Pages

Saturday, July 13, 2013

ٻڌل کٽ

ٻڌل کٽ

هڪڙي ڏينهن ٻنيءَ تي منهنجي هاريءَ طرفان رکيل کٽ تي وڃي ويٺس،ته اوچتو منهنجي نظر وڃي هڪڙي عجيب شيءَ تي پيئي،حيران به ڏاڍو ٿيس ته هيتري عرصي کان مون کي اها شيءِ نظر نه آئي.هاري جڏهن اتي اچي مون سان مليو ته اها حقيقت پڇي مانس ته چيائين ته” سائين! شيءِ پنهنجي قابو ڪجي،ڏوه ٻئي جو نه ڏجي،منهنجو اڳي هتان هڪڙو دلو کڄي ويو هو،تنهڪري حفاظت لاءِ اهو بندوبست ڪيو اٿم“.مون جيڪا ڳاله نئين ڏٺي سا اها هئي ته کٽ وڻ جي ٿڙ سان سنگھر ۽ تالي ذريعي ٻڌي پيئي هئي.وڌيڪ چوڻ لڳو ته هتي ٻي به هڪڙي ڳاله نوٽ ڪئي اٿو،يا نه؟ ٿورو غورڪري چيومانس ته تون ئي کڻي ٻڌاءَ. پوءِ ان ننڍڙي جھوپڙيءَ جي ڇت ڏي اشارو ڪري چيائين ته ٻڌايو ته هيءَ ڇا آهي؟ پوءِ پاڻ ئي چوڻ لڳو ته هيءُ ڊاک آهي،جنهن کي انگور به چوندا آهيون، اهي اڃا ڪچا آهن،پاڻ وٽ ته جيئن ته اهوفصل نه پوکبو آهي،تنهڪري هيءَ ٻج به ٻئي هنڌان ڪنهن کان گھرايوهئم .
ڪجھ ڏينهن پهرئين جي ڳاله آهي ته اسان جي ڳوٺ جي گرلس پرائمري اسڪول مان 21000 هزار رپيا روڪ ۽  سرڪار طرفان مليل ڪتابن جا ٻه ڪٽا چوري ٿي ويا.پر اهو ڦاٽ ڦاٽي پيو. روڪ رقم ۽ ڪتاب واپس ملي ويا.جن ٻارن اها چوري ڪئي هئي تن ڪتابن جا اهي ٻه ڪٽا وڃي ،ڳوٺ ۾ موجود ڪاٻاڙي جي دڪان تي 100 روپين ۾ وڪا،اسڪول جي هڪ پٽيوالي کي خبر پئجي وئي،تنهن انهيءَ ڪاٻاڙي واري کان  ڪتاب وڪڻڻ وارن ٻارن جا نالا پڇي ورتا.
ٻارن جي به ڦٽي هئي جو ڪتابن ۾ هٿ وڌائون نه ته پئسن جي ته ڪابه خبر نه پوي ها.
اسان وٽ وڏي عمر جا ماڻهوءَ ڪتاب چوري ناهن ڪندا،ڇو جو ڪتاب پڙهڻ جو ئي رواج نه آهي.ڪير هروڀرو پنهجي گھر ۾ انهن لاءِ جاءِ سيڙائيندو يا پنهجو وقت ۽ توجھ انهن جي سنڀال تي وڃائيندو؟ها باقي ڪتاب گم جام ٿي ويندا آهن،ان جو سبب اهو آهي ته جنهنجي گھر ۾ ڦري سري اهو ڪتاب پهچندو آهي،يا ته تنهن کي به خبر نه هوندي آهي ته هي ڪتاب ڪنهنجو آهي يا ته ان کي اها به خبر نه هوندي آهي ته منهنجي گھر ۾ ڪو ڪتاب پيل به آهي. هڪ همراه مون کان ڪتاب پڙهڻ لاءِ وٺي ويو،ان تي کڻي سندس نالو لکي ڇڏيائين پر اها به هن جي مهرباني ته واپس ته ڪيائين.هڪڙي مشهور چوڻي آهي ته ”جيڪو پنهنجو ڪتاب ٻئي ڪنهن کي پڙهڻ لاءِ ڏي سو بيوقوف آهي،۽ ان کان وڌيڪ بيوقوف اهو آهي جيڪو وري اهو ڪتاب ڌڻي کي واپس موٽائي ڏي.“ آئون ان سان متفق ته نه آهيان پر منهنجي متفق هجڻ ته هجڻ سان ڪهڙو فرق پوي ٿو. منهجو هڪڙو ڪتاب جيڪو ڳوٺ ۾ ڏاڍو هليو سو هو ٻارن جي نالن رکڻ جو ڪتاب.جنهن کي به ڏيندا هئاسين پوءِ وري يادگيري ڪري پاڻ ئي واپس گھرائيندا هئاسين پوءِ نيٺ ان تي هڪڙو نوٽ لکي ڇڏيوسين ته جنهن وٽ به هيءَ ڪتاب پيل هجي،سو مهرباني ڪري واندو ٿيڻ کان پوءِ اسان جي گھر پهچائي وڃي.سو ڪتاب به نيٺ گم ٿي ويو،هاڻي ڪير نوٽ به پڙهي ته پهچائي.
 ادبي چوري ته ٿيندي آهي،مولوي محمد يامين شوري صاحب ٻڌايو ته هن ميرپورخاص واري مشهور ڊاڪٽر ڊرئگو جي زندگي جي باري ۾ هڪ ڪتاب لکيو هو،ان جو مسودو ميرپورخاص جو هڪ صحافي کانئس ڇپرائي ڏيڻ لاءِ کڻي ويو،پر وڃي سندس نالي سان ڇپرائي ڇڏيائين.هن وڌيڪ ٻڌايو ته باقي هڪ ٿورو مون تي ڪيائين جو ان جي هڪ ڪاپي منهنجي غير موجود گي ۾ منهنجي مدرسي واري تالي آيل ڪمري  جي دروازي مان اندر اڇلائي هليو ويو.

                                         




No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو