اميد تي دنيا قائم آهي
ڊسمبر 2011 جي آخري هفتي جي هڪ صبح جو جڏهن پنهنجي ڳوٺ جي هڪ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ جي لاءِ هن جي ڪلينڪ ۾ داخل ٿي رهيو هوس، ته اسان جي ڳوٺ جو هڪ نوجوان مريض ڪرسيءَ تان اٿيو،ڀر ۾ رکيل جيڪٽ کڻي پائي ڊاڪٽر صاحب کان اجازت وٺي ٻاهر نڪري ويو. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته ”نوجوان جي هڪ ٽيسٽ مان ان ڳاله جو انديشو آهي ته هن جا ٻئي گرده ناڪاره ٿي چڪا آهن. ڪافي ڏينهن اڳ مون هن کي اها ٽيسٽ تجويزڪئي هئي،ٽيسٽ ڪرايائين ته ضرور پر ليبارٽري مان کڻڻ نه ويو،نيٺ ليبارٽري وارن ٽيسٽ جي نتيجي جي خطري کي محسوس ڪندي فون ڪري ٻڌايو ته توهان جي ٽيسٽ صحيح نه آئي آهي تنهڪري مهرباني ڪري اها ٽيسٽ کڻي وڃي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو.ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته ”صورتحال جي سنجيدگي جي ڪري هن نوجوان جي وڏن کي حقيقت کان آگاه ڪريان ٿو ته جيئن هن جي علاج جو ڪو مناسب بندوبست ڪن“.پوءِ ان نوجوان کي آغاخان هاسپيٽل ڪراچي علاج لاءِ موڪيو ويو،جتي سندس ڊائليسس ڪيو ويو،ڊاڪٽرن ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪجھ ڪلاڪ اڃا به پهچڻ ۾ دير ڪريو ها ته پوءِ هن نوجوان جي جان خطري ۾ پئجي وڃي ها.ان نوجوان کي ايس آءِ يو ٽي ڪراچي ۾ ڏيکاريو ويو،جن ٻڌايو ته ٻئي گردا ناڪاره ٿي چڪا آهن، تنهنڪري هڪ گردو لڳائڻو پوندو، ان لاءِ هن جي ڀائرن،ڀينرن جي چڪاس اسان وٽ ڪرايو ته هن لاءِ ميچ گردي جي ڳولا ڪري اهو هن جي جسم ۾ لڳائجي، باقي ڪنهن به شخص جو جنهنجو نوجوان سان رت جو ويجھو رشتو نه آهي ته سو گردو اسين نه لڳائينداسون،ان ڪري ته جسم ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو،تنهڪري اسين اهڙو ڪو گردو لڳائيندا ئي ناهيون.
هن جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي صحت به ٺيڪ نه آهي.هڪ ڀيڻ جون ٽيسٽون ڪرايون ويون پرهن جي صحت به ان قابل نه هئي ته ان جو گردو به ان نوجوان کي لڳائي سگھجي،تنهنڪري اهو نوجوان گردي جي انتظار ۾ اڃا تائين ڊائيليسس تي پنهنجي زندگي گذاري رهيو آهي.
گذريل سال ئي منهنجي هڪ نوجوان ڪزن جا ٻئي گردا ناڪاره ٿي ويا،هن جي هڪ ڀيڻ جو گردو هن سان ميچ ڪري ويو،ڪجھ مهينا پهرئين ئي ايس آءِ يو ٽي ڪراچي ۾ هن جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو،لڳايل گردي جلد ئي پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو،۽ هاڻي هو بغير ڊائليسس جي صحتمند ٿي رهي آهي.
ڪيترائي سال پراڻي ڳاله آهي ته منهنجو هڪ عزيزجيڪو ان وقت ڪنهن سرڪاري ڪاليج ۾ ليڪچرر هو،تنهن جا ٻئي گردا ناڪاره ٿي ويا.هن جي نوجوان پٽ کيس گردو عطيو ڪيو،ايس آءِ يو ٽي ڪراچي ۾ ئي سندس آپريشن ڪيو ويو،جيڪو ڪامياب ٿيو،هو گذريل سال ايسسوئيٽ پروفيسر جي عهدي تان پنهنجي سرڪاري نوڪري جي مدت پوري ڪري رٽائرٿي ويو.
سائين جڏهن اڃا ليڪچرر هو ته ان جي والد صاحب کان اسان جي ڳوٺ جي هڪ مزاحيه طبيعت رکندڙ سندس اڻ پڙهيل دوست پچيو ته” تنهنجو پٽ ڇا ڪندو آهي؟ “هن ٻڌايس ته ”سرڪاري ڪاليج ۾ ليڪچررآهي“.هن وري پچيس ته ”اهو ليڪچرر وري ڇا ٿيندو آهي؟“ مون کي اهو ٻڌاءِ ته هو ڪم ڪهڙو ڪندو آهي؟ هن ٻڌايس ته ”وڏن ٻارن کي پڙهائيندو آهي“.پوءِ هن همراه چيس ته” پوءِ ائين ٻڌاءِ نه ته اهو ماستر آهي“.
منهنجو مزڪوره عزيز پروفيسر به ٿي وڃي ها،پر سرڪار 19 گريڊ کان 20 گريڊ ۾ ترقي تمام دير سان ڪندي آهي،ايتري قدر جو ڪي ويچارا ته صرف ڇهن مهينن لاءِ ئي پروفيسر جي عهدي تي رهي رٽائر ٿيو وڃن.
گذريل سال اڳوڻي وزير تعليم پير مظهرالحق جي زال جي ترقي جي ڪري هڪ ئي وقت 150 کان مٿي ايسوسيئيٽ پروفيسرس کي پروفيسرس جي عهدي تي ترقي ڏني ويئي.جيتوڻيڪ سندس گھرواري ڪجھ ڏينهن ۾ ئي رٽائر ٿي ويئي. پر بهرحال ان جي صدقي گھڻن جو ڀلو ٿي پيو.اها خبر ان وقت جي اخبارن ۾ آئي هئي.
جپان جي حڪومت هڪ مريض جي پنهنجي جسم مان ئي حاصل ڪيل سٽيم سيل تي تجرباتي ڪم جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي.اسٽيم سيل اهي سيل آهن جن مان ڪو به انساني عضوو ٺهي سگھي ٿو،جيئن ته اسٽيم سيل به ان شخص جو هوندو جنهنجو ۾ اهو عضوو لڳائڻو هوندو ته ان کي جسم طرفان رد ڪرڻ جا امڪان به گھٽجي ويندا.
شروعاتي طور ۾ اهو تجربو اکين جي نظر ضايع ٿيڻ جي صورت ۾ ان کي وري بحال ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي.ان تجربي ۾ ڇهن مريضن جي اکين ۾ سٽيم سيل لڳائي ڏٺو ويندو ته انهن جي نظر واپس موٽي ٿي يا نه ؟
يونيورسٽي ڪاليج آف لنڊن ۾ ريجنريٽو ميڊسن جي ماهرپروفيسر ڪرس ميرسن جو چوڻ آهي ته اسين في الحال ان ميدان ۾ 10 سال پوئتي آهيون.
2012 ع ۾ پروفيسر شنياماناڪا کي ميڊسن ۽ فزيالوجي ۾ نوبل انعام ان ئي دريافت تي مليو ته هڪ بالغ انسان جي سيلس کي ڪيئن سٽيم سيلس ۾ تبديل ڪري سگھجي ٿو.
بهرحال اسان واري ڳوٺ جي نوجوان وانگر ڪيترائي مريض ميچ گردن جي ملڻ جي آس تي ڊائليسس تي گذارو ڪري رهيا آهن پر اميد آهي ته مٿي بيان ڪيل دريافت تي وڌيڪ تحقيق کان پوءِ اهڙن مريضن جو اهو مسئلو حل ٿي ويندو.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو