اڻپور
لفظ اڻپور،اڻپورو مان نڪتل آهي،جنهنجي معنيٰ آهي نامڪمل،نامڪمل چئبو آهي،حصي کي،تنهنڪري اڻپور جي معنيٰ آهي حصو.شين جي مڪمل تعداد جي اظهار لاءِ ته سڄا عدد آهن،۽ انهن جي وري حصن کي بيان ڪرڻ لاءِ اڻپورآهي.لفظي طور اڻپورا عدد هن طرح سڏبا آهن،چوٿو،اڌ،ٽيون حصو،منو،پنجون حصو،ڇهون حصو،ستون حصو.مٿين اڻپورن کي عددي طور هينئن ڪري لکبوآهي.![]() |
مٿين اڻپورن کي ترتيبوار هن طرح پڙهبو،هڪ ڀاڱي چار،هڪ ڀاڱي ٻه،هڪ ڀاڱي ٽي،ٽي ڀاڱي چار،هڪ ڀاڱي پنج،هڪ ڀاڱي ڇه،هڪ ڀاڱي ست. ڪنهن اڻپو ۾ مٿين عدد کي انس ۽ هيٺين عدد کي ڇيد چئبو آهي.هڪ ڀاڱي چار ۾ 1 انس ۽ 4 ڇيد آهي.
ڪنهن به سڄي شيءِ جي ڪيل ڪل ٽڪرن کي ڇيد چئبو آهي،ان مان کنيل ٽڪرن کي انس چئبو آهي.
هيءَ هڪ سڄو ڪاغذ آهي.

هاڻي هن ڪاغذ کي ٻن برابر حصن ۾ ورهايوسين.هڪ سڄي شيءَ کي جيترن ٽڪرن ۾ ورهائبو ته ٽڪرن جي ان تعداد کي ڇيد ڇئبو آهي.
هاڻي انهن ٻن برابر ٽڪرن مان هڪ کي کنيوسين ته هڪ انس ٿيندو ان اڻپور جو،جيئن ته ڪل ٻه برابر ٽڪر ان ڪاغذ جا ڪيا ويا هئا ته ڇيد ٻه ٿيندو۽ ان کنيل ٽڪري کي ان سڄي ڪاغذ جو هڪ ڀاڱي ٻه حصو يعني اڌ سڏبو.باقي پوئتي رهيل حصو به ان ڪاغذجو هڪ ڀاڱي ٻه حصو يعني اڌ ٿيندو.
هاڻي هڪ سڄي ڪاغذ کي چئن برابر حصن ۾ ورهايو ويو آهي.تنهنڪري ان مان ٺاهيل سڀني اڻپورن (حصن) جو ڇيد 4 ٿيندو.

هاڻي ان برابر 4 حصن مان هڪ کي کنيوسين ته ان اڻپورجو انس 1 ٿيندو،۽ جيئن ته ڪل ٽڪر ان سڄي ڪاغذ جا چارڪيا ويا هئا تنهنڪري ان اڻپورجو ڇيد 4 ٿيندو.ان کنيل ٽڪري کي ان سڄي ڪاغذ جو 1/4 حصو يعني چوٿو چئبو.
هاڻي ان برابر 4 حصن مان 2 حصا کنياسون ته ان اڻپور جو انس 2 ٿيندو،ان سڄي ڪاغذ جا 4 ٽڪر ڪيا ويا هئا،تنهڪري ڇيد 4 ٿيندو.ان هٿ ۾ کنيل ٽڪري کي ان سڄي ڪاغذ جو 2/4 اڻپور(حصو) ڇئبو.
هاڻي ان برابر 4 حصن مان 3 حصا کنياسون ته ان اڻپور جو انس 3 ٿيندو،ان سڄي ڪاغذ جا 4 ٽڪر ڪيا ويا هئا،تنهڪري ڇيد 4 ٿيندو.ان هٿ ۾ کنيل ٽڪري کي ان سڄي ڪاغذ جو3/4 اڻپور(حصو) يعني منو چئبو.
هڪ استاد پنهنجي چئن پٽن کي اڻپورسيکاريو،پوءِ ان ڳاله جي تصديق ڪرڻ لاءِ ته کين اڻپور جو تصور سمجھ ۾ آيو آهي يا نه ان لاءِ کانئن هڪ امتحان تمام دلچسپ نموني سان ورتائين.سندس چئن پٽن جا نالا اسلم،سليم،علي،۽ اڪبر هئا.عمر ۾ اڪبر سڀ کان وڏو هو،ان کان پوءِ علي ۽ سليم هئا. اسلم سڀ کان ننڍو هو.
1000 رپين جو نوٽ سڀني کي ڏيندي چيائين ته هن مان 1/10 حصواسلم کڻي،2/10 حصو سليم کڻي،3/10 حصوعلي کڻي،۽ 4/10 حصواڪبر کڻي.
اڪبر جيتوڻيڪ عمر ۾ سڀ کان وڏو هو،پر سمجھ ۾ ڪجھ گھٽ هو،جيئن ئي گھران ٻاهر نڪتا ته اڪبر ڀائرن کي چيو ته هاڻي بابي جي اڻپور مان ڦاٿاسين.مون کي چار ٽڪر ڏيئي مون تي ڪهڙو ٿورو ڪيو اٿس،هڪ هزار جي نوٽ جا ڏه ٽڪر ڪنداسين ته پوءِ جھڙو هڪڙو ٽڪرتهڙا چار ٽڪر،اجايو هڪ هزار رپيو ان اڻپور جي چڪر ۾ وڃائينداسون.علي سڀني کان سياڻو هو،تنهن چيو ته هڪ هزار جي نوٽ کي کليو ڪرائي،100 رپين جا نوٽ دڪان تان وٺنداسين ته اهي پاڻ کي ڏه نوٽ ملندا،ته هڪ هزار رپيو ڏهن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويندو.پوءِ اها صلاح سڀني کي ڏاڍي وڻي.پوءِ بازار ۾ وڃي پئسا کليا ڪرايائون،جنهن مان سوء جو هڪ نوٽ اسلم،ٻه نوٽ سليم،ٽي نوٽ علي،۽ چار نوٽ اڪبر کنيا.واپس گھراچي پيءُ کي تفصيل ٻڌايائون ته پيءُ ڏاڍو خوش ٿيو.

No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو