پنج لک رپيا
ڪجھ سال پهرئين جڏهن اڃا موبائل تي انعام جو آسرو ڏيئي ڪارڊن جي ذريعي پئسا ڦرڻ جي ٺڳي اڃا عام نه ٿي هئي،ته هڪ ڏينهن صبح جي وقت مون وٽ هڪ فون ڪال آئي موبلنڪ جي نمبرتي،فون ڪندڙ همراه ٻڌايو ته ”آئون موبلنڪ جي آفيس،اسلام آباد مان ڳالهائي رهيو آهيان،توهان جو پنج لک رپين جو انعام کليو آهي.سڀاڻي صبح جو ڏهين بجي وڃي توهان نيشنل بينڪ جي ٽنڊوالهيار واري برانچ مان کڻندا.ان لاءِ توهان کي بس ايترو ڪرڻو پوندو جو هڪ هزار رپين جا ڪارڊ وٺي انهن جا نمبر لکائيندا ته اهي ڪارڊن وارا پئسا توهان جي فائل ٺاهڻ لاءِ کپندا،اهي تمام ضروري آهن،انهن کانسوءِ توهان جو فائل نه ٺهي سگھندو،۽ توهان کي انعام نه ملي سگھندو.اسين توهان جو اهو فائل هتان اسلام آباد مان ٺاهي اڄ ئي ڪراچي روانو ڪري ڇڏينداسون ته پئسا توهان کي سڀاڻي ئي ملي ويندا“.مون همراه کي ٻڌايو ته جيئن ته ”آئون هڪ ڳوٺ ۾ رهان ٿو،خبر ناهي ته موبلنڪ جا پريپيڊ ڪارڊ هتان ملن يا نه؟“ ته چيائين ته ”ڪارڊ ضرور ملندا، ڇو ڪونه ملندا؟ اهي ته اڄڪله هر ڪنهن ڳوٺ ۾ دستياب آهن.“ خير هن کي مون چيو ته ”ٺيڪ آهي اڌ ڪلاڪ انتظار ڪري پوءِ مون سان وري فون تي ڳالهاءِ،جيستائين آئون بازار مان ڪارڊ گھرائي ٿو وٺان.“چيائين ته ”اهو ته ٺيڪ آهي پر اها ڳاله انعام ملڻ تائين توهان کي راز ۾ رکڻي آهي“. ڪجھ نمبرمنهنجي موبائل سيٽ تي مون کي دٻائڻ جي لاءِ چيائين سي مون دٻايا،پوءِ چيائين ته” انعام ملڻ تائين توهان جي نمبر کي اسين ون وي ڪري ٿا ڇڏيون. توهان ڏي فون اچي سگھندي، پر توهان ڪنهن ڏي به ڪري نه سگھندا.ائين چئي هن فون بند ڪري ڇڏي.“
موبلنڪ وارن کان حقيقت ڄاڻڻ لاءِ پنهنجي موبائل سيٽ تان موبلنڪ وارن جو نمبر ملايم ته اهو لڳي ئي نه.پوءِ ٻين ڪجھ دوستن جا نمبر ملايم ته اهي به لڳن ئي نه فون ته واقعي ون وي ٿي چڪي هئي،پوءِ فورن پاڙي ۾ وڃي پنهنجي سوٽ جي موبائل سيٽ تان ڳالهايم.موبلنڪ طرفان ڳالهائيندڙ شخص کي سڄي صورتحال کان آگاه ڪيم،هن ٻڌايو ته ان ڳاله ۾ ڪابه صداقت ناهي،اها ٺڳي آهي.پنهنجي سيٽ جي ون وي ٿيڻ جو مسئلو ٻڌايومانس ته پوءِ ڪجھ نمبرٻڌايائين جن کي دٻائڻ سان منهنجو نمبر وري ٽو وي ٿي ويو.
پوءِ ته آئون به ان ٺڳ جي فون جي انتظار ۾ ويٺو هوس،جلد ئي هن جي ڪال به اچي ويئي،مون کيس چيو ته ڏاهو ٿي اهڙيون ٺڳيون ڪري ماڻهن کي بيوقوف بڻائي انهن کان پئسا نه ڦر، هو وري پنهجي سچي هجڻ جي لاءِ دليل ڏيڻ لڳو ته مون به ڪاوڙ مان چيومانس ته ”ڪجھ ته خدا جو خوف ڪر“ته پوءِ فون بند ڪري ڇڏيائين اهڙيءَ طرح ان ٺڳيءَ کان مان بچي ويس.
ڪجھ وقت کان پوءِ مون کي ڳوٺ مان توڙي ڪجھ ٻين هنڌن تان ماڻهن جي ان طرح ٺڳجڻ جي اطلاع ملي.
پر هڪڙو راز مون کي سمجھ ۾ نه اچي ته ان ٺڳ منهنجو نمبر ون وي ڪيئن ڪيو،پوءِ اڳتي هلي مون کي اها خبر پيئي ته پنهنجي موبائل سيٽ تي ڪو ڪوڊ لکبو آهي ته نمبر ون وي ٿي ويندو آهي.
![]() |
| ٺڳيءَ کان بچيل هڪ هزار رپيو |


No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو