معصوم بيمارٻارڙي لاءِ ايڏو سنگين قسم جو الزام يقينن ناقابل برداشت هوندو آهي،پرتنهن هوندي به ان متاثر والد جي کنيل قدم کي ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه ٿو سمجھي سگھجي،بهتر هو ته هو صبر ڪري ها،صبر جو ڦل يقينن مٺو هوندو آهي،جي صبر ڪري ها ته حقيقت جلد ئي واضح ٿي وڃي ها،اهو ته سڀ ڪجھ ان لاءِ واضح ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن حاد ثن کان اهي معاشرا جتي اهي قانون تمام سخت آهن،اتي جا رهاڪو ان قسم جي جلد بازي ۽ مايوسي واري کنيل قدمن جي نقصان کان بچي سگھن.باقي جي صرف هن شخص جي عمل تي غور ڪريون ته پاڻ کي جيئن ته پوري حقيقت جي خبر ناهي تنهنڪري ڪجھ به نه ٿا چئي سگھون، ڇو جو اها به خبر نه آهي ته ان صدمي کان ان شخص جو دماغي توازن صحيح به رهيو هوندو يا ماڳهين هو پنهجو دماغي توازن ئي وڃائي چڪو هوندو.

No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو