گدو چوڪ واري مڇي
ڪافي سال پهرين جي ڳاله آهي ته حيدرآباد شهر۾ ڪجھ عزيزن سان گڏ تريل مڇي کائڻ جو موقعو مليو.مڇي کائڻ ۾ ڏاڍي لذيذ هئي،منهنجي هڪ عزيز مون کي چيو ته ”زندگي ۾ پهريون دفعو مون توهان کي ڀاڄي کان علاوه ڪا شيءِ شوق سان کائيندي ڏٺو اٿم“،ڇو ته هن کي خبر هئي ته پيدائشي طورآئون ڪوبه گوشت ۽ ڪڪڙ کائي ئي ڪونه سگھندو آهيان.ڪنهن نئين ماڻهو کي اها ڳاله سمجھائڻ مون لاءِ ڏاڍي مشڪل هوندي آهي.ڪنهن به دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ مون لاءِ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي،جو اڪثر ڪري اتي اهڙو کاڌو هوندو آهي جيڪو آئون کائي ئي نه سگھندو آهيان. تنهن ڪري هتي روايتي دعوتن ۾ منهنجي اها حالت هوندي آهي ته ”مولا مينهن وساءِ ته ڪوڙا ڇٽن ڪم کان“ .انسان ۾ عجيب ڪمزوريون هونديون آهن،هڪڙن ۾ هڪڙيون ته ٻين ۾ ٻيون.سڀني کي هڪٻئي تي حيرت ٿيندي آهي ۽ ان جو سبب سمجھ ۾ نه ايندو آهي.اسان جي ڳوٺ جي ماڻهن ڪجھ ماڻهن کي انب کان الرجي آهي ته ڪن کي وري ڌونري کان.12 يا 12 سال اڳ،پنهنجي هڪ عزيز سان گڏ حيدرآباد شهر۾ هڪ دوست سان ملڻ لاءِ وياسين،سٽي گيٽ وٽ هڪ هوٽل تي ماني کائڻ لاءِ ويٺاسون ته ميزبان پڇيو ته ”ڇا کائيندو؟“ مون کيس اهو ٻڌايو ته ”آئون ڪڪڙ ۽ گوشت نه کائيندو آهيان“.هوءَ هڪ پخته عمر ۽ سمجھدار شخص هو، مون کي سمجھائڻ لڳو ته ”کاڌي جي باري ۾ ائين نه چئبو آهي.توهان کي ائين چوڻ کپندو هو ته آئون اهي شيون گھٽ پسند ڪندو آهيان“.کيس مون ٻڌايو ته” ٿي سگھي ٿو ته توهان ان کي منهنجو تڪلف سمجھو ها،ٻئي ڳاله ته اهي الفاظ منهنجي ڪيفيت جي ترجماني نه ٿا ڪري سگھن.تنهنڪري مهرباني ڪري مون کي انهن کان علاوه ٻيا ڪي اهڙا الفاظ ٻڌايو جن سان مان اها ساڳئي ڳاله بيان ڪري سگھان“.ان تي هو مطمئن ٿي ويو ۽ هن خاموشي اختيارڪئي.
لطيف آباد جي اسڪول ۾،سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ترقي کان پوءِ پهرئين پوسٽنگ ملڻ تي، جڏهن اسڪول ۾ دوستن جي دعوت ڪيم ته دوستن منهنجي مجبوري جي رعايت ڪندي ان دعوت ۾ به مڇي جو انتظام ڪيو.اها مڇي حيدرآباد جي مشهور مڇي واري ”اڪبر مڇي واري کان“ دوستن تيار ڪرائي هئي،اها سامونڊي مڇي هئي جنهنجو نالو مون کي هاڻي ياد ناهي رهيو،جيڪا کائڻ ۾ واقعي ڏاڍي لذيذ هئي.
12،13 سال پهرئين جڏهن منهنجي ڪجھ عزيزن کي اها اميد هئي ته منهنجي کاڌي جي مزاج ۾ ڪجھ تبديلي اچي سگھي ٿي،تڏهن ڳوٺ جي هاءِ اسڪول ۾ آئون ڪم ڪري رهيو هوس،ته منهنجي هڪ عزيز چيو ته توهان کي اڄ هڪ اهڙي شيءِ ٿو کارايان جو توهان کي مزو اچي ويندو.اهو منهنجو عزيز شڪار جو شوقين هو،سو تتر شڪارڪري بهترين نموني سان تيارڪري دعوت ۾ آندا هئائين.ماني جو دور شروع ٿيو ته ذرڙو هڪڙو پليٽ ۾ وجھي ،جيئن تيئن ڪري کائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. خوشيءَ مان پچيائين ته ”شيءِ ڪيئن لڳي“.ٻڌايومانس ته” ڦڪي ڦڪي لڳي،وڌيڪ ڪونه ٿو کايان“.چوڻ لڳو ته ”واه! واه! شيءِ ڀلي توهان کي کارائجي،ههڙي ڀلي شيءِ تيار ڪرايم پر توهان صفا قدر نه ڪيو“.
حيدرآباد شهر ۾ ڪيلي جي ڪاروبار ڪندڙ هڪ واپاري، ڪجھ مهينا پهرئين مون کي ٻڌايو ته گدو چوڪ تي مڇي پڪائي وڪڻندڙ هڪ واپاري جنهن ڪاروبار مان ڪروڙين رپيا ڪمايا سو پنهنجو اله تله وڪڻي وڃي ملائشيا شفٽ ٿيو آهي.ملڪ ان سبب جي ڪري ڇڏي ويو جو ڀتي وارن کيس ڏاڍو تنگ ڪيو.لطيف آباد وارا ڀتو الڳ وٺن ته قاسم آباد وارا وري الڳ.هن ٻڌايو ته ملڪ ڇڏي ويندڙ همراه جو چوڻ هو ته ”هاڻي ڀتي خور وڌي ويا آهن،ڪنهن کي ڪنهن کي ڀتو ڏيون“.
حيدرآباد شهر ۾ ڪيلي جي ڪاروبار ڪندڙ هڪ واپاري، ڪجھ مهينا پهرئين مون کي ٻڌايو ته گدو چوڪ تي مڇي پڪائي وڪڻندڙ هڪ واپاري جنهن ڪاروبار مان ڪروڙين رپيا ڪمايا سو پنهنجو اله تله وڪڻي وڃي ملائشيا شفٽ ٿيو آهي.ملڪ ان سبب جي ڪري ڇڏي ويو جو ڀتي وارن کيس ڏاڍو تنگ ڪيو.لطيف آباد وارا ڀتو الڳ وٺن ته قاسم آباد وارا وري الڳ.هن ٻڌايو ته ملڪ ڇڏي ويندڙ همراه جو چوڻ هو ته ”هاڻي ڀتي خور وڌي ويا آهن،ڪنهن کي ڪنهن کي ڀتو ڏيون“.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو