زيرو مان هيرو
اسڪول جي استاد طرفان سائنس جي مضمون ۾ نااهل قرارڏنل شاگرد نوبل پرائز کٽي ورتو. اسڪول طرفان جاري ڪيل ان رپورٽ ۾ لکيو ويو هو ته هن کي سائنس پڙهائڻ هن جو پنهنجو ۽ پڙهائڻ وارن جو وقت زيان ڪرڻ آهي.نوبل پرائز کٽيندڙبرطانوي سائنسدان جان بي گورڊن(John b Gurdon) سنه 1949 ع ۾ ايٽن ڪاليج(Eton College) جو شاگرد هو. هن 15 ساله شاگرد امتحان ۾ بائلاجيءَ جي مضمون ۾ پنهنجي 250 هم ڪلاسين ۾ سڀ کان گھٽ مارڪون کنيون. سائنس جي ٻين مضمونن ۾ به سندس مارڪون گھٽ هيون.
![]() |
| School report for Nobel prize winner Dr John Gurdon from his days studying Biology at Eton College in 1949 |
ان ڪري هن اڳتي پڙهائيءَ جي لاءِ classics ۾ داخلا ورتي، جنهن کي وري زولاجيءَ جي مضمون ۾ تبديل ڪرايائين.
آڪسفورڊ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جو شاگرد هجڻ جي دوران هن تحقيق شايع ڪئي ۽ پهرين دفعي اهو ثابت ڪيائين ته جسم جي هر سيل(cell) ۾ ساڳيائي جينس(genes) هوندا آهن.هن هڪ بالغ ڏيڏر جي آنڊي مان هڪ سيل ڪڍي ان مان جينس(genes) کي ڪڍيو ۽ ان کي بيضي جي سيل(egg cell) ۾ لڳايو،ته ان جين(gene) مان ان بالغ ڏيڏر جو ڪلون(clone) پيدا ٿي پيو.ان تحقيق جي بنياد تي ئي پروفيسرIan Wilmut سنه 1996ع ۾ ڊولي رڍ جي ڪلوننگ ڪئي.
پنهجي ڪم واري ڊيسڪ تي هن وقت به اسڪول مان مليل اها رپورٽ هن وٽ فريم ڪرائي رکيل آهي.
| Sir John Gurdon with the framed school report (Clara Molden) |
حوالا
www.nobelprize.org
www.news.net
en.wikipedia.org
www.telegraph.co.uk

No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو