چنگچيءَ جون چڱايون
ڪجھ سال پهرين چنگچين جي ميدان ۾ اچڻ کان اڳ ،اسان جي ڳوٺان روزانو صبح جو سوير هڪ ڊاٽسن سوارين کي کڻي ٽنڊوالهيار پهچائيندي هئي،ڊاٽسن ۾ نه جھنگلو لڳل هوندو هو ۽ نه ئي وري سيٽون لڳل هونديون هيون،گرمي ۾ ته جيئن تيئن ڪم ڪڍي وڃبو هو، پر سياري جي مند ۾ سيارو سٽي ڇڏيندو هو،تنهڪري ڊرائيورسان گڏ ٻن سيٽن جي بڪنگ لاءِ اڌ ڪلاڪ اڳواٽ وڃي سيٽ تي قبضو ڪبو هو.ڳوٺ مان ڳوٺ ۾ جيڪي ڀاڄي وڪڻڻ وارا روزانو ٽنڊوالهيار شهر مان ڀاڄيون ۽ ٻيو ڪجھ سامان خريد ڪرڻ ويندا هئا، اڪثريت ته انهن جي هوندي هئي.ڪجھ کير وڪڻڻ وارا به ڊم اچي ماڻهن جي وچ ۾ رکندا هئا.ان کان علاوه اهي نوڪرين وارا جن جون نوڪريون شهرن ۾ هونديون تن کي به ان ڊاٽسن ۾ ئي وڃڻو پوندو هو،ڇاڪاڻ ته ان کانسوءِ ٻئي سواري نه هوندي هئي، صرف گھوڙن وارا ٽانگا هوندا هئا،۽ انهن جو وري اصول هوندو هو ته چاريا پنج سواريون جڏهن ٿينديون هيون،تڏهن هلندا هئا، نه ته ويهي انتظارڪريو يا يڪو ٽانگو ڪريو يعني چاريا پنج ماڻهن جو ڪرايو اڪيلو ئي ادا ڪريو ته پوءِ ٽانگو هلندو هو،منهنجي شاگرديءَ جي زماني ۾ يڪي ٽانگي ڪرڻ جو ته سوال ئي پيدا ڪونه ٿيندو هو ته ڪو غريب شاگرد ان کي برداشت ڪري سگھي،ان کي وڏي عياشي تصور ڪيو ويندو هو،اهو هرڪنهن جي برداشت کان ٻاهر هو. سي به صرف ٽنڊوسومرو اسٽاپ تائين پهچائيندا هئا.ان کان پوءِ وري بس جي ذريعي ٽنڊوالهيار پهچڻو پوندو هو.صبح ساڻ ٽنڊو آدم کان ايندڙ بسون ڀريل هونديون هيون،بس ۾ بيهڻ جي جڳه به مشڪل سان ملندي هئي،ڪڏهن ته پيرڻي تي به بيهڻو پوندو هو.باقي الله سائين پناه ڏي! خميس جو ڏينهن نه هجي،ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن ٽنڊو الهيار ۾ رڍن ۽ ٻڪرين جي پڙي لڳندي آهي،سو ٻڪرين ۽ رڍن وارا به ان ڏينهن انهن کي بسن ۾ سٿي ڇڏيندا هئا،۽ وڏي ڳاله پيمپر ته ٺهيو پر کين سٿڻ به نه پارائيندا هئي،باقي مسافرن جي قسمت کٽي.
ٽنڊو الهيار کان واپسيءَ وقت وري ٽنڊو آدم بس وارا بس جو پويون گيٽ بند ڪري،بس ۾ صرف هالا،ڀٽ شاه ۽ ٽنڊو آدم جي سوارين کي چڙهڻ ڏيندا هئي ته جيئن اهي وڃي سيٽن تي ويهن.باقي گس وارن کي چوندا هئا ته بس مٿي چڙهي وڃو،نه ته انتظار ڪريو،بس هلڻ وقت بس ۾ بيه سفرڪجو.هڪ بس ڊرائيور جي پٺيان ٽن واري سيٽ، هڪ ڊرائيورجي کاٻي پاسي واري سيٽ،هڪ صفا پٺين پنجن واري سيٽ مردن لاءِ هئي،باقي سڄي بس ليڊيز لاءِ مختص هئي.انهن سيٽن کان علاوه ڪنهن به سيٽ تي ويٺل ڪنهن به مرد کي،عورت جي بس ۾ سوار ٿيڻ سان ئي اٿاري،عورت کي ويهاري ڇڏيندا هئا.
هڪدفعي ڳوٺ ۾ ٽانگا اسٽاپ تي، ٽانگي ۾ پوئين سيٽ تي ويٺو هجان،ٽانگي ڀرجڻ ۾ دير ٿي رهي هئي،ان ڏينهن اسان جي هاءِ اسڪول جي ڏهين ڪلاس جي شاگردن کي اسڪول پهچڻ کان پوءِ پنهنجي سائنس ٽيچرسان گڏ سائنسي ميلي ۾ شرڪت لاءِ حيدرآباد شهر جي ڪنهن هاءِ اسڪول وڃڻو هو.بلڪل سامهون هڪ پڪوڙن ٺاهڻ وارو پنهنجي ڪم ۾ مشغول هو،جيئن دير ٿيڻ جي ڪري مون کي پريشاني ٿي رهي هئي،تهنڪري مون کي ان پڪوڙن واري تي رشڪ ٿي رهيو هو ته هن کي ته ڪابه اون ئي ڪونهي.اهو ساڳيو پڪوڙن وارو ڳوٺ ۾ اڃان تائين پڪوڙا ٺاهي رهيو آهي،بس ايترو فرق آهي ته اهوان وقت ڪنهن وٽ ملازم هو،۽ هاڻي هن جو پنهنجو دڪان آهي.
31 آڪٽوبر1984 ع تي هندوستان جي اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌي پنهنجي ٻن سک باڊي گارڊن جي هٿان مارجي ويئي،سو ڏينهن به مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي جو اسڪول کان واپسيءَ وقت ٽانگي ۾ ٻه اٽي جون ٻوريون رکيائون،تن پير ۽ گوڏا چپي ڇڏيا،گھر پهچي والدين جي اڳيان سائيڪل خريد ڪري ڏيڻ جو مطالبو رکيم،جيڪو اهي پورو نه ڪري سگھيا يا ڪنهن مصلحت سبب پورو نه ڪيائون،ڇاڪاڻ ته والدين ٻارن جي ڀلي لاءِ ئي فيصلا ڪندا آهن.
چنگچين ٽانگن کي ته صفا ختم ڪري ڇڏيو آهي،باقي ٻين سوارين جي پاران استعمال ۾ اچن پيون پر انهن جي به هڪ هٽي ختم ڪري ڇڏي اٿن،ڊاٽسن وري چنگچي کان سبق پرائيندي گذريل ٻن سالن کان ملن تائين ڪمند پهچائڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي.سو ان به وڃي ٽرڪن ۽ ٽرالين جي ڪم ۾ ٽنگ اڙائي آهي.
باقي پري واري سفر لاءِ چنگچيون ايتريون ڪارگر نه آهن،تڏهن به اسان جي ڳوٺ جا ڪجھ ماڻهوءَ هالا مان کٽون به چنگچين ذريعي آڻي چڪا آهن.ڪي همراه وري تلهار تائين به چنگچين کي استعمال ڪري چڪا آهن.باقي پاڪستان ريلوي جي زوال ۾ چنگچين جو ڪو به قصور ناهي.
ڪنهن چنگچيءَ کي هروڀرو ڏوراهين سفر تي وٺي وڃڻو آهي ته پوءِ وري اسان جي ڳوٺ جي هڪ رئيس ڏي ڪم ڪندڙ هڪ ڪم واري جي ٽيڪنيڪ استعمال ڪرڻي پوندي،جنهن تحت هو هڪ رڪشا کي حيدرآباد شهر مان ڪاهي اچي اسان جي ڳوٺ لٿو.
هي ڪافي سال پراڻي ڳاله آهي ته هي همراه رئيس جو هڪ ڪڪڙ حيدرآباد شهر مان کڻي ڳوٺ واپس اچي رهيو هو.هن هڪ رڪشا واري کان پڇيو ته ٽنڊي سومري هلندين،ڊرائيوربه ڪو نئون هو تنهن پچيس ڪيترو پري آهي.هن همراه ٻڌايس ته ويجھو آهي.همراه به سمجھيو ڪو ٽنڊو حيدر،ٽنڊو ميرمحمود يا ٽنڊو ولي محمد وانگر ڪو ٽنڊو سومرو آهي.هائوڪار ڪري هن کي سوار ڪرائي هن کان گس پڇندو روانو ٿيو.هلندي هلندي منزل ته اچي ئي نه،ڊرائيور گس تي بار بار پڇندوهلي ته باقي ڪيترو پري آهي.هيءَ همراه به منهن جو صفا پڪو سو چويس باقي ٿورو.باقي ٿورو! باقي ٿورو! ڪندي اچي ٽنڊوالهيار پهتا.رڪشا ڊرائيور به صفا ڪاوڙجي پيو.هن همراه چيس ته هاڻي واقعي ٿوري پنڌ تي آهي،هل ته اتي پهچي تو کي ڪرايو ڏيان.ائين ڪري نيٺ ڳوٺ پهچي ويا،اسان جي ڳوٺ جو رئيس تمام سٺو،سخي،۽ فياض ماڻهوءَ آهي تنهن رڪشا واري جي سٺي خدمت ڪري،کيس ڪرايوبه جام ڏيئي خوش ڪري واپس حيدرآباد شهر ڏانهن موڪلي ڇڏيو.

No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو